; سنڌي شخصيتون: سرفراز وسطڙو - وفا رضا

09 June, 2015

سرفراز وسطڙو - وفا رضا

سرفراز وسطڙو
يارن جو يار
وفا رضا
ڪالهه آفيس مان جيئن ئي گهر پهتس ته دوست نواب حميد آرائين جو موبائيل تي نياپو آيو ته سرفراز وسطڙو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي جوڀن جا 22 ورهيه صحافت کي ارپيندڙ اسان جو هي دلبر دوست به  اسان کان وڇڙي ويو.
اڃا تنهن ڏينهن ئي ته آفيس جي نمبر تي فون ڪري حال احوال ڏنو هيائين. هن دلبر دوست سان منهنجي نيازمندي ورهين کان وٺي هئي، جڏهن اسان صحافت جي دنيا ۾ اڃا نه آيا هئاسين، تڏهن به اسان جو هڪ ٻئي سان نينهن جو ناتو هو. شاگرد سياست واري جهان  ۾به اسان گڏ گهاريو، سرفراز به سن جو پانڌيئڙو هو.


ساهتي پرڳڻي واري علائقي جي ڳوٺ مچر ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم وٺندڙ سرفراز وسطڙو يارن جو يار هو. ائين کڻي چئجي ته هو دوستن جو لاڏلو به هو، هن جي صحبت هر ڪنهن سان هوندي هئي، عبرت گروپ جي سرواڻ قاضي اسد عابد کان وٺي لالا رحمان سمون تائين، يا وري خالد کوکر، حيات بلوچ، منير نارائي يا وري غلام حسين خاصخيلي توڙي استاد شمس الدين بلوچ، جئه پرڪاش، اقبال ملاح، ارشد شاهه، امداد سومرو، ارشاد لغاري، اظهار سومري، فقير سليم، حيات علي شاهه بخاري کان وٺي نظام مگسي، حميد ابڙي ۽ اڪبر درس تائين هو هر دوست جو حُجتي هوندو هو. تڏهن ته هن جي  دوستن جو جهان به تمام گهڻو وڏو هو.
اسان جو هي سهڻو يار غريبن جو ڀرجهلو به هو. جڏهن به ڪو دوست، يار يا واقفڪار کيس ڪو ڪم چوندو هو ته هو ڪڏهن به انڪار نه ڪندو هو. هر ڪنهن جو حال ڀائي هوندو هو. مک تي سدائين مسڪراهٽ سندس خاصيت هوندي هئي. سنگت سان حساب ڪتاب ته هن ڪڏهن رکيو ئي نه! هو دل توڙي هٿ جو ڇوٽ هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو صبح سوير آفيس اچي ويندو هو ۽ پوءِ استاد شمون وٽ ويهي اوڀاريون لهواريون ڪندا هئاسين. سنگت سان ملهائڻ وارو اسان جو هي دوست هر حال ۾ خوش گذاريندو هو. جتي به ملي، جڏهن به ملي، دوستن جون پڇائون ضرور ڪري.
صحافت جي دنيا ۾ هو عبرت گروپ ذريعي داخل ٿيو ۽ آخر تائين عبرت سان ئي سلهاڙيل رهيو. روزاني سنڌو کان وٺي روزاني عبرت تائين هن جيڪو صحافتي پورهيو ڪيو، اهو وسارڻ جهڙو نه آهي. هن جي اها به ڪوشش هوندي هئي ته کانئس ڪنهن دوست کي ڪو رنج نه پهچي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو موقعو اچي جو ڪو هن جي ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿئي. هن کي دوستن جي روزگار جو به وڏو اونو هوندو هو.
اخباري دنيا ۽ ڪم جي حوالي سان جڏهن کيس ڪنهن خبر يا اسٽوري بابت چئبو هو ته وراڻي ۾ چوندو، حاضر...
هو جڏهن لکندو هو ته خبر ئي ڪو نه پوندي هئي، ڪيتريون سلپيون لکي چڪو آهي ۽ پوءِ سرفراز جي ڏنل خبر يا اسٽوري جي سبنگ ڪرڻ به ايترو آسان نه هوندو هو، هو خبر ڏيندي چوندو هو وڌيڪ پارت اٿو.
هائو هو پارت ته هر ڪنهن جي ڪندو هو، دوستن، يارن جي ڏکن توڙي سکن ۾ برابر شريڪ ٿيڻ وارو هي دلبر دوست هاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي رهيو، پر سندس محبتون سدائين ياد رهڻيون آهن.



يار سرفراز وسطڙو
ارشد شاهه
زندگيءَ جي اڙانگي سفر ۾ ساٿي ملندا ۽ وڇڙندا رهندا آهن، پر ڪي اهڙا ساٿي به هوندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت اوچتو ڪيترن ئي ساٿين جي ذهنن تي گهڻي وقت تائين نه مٽجندڙ اثر ڇڏي ويندا آهن. نوشهروفيروز ضلعي جي ديهه مچر ۾ چاچي عبدالحڪيم وسطڙي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سينيئر صحافي، ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن سرفراز وسطڙو به اهڙو ئي ساٿي هو، جيڪو ڪالهه بظاهر گڙدن جي تڪليف سبب حيدرآباد سول اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سرفراز وسطڙي شروعاتي تعليم اباڻي ضلعي مان حاصل ڪئي، انٽرميڊئيٽ ڪرڻ کانپوءِ هن اچي حيدرآباد وسائي. سنڌ يونيورسٽي مان سوشولاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هو نوجواني کان قومي ڪارڪن جي حيثيت ۾ قومي تحريڪ سان سلهاڙيل رهيو. هن ڪجهه سال جيئي سنڌ تحريڪ ۾ جي ايم سيد جي سرپرستي ۾ به ذميواريون ادا ڪيون. بقول سرفراز جي ته، ”مون کي ڪاليج جي وقت کان ئي صحافت ڪرڻ جو شوق هو“، ان شوق جي ڪري ئي هو قومي تحريڪ مان صحافت سان واڳجي ويو. هن 1992ع ۾ روزاني ”سنڌو“ اخبار کان صحافت جي باقاعده شروعات ڪئي. عبرت اخبار ۾ اسٽاف رپورٽر ۽ پوءِ چيف رپورٽر جي حيثيت ۾ ساهه جو سڳو ٽٽڻ تائين وابسته رهيو. صحافت جي حوالي سان سرفراز منفرد شخصيت جو مالڪ هو، هميشه منهن تي مرڪ سجائي رکندڙ هن دوست جي ڊڪشنريءَ ۾ انڪار جو لفظ ئي نه هو. ساڻس ڪير ملندو ۽ ڪو ڪم چوندو ته هڪدم ها ڪري ڇڏيندو هو. ماڻهن کي آفيس ۾ وٺي وڃي يا فون ڪري حال سارو سڀني کي ڪم ايندو هو. هن سنڌ جي صحافين جي فلاح بهبود لاءِ سنڌ صحافي سنگت کي جوائن ڪيو ۽ ان جو مرڪزي صدر به رهيو، پر سنگت ۾ ڪجهه ڳالهين تي اختلافن کانپوءِ سرفراز سنڌ صحافي سنگت کان پاسيرو ٿي ويو. سرفراز وسطڙي کي رپورٽر ڊائريون لکڻ ۾ وڏو ڏانءُ حاصل هو. سينئر صحافي دوست به سرفراز وسطڙي کي بهترين صحافي سڏيندا آهن. صحافت سان گڏوگڏ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي پروگرام ڪيا. ٻين صحافين جي ڀيٽ ۾ سرفراز وسطڙي جا وزيرن، سياستدانن، ڪامورن سان تمام گهڻا تعلقات هئا، هو هر ان ماڻهوءَ سان، دوستاڻي انداز ۾ ڳالهائيندو هو، پوءِ اهو دوست هجي، وزير يا ڪو اعليٰ عملدار ڇو نه هجي. چوندا آهن ته مرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جو قدر ڪيو ويندو آهي پر سرفراز وسطڙو اهو شخص هو جنهن جو سڀني جيئري قدر ڪيو، پر افسوس جو ارڏي هُجڻ سبب هن پنهنجو قدر پاڻ نه ڪيو....
مون شروعات ۾ گڙدن جي بيماري وگهي فوت ٿيڻ واري جملي ۾ ظاهري لفظ استعمال ڪيو، اهو ان لاءِ ته ان بيماري پويان ٻي ڳالهه به آهي، جيڪا ناانصافي ۽ لاقانونيت جي عنصر کي چٽو ڪري پيش ڪري ٿي. سرفراز وسطڙي تي 2 سال اڳ قاتلاڻو حملو ٿيو، ان حملي ۾ انتهائي ويجهي مفاصلي کان ان کي جوابدار رپيٽر سان سڌو فائر ڪري مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويو هو، جيڪو هن رياست جي قانون ۽ انصاف جي رکوالن جي وڏين دعوائن باوجود اڄ به فرار ئي آهي. ٻئي طرف اهو جوابدار آزاديءَ سان گهمي سُڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي، ان واقعي بعد 2 سال گذرڻ دوران سرفراز مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ رهيو. چار کان پنج ڀيرا هن جا آپريشن ڪيا ويا. رپيٽر مان ڇٽل ڪارتوس مان نڪتل ڇيرن سرفراز جي گڙدن، جگر، آنڊن ۽ جيري سميت سڀني عضون کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو هو، ان هوندي به هو علاج سان گڏوگڏ جوابدار جي گرفتاري لاءِ قانوني جنگ لڙندو رهيو. هن کي بار بار آڇ ڪئي وئي ته ٺاهه ڪريو، پر سندس اها ئي چوڻي هئي ته جوابدار هڪ ڀيرو قانون وٽ پيش پئي. ٻي ڳالهه پوءِ ڪبي، ان سڄي صورتحال ۾ هو واڳ ڌڻين آڏو به دانهيندو رهيو، پر کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ واڳ ڌڻين ڪي به سنجيده قدم نه کنيا.  انتهائي افسوس ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته جتي سرفراز جي آخري رسمن ۾ حيدرآباد جا سمورا صحافي دوست هيا اتي سياسي، سماجي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ هڪ به ڪاموري جو نه هجڻ اها ئي سوچ ظاهر ڪري ٿو ته انهن ماڻهن جو ڪم خبر هلڻ سان آهي، خبر هلائڻ وارن سان نه. سرفراز جيڪو قومي تحريڪ سان به سلهاڙيل رهيو. جڏهن ان کي علمدار چوڪ جي قبرستان ۾ دفنايو پئي ويو ته اتي ڪجهه فرلانگن تي موجود قومي عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي، جسقم ۽ ايس يو پي جي هيڊڪوارٽرن ۾ ويٺلن به آخري رسمن ۾ شرڪت جي زحمت نه ڪئي. عبرت ۾ ڊيوٽيءَ دوران سرفراز وسطڙو اداري جي سرواڻ قاضي اسد عابد سان انتهائي ويجهو رهيو ۽ قاضي صاحب جو به ساڻس رويو هميشه پنهنجائپ وارو رهيو ۽ اها ڳالهه هو هميشه هر ڪنهن آڏو ڪندو رهندو هو. اڄ سرفراز اسان جي وچ ۾ ناهي، پر سندس يادون آهن ۽ رهنديون. هن پنهنجي ڪردار ۽ رويي سان دوستن جو وڏو حلقو ٺاهيو، جيڪي کيس ايترو جلدي وساري نه سگهندا. آخر ۾ يار کي شاهه سائين جي هن شعر جي ڀيٽا:
جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.



سرفراز وسطڙو
تو کان ٿيندي ڌار
نور سنڌي
سرفراز وسطڙو سان منهنجي پهرين ملاقات 1987ع ۾ ٿي هئي، ان وقت هو جساف ۾ سرگرم هو ۽ عرفان مهدي وٽ هالا پراڻا آيو هو، ان بعد ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪڏهن حيدرآباد ۾ ڪڏهن سن ۾ ۽ اهي ملاقاتون گهري دوستي ۾ تبديل ٿي ويون. ان وقت سرفراز وسطڙو جساف جو مرڪزي پريس سيڪريٽري هو. جڏهن 1991ع ۾ عرفان مهدي جو پراسرار موت ٿيو ته سائين لائق سنڌي هڪ پيج ڪڍندو هو ان هدايت ڪئي ته عرفان مهدي جي شخصيت، سياست، ادبي خدمتن، پراسرار موت بابت ميٽر هٿ ڪري ڏي ۽ سندس دوستن جا رايا به ورتا وڃن، ان ڪم ۾ سرفراز وسطڙو ميٽر هٿ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. ان دور ۾ مون سرفراز وسطڙو جو شاگردن جي هڪ صفحي لاءِ انٽرويو به ڪيو هو. عرفان جي وفات بعد سرفراز ڊاڪٽر قادر مگسي کان متاثر ٿي جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو. جڏهن 1991ع ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي مسئلن لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويٺو ته ان ۾ سرفراز وسطڙو انتظامي ليول تي پيش پيش هو. ڪجهه ڏينهن بعد پوليس ڊاڪٽر قادر مگسي کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ بک هڙتالي ڪئمپ تي ساڻس گڏ جيڪي پارٽي جا ڪارڪن ۽ عهديدار ويٺا هئا، انهن کي گرفتار ڪري سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو، انهن ۾ سرفراز وسطڙو به شامل هو. ٻئي ڏينهن گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو ويو. گرفتار ڪيلن کي جيل اندر تشدد ڪرڻ، بکيو اڃيو رکڻ بابت سنڌو اخبار لاءِ مون ايڪسليوز رپورٽ ٺاهي هئي، ان لاءِ مون سرفراز جو انٽرويو ڪيو. ان وقت هو آزاد ٿي وري ڪئمپ تي پهتو هو. مون ڏٺو سندس جسم ڏڪي رهيو هو، صحيح نموني ڳالهائي نه رهيو هو. جڏهن هن کان معلوم ڪيم ته هن چيو ته جيل اندر بکيو رکيو ويو هو هاڻ ته بک ۾ ساهه ٿو وڃي، کيسي ۾ پيل پئسا به پوليس ڪڍي وئي.
آئون انهن ڏينهن ۾ عبرت گروپ جو نمائنده خصوصي هوندو هئس. 1992ع ۾ سنڌو جي ايڊيٽر اي جي سنڌي مون کي سنڌو جو اسٽاف رپورٽر ڪيو، پر ڪجهه مجبورين ڪري آئون بهتر نموني نڀائي نه سگهيس ۽ 2 مهينن بد مون اسٽاف رپورٽر تان استعيفيٰ ڏني ۽ ساڳيو نمائنده خصوصي طور مقرر ٿيس يعني ڪا به جوابداري نه هئي. رپورٽون ڏيان ته به صحيح نه ڏيان ته پابند نه هئس.
انهن ڏينهن ۾ سرفراز وسطڙو کي صحافت جو شوق ٿيو ۽ مون سان مشورو ڪيو. جساف ۾ پريس سيڪريٽري طور رهڻ ڪري کيس خبرون ٺاهڻ جو ڏانءُ ته هو. مون کيس مشورو ڏنو ته هو سنڌو اخبار ۾ اسٽاف رپورٽر ٿئي. پاڻ اي جي سنڌي سان مليو، جنهن سان به سندس واقفيت ته پهرين هئي، اتي مختصر ٽيسٽ بعد کيس سنڌو جو اسٽاف رپورٽر مقرر ڪيو ويو. بهترين ڪارڪردگي جي ڪري بعد ۾ عبرت جو اسٽاف رپورٽر مقرر ٿيو، جتي به شاندار ڪارڪردگي جي ڪري عبرت جو چيف رپورٽر مقرر ٿيو ۽ آخري دم تائين عبرت جو چيف رپورٽر ئي رهيو.
سندس صحافتي خدمتون قابل تعريف ۽ اڻ وسرندڙ آهن. حيدرآباد جي حل طلب مسئلن کي ڀرپور انداز ۾ کنيو. هن حيدرآباد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عبرت ڪچهريون ڪرائي انهن علائقن جي مسئلن کي هاءِ لائٽ ڪيو. پاڻ سنڌ جي صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ 2003ع ۾ سنڌ صحافي سنگت ۾ شامل ٿيو. 2004ع ۾ سنڌ صحافي سنگت جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. ان حيثيت سان تقريبن سڄي سنڌ جو دورو ڪيو. صحافين جا لوڪل ئي مسئلا حل ڪرائڻ، صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين جي ازالي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. صحافين جي مسئلن تي حيدرآباد ۾ صحافين جو ڪنووينشن گهرايو ۽ سنڌ جي 100 کان وڌيڪ صحافين کي صحافت ۾ بهترين ڪردار ادا ڪرڻ تي صحافي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ شاندار پروگرام ڪرايو. سنڌ صحافي سنگت ۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. پاڻ 2013ع ۾ ٻيو دفعو سنڌ صحافي سنگت جو صدر ٿيو پر بعد ۾ تنظيمي دوستن سان ڪجهه اختلافن جي ڪري استعيفيٰ ڏني، پر ان جي باوجود هڪ ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ شاندار ڪردار ادا ڪندو رهيو. مختلف مسئلن جو شڪار سنڌ جا صحافي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ ساڻس ڪوشش ڪندا هئا ته انهن جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري پروگرام ۾ صحافين کي مان مرتبو نه ملندو هو ته هي يگانو دوست ٻين هم خيال صحافين کي اعتماد ۾ وٺي انهن پروگرامن جو بائيڪاٽ ڪندو هو. پاڻ لطيف سائين جو عقيدتمند هو. جڏهن به درگاهه تي جڏهن به لطيف جي راڳ ٻڌڻ لاءِ ويهندو هو ته پاڻ کي راڳ ۾ گم ڪري ڇڏيندو هو. راڳ ويراڳ سان سندس شوق رهيو. کيس ماروي گروپ جو ڳايل گيت ”سانو يار مناوڻا هي، چاوي سر دي بازي لگ جاوي“ ۽ نصرت فتح علي خان جو ڳايل ”سانو اڪ پل چين نه آئي سجنا تيري بنا ۽ لطيف جو شعر:
اکين ۾ ٿي ويهه ته واري ڇپر ڍڪيان
تو کي نه ڏسي ڏيهه آئون نه پسان ڪو ٻيو
کيس انتهائي وڻندا هئا. اسان جو هي پيارو يارڙو قومپرست، سياسي ڪارڪن، بهترين صحافي سان گڏ سماجي ڪارڪن به هو. ڪيترائي واقفڪار ڪم ڪارين لاءِ وٽس ايندا هئا ته مصروف هئڻ جي باوجود انڪار نه ڪندو هو. واسطيدار عملدارن وٽ انهن سان گڏ وڃي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو هو. صحافتي دنيا ۾ اچڻ بعد به قومي ڪارڪن رهيو. سنڌ جي مسئلن، سنڌ ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين خلاف سندس لکيل آرٽيڪل ان جو چٽو ثبوت آهن. پاڻ عوامي مسئلن، ڪرنٽ اشوز تي به لاتعداد آرٽيڪل لکيا. حيدرآباد جي مسئلن ۽ سياسي، سماجي، ادبي، سرگرمين جون ڊائريون به لکيون. لکڻ جو اهڙو ماهر جو ڪچهري به ڪندو هو ۽ لکندو به هو ۽ لکڻ جو انتهائي تڪڙو تيز، سندس ادب سان به پڙهڻ جي حد تائين شوق رهيو. دوستن جي خوشي ۽ ڏک جي گهڙين ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
سرفراز وسطڙو 18 فيبروري 1970ع ۾ ساهتي پرڳڻي جي ضلعي نوشهرو فيروز جي تاريخي ڳوٺ مچر ۾ عبدالحڪيم وسطڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان ڏهين ڪلاس تائين ڳوٺ ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر نوشهروفيروز ڪاليج مان ڪئي، وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ بعد ڳوٺ کي ڇڏي حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سوشلاجي ڪئي. کيس شاهه لطيف جي عرس مبارڪ جي رپورٽنگ واري مقابلي ۾ بهترين رپورٽنگ جي اعتراف طور کيس شاهه لطيف ايوارڊ ڏنو ويو. جڏهن ته صحافتي خدمتن جي اعتراف طور 30 کان وڌيڪ ايوارڊ، لاتعداد ميڊل، سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا. پاڻ ڏاڍي سهپ وارو ۽ سنجيده شخصيت جو مالڪ هو. سدائين مسڪرائيندو هو. اسان کيس ڪاوڙ ۾ به مرڪندي ڏٺو.
صحافتي دنيا ۾ سچ لکڻ تي کيس ڌمڪيون به ملنديون هيون، کيس لٺ ۽ چٺ جي ذريعي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي پر لٺ چٺ جي اثر ۾ ڪڏهن به نه آيو نه وري ڪڏهن ڌمڪين کان ڊنو.
2 سال اڳ بااثر شخصيت سڌا فائر ڪري سرفراز کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. ان ۾ خوش قسمتي سان سندس زندگي ته بچي وئي پر هن ۾ اها اسٽيمنا نه رهي، ان باوجود همٿ سان صحافت روزمره جا ڪم ڪرڻ لڳو. مٿس حملي خلاف وزيراعليٰ سنڌ کان وٺي وزير داخلا، چيف سيڪريٽري کان وٺي آءِ جي پوليس ۽ ايس ايس پي حيدرآباد تائين ڪيترن ئي صوبائي وزيرن، اقتداري پارٽي پ پ جي اڳواڻن يقين ڏياريو ته سرفراز وسطڙو تي حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو. اهڙن اعلانن واعدن جي باوجود حملي آورن کي گرفتار نه ڪيو ويو کيس مهلت ڏني وئي ته هو ضمانت ڪرائي. ضمانت ڪرائڻ بعد حملي آور بااثر ماڻهو پاڻ ڏنڊي جي زور تي ٺاهه ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ کيس ۽ سندس ڀائرن کي ڌمڪايو ويو ته ٺاهه ڪريو نه ته اوهان سان برو حشر ڪيو ويندو. هن اهڙيون شڪايتون پوليس حڪام کي به ڏنيون پر جوابدار ڌر بااثر هئڻ ڪري پوليس انهن ۾ هٿ وجهڻ لاءِ تيار نه هئي. ان حملي ۾ گوليون نه صرف سندس پيٽ پر جگر، گردن کي به نقصان پهچايو، 2 سالن کان هو علاج هيٺ رهيو ٻه ٽي ڀيرا آپريشن به ڪرايا.
5 جون 18 شعبان تي سندس طبيعت خراب ٿي پئي، کيس ساهه تي سوڙهه محسوس ٿي ته کيس ايل ايم يو حيدرآباد ۾ آءِ سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. رات جو 12 وڳي جڏهن نيوسعيد آباد جي صحافي ۽ سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ زاهد ڪاڪا فون تي سندس وفات جو ٻڌايو ته ڇرڪ نڪري ويو. اعتبار نه آيو جڏهن عبرت ۾ فون ڪري ڪنفرم ڪيو ته بي اختيار دانهن نڪري وئي. دماغ چڪرائجڻ لڳو. دل ٻڏڻ لڳي. نيڻن جا بند اٿلي پيا. سڄي رات سرفراز جي يادن کي ياد ڪندي گذاري. صبح جو سندس آخري سفر ۾ شريڪ ٿياسين، سدائين دوستن کي کلي کيڪاريندڙ سرفراز اگهور ننڊ ۾ ستل هو ۽ ان اگهور ننڊ ۾ به ائين لڳي رهيو هو جهڙو هو مسڪرائي رهيو هجي. کيس عملدار چوڪ ويجهو درگاهه غلام علي ۾ سوين آلين اکين سان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. حيرت ۽ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهي سياستدان، بااثر شخصيتون، آفيسر سرفراز جن جي ويجهو رهيو اهي به سندس آخري سفر ۾ شريڪ نه ٿيا. پريس ڪلب حيدرآباد مان اردو ڳالهائيندڙ صحافي عبدالحفيظ عابد کانسواءِ هڪ ٻه صحافي نظر آيا.

پيارو سرفراز ته اسان کان رسي پنهنجي حقيقي خالق ڏانهن هليو ويو. هو ته ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ وڃي آرامي ٿيو پر سندس يادون، سندس ڀلايون، سندس ڳڻ سندس سٺايون هميشه لاءِ ياد رهنديون. سرفراز جي وصال سان صحافتي دنيا ۾ هڪ خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نه ٿو سگهي. اڄ نه صرف سندس ڀائر عبدالعزيز وسطڙو، مشتاق وسطڙو، حامد وسطڙو، آفتاب وسطڙو پٽ شهباز وسطرو، شيراز وسطڙو، فراز وسطڙو ۽ مرحوم جي بيواه ۽ نياڻي سوڳوار آهن پر اسين سڀ دوست سندس وڇوڙي تي سوڳوار آهيون.

No comments:

راءِ ڏيندا