مشتاق باگاڻي
بيمثال شاعر جو جنم ڏينهن
رکيل مورائي
هيءَ اهو دور هئو جڏهن مذهب جي
مقدس نالي تي جڙيل هن ملڪ جي بادشاهي مسند تي، پاڻمرادو بڻيل، امير المومين، جنرل
ضياءُ ويٺل هئو، هن جي آمريت جيتري ۽ خوفناڪ هُئي، سنڌي ماڻهن سميت سنڌي اديبن جو
اهڙو ئي حوصلو بلند هُئو.
اسين ٻارڙا هُئاسين، سياسي ڪارڪنن
بڻجڻ جي شوق ۾ هئاسين پر ان کان وڌيڪ شاعر بڻجڻ جو جنون طاري هُئو، ڪتاب فقط سياسي
پڙهبا هُئا، اهي اسان لاءِ سڀ ڪجهه هُئا، ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون
هيون جيڪي ان وقت اسان جي استاد شاعر سائين راشد مورائي جي درس روڊ واري اوطاق تي ٿينديون
هيون.