; سنڌي شخصيتون: فقير برڪت علي بلوچ - نور سنڌي

02 May, 2015

فقير برڪت علي بلوچ - نور سنڌي

فقير برڪت علي بلوچ
کاهوڙي انسان
نور سنڌي
2 مئي 2010ع اهو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن تي هڪ کاهوڙي انسان فقير برڪت علي بلوچ جاگيراڻي، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هو نامور قانوندان هو، هڪ مثالي منصف هو، سماج سڌارڪ هو، غريبن جو همدرد، يارن جو يار هو، سياستدان ته نه هو پر سياسي سوچ رکندڙ هو. هو لطيف سائينءَ جو پانڌيئڙو هو. هڪ اهڙو باڪردار انسان جنهن تي اسان کي ناز آهي. اعليٰ عهدن تي رهڻ جي باوجود فقير منش انسان هو. ڪڏهن به پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال نه ڪيو. مختلف منصبن تي رهي اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي تاريخ جو حصو بڻيل آهن. پاڻ 16 نومبر 1935ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي قمبر جي ڳوٺ جيئڻ ابڙا ۾ قاضي غلام رسول جاگيراڻي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده مشهور عالم دين مولوي غلام عمر جتوئي جي خاندان مان هئي.


پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سندس والد کيس هالا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڏيو. مڊل اڏيرو لال مان، مئٽرڪ هالا مان ۽ ايل ايل بي لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائون. شروع ۾ استاد جي حيثيت سان اباڻي ڳوٺ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، ان بعد رتوديرو ۾ ڪورٽ ۾ به ڪم ڪيائون. 62ع ڌاري پراسيڪيوشن انسپيڪٽر ٿيو، بعد ۾ اتان استعيفيٰ ڏئي جيڪب آباد مان وڪالت شروع ڪئي. مختصر عرصي ۾ بهترين وڪيل طور اڀريو. وڪالت جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو، هو غريب مسڪين، بي پهچ ماڻهن جا مفت ۾ ڪيس وڙهندو هو، نه صرف ايترو پر غريبن جي مسئلن، انهن جي ڪم ڪارين لاءِ انهن سان گڏ مختلف آفيسن ۾ وڃي سندن مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. سندس ننڍپڻ کان جواني تائين انتهائي غربت وارا ڏينهن گذاريا، ان ڪري کيس غريبن جو احساس هوندو هو.
93ع ۾ ٻاهرين ملڪن جي دوري دوران مصر جي الازهر يونيورسٽي ۾ اسلامي فلسفي تي عقلي دليل سان ڀرپور ليڪچر ڏنو. ان جي عيوض يونيورسٽي پاران کيس سند ڏني وئي. ميمبر آف سروس ٽربيونل جج هئڻ جي حيثيت سان ڪئين تاريخي فيصلا ڏنا، انهن ۾ حڪومتي دٻاءُ قبول نه ڪندي هڪ اهڙو تاريخي فيصلو ڏنو، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ صدين تائين ياد رکيو ويندو. پاڻ ميان محمد نواز شريف جي دور ۾ ڪيترن ئي وفاقي کاتن جي سوين برطرف ڪيل ملازمن کي بحال ڪيو. فيصلي جي ججمنٽ اهڙي انداز ۾ لکي جو حڪمران ڪيترن ئي ڪوششن جي باوجود فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج نه ڪري سگهيا. هُن سدائين انسانيت ۽ انصاف جو مانُ مٿانهون رکيو، سدائين سادا، فقير منش، صوفي، ذهين ايترا جو سندس فيصلا ٻڌي/ ڏسي پاڻ کي وڏا داناءُ سڏائيندڙن جا عقل به دنگ رهجي ويندا هئا. جتي به رهيا، مختصر ۽ ضروري سامان کانسواءِ شاهه لطيف جو رسالو، هيرالڊ مئگزين جا تازا شمارا، تاريخي فلسفي ۽ اسلامي ڪتاب گڏ رکندا هئا.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس ويجها واسطا رهيا. المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۾ ۽ 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ ساڻن ڪچهريون ڪندو هو. چون ٿا ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو ذهين ماڻهو ڏکين مرحلن ۾ ساڻس مشورو ڪندو هو. کيس ڪلاسيڪل، صوفياڻو راڳ ۽ شاهه لطيف جو راڳ تمام گهڻو پسند هو. هو نه رُڳو سنڌ پر پنجاب، بلوچستان ۽ دنيا جي ڪيترن ئي صوفي فنڪارن جا مختلف زبانن ۾ چيل ڪلام شوق ذوق سان ٻڌندو هو. صوفياڻو ڪلام ۽ شاهه لطيف ڀٽائي جو راڳ ٻڌندي مٿس وجد طاري ٿي ويندو هو.
اعزازي حيثيت ۾ به ڪيترن ئي ادارن ۾ مختلف عهدن تي رهيا. انهن عهدن تي رهي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هڪ وڏو مقام ماڻيو. هن سدائين انسانيت ۽ انصاف جو مانُ مٿانهون رکيو. انتهائي دلير، کرو ۽ سچو انسان هو، ڪڏهن به ڪنهن جي رعب، داٻي يا سفارش سان نه گهٻرايو. سچو ۽ آدرشي انسان هو. لبرل هو،دلبر ۽ آدرشي ماڻهن جو مداح هو. پاڻ ان دور ۾ پنهنجي خاندان جي نياڻين کي تعليم ڏياري جنهن دور ۾ نياڻين جي تعليم کي سٺو نه سمجهيو ويندو هو. وڪالت ڪرڻ واري زماني ۾ رٽائرڊ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چوڌري افتخار احمد،سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه سان گڏ وڪالت ڪئي. چوڌري افتخار سندس عزت استاد وانگر ڪندو هو. انگريزي ۾ حد درجي جو هوشيار هو، پاڻ کي انگريزي جا ڪنگ سڏائيندڙ سندس ڊرافٽنگ ۽ انگريزي لهجي کان متاثر هوندا هئا. سدائين ڏيکاءَ واري زندگي کان پري رهيو. هڪ پسمانده علائقي مان نڪري انتهائي ڏکين مرحلن ۾ رهي اعليٰ تعليم حاصل ڪري اعليٰ عهدن تي پهتو.
2 مئي 2010ع تي ڪراچي ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس شخصيت جو اندازو سندس وفات کانپوءِ جسم خاڪي کڄڻ کان جنازي نماز ۽ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ٿيڻ تائين واري منظر ۽ ماڻهن جي تعداد مان لڳائي سگهجي ٿو. گلاب جي گلن ۽ بهار جهڙي خوشبوءِ واري شخصيت برڪت علي جاگيراڻي جي اڄ پنجين ورسي ملهائي پئي وڃي.

خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته سندس اولاد هُن جي نقشِ قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سندس آخري آرام گاهه ڀاڻوٺ ويجهو پير بلاولي جي قبرستان ۾ آهي، جتي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ ابدي ننڊ ستل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا