سيد شير شاهه
سچل سائينءَ جي درگاهه جو دلفريب آواز
ناصر مقصود گل
سنڌ ڌرتيءَ جي خمير ۾ تصوف جو عجب
رنگ، ازل کان رچيل آهي. هن ڌرتيءَ جي آغوش ۾ پلجندڙ تصوف نه صرف ماڻهن جي ذات کي ’خود
شناسي‘ ۽ ’خدا شناسي‘ ڏني آهي، پر انساني وجود کي هڪ اهڙي نقطي تي اچي بيهاريو آهي،
جيڪو سڃاڻپ جو محرڪ بڻيو آهي. پوءِ اها سڃاڻپ پنهنجي ذات جي هجي، پنهنجي مجازي محبوبَ
جي هجي يا معبودِ حقيقيءَ جي هجي، سرير لاءِ سڪون ۽ ڇوٽڪارو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو
هيءَ ڌرتي امن جو آستانو رهندي آئي آهي. دنيا ڀلي ڪيترو ئي بارودي بوءِ سان وڪوڙجي
ڇو نه وڃي، پر لاکيڻي لطيف جي دعا سان سنڌ مان سدائين اَمن جي سرهاڻ ايندي رهي آهي.
