روشن عطا
عاشق حسين ساند
سنڌي ڊرامن جي ناليواري اداڪارا روشن عطا ۳۰ مارچ ۲۰۱۱ع تي ڪراچي جي مقامي
اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، عطا ۱۹۶۴ع کان پنهنجي فني سفر جو آغاز ريڊيو پاڪستان
کان شروع ڪيو، روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقعو پائي ايندي هئي،
جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ سندس تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا، هن ۲۰ کان وڌيڪ سنڌي فلمن،
لاتعداد ٽي وي جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ، اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ ٽي وي تي مرحوم نور
محمد لاشاريءَ سان سندس جوڙيءَ کي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو، هوءَ جيڪا هالي ووڊ جي
”صوفيا لارين“ ۽ بالي ووڊ جي ”نرگس“ کان گهڻو متاثر هئي. سنڌ جي هن اداڪارا جيڪا
پنهنجي بهترين اداڪاري ڪري ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏيندي هئي.