; سنڌي شخصيتون: سرفراز، وسطڙو، وفا، رضا، ارشد، شاهه، نور، سنڌي،
Showing posts with label سرفراز، وسطڙو، وفا، رضا، ارشد، شاهه، نور، سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label سرفراز، وسطڙو، وفا، رضا، ارشد، شاهه، نور، سنڌي،. Show all posts

09 June, 2015

سرفراز وسطڙو - وفا رضا

سرفراز وسطڙو
يارن جو يار
وفا رضا
ڪالهه آفيس مان جيئن ئي گهر پهتس ته دوست نواب حميد آرائين جو موبائيل تي نياپو آيو ته سرفراز وسطڙو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي جوڀن جا 22 ورهيه صحافت کي ارپيندڙ اسان جو هي دلبر دوست به  اسان کان وڇڙي ويو.
اڃا تنهن ڏينهن ئي ته آفيس جي نمبر تي فون ڪري حال احوال ڏنو هيائين. هن دلبر دوست سان منهنجي نيازمندي ورهين کان وٺي هئي، جڏهن اسان صحافت جي دنيا ۾ اڃا نه آيا هئاسين، تڏهن به اسان جو هڪ ٻئي سان نينهن جو ناتو هو. شاگرد سياست واري جهان  ۾به اسان گڏ گهاريو، سرفراز به سن جو پانڌيئڙو هو.