; سنڌي شخصيتون: سيد شير شاهه - ناصر مقصود گل

01 June, 2015

سيد شير شاهه - ناصر مقصود گل

سيد شير شاهه
سچل سائينءَ جي درگاهه جو دلفريب آواز
ناصر مقصود گل
سنڌ ڌرتيءَ جي خمير ۾ تصوف جو عجب رنگ، ازل کان رچيل آهي. هن ڌرتيءَ جي آغوش ۾ پلجندڙ تصوف نه صرف ماڻهن جي ذات کي ’خود شناسي‘ ۽ ’خدا شناسي‘ ڏني آهي، پر انساني وجود کي هڪ اهڙي نقطي تي اچي بيهاريو آهي، جيڪو سڃاڻپ جو محرڪ بڻيو آهي. پوءِ اها سڃاڻپ پنهنجي ذات جي هجي، پنهنجي مجازي محبوبَ جي هجي يا معبودِ حقيقيءَ جي هجي، سرير لاءِ سڪون ۽ ڇوٽڪارو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءَ ڌرتي امن جو آستانو رهندي آئي آهي. دنيا ڀلي ڪيترو ئي بارودي بوءِ سان وڪوڙجي ڇو نه وڃي، پر لاکيڻي لطيف جي دعا سان سنڌ مان سدائين اَمن جي سرهاڻ ايندي رهي آهي.


تصوف جي ان رنگ کي سر ۽ سنگيتَ وڏي جلا بخشي آهي، درويشن ۽ صوفين پنهنجي تند ۽ تنوار سان ازلي عشق ۽ صوفيت جو علم بلند رکيو آهي ۽ اها رمز پروڙڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي، جنهن رمز جو انسان ڪيتري ئي وقت کان متلاشي رهيو آهي. تصوف جهڙي ڪيميا جي ونڊ ورڇ واسطي سموري سنڌ درويشن، بزرگن، اوليائن ۽ الله وارن جي آستانن سان سجايل آهي، جتان محبوب جي متلاشي، هر محب کي هڪ جيترو دان ۽ مان ملندو رهي ٿو.
اهڙي ئي رنگ ۽ ڍنگ سان مخمور ازلي توڙي الستي عشق جي انهن آستانن ۾ کارڪن جي ميٺاج سان ڀرپور مٺڙي سر زمين، خيرپور ميرس ۾ سچارن جي سچي ديس ۾ صدين کان اوچي ڳاٽ سان قائم دل وارن جي بستي درازا ۾ درازي درويشن جي نيري رنگ واري گنبذ جي پاڇي ۾ قدامت کان جدت تائين گيڙوءَ رتي يونيفارم ۾ ملبوس لا تعداد شاگرد، قرب واري ڪلاس ۾ ويهي، پنهنجي ازلي اڃ اجھائيندا آيا آهن. اهي محبت جي اهڙي ملهائتي مدرسي مان ’فقير جي محبت، خدا جي محبت‘ وارو درس وٺي، سچي سائينءَ جي آڏو سرخرو ٿيا آهن. ’محبوب ڳولي ڏس من ۾‘ جهڙي سڪ واري سبق جي انهن پريمي پاڙهن جي ڊگھي قطار ۾ سيد شير شاهه جو نالو هن دور جي صوفي راڳ جو برجستو حوالو آهي، جنهن سچل سائينءَ جا سچا ٻول سريلي انداز سان اچاري، محبوب کي من ۾ ڳولڻ جي مام پرکي ورتي آهي.
صوفي طرز طريقي جي هن نامياري راڳيءَ سيد شير شاهه ضلعي خيرپور ميرس، تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي هڪ ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ سيد فضل حسين شاهه سبزواريءَ جي گھر ۾ پهرين جون ۱۹۵۹ع تي ابدي ننڊ مان سجاڳ ٿيو. سيد شير شاهه نصابي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪئي، جنهن بعد ’پوليٽري پروجيڪٽ‘ جي مضمون ۾ ڊپلوما پڻ ڪيائين.
سيد شير شاهه جو جنم هڪ اهڙي گھراڻي ۾ ٿيو، جنهنجا فرد اسلامي تعليمات جا پيروڪار ۽ مذهبي سوچ جا علمبردار هئا، جن کي سيدالشهداءِ مظلوم امام حسين پاڪ جو فضائل ۽ مصائب مجلسن ۾ سر سان پڙهڻ جهڙو املهه ڪم عطا ٿيل هو. سندس اباڻو ديس ته ’ملتان‘ هو، جتي شاهه شمس تبريز سبزواريءَ جي درگاهه تي نسل در نسل پابنديءَ سان امام پاڪ جون مجلسون پڙهندا ايندا هئا. سندس هم نام ڏاڏو محترم سيد شير شاهه ان وقت ’بلبل پنجاب‘ جي لقب سان سڃاتو ويندو هو، جيڪو وقت جو هڪ ناميارو ذاڪر اهلبيت هو، جڏهن ته سندس والد سيد فضل حسين شاهه سبزواريءَ کي پڻ ذڪرِ اهلبيت عليه السلام جهڙو امر ڪم سونپيل هو. کين شهيدن جو ذاڪر هئڻ جي ناتي سر ۾ مجلس پڙهڻ جي ڏات عطا ٿيل هئي. ان ريت ائين چئي سگھجي ٿو ته سيد شير شاهه جا وڏڙا مذهب سان وابسته هئڻ باوجود اڻ سڌي طرح سر سان پڻ سلهاڙيل هئا.
تصوف وارو وکر، طريقت جو تحفو بڻجي سيد شير شاهه جي حصي ۾ آيو، کيس سچي سائينءَ جي ڪلام جي قربائتي ڪشش جسڪاڻين مان درازي درگاهه طرف ڇڪي آئي، جتي درگاهه جي اڳوڻي گادي ڌڻيءَ حضرت خواجه عبدالحق درازيءَ کي دل سان پنهنجو رهبر تسليم ڪري، سندس دستِ بيعت ٿيو ۽ طالبن جي قربائتي قطار ۾ شامل ٿي ويو. جنهن بعد اڄ ڏينهن تائين اهڙي ملهائتي ميراث کي سڪ سان سيني ۾ سانڍيندي، درگاهه جي اڳوڻي گادي نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقيءَ توڙي هاڻوڪي گادي ڌڻيءَ سائين عبدالحق فاروقيءَ سان عقيدت جو ناتو قائم رکندو اچي ٿو.
سيد شير شاهه کي سالڪيءَ جي اهڙي ته صحبت ملي، جو هو صوفي راڳ ويراڳ طرف پڻ راغب ٿيو ۽ اندر واري عشق سان درويشن جي ٻولي اچارڻ جو آغازڪيائين. سالڪن جي سنگت ۾ وقت جي درويشن ۽ صوفي منش بزرگن فقير درمحمد هيسباڻيءَ، فقير غلام حيدر گجر ۽ فقير محبت عليءَ جي ڪچهرين ۾ ويهي، سڪ جا سبق سکندو رهيو. عملي طور تي قائدي موجب سرن جي سکيا لاءِ پنهنجي ڳوٺ کان محرابپور طرف پريم جو پنڌ ڪيائين ۽ اتي پهچي هڪ صوفي توڙي ڪلاسيڪل راڳيءَ عنايت علي فقير جي دهليز تي دل سان دستڪ ڏنائين، جتان کيس ويراڳ جو وکر ملندو رهيو. پر عنايت علي فقير جي ڪمهلي موت بعد سيد شير شاهه عظيم استاد جي سرپرستيءَ ۽ شفقت کان محروم ٿي ويو. ان بعد راڳ وديا جي تڪميل لاءِ سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي باڪمال ڪلاڪار خانصاحب استاد گلزار علي خان جي خدمت ۾ اچي سرن جي صدا ڏنائين، جنهن جي موٽ ۾ پاڻ خانصاحب استاد گلزار علي خان جي صحبت ۽ شفقت مان به فيضياب ٿيو.
سيد شير شاهه کي سچل سائينءَ جي درگاهه کان ريڊيو خيرپور جي در و ديوار تائين پهريون ڀيرو ۱۹۹۳ع ڌاري ناميارن پروڊيوسرن شوڪت خاصخيليءَ ۽ مختيار ملڪ رسايو. هنن سندس آواز جو آڊيشن ورتو، جنهن آڊيشن ۾ ڪاميابيءَ بعد پهريون ڀيرو ريڊيو خيرپور جي مقبول ترين پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ ۾ کيس موقعو ڏئي متعارف ڪرايو ويو. جنهن ۾ هن سچل سائينءِ جي ڪافي ڳاتي، جيڪا ان وقت سڌي سئين نشر ڪئي وئي هئي. جنهن بعد سيد شير شاهه جا ريڊيو خيرپور تان ڪيترا ئي صوفي ڪلام ريڪارڊ ۽ نشر ٿيندا رهن ٿا. جنهن بعد ساڳي ئي سال کيس ۽ راڳ ۾ سندس رهنما فقير عنايت عليءَ جي فرزند فقير غلام عليءَ کي گڏ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي ڪشادي اسڪرين تان نامياري پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ ٽي ويءَ جي جڳ مشهور  سنڌي پروگرام ڪچهريءَ جي راڳ واري نشست ۾ آڏو آندو. ان کان پوءِ ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سيد شير شاهه سچل سائينءَ جي روضي جي آڏو انتهائي ادب سان گوڏا ڀڃي ٻه ڪافيون ’ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا‘ ۽ ’آهي يار ته منهنجو هيئن ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن‘ ڳاتيون ۽ سندس اهو آواز ۽ انداز، سيٽلائيٽ ذريعي پوريءَ دنيا ۾ ڏٺو ۽ ٻڌو ويو.
سيد شير شاهه پنهنجي پوريءَ ڄمار ۾ سنڌ کان علاوه ملڪ جي ٻين ڪيترن ئي حصن ۾ وڃي، اتان جي صوفياڻين محفلن ۾ پنهنجو فن جو اظهار ڪري چڪو آهي. کيس عمر ڀر جي ڪيل  فني توڙي فقراهي خدمتن جي موٽ ۾ ٻڌندڙن پاران پيار جي پالوٽ ۽ داد جي درياهن کانسواءِ ۲۰۰۱ع ’سچل سرمست ايوارڊ‘، ’روحل فقير ايوارڊ‘، ’شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ايوارڊ‘ سان گڏوگڏ ٻيا ڪيترا ايوارڊ ۽ سندون پڻ مليون.

سچل سائين جي درگاهه تي صدين کان رائج صوفياڻي راڳ ۽ سنڌي توڙي سرائيڪي ڪافيءَ جي حوالي سان هڪ سريلي ۽ رسيلي آواز واري هن درويش صفت راڳيءَ سيد شير شاهه، هن وقت تائين جيڪو پريم جو پورهيو ڪري، جيترو ڪجھه به سنڌي موسيقيءَ کي ارپيو آهي، اهو يقيناً قدر لائق آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا