; سنڌي شخصيتون: ثميره زرين

23 May, 2015

ثميره زرين

ثميره زرين

مون کي رڳو ڀليڪار چوڻ ايندي آهي...

پير عبيد راشدي



يونيورسٽيون عشق ناتمام جون درگاهون هونديون آهن. يونيورسٽيءَ جي ميدانن، رستن، پارڪن ۽ ڪاريڊورس ۾ سڏ وراڪا ۽ سرگوشيون سدائين پڙاڏبيون آهن. سنڌ جي برک تخليقي ادب جي اثرائتي جينيئس ليکڪا مئڊم خيرالنساءِ جعفري جڏهن اسان شاگردن جي وچ ۾ هوندي هئي ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سرنهن جي گهاٽي وڻ جي ڇانو هجي ۽ سڀ شاگرد سرنهن جا گل هجون. سچ ته ادي گُڏي خيرالنساءِ سرنهن جي گهاٽي وڻ جهڙي هئي. هوءَ اسان سان ادبي، سياسي ڳالهيون ۽ ڀوڳ ڪندي هئي ۽ پنهنجن جيڏين مئڊم نسيم ٿيٻو، مئڊم مهتاب اڪبر راشدي، مئڊم تنوير جوڻيجو، مئڊم ليليٰ بانو جا قصا ڪندي هئي، پر جڏهن مئڊم ثميره جون ڳالهيون ڪندي هئي ته لڙڪ لارون ڪري وهندا هئس. مئڊم ثميره زرين سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي معزز اعواڻ خاندان جي مهتاب آفتاب هئي ۽ اسان سنڌ وارن لاءِ پنهنجي سگهاري خوبصورت ڪهاڻي ’آءٌ اها مارئي‘ واري روشنيءَ جو اڏول ڪردار. هوءَ اصل ۾ سنڌي ڪهاڻي ۽ افساني جي سفر جي ڊگهي پنڌ جي چانڊاڻ هئي. ثميره زرين تعليم يافته خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو. گهر ۾ هر شيءِ موجود، پر فطرت ۾ سادگي ۽ حساس پڻي جي ڪري ڪتابن ۾ پناهه ورتائين. ائين به نه هو ته هوءَ پنهنجي خاندان ۾ پهرين فرد هئي، جنهن ڪتاب قلم کنيا. مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو مئڊم ثميره زرين جي وڏڙن مان ميان محمد عارف اعواڻ صاحب حقيقي بزرگ ۽ عارف هو، جو صاحب ديوان هو ۽ هن جو ڪلام شڪارپور مان پوڪرداس ڇپائي پڌرو ڪيو هو. مطلب ته  مئڊم کي قلم ۽ ڪتاب ورثي ۾ مليا. مئڊم ثميره حساس پڻيءَ جي ڪري نه رڳو وڏگهراڻن پر پورهيت، پيڙهيل دُکي عورتن جي مسئلن تي خوب لکيو. اديب پنهنجي تخليق ۾ نه رڳو معاشري جا ناسور، ڏک سک بيان ڪندو آهي، پر پنهنجي داخلي دنيا جا اڻپورا خواب، احساس ۽ محروميون بيان ڪندو آهي. مئڊم ثميره زرين جون اڪثر ڪهاڻيون فرد جي داخلي دکن جي اپٽار آهن. هوءَ پنهنجو ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيتري دکي سُکي هئي، سا ته سندس جيڏين کي خبر، پر جڏهن پڙهندڙ سندس افسانا پڙهي ٿو، ته هو ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي وڃايل ڪاڪ محل ياد ڪري، سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته هڪ معزز خوشحال گهراڻي جي خوددار عورت ايتري دکي ڇو هئي؟


سچ ته ثميره زرين جون ٻه لازوال ڪهاڻيون: ’نم جي ڇانو، سرنهن جي خوشبو‘ ۽ ’گيت اڃايل مورن جا‘ جڏهن پڙهيون هئم ته زندگيءَ جي رڻ ۾ ڪنهن کي ارپيل گلاب ياد اچي ويا هئا. مهينو کن اڳ جڏهن محترم ڊاڪٽر ايوب شيخ، مئڊم ثميره تي لکڻ جو انگل ڪيو هو ته مون مئڊم جا ڪتاب نئين سنئين ڇنڊي پڙهڻ شروع ڪيا ته اندر ۾ وياڪلتا/ اٻاڻڪائي لهي آيم. سچ ته ڪهاڻي پڙهندي علامه آءِ آءِ قاضي، امڙ ايلسا قاضي، ماٺيڻي اوٺي ۽ عرفان مهديءَ جا قصا ياد پيا هئم ۽ پوءِ پنهنجي پراڻي عادت ته جنهن جون لکڻيون روح ۾ جايون جوڙين، تنهن سان ملجي، پر مئڊم ته ڪڏهوڪي سرهي مٽيءَ کي وڃي وڌيڪ سرهو ڪيو.

مون خاموشيءَ سان مئڊم جا ٽيئي ڪتاب ’گيت اڃايل مورن جا‘، ’آءٌ اها ئي مارئي‘ ۽ ’روشن ڇانورو‘ کڻي هٿن ۾ ڪيا ته اندر ۾ گلاب املتاس ۽ موتئي جي خوشبوءِ وکري وئي ۽ اندر ۾ نه ملڻ جي سڌ اڻپوري محسوس ڪيم.

ليکڪ ته پنهنجي فڪر ۾ پڙهندڙن لاءِ سدا حيات هوندو آهي. مون ڪتابن کان پڇيو: ”هوند اوهان جي ليکڪا سامهون هجي ها، ته پڇانس ها ته مئڊم توهان کي ڪهڙن ڏکن ۽ رسامن توهان کان شاهڪار افسانا لکرايا. مئڊم توهان جي ڪهاڻيءَ ۾ املتاس جي گلن جهڙي خوشبوءِ ۽ اداس شام جا احساس ڇو آهن؟“

ڪتابن وراڻيو: ”اسان جي ليکڪا جي دل مندائتي مينهن جي کنوڻ جي چمڪي وانگر هئي. هوءَ سانوڻ برسات جهڙي هئي. هن وٽ هڪ راز ڀريو روڳ هو.“

الائجي ڇو ڪڏهن ڪڏهن سنڌ يونيورسٽي، سنڌالاجي ۽ سينٽرل لائبريريءَ ۾ وڃي ويهندو آهيان. يونيورسٽيءَ جو ماحول ۽ اسٽوڊنٽس مئڊم ثميره جي ڪهاڻين جا جيئرا جاڳندڙ ڪردار محسوس ٿيندا آهن. جڏهن سنڌالاجي سينٽرل لائبرريءَ ۾ ويهندو آهيان ته هٿ ۾ کنيل ثميره زرين جي ڪتابن سان سرگوشي ڪندو آهيان. مئڊم ثميره جي ڪهاڻي ’پلئه پايو ڪچ‘ پوري ڪيم ته چپن تي پاڻمرادو سوال وارجي ويو. ”مئڊم حسن ۽ خوبصورتيءَ جو تصور توهان وٽ ڇا آهي؟“

مئڊم ڄڻ انهيءَ ڪهاڻيءَ جي ڪردار زمرد ٿي پئي. هن بدصورت ڇوڪريءَ جو مائٽن نالو زمرد رکيو. زمرد نالي لاءِ صورت سهڻي گهرجي ٿي، پر اصل ۾ هوءِ ويچاري ماني پچائڻ واري تئي وانگر ڪاري هئي. انهيءَ ڪري سندس رشتا ٿيندي ٿيندي ٽُٽي ويا. ماڻهو اياڻا آهن. ظاهري سونهن کي ڏسن ٿا. اصل ۾ سونهن، سهپ، ڌيرج ۽ مٺي ڳالهائڻ ۾ ٿيندي آهي.

هوائن تي ثميره زرين جي ڪتاب مان ڪهاڻي ’رمندا بادل‘ کُلي پئي ۽ مون ڪتابن کي ڏسندي ليکڪا سان ڳالهايو ”مئڊم توهان هڪ ڀيري ادي گُڏي خيرالنساءِ کان ڇو ڀٽڪندڙ اکين سان پڇيو هو: ”بادل بس وسي هليا ويندا آهن، ڇو ڪنهن جي من جو قياس نه ڪندا آهن؟“ انهي ڪهاڻيءَ جو هڪ پيراگراف ڏسو: ”اونهاري جي ڊگهي منجهند جا ڪيترا خوبصورت ڪتاب پڙهڻ جي باوجود ويران لڳندي آهي. من کي نه بينگالي ڊانس جي ڪٿڪ وندرائي سگهندي آهي، نه پنجابي گوئي جو پڪو راڳ، پر جڏهن مصري خان بينن تي راڻو ٻڌائيندو آهي ته ڄڻ مومل جو اوسيئڙو وياڪيل اُداس روح ۾ سمائجي ويندو آهي، ۽ ان موج ۾ من سنسار ۾ بادل وسندا آهن. ها پر، منهنجو بادل خالي ڏسندو رهيو، وسڪار نه ڪيائين.“

مئڊم ثميره جي ڳالهه گهڙيءَ کن لاءِ مون من جي رحل تي رکي، سندس ڪتاب مان ساڳي ڪهاڻي ’رمندا بادل‘ تي اکين جا مور کنڀ وڌا: ”آرڪيسٽرا جي تيز سُرن تي رقص ڪندڙ جوڙا جهومي نچي رهيا هئا، پروفيسر ثريا عزيز پاڻ کان اڌ عمر جيتري ننڍي عمر واري هڪ نوجوان سان ٽوئسٽ ٿي ڪئي.“

دريءَ مان لڳندڙ هوائن ڪتاب کي ٺَپي ڇڏيو. لائبرريءَ جي سانت ۾ مون پنهنجي خيال ۾ ڳالهايو: ”ڇا ليکڪ پنهنجي ڪهاڻي، شاعريءَ ۾ پنهنجي ذاتي زندگيءَ جو اولڙو ۽ ڪيفيت جو رنگ نه ڀريندو آهي؟“ ٽيبل ڪرسين تي ويٺل اسٽوڊنٽس ۽ لائبررين منهنجي حرڪت جو نوٽ ورتو يا نه، پر مون پنهنجي پاڻ سان ڳالهايو. حساس ماڻهو اڪثر پنهنجي منهن ڳالهائيندا آهن. سگريٽ جي ٻاڙ محسوس ڪندي سينٽرل لائبرريءَ کان ٻاهر نڪري زيرو پوائنٽ تي دونهان دُکايم ته الائجي ڪٿان ادي گُڏي مئڊم خيرالنساءِ جعفريءَ جو هميشه جهڙو حجت گاڏڙ جملو پڙاڏيو: ”ٻاڙ رڳو تو کي ئي لڳي آهي،

سگريٽ ڇڏائجي ويو يا ادي گُڏي حجت ڪري وئي. پري کان علامه قاضي، امڙ ايلسا قاضيءَ جي مزار تي بيدمشڪ هوائن ۾ پينگهه بنيل هئا. کاهيءَ کان هيٺ کجين جو نسرندڙ باغ هو. ’کجور جو وڻ‘ مئڊم ثميره جي ڪهاڻي هِنئين ۾ اوتجي آئي. ياد جي سنسار مان مئڊم ثميره، ادي گُڏي، مئڊم تنوير ۽ مئڊم ليليٰ بانا ڄڻ ڪونجن جو ولر، ڪونجن جو ڪرڪو.

”کجيءَ جو وڻ نه“

”کجيءَ جو جِن!“

مئڊم خيرالنساءِ جو ڪرڪو سڀني مئڊمن تي هميشه وانگر ڳرو هو.

ادي گڏي آءٌ کجيءَ جو جِن ڪٿان ٿيس؟ وراڻيم

”ڪنهن لاءِ ته هوندين؟ توهان مرد آهيو کجيءَ جا جِن، بي پِيرا“

مئڊم خيرالنساءِ جي ڀر ۾ سائڪالاجي ڊپارٽمينٽ جي ذهين ادراڪ واري اسٽوڊنٽ بيٺل هئي، جا ڪلاسن ۾ مئڊم خيرالنساءِ ۽ شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ سان انساني فطرت جي ٻه- چاپڙائپ تي بحث ڪري پڇندي هئي ته انسان جي اندر جي خبر ڪيئن پوي؟ ان وقت مئڊم بحث ختم ڪندي چوندي هئس، وقت سڀ ڪجهه سيکاري ڇڏيندئي.

”مئڊم ثميره توهان جي ڪهاڻي ’کجور جو وڻ‘ جو ڪارڻ ڇا آهي؟“

مئڊم ثميره ڌيرج ۽ شان سان مُرڪيو پئي. مئڊم ثميره ڄڻ هوائن جي لهر تي پنهنجي ڪهاڻي ’کجور جو وڻ‘ جو پيراگراف ٻڌايو: ”مان هاسٽل ۾ سڀني کان اڳ سمهي رهندي هئم، پر هڪ رات لکڻ جي اهڙي شوق ورايو، دير دير تائين لکي رهئي هئس. بيڊ لئمپ جي روشني روم ميٽ کي تنگ ٿي ڪيو. اسين ڪئمپس ۾ نيون نيون in ٿيون هيون سين. ڄام شوري جي فضائن جي پراسراريت اندر ۾ لٿل هئي. روز ڪنهن نه ڪنهن مئڊم ۽ پروفيسر کان قسمت سمجهڻ لاءِ هٿ تِري اڳيان رکنديون هيون سين. فيس ريڊنگ ۽ پامسٽريءَ ۾ انڌو ويساهه هوندو هيو.

تلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لمبي کجور،

ڌوپ لگي تو چهائون نهين، ڀوک لگي تو ڦل دور.

هون! تلسي داس کي شايد خبر نه هئي ته کجور مٺي به ٿيندي آهي. ثميره تنهنجي جيوَن ڪهاڻي تلسي داس جي انهيءَ دوهي جي تشريح آهي.“ مئڊم خيرالنساءِ پنهنجو روايتي ڀوڳ ٺهڪائي ڏنو. ”مئڊم ثميره توهان جي لکڻ جو ڪارڻ ؟“ مئڊم کان پڇيم: ”هڪ ڀُل هڪ حماقت، ڀل قدرت جي مون کي ڪهاڻيڪار بنائڻ، ڪنهن واقعي جو مشاهدو، پرک، لاشعور جي اڇل ڪهاڻي ٿي پوندي آهي.“ مئڊم جا لفظ الائجي ڪٿان پڙاڏيا. يا سينٽرل لائبرريءَ جي ڊگهين وڏين درين مان ڌوڪي ايندڙ ڄامشوري جي تيز هوائن ٽيبل تي پيل ’گيت اُڃايل مورن جا‘ جو مهاڳ پڙهي ورتو. ثميره زرين نه رڳو شهر جي پڙهيل لکيل عورتن پر ٻهراڙين جي بيوس عورتن ۽ مردن جي ڪيفيتين ۽ محرومين تي ڳائي وڄائي لکيو. هن نه رڳو عام عورتن لاءِ لکيو، پر ڪراچي شهر مان گم ٿي ويل ڪلبن جي روميو جوليٽ جي محرومين ۽ رُسامن تي پڻ خوب لکيو. اڄ به جڏهن ماروي هاسٽل وٽان مٽيندو آهيان ته هن جي ڪهاڻين جا اُداس وياڪل ڪردار نظر ۾ ايندا آهن، انهيِءَ شام عجيب ۽ حَسين اتفاق ٿيو. کجور جي کجيءَ جهڙي ماروي هاسٽل جي روڊ تي ملي هئس ۽ املتاس جي گلن جهڙي محسوس ٿي. هوءَ هئي ته کجور جو وڻ، پر مند املتاس جي گلن جي هئي ۽ مون کي املتاس جي گل جهڙي محسوس ٿيندي هئي. کيس پري کان ڏسندي سوچيم: ”نه ادي گڏي خيرالنساءِ رهي آ، نه شهيد پروفيسر حزب الله ميمڻ. هاڻ هٿ ريکائون ڪنهن کي ڏيکاريندين ۽ نفسياتي مونجهارن جو بحث ڪنهن سان ونڊيندين؟ هوءَ هوبهو ثميره جي ڪهاڻي ’کجور جو وڻ‘ واري رابعا هئي.“ ويجهو پوندي پڇيومانس: ”شاگرديءَ واري دور ۾ ماروي هاسٽل جي بيڊ نمبر 22 جي دريءَ مان اوڀر ۽ ڏکڻ طرف ڏسندي هئينءَ ته رڳو پٿر، پٻ ۽ ويرانيون هونديون هيون. اڄ ته چوڏِسا ۾ سنڌ ۽ مهراڻ جون هائوسنگ سوسائٽيون عاليشان بنگلن جون روشنيون آهن؟“

وياڪل مُرڪ سان جواب ڏنائين: ”تڏهن ويرانيءَ جو احساس ٿيندو هو، ۽ پوءِ ڪنهن سوجهري، ڪنهن سهائيءَ ۽ ڪنهن بهار جي آسري ۾ ننڊ اچي ويندي هئي ۽ اکين ۾ خواب لهي ايندا هئا، پر ....... “

هن جي پر ۽ اڻپوري جملي ۾ مئڊم ثميره جو اڻپورو خواب هو.

”پر؟“ پڇيومانس.

مختصر مرڪ چپن جي لالي ٿي ويس ۽ چيائين: ”اڄڪلهه رشتن جو ڀرم روڊن رستن تي نه، پر پڙهيل لکيل ماڻهن جي سوسائٽيز ۾ ٽُٽي ٿو.“

”مهراڻ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي ڪنهن بنگلي جي روشنيءَ ۾ تنهنجو قدر بيڊ لئمپ جي ميرانجهڙي روشنيءَ جهڙو به نه هو؟“ مون کي پنهنجي پُڇا ۾ مئڊم ثميره جي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي ڪردار جي درد جهڙو محسوس ٿيو.

”ممي، مما“

روڊ جي هُن طرف پوسٽ گرئجوئيٽ هاسٽل واري روڊ تان 8-9 سالن جي ننڍي عمر واري ڇوڪريءَ کيس سِڪ مان سڏيو. هُن جو ڌيان ٻارڙيءَ ڏانهن هيو.

”تنهنجي آهي؟“

”هُن جي مما چوڻ تي جيئڻ جا جتن پئي ڪريان.“

”اڄ جو ٻار چالاڪ ۽ ذهين آهي. هر ڳالهه صحيح وقت تي چئي ڇڏي ٿو، جڏهن ته پاڻ واري ٽهي جيستائين اظهار ڪري، تيستائين ڄام شوري جي چئن مندن جهڙا چار سال پورا ٿيو وڃن.“

هوائن ثميره زرين جي ڪهاڻي ’روشن ڇانورو‘ جو ڊائلاگ پڙهي ورتو:

”خدا حافظ ڪرڻ وارو منظر برداشت ٿي نه سگهندو آهي، مون کي فقط ڀليڪار چوڻ ايندي آهي.“


ثميره زرين

۱۳ آگسٽ ورسيءَ جو ڏينهن

صاحب خان “سورھ” ميراڻي

مون جيڪي شڪارپور جي ڪلچرڊ هئڻ جون ڳالهيون آغا سليم کان ٻڌيون آهن، انهن ڳالهين کي اڳيان رکي ويهي حساب ڪتاب ڪجي ته ثميره زرين بذات خود شڪارپور هئي يا شڪارپور ثميره آهي. اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ هر ڳالھ ۾ نفاست ۽ سليقو. اجرا ۽ رعبدار ڪپڙا پائي ثميره زرين آرٽس فئڪلٽي ۾ اڇي ڪڪر يا ڪونج وانگر لڳندي هئي. توري تڪي وکون کڻي هلندي هئي. ڳالهرائي وجهينس ته پوءِ ويٺو ٻڌ، مٺو اترادي شڪارپوري لهجو لفظ لفظ ۾ جڙيل خوبصورت جملا. اهو چوڻ آهي عبدالقادر جوڻيجي جو.

سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار خاتون ثميره زرين لاءِ، ثميره زرين شڪارپور جي هڪ معزز اعواڻ گهراڻي جي محمد اعظم اعواڻ جي گهر ۲۲ فيبروري ۱۹۴۴ع تي جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي کيس ادبي ماحول مليو. سندس پڙڏاڏو محمد عارف اعواڻ فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب “ديوان صنعت” جي نالي سان مقبول رهيو آهي. ثميره زرين جو اصل نالو سڪينا اعواڻ هو. جڏهن هن ڪهاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي ته اهي ثميره زرين جي نالي سان موڪلڻ شروع ڪيائين. هوءَ ڏاڍي ذهين هئي، ڏهن سالن جي ڄمار ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “اميد” نئين زندگيءَ جهڙي معياري رسالي ۾ شايع ٿي. سنڌي ادب ۾ سندس نالو اميد جو ڪرڻو ثابت ٿيو ۽ هن ٿوري وقت ۾ پنهنجو نالو وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻائي، ادبي دنيا ۾ مشهوري ماڻي ورتي. ابتدا ۾ ادبي دنيا ۾ ان ڳالھ تي وڏا بحث ٿيا ته ثميره نالي ليکڪا اصل ۾ ڪو مرد آهي، جيڪو فرضي نالي سان لکي ٿو، ڇو ته ثميره پردو ڪندي هئي ان ڪري اهو شڪ هڪ وڏي عرصي تائين قائم رهيو، پر جڏهن ستر جي ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان اخبار جي عورتن جي صفحي “سگهڙين سٿ” ۾ سندس پهريون انٽرويو تصويرن سان شايع ٿيو ۽ هن پنهنجي اصلي نالي ۽ خاندان بابت ٻڌائي پاڻ کي ظاهر ڪيو ۽ وري شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت ۾ ملازمت ڪئي، تڏهن وڃي اهو شڪ دور ٿيو. ثميره بي اي پاس ڪرڻ کان پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳي ته سندس لکڻ جو ذوق اڃا به وڌيو، کيس همٿائڻ ۾ سندس گهر وارن جو وڏو ساٿ رهيو.

ثميره زرين ۶۲-۱۹۶۱ع ڌاري “نئين زندگي” رسالي پاران، گذريل سالن دوران نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿيل افسانن/ ڪهاڻين جو هڪ مجموعو سهيڙڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ اهو سندس ترتيب ڏنل پهريون ڪتاب، سنڌي ڪهاڻين جو انتخاب هو، جيڪو “مهراڻ جون ڇوليون” عنوان سان ۱۹۶۲ع ۾ پاڪستان پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو. هن انتخاب تي ثميره زرين جو لکيل مقدمو”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو” هڪ شاهڪار شمار ٿئي ٿو. ۱۹۶۲ع ۾ “نئين زندگي” رسالي ۾ ثميره جي هڪ ڪهاڻي “دين جي ماءُ” شايع ٿي، جنهن وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. ۱۹۶۸ع ۾ اديون “رسالي ۾ “رمندا بادل” نالي سان سندس ڪهاڻي به ڏاڍي مشهور ٿيس، اهڙيءَ ريت سندس ڪهاڻيون مختلف رسالن ۾ مسلسل ڇپجڻ لڳيون. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “گيت اڃايل مورن جا” جي سري هيٺ جولاءِ ۱۹۷۰ع ۾ ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد پاران شايع ٿيو، جنهن ۾ ثميره زرين جون ۱۱ ڪهاڻيون شامل هيون ۽ هن مجموعي جو مهاڳ آغا سليم لکيو. هن ڪتاب جا ٻه ٽي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب سندس وفات کان پوءِ “آءُ اهائي مارئي” نالي سان فيبروري ۱۹۸۱ع ۾ الطاف اشاعت گهر، حيدرآباد، پاران ڇپيو، جنهن ۾ سندس ۸ ڪهاڻيون شامل آهن. ثميره زرين جي ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب، ناري پبليڪيشن حيدرآباد پاران سندس وفات کان پوءِ، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻين کي سهيڙي، “روشن ڇانورو” جي نالي سان اپريل ۱۹۸۹ع ۾شايع ڪيو ويو. ثميره زرين جي ڪهاڻين جو مکيه موضوع “عورت” ئي رهيو آهي. هن جون ڪهاڻيون پوئتي پيل سماج جي عورتن جي درد جو آواز معلوم ٿين ٿيون. ثميره زرين کي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر جي. ايم. اعواڻ سان تمام گهڻي محبت هئي، هوءَ جڏهن سنڌالاجيءَ ۾ ملازم هئي ته سندس ڀاءُ جي طبيعت ٺيڪ نه رهڻ لڳي. سندس حساس دل کي ڀاءُ جي بيماريءَ جي تمام گهڻي ڳڻتي رهندي هئي، ۽ پوءِ جڏهن سندس ڀاءُ گذاري ويو ته سندس هر قوت جواب ڏئي ڇڏيو. هوءَ اندران ٽٽي پئي ۽ پوءِ گهڻو وقت زنده رهي نه سگهي. ڇنڇر، ۱۳ آگسٽ ۱۹۷۷ع تي ثميره زرين سنڌي ادب کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي.


 

ثميره زرين

بحيثيت ڪهاڻيڪار

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڪهاڻي نثر جي اهم ترين صنف مڃي وڃي ٿي. سنڌي ادب جي خوشقسمتي رهي آهي جو سنڌي ڪهاڻي/ افسانو، درجي بدرجي ترقي ڪندي ڪاميابيءَ سان پنهجو سفر وڌايو آهي. ۱۹۱۴ع ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب جي ڪهاڻيءَ ”شريف بيگم“ (پهرين جديد ڪهاڻي شمار ٿيئي ٿي) کان موجوده وقت تائين هزارين ڪهاڻيون اسان جي ڪهاڻيڪارن جي پورهئي جي ثمر طور اڄ موجود آهن ته ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيل آهن شروع ۾ ڪهاڻيون اخلاقي ۽ اصلاحي هيون پوءِ انهن ۾ گهڻي تبديلي آئي ڊاڪٽر ريحانه نظير لکي ٿي ته،ادب پنهنجي سماجي، معاشي قدرن ۽ روين سانمختلف دؤرن ۾ مختلف فڪرن هيٺ لکجندو رهيو آهي. افسانو ادب جي اها صنف آهي جيڪو جديد فڪر سان سلهاڙجي، ويهين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ ڇپائيءَ هيٺ آيو. سنڌي ادب ۾ پڻ هيءُ ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جيان پنهنجي فني تهذيبي، معاشرتي ۽ سماجي حالتن جي اثر هيٺ لکجڻ ۾ آيو، جنهن ۾ نه صرف سماجي اڻ برابريءَ خلاف لکيو ويو پر انهيءَ ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي پهلوءَ کي ڪهاڻين جو موضوع بنائي عام ماڻهن جي ستل شعور کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. انهيءَ ڪريشروع دور جي اڪثر ڪهاڻين جا موضوع اصلاحي ۽ سماج سڌراڪ ڪهاڻين تي مشتمل نظر اچن ٿا“ ٻين ڪيترن ڪهاڻيڪارن سان گڏ جن عورتن لکڻ لاءِ قدم وڌايو انهن ۾ هندوستان مان پوپٽي هيراننداڻي، سندري اُتم چنداڻي، ڪلاپرڪاش سان گڏ بيگم زينت چنا، رشيده حجاب، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري۽ ٻين جا نالا اهم آهن. ثميره زرين جو تعلق هن ٻئي دور جي ڪهاڻيڪارائن ۾ ٿيئي ٿو. هن دور جي ليکڪن موضوعن طور طبقاتي سماج جي براين تي لکيو. وڏيرن جا هارين تي ٿيل ظلم، عورت ذات جي حقن جي لتوڙ، تعليم کان محرومي، بي جوڙ شاديون، مذهبي بنيادن تي عورتن کي هيٺانهون ثابت ڪرڻ، هندلڏي ويل سنڌين جي سنڌ لاءِ سڪ، سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ظلم، سرمائيدارن، ڪامورن ۽ جاگيردارن پاران ٿيندڙ نا انصافيون جهالت خلاف جدوجهد، پيري مريديءَ خلاف ڪوششون، سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي حثيت کي مڃائڻ ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع سهڻي انداز سان سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ آيا. جن مان لکندڙن جي فني ۽ فڪري سگهه، سوچن جا زوايا، فن جي ڪاريگري هن نازڪ، لطيف همهگير صنف ۾ ظاهر ٿي. اهڙيءَ ريت ڪهاڻين جو هي سفر جاري ۽ ساري آهي. اڄ به سنڌي ڪهاڻي پنهنجي آب وتاب سان لکجي رهي آهي سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ جڏهن لکندڙن جي فن جي ڪٿ ڪجي ٿي تڏهن آئون سمجهان ٿي ته ثميره زرين جو نالو وسارڻ جوڳو نه آهي.

ثميره زرين جو همعصر ليکڪائن ۽ ساهيڙينرعنا رفيق، ليليٰ بانا، تنوير جوڻيجو، خيرالنساءَ جعفري، زڪيه دريشاڻي ۽ رشيده حجاب ۾ هڪ الڳ مقام آهي. هُوءَ مستقل ۽ گهڻو لکندڙ هئي. ثميره زرين جي افسانوي مجموعي ”گيت اڃايل مورن جا“ ۾ يارنهن ڪهاڻيون ”کجور جو وڻ“، ”شمع ٻاريندي شب“، ”پروس ٿيم پراڻ“، ”ٿوهر“، ”مومل جو ڏهاڳ“، ”پلئه پايو ڪچ“، ”رمندا بادل“، ”نم جي ڇانو“، ”سرنهن جي خوشبو“، ”گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”سوريءَ سزاوار“ آهن.

منهنجي نظر ۾ ثميره زرين فقط۽ فقط سنڌي عورتن جي مسئلن تي لکيو آهي وٽس موضوعن جي گهڻائيڏسڻ ۾ نٿي اچي ان جي باوجود به هن سنڌي سماج جي عورت کي درپيش مسئلن متعلق اهميت جوڳو لکيو آهي. گهڻيون ڪهاڻيون شهري طبقي جي ماحول جون آهن، ته ڪي هيٺئين وچولي طبقي جي باري ۾ پڻ لکيون اٿس.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



ثميره زرين

خاتون اول ڪهاڻيڪار!

حسيب ناياب منگي

سنڌي ٻوليءَ ۾ جن عورتن ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي سوچن کي قلم وسيلي ڪاغذ تي آڻي تحريري شڪل جو روپ ڏنو ۽ ڪاميابيءَ سان پنهنجو پاڻ ملهايو تن ۾ ثميره زرين جو نالو صف اول ۾ شامل آهي پر سنڌي ادب جي تاريخن ۾ کيس سنڌي ڪهاڻي ۾ “خاتون اول” جو خطاب مليل آهي. ثميره زرين معياري ڪهاڻين جي ليکڪه ۽ پنهنجي دور جي ناليواري نقاد هئي. هن جنهن دور ۾ سنڌي ادب ۾ پنهنجا قدم مضبوط ڪيا سو دور سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جي حوالي سان سگهارو دور هو. ان دور ۾ هڪ طرف ته موجوده حالتن تي تمام گهڻو لکيو ٿي ويو، ٻئي طرف سنڌ جي عورت، ان جا مسئلا ۽ حالتون يا نوجوان نارين جي نفسيات توڙي عشق جهڙن اهڙا موضوعن تي لکڻ جي ضرورت پئي. سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور سان تعلق رکندڙ هن نينگريءَ ڏهن ورهين جي تمام ننڍي عمر ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معياري ادبي رسالي ماهوار “نئين زندگي” ۾ پهرين لکڻي شايع ڪرائي، جيڪا ادب لطيف جي سِري سان هئي، جنهن جو عنوان “اميد” هو. سندس مضبوط خيال ته ڏسو، لکي ٿي ته “جڏهن کان مان سمجهه جي منزل ۾ قدم رکيو آهي، تڏهن کان پاڻ کي تنهنجي جستجوءَ ۾ ڏٺم، هر هڪ ننڍي، خواهه وڏي مايوسيءَ تي دل بي اختيار توکي پڪاريو، تون ڪٿي آهين؟” اِهو اڃا نه معلوم ٿي سگهيو، ادبي دنيا ۾ تيزيءَ سان وکون کڻڻ لڳي، جهڙيءَ ريت سندس قلم تکو هلندو رهيو. ثميره زرين جي ڪهاڻين ۾ سماجي براين مطلب ڏاڍ، ڏهڪاءَ، جبر، عورت دشمن ريتن ۽ رواجن توڙي ٻين موضوعن غربت، تنگ ماحول، عورتن جي شادي يا نفسياتي رخن تي اهڙي ريت لکي ڏيکاريو جهڙي ريت لکڻ جو حق ٿيندو آهي. ثميره زرين شڪارپور جي علمي ادبي اعواڻ گهراڻي جي روشن خيال محمد اعظم اعواڻ جي گهر ۾ ۲۲ فيبروري ۱۹۴۴ع تي اک کولي. شڪارپور ۾ ئي علم حاصل ڪيائين، والدين جي سڪينه سنڌي ادب ۾ ثميره ٿي اڀري. ننڍي وهيءَ ۾ ئي لکڻ شروع ڪيائين. ادبي ماحول ۾ ننڍپڻ ڪري سندس خيال بلند هئا. نامور اديب ۽ ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ سندس لاءِ لکيو هو ته “هوءَ سنڌي ادب جي اها ڪهاڻيڪار نياڻي هئي، جنهن جي قلم مان اسان جون پنهنجيون، اوهانجيون، سڀني جون ڪهاڻيون نڪتيون، جنهن پنهنجن ڏکن، فڪرن کي ترڪ ڪري ٻين جي ڏکن ۽ فڪرن کي پنهنجو ڪري ڪهاڻيون لکيون. سندس شروع واريون ڪهاڻيون خواب آهن، جيڪي هن اسان سڀني لاءِ ڏٺا ۽ پويون ڪهاڻيون حقيقتون آهن، جن ۾ اها ڪڙاڻ به آهي جي ڪو چکي چيت ڪري ثميره سنڌ جي نياڻين جي علامت هئي ۽ رهندي”. ثميره زرين سنڌي ادب ۾ مشهور ڇا ٿي مٿس مرد هئڻ ۽ عورتاڻي نالي سان لکڻ جا الزام لڳا. پاڻ سڀني جي ڳالهين کي نظرانداز ڪندي رهي. پنهنجي ادبي پورهئي کي سچائيءَ سان سرانجام ڏيندي رهي شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، تڏهن هن ثميره زرين کي ريسرچ فيلو جي حيثيت ۾ نوڪري ڏني هئي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو جي حيثيت سان هوءَ ڪم ڪرڻ لڳي ته اتي به زيادتين ۽ تڪليفن توڙي ڏکن کيس جهوري وڌو. ثميره زرين ماهوار نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ، ماهوار اديون، ماهوار رمندا بادل، ماهوار سهڻي ۽ ٻين رسالن ۾ لاڳيتو لکيو. پاڻ هڪ ڪهاڻين ۽ افسانن جو مجموعو “مهراڻ جون ڇوليون” ترتيب ڏنائين، ساڳئي ڪتاب ۾ سندس تحرير ڪيل مقدمو “آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو” سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان کان سواءِ “(گيت اڃايل مورن جا” (جولاءِ ۱۹۷۰ع)، “آءُ اهائي مارئي” (فيبروري ۱۹۸۱ع) ۽“روشن ڇانورو” (اپريل ۱۹۸۹ع) سندس ڪهاڻين جا مجموعا آهن. ان کان سواءِ سندس اڻلڀ ڪهاڻيون نصير مرزا پنهنجي ڪتاب “خاتون اول ڪهاڻيڪار ثميره زرين” ۾ شامل ڪيون آهن. سنڌي ادب جي هيءَ نامور ڪهاڻيڪار ٽيٽيهن ورهين جي ڄمار ۾۱۳ آگسٽ ۱۹۷۷ع تي هي فاني جهان ڇڏي وئي.

 

(ڏھاڙي پنهنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا