هري موٽواڻي
محبت، ادب ۽ آخري پنا
رئوف نظاماڻي
آخري پنا هري موٽواڻي
جي آتم ڪٿا آهي. هري جو تعلق جيتوڻيڪ لاڙڪاڻي سان آهي پر هو انهن سنڌي ليکڪن مان
ناهي جن کي ورهاڱي جي ڪري سنڌ مان لڏڻو پيو هو. پر سندس خاندان جيڪو لاڙڪاڻي ۾
رهيل هو اهو لڏي ڀارت ويو هو. هو اڳ ئي پنهنجي نانا سان هردوار ۾ ڪپڙي جي دوڪان تي
ڪم ڪندو هو. هي هڪ اهڙو ليکڪ آهي جنهن رسمي تعليم باقاعدگي سان حاصل نه ڪئي هئي.
پر هڪ ڊگھي عرصي تائين هو ڪونج رسالي سان لاڳاپيل رهيو، ناول لکيا، شاعري ڪئي، ڪونج
پبليڪيشن پاران ڪتاب ڇپرايائين ۽ جهولي لال فلم ٺاهيائين.
ليکڪ پنهنجي عشق،
لکڻين، دوستن جي بيوفائين ۽ رولاڪين متعلق ڳالهايو آهي. هردوار ۾ سندس لا هڪ ته گنگا
هئي ۽ ٻيو سندس پيار مڌو هئي. هردوار جي گنگا ۽ اتي ٿيندڙ ڪنب جي ميلي جي حوالي
سان هڪ پوتر حيثيت آهي. اتان جي واپار جو دارومدار اتي ايندڙ ياترين تي آهي. ٻاراڻي
وهي ۾ سندس واقفيت هڪ پاڻ جيڏي ڇوڪري سان ٿي جنهن جو هن پنهنجي هن ڪتاب ۾ اصلي
نالي بجائي مڌو جي نالي سان ذڪر ڪيو آهي.
هري جا مائٽ سندس
شادي ننڍي هوندي ئي پنهنجي پسند سان ڪرائين ٿا ۽ هو اهو نه چاهيندي به ان جي
مزاحمت نه ٿو ڪري سگھي. پر سندس محبت مڌو سان ئي رهي ٿي ۽ هو آخر تائين پنهنجي زال
سان محبت نه ٿو ڪري.ِ ان جو هو کليل نموني اظهار به ڪري ٿو. نه رڳو اهو ته سندس
زال کي ساڻس اها شڪايت رهي پر هو ان جو ڪو تدارڪ به نه ٿو ڪري. زال جي زندگي جي
آخري ڏينهن هو سندس اصرار تي گھر کان ٻاهر نه ٿو وڃي ۽ ان ڏينهن ئي هو دل جي دوري
۾ گذاري وڃي ٿي. اتم جهڙا سندس مخالف ان ڳالهه کي هلائيندا رهيا ته هري پنهنجي زال
سان محبت نه ٿو ڪري.
ورهاڱي کانپو سندس خاندان
بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي. هو هڪ ڀيري پنهنجي ناني سان ڪاوڙجي هردوار مان هليو وڃي
ٿو. ناني جي ليکي ته هو پنهنجي ما پي وٽ بمبئي ويو هوندو پر هو لکنو هليو وڃي ٿو.
وٽس جيڪا ٿوري گھڻي رقم هجي ٿي اها ڪجھه ڏينهن ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. اتي سندس ملاقات هڪ
مسلمان يوسف سان ٿئي ٿي جنهن جو خاندان ته پاڪستان لڏي ويو هو پر هو پنهنجي وطن کي
ڇڏڻ لا
تيار نه هو. ان کي ڏسي کيس اهو خيال ٿئي ٿو ته آخر هن ڇو سنڌ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. هو
اتي گھڻا ڏينهن گذاري ٿو. ڪڏهين ڪنهن سستي هوٽل ۾ ته ڪڏهين ڌرمشالا ۾ رهي ٿو. ڌاريون
ماڻهو هئڻ ڪري اتي ڪير کيس نوڪري ڏيڻ لا تيار نه ٿو ڏئي.
نيٺ کيس هڪ بس اڏي تي ڪم ملي ٿو. جيتوڻيڪ اتي هو پنهنجو نالو بدلائي رهي رهيو هو
پر سندس پي جو واقف هڪ پوليس وارو کيس سڃاڻي وٺي ٿو جيڪو سندس پي کي ٻڌائي ٿو جيڪو
اچي کيس بمبئي وٺي وڃي ٿو.
هو ان وقت جي الهاس
نگر، جتي سنڌ مان گھڻا شرنارٿي رهيل هئا، جي صورتحال ٻڌائي ٿو. گندگي جا ڍير، ڪوئا،
پاڻي لا
ماڻهن جون قطارون ۽ بمبئي وڃڻ لا صبوح جو سويل اٿي ريلوي اسٽيشن تائين ڊگھو
پنڌ ڪرڻ وغيره. بمبئي ۾ هن پڪوڙن ۽ مٺائي وغيره وڪڻڻ جو ڪم به ڪيو.
ڪتابن پڙهڻ جو شوق
کيس هردوار ۾ هئڻ وقت کان هو. فارغ وقت ۾ هو ڪو نه ڪو ڪتاب پيو پڙهندو هو. سندس
نانو ان جو سخت مخالف هو. سندس چوڻ هو ته ڌنڌي جي جا تي ڪتاب پڙهڻ
سان اتان برڪت هلي ويندي آهي. پر ان جي باوجود هو پنهنجي ڪرت سان لڳل رهيو.
هند جي سنڌي ليکڪن
۾ نظرياتي حوالي سان ٻه واضح گروهه هئا جيڪي هڪ ٻئي تي ڇتي تنقيد ڪندا هئا. هڪ
پاسي اتم، گوبند مالهي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جي ٽه مورتي هئي جيڪي ترقي پسند ليکيا ويندا
هئا جڏهين ته ٻئي پاسي موهن ڪلپنا ۽ سندس دوست هئا. هري جو واضح طور انهن مان ڪنهن
سان به تعلق نه هو پر هو ذاتي حوالي سان ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم کان پرتي هو. اهڙي
ريت جڏهين هن ڪونج رسالي ڪڍڻ جو سوچيو ته ان وقت هو پاڻ اڃا ادب جي دنيا ۾ داخل نه
ٿيو هو ۽ کيس ان جي سنڀالڻ لا ڪنهن ليکڪ جي ضرورت
هئي. هن گھڻي صلاح مشوري کانپو ان جي لا موهن ڪلپنا
جي چونڊ ڪئي. پر موهن ان کي پنهنجي نظرياتي جنگ جي مورچي طور استعمال ڪيو ۽ رسالي
۾ ترقي پسندن ۽ خاص طور اتم ۽ ان جي دوستن تي سخت تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. اها ڳالهه
هري جي مزاج وٽان نه هئي ۽ ان کي نه آئڙي. هن ان تي اعتراض ڪيو پر موهن پنهنجا
جواز پيش ڪيا ته ترقي پسند به مٿن تنقيد ڪن ٿا ۽ کيس انهن کي جواب ڏيڻ جو حق آهي.
انهن هن کان رسالو خريد ڪرڻ تي چاهيو پر اهو معاملو ٺهي نه سگھيو. موهن کانئس هڪ
پرچي شائع ڪرڻ جي اجازت گھري ۽ پو اهو هري جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان دوران هري پاڻ
لکڻ شروع ڪيو. ڪونج رسالي کانسوا هن ڪونج پبليڪيشن تحت مختلف ليکڪن جا ڪتاب پڻ
شائع ڪيا. سندس ڪجھه دوستن پاران کيس فلم ٺاهڻ ۾ حصيدار ٿيڻ لا چيو ويو پر
انهن بجائي پنهنجو حصو ڏيڻ جي گھڻي رقم مختلف بهانن سان کانئس ئي ورتي. فلم به هلي
نه سگھي ۽ هو قرضن ۾ وٺجي ويو جنهن کي هو اٽڪل ڏهن سالن تائين ڀوڳيندو رهيو.
هري ٽي ڀيرا سنڌ
آيو. هو پنهنجن سنڌي دوستن سان مختلف جاين تي گھمڻ ويو. آخري ڀيرو جڏهين هو آيو ته
مّخدوم جميل الزمان جو مهمان هو ۽ هالا ۾ سندس مهمان خاني ۾ رهيل هو. هو هتي
پنهنجي ويزا وڌرائي اٽڪل ٽي مهينا رهيو پر اهو تجربو سندس لا ڏاڍو تلخ رهيو. ٿيو ائين ته اتم آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي
پروگرام ۾ هري جي ڪنهن ڪتاب تي ڳالهائيندي اهو چيو ته هو سخت ائنٽي پاڪستان آهي ۽
پو
پنهنجن دوستن کي اهو چوندو رهيو ته هي روز روز سنڌ ٿو وڃي ۽ هاڻي ڏسان ته هو وري ڪيئن
ٿو پاڪستان وڃي. سي آئي ڊي پاران خاص طور ڀارت جي ريڊيو جي نشريات کي ريڪارڊ ڪيو
ويندو هو ۽ اهڙي ريت اها ڳالهه به ريڪارڊ تي اچي ويئي. سي آئي ڊي پاران هري جي لاڳيتو
نگراني ٿيڻ لڳي. سندس ويزا جي توسيع جو معاملو به رولي ۾ پئجي ويو. نيٺ مخدومن جي
مداخلت کانپو
هو سي آئي ڊي آفيسر آڏو پيش ٿيو جنهن کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ اهڙي ريت هو گرفتاري
کان به بچي ويو ۽ سندس ويزا ۾ توسيع ٿي ويئي.
هو پنهنجي محبت ۾
جنسي تعلق جو قائل نه ٿو هجي پر هو پنهنجي پهرين ننڍپڻ جي محبت مڌو کي وساري نه ٿو
سگھي. هو آخري ڀيرو ساڻس ملڻ چاهي ٿو. گھڻي ڪوشش کانپو هو دهلي ۾
سندس گھر ڳولهي ٿو جتي هو پنهنجي بيمار مڙس سان رهي ٿي. هو ساڻس ملاقات ته ڪري ٿي
پر ڪجھه ڳالهائي نه ٿي. هو پاڻ ڪجھه لفظ ڳالهائي اتان اٿي اچي ٿو. پر سندس واپس ٿيڻ
وقت مڌو جو ڪيل ڀڻڪو ڄڻ سندس سڄي زندگي جو سرمايو هجي ٿو. هو سندس خاموشي ۽ آخر ۾ ڪيل
ڀڻڪي کي ئي پنهنجي لا سڀڪجھه سمجھي ٿو ۽ پنهنجي محبت سان ملڻ تي
اطمينان محسوس ڪري ٿو. اهو ڀڻڪو ئي ڄڻ سندس آتم ڪٿا جو آخري پنو هجي ٿو.
هي آتم ڪٿا هڪ اهڙي
شخص جي آهي جيڪو زندگي جي گھڻن ڏکين مرحلن مان گذريو آهي. ساڳي وقت اها هند جي سنڌي
ادب جي منظرنامي ۽ اتان جي اديبن ۾ ذاتي ڇڪتاڻ ۽ هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ متعلق پڻ ڪجھه
معلومات ڏئي ٿي. اها ڳالهه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته ان آتم ڪٿا ۾ هندي ۽ سنسڪرت جي
لفظن جو استعمال گھٽ ڪيو ويو آهي جيئن هند جا ٻيا گھڻا سنڌي ليکڪ ڪندا آهن جنهن جي
ڪري پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ گھڻي ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
(ڏھاڙي سنڌ
ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
هري موٽواڻي سنڌي
شوڪت حسين شورو
هري موٽواڻي ڪو وڏو
واپاري يا شاهوڪار نه هو، پر هن هڪ ڌاريءَ ڌرتيءَ تي سنڌي زبان ۽ ادب کي جهڙي ريت
شاهوڪار بنايو، سو تمام وڏو ڪارنامو آهي. جڏهن هري موٽواڻي جو نالو وٺجي ٿو ته ذهن
۾ هڪدم ”ڪونج“ جو لفظ خودبخود اچي وڃي ٿو. هري موٽواڻي ۽ ڪونج هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا
هئا. ”ڪونج“ هند توڙي سنڌ جو واحد غير سرڪاري رسالو آهي، جيڪو ۱۹۶۰ع کان وٺي هڪ ئي
شخص پنهنجي مٿي ڪٿي باقائدي شايع ڪندو رهيو آهي. هري موٽواڻي ۲۰ نومبر ۱۹۲۹ع ۾ لاڙڪاڻي
جي نوان تڪ محلي ۾ ڄائو، سندس پيءُ نارائڻ سنگهه جو دلي لڳاءُ گرو نانڪ سان هو، ان
ڪري هو پاڻ خالصه پنٿ سک ٿي ويو هو. هن چاهيو ٿي ته سندس پٽ هري به سک ٿئي، پر گهر
وارن ۽ مائٽن جي مخالفت سبب هن جي اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. هري اڃا چوٿين درجي
سنڌي ۾ هو ته هردوار ۾ رهندڙ سندس ناني کيس پاڻ وٽ سڏائي ورتو. سندس ناني جو
هردوار ۾ ڪپڙي جو دڪان هو. هري ناني سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ۱۴ سالن جي ڄمار ۾ هڪ
هوشيار سئلز مئن بڻجي ويو. لاڙڪاڻي ۾ هريءَ جي پيءُ ۽ چاچن جو ڪاروبار اناج، ڪرياني،
کير، ڏڌ ۽ مئدي جي سيئن جو هو. هري اڃا ۱۵ سالن جو هو ته سندس مڱڻو قمبر جي ڇوڪريءَ
ڪوشيليا سان ڪرايو ويو. جيڪا پڻ سندس هم عمر هئي. جلدي ٻنهي جي شادي به ڪرائي وئي.
هري پنهنجي زال، ماءُ ۽ ڀيڻ سان گڏجي هردوار ۾ ناني وٽ موٽي ويو. پويان ملڪ جو
ورهاڱو ٿيو ته سندس پيءُ به لڏي هردوار هليو ويو. هن هردوار ۾ مٺائي جو دڪان
کوليو، پر سندس ڌنڌو نه هلي سگهيو ته گهر ڀاتين کي پاڻ سان گڏ وٺي ڪلياڻ ڪئمپ ۾ وڃي
رهڻ لڳو. هري ناني سان گڏ ئي هو، پر ڪنهن سبب جي ڪري ساڻس ڪاوڙجي لکنو ڀڄي ويو.
سندس پيءُ کيس اتي اچي ڳولي هٿ ڪيو ۽ پاڻ سان گڏ ڪلياڻ ڪئمپ وٺي ويو. هريءَ اتي
پهرين بسڪوٽن وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪيو. هڪ دٻي جيترا بسڪوٽ وڪڻي اچڻ تي کيس خالي دٻي
جا ساڍا چار رپيا ملندا هئا. هن پهرئين ڏينهن ٻن دٻن جا بسڪوٽ وڪيا، جن مان هن نوَ
رپيا ڪمايا، پر ماڻهن اوڌر پئي رکي ۽ اوڌر جا پئسا ٻڏي ٿي ويا. هريءَ اهو ڪم ڇڏي
هوٽل وارن کي جليبين وڪڻڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو. وري اتي به اوڌر وارو مسئلو پيدا ٿي
پيو. سندس پيءُ کي ممبئي جي فورٽ ايريا ۾ هڪ دڪان ملي ويو، جنهن ۾ هن مٺائي ۽ پڪوڙن
جو ڌنڌو شروع ڪيو. ڪراچي سوئيٽ مارٽ جي نالي سان اهو دڪان ڪاميابي سان هلڻ لڳو.
هريءَ جو پيءُ تمام سٺو ڪاريگر هو، سندس هٿ ۾ چس هو، مٺاين جا ڪيئي قسم ٺاهيندو
هو، پڪوڙا به تمام سٺا ۽ سوادي ٺاهيندو هو، خاص طور سنڌي سنها پڪوڙا. انهن پڪوڙن ۽
ڦودني جي چٽڻي سبب ٻنپهرن جي لنچ وقت ڪيترائي سنڌي هنن وٽ اچي ڊبل روٽي ۽ پڪوڙا چٽڻي
کائي پيٽ ڀريندا هئا. ان دور ۾ رات جو ڪلياڻ ڪئمپ وڃڻ ۽ صبح جو سويل ممبئي پهچي دڪان
کولڻ ممڪن ڪو نه هو. ان ڪري هري هفتي ۾ هڪ دفعو ڪلياڻ ڪئمپ ۾ پنهنجي گهر ويندو هو،
باقي سڄو هفتو هو ممبئي جي فوٽ پاٿ تي سمهي گذاريندو هو. ۱۹۶۰ع ۾ سندس پيءُ کي
ممبئي ۾ گهر ملي ويو ته پوءِ اتي رهڻ لڳا.
هري جڏهن اڃا لاڙڪاڻي
۾ چوٿون درجو سنڌي پڙهندو هو، تڏهن کان هن کي قصن ڪهاڻين جي ڪتابن پڙهڻ جو چشڪو لڳي
ويو هو. سندس اهو شوق انڊيا وڃڻ کانپوءِ نه رڳو قائم رهيو، پر پاڻ وڌي ويو. ڪتابن
۽ رسالن پڙهڻ جي ڪري ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهندڙ ڪجهه ليکڪن سان هن جي ڄاڻ سڃاڻ ٿي، تڏهن
ممبئي ۾ سنڌي ساهت منڊل جي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن سنڌيءَ جو مشهور شاعر سڳن
آهوجا ان ڪچهري ۾ هريءَ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. اتي هن جي ملاقات پروفيسر منگهارام
ملڪاڻي، اُتم، سندري ۽ ارجن شاد سان ٿي. ممبئي کانپوءِ هري ڪلياڻ ڪئمپ واري
هفتيوار ادبي گڏجاڻي ۾ به وڃڻ شروع ڪيو، جنهن جو صدر پرسرام ضياءُ هو. هري موهن ڪلپنا،
لعل پشپ ۽ ٻين ليکڪن سان مليو، اڳتي هلي هن کي ادبي مخزن ڪڍڻ جو خيال آيو. ”ڪونج“
جو پهريون پرچو ڊسمبر ۱۹۶۰ع ۾ ظاهر ٿيو. هريءَ مخزن جو ايڊيٽر موهن ڪلپنا کي
بنايو، جنهن جا ٻانهن ٻيلي گنو سامتاڻي ۽ ارجن چاولا هئا. ڪجهه عرصي کانپوءِ هري
پنهنجي رسالي جو پاڻ ايڊيٽر ٿيو. ڪونج کي پختن پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ هن کي وڏا
جتن ڪرڻا پيا، شروع ۾ ڪيترن مٿس ٺٺوليون ڪيون ته هيءُ پڪوڙائي ڇا ڄاڻي ادب مان، ڪونج
اجها ٿي دم ٽوڙي. هن تي ٺٺوليون ۽ چٿرون ٿينديون رهيون، پر هريءَ جي لاءِ ڪيترا به
گٿا ۽ اگرا لفظ گل هئا. وقت پوندي اهي حرف هيڻا پوندا ويا. ”ڪونج“ اڏامڻ جي سگهه
حاصل ڪري اڏاڻي ته بس اڏامندي رهي ۽ آڪاس جي حد ڇُهڻ تائين. ڪونج خاص طور نئين پيڙهي
جي ليکڪن کي همٿايو ۽ ادب ۾ آيل نوَن لاڙن کي متعارف ڪرايو، ڪونج ۾ زنده اديبن تي
پهريون ڀيرو شخصيات نمبر شايع ڪيا ويا، جن جو تعداد اٽڪل ويهه کن ٿيندو.
هري موٽواڻي صبح جو
سويل مٺائي جي دڪان تي وڃي ويهندو هو، ڏهين وڳي کانپوءِ هو سڄو ڏينهن ڪونج جي بلي
هوندو هو. مواد جي چونڊ، پنو، اشتهار، پروف، ڇپائي، ٽپال، اهي سڀ ڪم هو اڪيلو ڪندو
رهيو. ڪونج نه رڳو هند، پر سنڌ ۾ پڻ هڪ معياري ادبي رسالي جي حيثيت مڃائي ورتي ۽ ان
هند ۽ سنڌ جي ادب جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪم ڏنو. هريءَ ڪونج رسالي کانسواءِ ڪونج پبليڪيشن
طرفان هڪ سئو ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. ان سان گڏ ڪونج ٿئٽر ۽ ڪونج فلمس پڻ وجود ۾
آيا. ڪونج ٿئٽر طرفان ٽيڪنيڪلر ناٽڪ ”ننڊ نه ڪر نادان“ پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ
هريءَ کي سنڌي فلم ٺاهڻ جو شوق ٿيو، هن گوورڌن محبوباڻي ۽ راجن چاولا جي صلاح سان
”هو جمالو“ فلم ٺاهي. هن جا ٻه لک رپيا خرچ ٿي ويا ۽ کيس فقط ستر هزار رپيا وصول ٿيا،
هري صفا پٽ پئجي ويو. پيءُ ۽ گهر وارا الڳ ڪاوڙجي ويا. هن سالن تائين وڌيڪ مشڪل
سان قرض لاهي پاڻ کي ۽ گهر وارن کي آجو ڪرايو.
سنڌي ادب ۾ پبلشر ۽
ايڊيٽر جي حيثيت سان داخل ٿيڻ کان گهڻا سال پوءِ هري موٽواڻي کي اوچتو لکڻ جو خيال
آيو. هن ڪجهه ڪهاڻيون لکيون ۽ ان بعد هن جو قلم ڪڏهن ڪو نه رڪيو. هن جي ڪهاڻين جا
پنج مجموعا، ٻه سفرناما ”جڙيل جن سان جند“ ۽ ”ماٽيءَ منجهه مهي“، سندس آتم ڪٿا ”آخري
پنا“، پنج ناول ”ابو“، ”اجهو“، ”پاڻيارا پکي“، ”ٻاهر نڪرڻ جو رستو“ ۽ ”ڪوِڙو سچ“،
هڪ ناولٽ ”ڀنگار“ شايع ٿيا. کيس سندس ناول ”اجهو“ تي ساهتيه اڪادمي طرفان انعام ڏنو
ويو. ان کانسواءِ کيس بهترين ناول لکڻ تي هڪ انعام مدر ٽريسا جي هٿان پڻ مليو.
هري موٽواڻي کي سنڌ
جي ڇڪ ۽ سڪ هميشه رهي. اهو ئي سبب هو جو سنڌ مان جيڪو به سنڌي ممبئي گهمڻ ويندو هو
ته هري هن کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو هو. هو سنڌ مان آيل مهمانن خاطر پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي
ڇڏي هنن جي خدمت ۽ گهمائڻ ڦيرائڻ ۾ لڳي ويندو هو. هري ان ڳالهه کي پنهنجو فرض ڪري
سمجهندو هو. هري موٽواڻي چاليهن سالن جي جلاوطنيءَ کانپوءِ ۱۹۸۶ع ۾پهريون ڀيرو سنڌ
۾ آيو ته هتي به دل جان سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. هو ڄڻ سنڌ وارن جو گهر ڀاتي
بنجي ويو ۽ سنڌ هن جو ٻيو گهر ٿي ويو. ان کانپوءِ هو پنج ڇهه ڀيرا سنڌ ۾ آيو. جڏهن
پهريون ڀيرو سنڌ مان ٿي ويو ته هن پنهنجي نالي سان گڏ ”سنڌي“ لکڻ شروع ڪيو، ماڻهن
چيس ته سنڌي هاڻي ٿيو آهين ڇا؟ ته وراڻيائين ”مسلمان حج ڪري اچڻ کانپوءِ پاڻ کي
حاجي سڏائيندا آهن، مان سنڌ جو درشن ڪري آيو آهيان ته هاڻي پاڻ کي سنڌي ٿو سڏايان.“
”ڪونج“ هريءَ
جو جياپو هو. پڇاڙيءَ واري عمر ۾ بيمارين سبب هلڻ کان عاجز هوندي به هو ڪونج خاطر
رڙهندو رهيو. هن جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خواهش اها هئي ته هو ڪونج جو گولڊن
جوبلي نمبر ڪڍڻ تائين زنده رهي. بيمار، نٻل، هلڻ کان لاچار هوندي به ان خوشيءَ جي
آسري ۾ رڙهندو، ٿڙندو، ڦاٻڙندو هلندو رهيو ته ڪونج جي پنجاهه سالن واري منزل ماڻيندو،
پر ان کان ٽي سال اڳ ۷ مئي ۲۰۰۶ع تي هو هڪ اڻ کٽ سفر تي روانو ٿي ويو. سندس اها
خواهش نند ڇڳاڻي گولڊن جوبلي نمبر ۲۰۰۹ع ڇپائي پوري ڪئي. هريءَ کي پيار ڪندڙ ۽ ڪونج
جي چيف پئٽرن دادا مورجمل منگهناڻي ڪونج جي گولڊن جوبلي پرچي ۾ کيس شرڌانجلي ڏيندي
لکيو ته ”پٺيان نهاريون ته پنجاهه سالن جي ادب ۾ اڪيلي ڪونج ڇا نه ڪيو آهي؟ هريءَ
جي ادبي خدمتن جي هڪ وڏي دريائي ۽ سُڪ پُل (Bye-Pass) ممبئي کان ڪراچي
پئي وڃي، نه سيمنٽ، نه ڪانڪريٽ، نه لوهه، نه ٿنڀو نه ٿوڻي، پر غبئي طور جذبات جي
مضبوط ڏور، سچائيءَ سان اُڻيل پُل، اهو هڪ شخص جو ڪرشمو چئي سگهون ٿا...“
No comments:
راءِ ڏيندا