; سنڌي شخصيتون: مختيار شيدي

25 May, 2015

مختيار شيدي

مختيار شيدي
سريلو راڳي
راڳ هڪ ڏات آهي ۽ سنڌ جي تاريخ اهڙي ڏات ڌڻين سان ڀري پئي آهي. سنڌ سونهاري صدين کان وٺي صوفيه مزاج بزرگن شاعرن ۽ قلمڪارن جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ سريلن ڳائڻن جي ڪا به کوٽ ناهي، هر دور ۾ ڳائڻن پاڻ ملهايو آهي، فوڪ ڳائڻن ۾ مختيار شيدي جو وڏو نالو آهي.


مختياري شيدي روهڙي ڀرسان ٽنڊو ڳوڙاهو ۾ ۳ جون ۱۹۶۵ ڌاري ڪريم بخش شيدي جي گهر ۾ اک کولي ۽ هن صرف مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي، کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو، جنهنڪري هن راڳ جي سکيا استاد رسول بخش ابڙي کان ورتي. مختيار شيدي ۱۹۸۵ کان فن جي شروعات ڪئي، جڏهن ته هن ملڪ جي ناليوارن شاعرن جي شاعري ڳائي مڃتا ماڻي. ۱۹۹۰کان ۲۰۰۷ تائين اتر سنڌ جو ھي لاڏلو راڳي مسلسل راڳ جي دنيا سان لاڳاپيل رهيو سندس جوڙ جي مشهور  فنڪارن ۾ شمن علي ميرالي، غلام علي سنديلو، گلاب راءِ، غلام شبير سمون، ماسٽر منظور، برڪت علي، عرس چانڊيو، مولا بخش مري، وزير علي عمراڻي ۽ کوڙ سارا ٻيا نالا اچن ٿا پر مختيار شيدي جي منفرد اندازَ کيس ڀرپور عوامي موٽ ڏياري. عاشقن جي دلين تي ڌاڙا هڻندڙ فنڪار مختيار شيدي کوڙ سارا ڪلام ڳائي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. ڪلام ڳائڻ کان اڳ ڏوهيڙو چوڻ جي موهيندڙ انداز مختيار شيدي جي مشهوري جو سبب بڻيو ۽ آهستي آهستي فنڪار طور سڃاڻپ ڪرائي .
مختيار علي شيدي تمام گهڻن شاعرن کي ڳايو جن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست سميت قاصر نواز، مير محمد عباسي، ممتاز چانڊيو، ساگر شاه، وحيد هڪڙو، ذوالفقار منگي، شاهنواز شر، صاحب لاشاري، قادر بخش ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. مختيار شيدي جي شهرت ۾ اضافو لال قلندر جون ڌمالون ڳائڻ سبب به ٿيو. سندس آواز ۾ آيل ڌمالن جون ڪيسٽون هٿون هٿ وڪامجڻ سبب ڪيسيٽ ڪمپنين وڏا ٺٺ ڪيا. مختيار شيدي مهمان نواز ماڻهو، هڪ سٺو دوست ۽ پاڻ هڪ بهترين شاعر به هو سندس ڪيسيٽن ۾ سندس پنهنجي شاعري پنهنجي نالي گهٽ پر سندس ذاتي دوستن جي نالن تي جام ڳائيندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس نالي جي  مشهوري  جي ڪا به بک نه هئي. مختيار شيدي کي ريڊيو پاڪستان خيرپور تي مختيار ملڪ رڪارڊ ڪيو. سندس آواز ۾ محسن ڪڪڙائي جو غزل “سونهن ڏسندي سرور ملندو آ، ڄڻ انڌي کي نور ملندو آ، اڪثر ريڊيو خيرپور تان گونجندو رهي ٿو. مختيار شيدي ان وچ ۾ نوحه خواني به ڪئي جنهن مان کيس حضرت امام  حُسين عليه اسلام جي حبدارن پاران ڀرپور موٽ ملي. سندس عقيدتمندي ايتري وڌي وئي جو ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ نوحه خواني ڪندي عزادار سندس پگهر کي ڦٽن تي هڻي چاقائي ڀائيندا هيا. مختيار شيدي جي غمگين آواز محفل ۾ شريڪ ماڻهن کي روئاري ڇڏيندو هو.
مختيار شيدي واحد سنڌي فنڪار آهي جنهن پنهنجي سڃاڻپ نوحه خوان طور هڪ ڌار سڃاڻپ ڪرائي ..
مختيار شيدي پنج سئو کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آنديون، جڏهن ته ۵۰ کان وڌيڪ نوحه خوان  جون  آڊيو ڪيسٽون رڪارڊ ڪيون.
مختيار شيدي کي يڪتاري ۽ چپڙي ۾ به مهارت حاصل هئي.جڏهن ته هن اهلبيت جي محبت ۾  ۱۹۹۰ ۾ نوحا خواني شروع ڪئي.
مختيار شيدي ۲۰۰۴ ۾ ڪربلا جي  زيارت ڪرڻ بعد  عام شاعري ڳائڻ بند ڪري صرف نوحه خواني  ڪرڻ لڳو.مختيار شيدي مهمان نواز ماڻهو، هڪ سٺو دوست ۽ پاڻ هڪ بهترين شاعر به هو.

ناليوارو راڳي ۽ نوحه خوان مختيار شيدي بيماري سبب ڪجهه سالن کان ڳائڻ بند ڪري ڇڏيو پر وڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته مختيار شيدي زندگي جا آخري ڏهاڙا مفلسي ۾ گذاريا آخر مجبور ٿي سنڌ سرڪار کان پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي پر ڪنهن به اقتدار ڌڻي سندس سهائتا نه ڪئي ۽ نه ئي وري ثقافت کاتي ڪو سکڻو آسرو به نه ڏنو ۽ ايتري حد تائين جو مختيار شيدي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بدران پنهنجي گهر ۾ زندگي جا ڏينهن ڳڻڻ لڳو ۽ اتي ئي آخري ساهه ڏئي ڇڏيو. مختيار شيدي آچر ڏهاڙي ۵ اپريل تي ۵۰ سالن جي عمر ۾ گڙدا فيل ٿيڻ سبب مداحن کان هميشه لاءِ جسماني طور جدا ٿي ويو آهي. مختيار شيدي جي جسماني طور جدا ٿيڻ تي سندس لکين مداح سوڳوار ٿي ويا آهن پر سندس سريلو آواز انهن جي ڪنن ۾ هميشهه گونجندو رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا