; سنڌي شخصيتون: صادق فقير راڳي

24 May, 2015

صادق فقير راڳي

صادق فقير
صحرا ۾ خاموش ٿي ويل سنڌ جو آواز
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هي ڏاڍ جا فيصلا آهن... ...  پوءِ ڇا ڪجي... ..؟ تاج جويي جا اهي لفظ جيڪي هن سُرن جي رائي صادق فقير جي تڏي تي ويٺي فون تي چيا. انسان ڄمي ٿو ۽ مري وڃي ٿو. هڪ حياتي هڪ ئي حياتي گذاري وڃي ٿو ته ڪي اهڙا به فرد ٿين ٿا جيڪي هڪ حياتي ۾ ڪيتريون ئي حياتيون گذارن ٿا. پل ۾ ڀرن ٿا، پل ۾ جيئن ٿا! انهن جي حياتي، بس رڳو زندھ رهڻ جو سبب نه ٿي رهي، بلڪ هو هر ان ماڻهو لاءِ جيئن ٿا جنهن کي هڪ حياتي گذارڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سهاري جي ضرورت پئي ٿي. پنهنجي پاڻ کي ڏيئي جيان ساڙي ٻين لاءِ روشني پئدا ڪرڻ سچ پچ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي، پر جيڪي شخص ان منزل کي ماڻي وٺندا آهن. اهي ماڻهن جي دلين ۾ زندھ آهن. انهن جي مُرڪن، ٽهڪن توڙي لڙڪن ۾ هر وقت نظر ايندا آهن. درحقيقت صوفي جو مقولو: “وحدت ۾ ڪثرت ۽ ڪثرت ۾ وحدت موجود آهي.” هن سماجي نظام ۾ پسي سگھجي ٿو. هڪ وجود آهي. جيڪو جتي به آهي پر هر هنڌ آهي ۽ هو پنهنجي ٻاهر هوندي به پنهنجي اندر آهي.!! پر هن ڳالھ کي ڪئين سمجهي سگھجي؟  جواب ۾ ڪنهن ڊگھي منجهائيندڙ بحث جي بجاءِ پنهنجي چؤگرد ئي نظر ڦيرايون ته اسان کي اهڙا ٿورائي ماڻهو ئي نظر ايندا جيڪي هر محفل ۾، هر جاءِ تي يقيني سمجهيا ويندا آهن. رڳو جڏهن اهڙن ڪن ٿورن مان ڪو هي رنگ واس جو جهان ڇڏيندو آهي ته هر طرف بس سُڏڪا ئي سُڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. جيئن اسان جي پياري صادق فقير جو اوچتو هانءُ ڏاريندڙ وڇوڙو !!


ان ڏهاڙي وفا مولابخش قمبراڻي جي SMS اندر کي ڌوڏي ڇڏيو. پڪ خاطر فون ڪيم ته روئڻهاري آواز ۾ چيائين ها! مڃون يا نه پر ائين ئي آهي! اندر ۾ ڏک جي ڪيفيت کي وڌندي محسوس ڪيم ته تاج جويي جو هُن پار کان آواز “مخمور ظلم ٿي ويو يار! صادق ائين ئي اوچتو ماٺ ماٺ ڪئين ٿو وڃي سگھي.!” ڪنهن کي ڇا چوان- هي بهار جي مند ته مون لاءِ هاڻ خزان جو نوحو بڻنجدي پئي وڃي! جڏهن هي رُت وڻن کي چهچ ساون پنن جو نئون لباس اوڍائي رهي آهي ان ئي مند ۾ منهنجي وجود جي شاخ ئي ڪپجي وئي- سو اندر ۾ هر لمحي خزان جي مند کي محسوس ڪرڻ ۽ وري ٻئي لمحي ان کي وسارڻ جي جتن ڪرڻ تائين جي هڪ ڊگھي مسافت ڪندڙ مسافر کي مٿان وري سينئر شاعر ۽ هر لمحي ۾ جيئندڙ قاضي مقصود “گل” جو وڇوڙو ته وري صادق فقير  جهڙي سنڌ جي مٿي جي خمير مان رچيل بسيل آواز جو سدا لاءِ خاموش ٿي وڃڻ سچ ته هن مند ۾ منهنجي لاءِ ته ڏاڍو ڏکائيندڙ  لمحو آهي. هندستان جي شاعر گلزار خبر ناهي ته هي سٽون ڪهڙي پس منظر ۾ چيون پر اهي سٽون مون کي پنهنجي حال جو منظر پيش ڪندي نظر اچن ٿيون:
ایک چہوٹا سا لمحا ہے
جو ختم نہیں ہوتا
میں لاکھ جلاتا ہو ں
یہ بھسم نہیں ہوتا
سو ان ڏهاڙي جڏهن صادق جو آواز امراءُ القيس جي صحراءُ ۾ گم ٿي ويو ان ڏينهن مون ويهي سوچيو ته بهار جي هن رت ۾ مليل اذيت ناڪ تحفي جو درد ته آئون ان لاءِ ڀوڳيان ٿو جو هن سان منهنجو رشتو پنهنجي وجود جهڙو آهي پر هي ساءِ مقصود گل ۽ صادق سان منهنجو ڪهڙو اهڙو تعلق!؟ پر ڇا رشتا فقط رت جا ئي هوندا آهن.؟  محبتن جا رشتا ڇا ڪا به معنى نه ٿا رکن؟ ڇا ساھ، سڳنڌ، سنڌڙي جا رشتا ڪي رشتا نه آهن!!؟ ڇا حسنائيت ۽ حساسيت جو اسان سان ڪو تعلق، سٻنڌ نه آهي؟ ته پوءِ اهو ڇو سوچجي ته هنن سان اسا جو ڪهڙو رشتو آهي.!!
شاعر، اديب، فنڪار، قلمڪار سڀ پنهنجي ڪلاجي اظهار ۾ يڪسان هوندا آهن پر جي انهن جو تعلق پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ماڻهن سان هجي ته پوءِ هي سڀ پاڻ ۾ ڪو به رشتو نه هجڻ باوجود هڪٻئي جو درد، ڏک، سک، مرڪ ونڊيندڙ هوندا آهن. هڪ ٻئي جا ڀَر جهلا هوندا آهن! ڏڍ هوندا آهن!!
سو پيارا صادق! تون پنهنجن دوستن کي اڪيلو ڪري ويو آهين! انهن لاءِ واقعي به قهر ٿيو آهي. قهر ته تو تي به ٿيو آهي- اڃان ته تو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ شروع ڪئي هئي اڃان منزل اڳتي هئي. اڃان توکي پنهنجن ساڃاھ وند پيشروئن جيان گھڻو پنڌ به ڪرڻو هو پر شايد تنهنجو ڪم قدرت واري ايترو ئي لکيو هو ۽ تون چپ چاپ صحرا جي ڀٽن ۾ وڃائجي وئين! ها پر تو کي مارئي جي ملڪ جي مٽي ضرور نصيب ٿي آهي، تون مخدوم عبدالرؤف ڀٽي ۽ خليفي گل هالائي جيان پنهنجي مٽي کان پري نه ٿيو آهين.
استاد بخاري کي کڻي دفن ڪيو.
ڌرتي کان مگر ڌار ڪئين ٿيندو.
سو صادق! به ڪٿي ٿو اسان کان، ڌرتي کان ڌار ٿي سگھي!!



صادق فقير
تو کان ٿيندي ڌار
تاج جويو
جڏهن شيخ ايازَ هي الوداعي گيت لکيو هو ته:
اي سنڌ! تو کي الوداع،
اي هند! تو کي الوداع،
تو ۾ هُيو سارو جڳت،
اي جِند! تو کي الوداع!
تڏهن کيس خبر نه هئي ته، سندس وڇوڙي واري ڏينهن، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي گولڊن جوبلي تقريب ۾، جيڪا تعزيتي تقريب ۾ تبديل ٿي ويئي هئي، جيجي زرينه بلوچ، سندس اِهو ڪلام ڳائيندِي، ۽ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ موجود سندس مداحن ۽ عاشقن کي اوڇنگارون ڏياري وجهندي.
ساڳيءَ ريتِ جڏهن اياز جي راڳيءَ، صادق فقيرَ، اياز جو مَٿيون ’الوداعي گيت‘ ڳاتو هو، ته هن ڪڏهن به اِهو نه سوچيو هوندو ته جڏهن سندس مڙهه مَڪي مان موٽندو ته اِهو گيت، سندس ڪُمهلي وڇوڙي جو ورلاپُ بنجي ويندو!
صادق فقير، سنڌ جو ٻيجل ۽ ٻاٻيھو هو، جنهن کي منهنجو دوست، سائين عبدالواحد آريسر ’سنڌ جو وِڪٽر هارا‘ سڏيندو هو؛ اُن کي ڪن دوستن پنهنجي تحريرن ۾ ’سنڌ جو تانسين‘ به سڏيو آهي. ’تانسين‘ پنهنجي دور ۾  تمام وڏو گويو ۽ موسيقار هو. هو اڪبر اعظم جي درٻار جو گويو هو ۽ سندس نَون رتنن ۾ شمار ٿيندو هو. اُن جڏهن، هڪ ڀيري اڪبر جي درٻار ۾ راڳ ’ڪانڙو‘ ڳايو هو ته اڪبر کي اُهو سُر ايڏو ته وڻيو هو، جو هِن اُن کي پنهنجي ’درٻار جو راڳ‘ قرار ڏنو، ۽ اُن ڏينهن کان وٺي اُها راڳڻي ئي ’درٻاري‘ سڏي ويئي.
اسان جو يارُ صادق، سنڌ جو سادو سودو راڳي هو، پر قدرت کيس حسين آواز ۽ سُر جي لازوال نعمت سان نوازيو هو. هُو جيتوڻيڪ تاسنين، جيڏو راڳي ۽ موسيقار ته نه هو، پر ’درٻاري راڳي‘ به نه هو. هي سنڌ جي ماڻهن جو راڳي هو. ڪنهن بادشاهه يا وقت جي حاڪم جي درٻار جو راڳي نه هو، پر ماڻهن جي ’دلين جي درٻار‘ جو راڳي هو. هو جڏهن ڪنهن محفل ۾ ايندو هو ته سنڌ جا ماڻهو، پنهنجي دلين جا دروازا کولي سندس آجيان ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت جڏهن وٽس مٺيءَ ۾ دوست ايندا هئا ته، هن جي دل جو دُئار به سندن آجيان لاءِ هميشھ کليل هوندو هو:
ڪڏهن به توتي دئار دل جا نه ٻُوٽبا تون ڀلي هلي آ،
ٻه لُڙڪ آلا تڏهن به هوندا، متان چوين آجيان نه ٿيندي!
صادق فقيرجو خميرُ ۽ ضمير، مُرڪ ۽ ماڻهپي جي مٽيءَ مان جُڙيل هو. هن جي چپن تي هر وقت مُرڪ هوندي هئي، هن جي ماڻهپي جا مثال جيترا پيش ڪجن، ٿورا آهن:
صادق ’امر جگديش هاءِ اسڪول مٺيءَ‘ ۾ پڙهائيندو هو. هڪ ڀيري هن کي HST جي پوسٽ جا ڪاغذ صحيح ڪرائڻا هئا، ۽ مون سان گڏ اسڪول هليو هو، هُو ان وقت ڪجهه ڏينهن موڪل تي هو، پر جيئن ئي اسڪول ۾ داخل ٿيو ته اُستادَ ته وڌي اچي ساڻس مليا، پر شاگرد به ڪلاس ڇڏي وٽس هليا آيا، کيس سلام ڪرڻ ۽ ساڻس هٿ ملائڻ-اهو سندس ماڻهپي ۽ ٻارن سان پيارَ جو ننڍڙو مثال هو، هو ٻه چار ڏينهن موڪل تي هو ته ٻارڙا ڄڻ اُٻاڻڪا ٿي پيا هئا.
صادق، راڳ جي دنيا ۾، فن جي دنيا ۾ ’نمبر گيم‘ کان پري هو. هو ٻين راڳين وانگر ائين نه ڪندو هو ته اسٽيج تي ويٺو ته ڇُٽو، پر هو ٻين جو به خيال ڪندو هو، ٻه ٽي ڪلام ڳائي چوندو هو ته ٻيا به دوست ويٺا آهن، اُهي به ڳائيندا.
صادق شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر جو پسنديده فنڪار هو.
شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا، ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ جي جلد چوٿين ۾ لکيو آهي:
جڏهن منهنجي آجيان ۾، شيما ڪرماڻيءَ، منهنجي نظم ’هي گيت اُڃايل مورن جا‘ تي ’ڀارت نٽيم ناچ‘ ڪيو هو، تڏهن ڀارت  جو مشهور سنڌي شاعر لڇمڻ ڪومل به موجود هو، جو ڪراچيءَ ۾ ٽرانزٽ ويزا تي ترسيل هو... ...  اُن کان پوءِ ٿري ڳائڻن، منهنجا گيت ڳاتا ها. هڪ ڳائڻي صادق فقير کي مشهور آمريڪي ڳائڻي پال رابسن جو آواز هو... .ڪجهه وقت اڳ فقير محمد لاشاريءَ جي ورسي ملهائي وئي هئي، جتي به هن (صادق) مون کي ڪلاڪ کن ڳاتو هو... .. هن کي ٻُڌي مون کي محسوس ٿيو ته ڪيترو وقت آءٌ جنهن ڳائڻي جي تلاش ۾ رهيو آهيان، مون کي ملي ويو آهي. هو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي گهٽ ڳائيندو آهي. منهنجي شاعريءَ ۾ هڪ اندروني ترنم آهي، ۽ مان اُن تي ئي اڪتفا ڪندو هوس. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ته هڪ مؤثر آواز، منهنجي شاعريءَ لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي.“
هڪ ڀيري مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشوري جي خوبصورت آڊيٽوريم ۾ صادق فقير ڳائي رهيو هو. اڳينءَ قطار ۾ آءٌ ۽ آريسرُ به کيس ڌيان سان ٻڌي رهيا هئاسون. جيئن ئي صادق پهريون ڪلام پورو ڪيو ته آريسر، کيس شيخ اياز جو گيت: ’سَکي، پيا کي ملي ته چئجان!‘ ڳائڻ لاءِ چيو، اُن تي پروگرام جي آرگنائيزر، اسان ٻنهي جي دوستَ، ناز سهتي، وچ ۾ مداخلت ڪندي چيو ته اهو ڪلام صادق نه ڳائيندو (ڇو ته ناز شايد پنهنجي چينل لاءِ کانئس مخصوص ڪلام رڪارڊ ڪرائي رهيو هو!) آريسر ۽ آءٌ چپ چاپ اُٿي وياسون، اڃا ٻاهرئين دروازي وٽ مَس پهتاسين ته صادق فقير ڀڄندو آيو، آريسر صاحب کي ٻانهن مان وٺي اچي اڳينءَ قطار ۾ ساڳئي هنڌ ويهاريائين ۽ اياز جو گيت ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ ناز جو نادري حڪم رد ڪري ڇڏيائين:
صادق، سراپا عشق هو. هن جو مٺيءَ سان عشق هو، مٺيءَ جي مٺن ماڻهن سان عشق هو. هن جو يارن دوستارن سان عشق هو. هِن جو حُسن ۽ سنگيتَ سان عشق هو. هِن جو ڀٽائيءَ ۽ ايازَ سان عشق هو. هن جو ڀٽائيءَ ۽ اياز جي سنڌ سان عشق هو؛ جيڪا سنڌ حَسين ته هئي، پر ڀٽائيءَ ۽ ايازَ جي شاعريءَ ۾ اچي وڌيڪ حسين ۽ وڌيڪ صورتوند بنجي وئي آهي:
ڪجهه شاهَه ڏني، ڪجهه شيخَ ڏني،
هِن سنڌڙيءَ کي صُورت لوڪو!
جيئن ڀٽائيءَ ۽ اياز جي شاعريءَ جو محرڪ جذبو عشق آهي، جيڪو انسان جو سڀ کان اعليٰ جذبو آهي؛ تيئن صادق جي گائيڪيءَ جو محرڪ جذبو به عشق هو، ۽ هن جو سنگيت سان عشق گُر، تار، مينڍَ ۽ مُرڪ کان مٿانهون هو. صادق چوندو هو ته هُو وڏو راڳي ۽ موسيقار نه آهي. پر اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته هن کي سنگيت سان عشق هو، ۽ اُن عشقَ، هن کي راڳ جي اعليٰ مقام تي پُڄائي ڇڏيو هو. جيڪو مقام، هر فنڪار کي حاصل ٿيڻ محال آهي:
حافظ شيرازيءَ، ڇا نه خُوب چيو آهي:
هرگز نه ميرد آنکه دلش زنده شد به عشق
ثبت است بر جريده عالمِ دوا م ما!
(اُهو هر گز نه مرندو، جنهن جي دل عشق زندهه ڪئي آهي، ۽ عالم جي ڪتاب ۾ اسان جو دوامُ لکيل آهي)
صادق، سنگيت جي جيڪا شمع ٻاري ويو آهي، اُها وسامڻي نه آهي. ’نزاڪت‘ ۽ ’راحت‘ جي صورت ۾ اُها شمع ’مجسم صادق‘ بنجي ٻرندي رهندي، روشني ڏيندي رهندي.
لائي جو ويا، سو مَنجهيئي ٿو مَچُ ٻري،
سو اُجهامي ڪِئا، جنهن سوريندڙ سُپرين! (شاهه)



صادق فقير
مھانگي راڳ کي سھانگو ڪندڙ فنڪار
خليل ڪنڀار
صادق فقير زندگي ۽ رڌم سان ڀرپور ٽهڪ جو نالو هو، هن زندگي سان پيار ڪيو ۽ زندگي سان پيار جو درس ڏنو. هن وٽ جيڪو پيار ۽ پنهنجائپ جو واهپو هو، ان جو اولڙو سندس آخري سفر ۾ نظر آيو. ماڻهن اهو سمورو پيار کيس موٽائي ڏنو، جيڪو پيار هن پنهنجي سڄي حياتي ماڻهن ۾ ورهايو. هن پڄاڻان اهو ثابت ٿيو ته توهان پيار ڏيو، هر ماڻهو به توهان کي موٽ ۾ پيار ئي ڏيندو. اهو هن جي تربيت جو نتيجو ئي هو، جو نزاڪت صادق فقير اهو اٽل فيصلو ڪري ورتو ته صادق فقير جي مڙهه کي وطن جي مٽي ۾ ئي دفن ڪبو ۽ ان لاءِ هن کي انتظار، غير يقيني ۽ هيڪلائي جي رڻ ۾ ڏونگر جهڙا ڏينهن ڪٽڻا پيا. جن جو تصور ڪري اڄ به لڱ ڪانڊارجو وڃن. جڏهن وطن جي ٻاٻيهي مهان گلوڪار جو مڙهه ڌرتي تي پهتو ته سنڌ ان جي دل کولي ڀرپور آجيان ڪئي، هر طرف، هر رستي تي گُل ئي گُل هئا، جيڪي صادق تي نڇاور ٿيا ۽ کيس جُهڪي سلاميون پيش ڪيون ويون. دنيا جي گولي تي شايد ئي ڪنهن آرٽسٽ کي ايترو مان مرتبو نصيب ٿيو هجي، جيترو صادق فقير کي آخري رسمن ۾ نصيب ٿيو. ان محبت ۽ پنهنجائپ جا مک محرڪ هي هئا ته راجائن مهاراجن جي دور ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪلاسيڪي راڳ انعامن ۽ اڪرامن جي لالچ ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي درن جو غلام بنجي ويو ۽ اهو ايترو مهانگو ٿيو ويو، جو عام غريب ماڻهو، ان کي ٻڌڻ جو تصور ئي نه ٿي ڪري سگهيو. صادق فقير ان روايت کي ڀڳو ۽ عام ماڻهن جي وچ ويهي ڳايو ۽ هن مقرر اگهه طئه ڪرڻ بجاءِ هر ڪنهن جي حال سان هلڻ جي ڪوشش ڪئي. هن فن ۽ عام ماڻهو جي وچ ۾ سرمائي جي ديوار کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ موٽ ۾ ماڻهن هن جي حياتي ۽ موت کي پنهنجي محبت سان امر ڪري ڇڏيو.
صادق فقير روايتي ۽ ڪيسٽي دور ۾ جديد شاعري کي ڳائڻ جي شروعات ڪئي، جيڪو سندس پيشي ۾ سڀ کان وڏو رسڪ هو، صادق جيڪي به گيت ڳاتا، اُهي سڀ گيت هميشه جي لاءِ امر ٿي ويا. نه ته ڳائيندي گَوَين جون عمريون گذري ويون، هو سڪن تي لڪن ڇڪن ٿي ڪيسٽ ڪلچر جو حصو به ڪونه ٿيو، نه ئي هن درٻارن جي بگڙيل شڪل يعني وڏيرن جي اوطاقن ۽ وڏيرن جي ڇنن ۾ وڃي پئسن عيوض ڳاتو پر، هن عام ماڻهن ۾ ويهي ۽ عام ماڻهن وٽ وڃي اها شاعري ڳائي ۽ ڦهلائي جيڪا هونئن يا ته رسالن ۾ ڇپبي هئي يا گهڻي عرصي ”ممنوع شاعري“ جي زمري ۾ رهي.
مظهر لغاري چواڻي آهي، سنڌي موسيقي ۾ استاد جمن کانپوءِ لڳي ٿو اسين وڏي عرصي کان هڪڙو ئي ڪلام ٻڌي رهيا آهيون، نه ڪا نئين ڌن آهي، نه ئي نئين شاعري ڳائجي ٿي. صدين کان ترتيب ڏنل ڌنون ۽ انهن ڌنن ۾ فٽ ڪيل شاعري آهي جيڪا پئي ڳائجي. ساڳئي موسيقي ۽ ساڳي شاعري هاڻ اسان جو ٽيون نسل ٻڌي رهيو آهي، سنڌي موسيقي تي سنڌي شاعري جو تمام وڏو قرض آهي، جنهن مان صادق فقير پنهنجي حصي جو قرض چڪائي ويو. هن شيخ اياز کان وٺي هڪڙي گمنام ۽ عام شاعر جي شاعري پڻ ڳائي ۽ هن ڳائڻ ۾ به پنهنجو معيار برقرار رکيو. هن ذاتي حيثيت ۽ ٻني جي کاتي موجب شاعري ڪونه ڳائي پر هن فني ۽ نوڪري طور سگهاري شاعري کي ڳايو، هن وٽ ”گهور“ جي سگهه کان خيال جي سگهه جي وڌيڪ اهميت هئي. ڪيترائي خوبصورت ڳائڻ وارا ائين ڪجهه شاعرن کان الڳ ٿي بيهه نه سگهيا، جيئن اڪثر ڪيسٽي شاعر ڄڻ ته فوزيه سومرو سان گڏ مري ويا. بحيثيت انسان هن پنهنجي آسپاس موجود ماڻهن سان زندگي ائين رلي ملي گذاري جو صادق جي بي وقتي موت تي هر ماڻهو ڏکارو هو. سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هئا ۽ جنازي جو منظر ائين هو جو هزارين ماڻهو ايمبولنس سان گڏ پيادا هلي رهيا هئا ۽ تقريبن ماڻهن جي اها جستجو هئي ته ان ايمبولنس کي رڳو هٿ لڳائڻ جي سعادت ملي وڃي ته بس... جنازي ۾ هندو، مسلمان، سک، سني، شيعا ۽ وهابي مطلب ته هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو بنا ڪنهن تفريق ۽ تڪرار جي گڏ بيٺا هئا. هزار ڪوشش ۽ تڪڙ باوجود سندس جنازو ان ڏينهن ڌرتي تي پهتو، جنهن ڏينهن هولي هئي. ان ڏينهن مٺي ۾ هولي جا رنگ ڪونه هئا، پر گلين ۾ اداسي ۽ گهرن جي ڇتين، مندرن تان صادق فقير جي جنازي تي اڇلايل گلاب جي گلن جون پتيون گهٽين ۾ وکريل هيون. هر انسان دوست جي چهري تي سوڳ ڏک ۽ اکين ۾ لڙڪ هئا. مٺي جو پورو شهر ۽ سموري سنڌ جي ساڃاهه هڪڙي پيار ڪندڙ گائڪ کان ائين موڪلائي رهي هئي، جيئن ماڻهو پنهنجو پاڻ کان موڪلائيندو آهي. گڍي ڀٽ تان بيهه جڏهن هيٺ مٺي جي شهر ڏانهن ڏسبو آهي ته هي شهر هر ڏسڻ واري جي دل ۾ ڏيئي جيئن ٻري پوندو آهي. پر مون کي هي شهر ان ڪري به وڻندو آهي جو هن شهر منهنجي محبوب دوست کي ان جي حيثيت موجب مان ڏنو ۽ ان جي حيثيت موجب هن جي آجيان ڪئي.
 انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ مذهبي جنون جي زماني ۾ هن ملڪ ۾ اهڙو ڪهڙو شهر آهي، جتي ماڻهو پنهنجو مذهبي تهوار هولي ڇڏي، خوبصورت رنگن کي پاسي ڪري، پنهنجا گهر ۽ ڪاروبار بند ڪري، هڪڙي آرٽسٽ جي جنازي ۾ ائين اوڇنگارون ڏيئي شريڪ ٿين، جيئن مٺي جو شهر صادق فقير جي جنازي ۾ شريڪ ٿيو هو.
صادق فقير کان ٻيا شايد وڏا ڳائڻ وارا سندس دور ۾ موجود هجن پر صادق ڳائڻ واري سان گڏ وڏو ماڻهو به هو. هو نه صرف پنهنجي فيلڊ سان وابسته سمورين شين جو ادراڪ رکندڙ ماڻهو هو، پر ان سان گڏ هو پنهنجي آسپاس وسندڙ انسانن جي ڏک سُک جي خبر ۽ چنتا رکندڙ ماڻهو به هو. هو ماڻهن جو ڏکي ويل جو مددگار ۽ سکي ويل جو ساٿي به هو. هو مٺي جي سمورن ساڃاهه وندن جي وچ ۾ هڪڙي مالها هو، جنهن ۾ سڀئي دوست موتين جيئن پرويا پيا هئا. ادبي ڪاڄ ڪچهريون ٽهڪ مطلب ته هڪ ٻي سان گنڍيا پيا هئاسين، هاڻي اسين سڀ هڪ ٻئي سان سندس ورسي تي ئي ملون ٿا.




صادق فقير
سنڌ ي راڳ جو ٿر ٻاٻيهو
ابراهيم لاشاري
پنهنجي ڌرتي سر سنگيت جي فن جي ڄاڻوئن سان ڀري پئي آهي هن ڌرتي صدين کان وٺي ڪيترن ئي مٺڙن آواز وارين شخصيتن کي ۾ جنم پئي ڏنو آهي، جيڪي پنهنجي فن ۽ ڏات سان ڏيهه توڙي پرڏيهه جي چاهيندڙن کان دادا حاصل ڪندا رهيا آهن اهڙن فنڪارن جي موتين جي مالها ۾ ٿر جي ٿڌي ۽ ٿراهين مٽي تي پير پائي هن سرسبز سنسار ۾ پنهنجو نالو اهڙو ته نروار ڪرايو جو چاهيندڙن جي دل تي اڄ هن جهان ۾ نه هوندي به راج پيو ڪري ۲۶ فيبروي ۲۰۱۵ ع  ٽي سال اڳ اهڙي ته اڀاڳي تاريخ سر سنگيت لاءِ ثابت ٿي جو سعودي عرب جهڙي ڀلاري ملڪ ۾ ٿيندڙ روڊ حاثي اسان کان سر سنگيت جو (ٿر ٻاٻيهو صادق فقير) رب جي رضا سان جدا ٿي ويو هن من موهيندڙ آواز جي مالڪ صوفي راڳي صادق فقير جو جنم جمعي جي ڀلاري ڏينهن ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ع ڌاري سڀاڳي صبح پرهه ڦٽي مهل فقير فيض محمد منهڱڻهار مٺي (ٿرپارڪر) سونارا پاڙي ۾ ٿيو، پاڻ پڙهائي جي لائق بڻيو ته والدين صادق فقير کي ڏيپلي شهر جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن پنج درجا پاس ڪيا ۽ تنهن بعد ۱۹۸۱ ع مئٽرڪ جو امتحان ميرواهه گورچاڻي مان پاس ڪيائين ڇو جو سندس والد صاحب تپيدار هو ۽ صادق فقير جا ناناڻن جو گهر مير واهه گورچاڻي شهر ۾ هوندو هو سال ۱۹۸۳ ع ۾ سندس والد صاحب  هن فاني جهان منجهان لاڏاڻو ڪري ويو ته سڄي خاندان جو بار سندس ڪلهن تي اچي پيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ به مشڪل ٿي پئي پوءِ آهستي آهستي محنت ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ مٺي شهر جي ڊگري ڪاليج مان پرائيويٽ طور انٽر ۱۹۸۶ع جو امتحان پاس ڪري گريجوئيشن ۱۹۹۰ع ۽ بعد ۾ ساڳي ئي ڪاليج مان سنڌي ادب ۾ (ايم اي) ۱۹۹۳ع  ڪيائين صادق فقير پهرين ۱۹۸۹ع استاد جي حيثيت سان تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ هو ڊگري ڪاليج مٺي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو هو. صادق فقير شاگردي واري زماني کان وٺي سر ۽ سنگيت سان سلهاڙجي ويو. هو اڪثر اسڪولن جي ٽيبلوز ۾ پيو ڳائيندو هو. سر ۽ سنگيت سان گهري دلچسپي هوندي هئيس. هن ڳائڻ جي سکيا پنهنجي مامي استاد حسين بخش فقير کان ورتي فقير حسين بخش سر سنگيت جا سڀ دڳ سر ۽ گر سيکاري شاگرد جي ڳانو ٻڌو صادق فقير جڏهن به ڳائيندو هو ته ماڻهن جا ميڙ لڳي ويندا هئا.
صادق فقير جي پهرين سڃاڻپ طور صادق حيدري پوءِ صادق سنڌي ۽ آخر ۾ صادق فقير جي نالي سان مشهوري ماڻي صادق فقير ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ۱۹۸۶ _۸۷ع ڌاري ان وقت جي مشهور براڊڪاسٽر ۽ اسٽيش ڊائريڪٽر محترم عنايت بلوچ صاحب کي آڊيشن ڏئي پهريون ڀيرو دنيا جي عظيم ۽ وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي (مٿي پنڌ ڪرايو پيرن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيان پنهنجي ڏيرن کي) رڪارڊ ڪرائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هڪ ٻي روايت آهي ته ۱۹۸۶ ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٿر جي راڳين کي سليڪٽ ڪرڻ لاءِ آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ پروگرام رکيو ويو هو ان پروگرام ۾ سڀني ٿري فنڪارن کان صادق فقير گوءِ کڻي ويو ۽ پهريون نمبر تي آيو تنهن بعد سنڌ جي مشهور براڊڪاسٽر ريڊيو جي دنيا ۾ آواز جو جادوگر سڀني وصفين سهڻو ڪوئل جهڙي آواز جي مالڪ ڀلُوڙ اديب ۽ پروڊيوسر محترم نصير مرزا صاحب صادق فقير جي آواز ۾ پهريون لوڪ گيت (پايل موري باجي رمجهم رمجهم) ۽ ٻيو لوڪ گيت (رومال مارو رنگيو) رڪارڊ ڪرائي ريڊيو پاڪستان ۾ پنهنجي آواز سان درد ڀري آواز سان آڊيشن پاس ڪري پنهنجي آواز جو جادو جڳايو. تنهن بعد سال ۱۹۸۸ع تي پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي (سينٽر) تي کيس محترم شمشير الحيدري صاحب متعارف ڪرايو، هن ان وقت ڪچهري پروگرام ۾ پنهنجو آواز رڪارڊ ڪرايو هو ۲۶ جنوري ۱۹۹۲ع ۾ منڱڻهار برادري جي معزز شخصيت حاجي سبحان فقير جي ڌي سان اسلام ڪوٽ شهر ۾ شادي  جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. تنهن بعد سال ۱۹۹۲ع ڌاري سنڌ جي نالي واري اديب ۽ شاعر محترم اياز گل  ڪلام (تو کان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري)
ايتري ته شهرت ۽ مشهوري ماڻي جو جهر جهنگ وستي واهڻ ننڍي خواهه وڏي اميرتوڙي غريب شايد ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو اهو ڪلام نه جهونگاريندو هجي ان زماني ۾ سندس قسمت جي ديوي چوٽ تي هئي. ۽ شهريت جي آسمان تي پنهنجو ۽ ڪلام جي شاعر جو نالو نروار ڪرايو پر سوز آواز جي مالڪ صادق فقير اسٽيج ۽ نجي محفلن ۾ به خوب داد حاصل ڪيو  موسيقي جي دنيا سان جيڪي ماڻهون چاهه رکن ٿا اهي سندس نالي کان خوب ۽ چگي طرح واقف آهن.
صادق فقير جو سر سنگيت سان اهڙو ته لڳاءُ هيو جو ڌنون به پاڻ ٺاهيندو هو. هن راڳ سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي موسيقي کي آواز جي سُريلي روپ ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڳائي پنهنجو۽ پنهنجي ملڪ ۽ پياري سنڌ جو نالو مشهور ڪيو.صادق فقير پنهنجي گائيڪي واري روپ کي نون شاعرن جي شاعري ڳائڻ کي اوليت ڏني نون شاعرن منجهان محترم شيخ اياز، محترم اياز گل، وفاناٿن شاهي محترم اسحاق سميجو صاحب، امين لاکو، حليم باغي، استاد بخاري، آڪاش انصاري، وفا ناٿن شاهي، تنوير عباسي  جهڙن شاعرن جي ڪلام کي زبردست نموني ڳائي پرستارن کان داد حاصل ڪيو ٻين شاعرن سان گڏ صادق فقير  ڌرتي جي وڏي مان وڏي صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح  کي پڻ خوب ڳايو. صادق فقير محترم شيخ اياز جي شاعري کي پنهنجي مڌر آواز سان ڳائي ايترو ته مشهور ٿيو جو محترم شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ذڪر ڪندي چيو ته “منهنجي شاعري کي جنهن فنڪار جي ڳولا هئي. اهو فنڪار صادق فقير آهي. صادق فقير سنڌي زبان کان علاوه اردو، سرائڪي، هندي، پنجابي، ٿري، مارواڙي، راجستاني زبانن ۾ پڻ خوب ڳايو. هن سريلي فنڪار جي پرستارن ۾ نوجوان طبقي جي جهجي  اڪثريت هئي جڌهن به صادق فقير ڳائيندو هو ته نوجوان سندس مٺڙو آواز ٻڌي جهومي پوندا هئا هن پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان کانسواءِ پرڏيهه جي ڪيترن ئي ملڪن انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ، انڊيا، سعودي عرب،  دبئي، ڪئناڊا، سينگاپور، هانگ ڪانگ ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو هميشه لاجواب انداز سان ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو. صادق فقير پنهنجي مٺڙي امڙ سان گڏ سال ۲۰۰۶ ع ۾  حج جي سعادت حاصل  ڪرڻ سعودي عرب پڻ ويو هو سنڌ ٿر جو هي عظيم فنڪار پنهنجي ڪٽنب سان ۲۴ فيبروري ۲۰۱۵ع  جنهن ۾ سندس وني شميم ٽئي پٽ رضاعلي راحت علي نزاڪت علي ۽ نياڻي عظمي سميت (۲۴) ماڻهن جي جٿي سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ڀلي پار (سعودي عرب) ويل هو، عمري جي سعادت پوري ڪري هو عرفات جي ميدان جي زيارت ڪري واپس اچي رهيا هئا ته سندس گاڏي جي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب گاڏي هڪ وڏي حادثي جو شڪار ٿي چڪناچور ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو دادلو مهان ۽ اربيلو فنڪار موقعي تي ئي سر سنگيت جا سڀ ساز ڇڏي.
۲۶ فيبروري ۲۰۱۵ع خميس ڏينهن هجري ۷جمادي اولاول ۱۴۳۶ هه  ۵۰سال ۱۱ مهينا ۶ ڏينهن زندگي جا گذاري هميشه لاءِ سنڌ واسين کان ڌار ٿي ويوسنڌ جي البيلي فنڪار جو مڙهه هڪ هفتي گذرڻ بعد ڀلي پار سعودي عرب مان سندس پٽ نزاڪت علي جي ڪوششن کان پوءِ قومي ايئر لائين (پي آءِ اي) جي اڏام ۷۳۲ وسيلي جناح انٽر نيشنل ٽرمينل (ڪراچي) پهتو بعد ۾ سندس مڙهه کي پنهنجي اباڻي علائقي مٺي ۵ مارچ ۲۰۱۵ع  خميس جي ڏينهن ايمبولينس وسيلي پهچايو ويو ۽ ان ئي ڏينهن مٺي جي اباڻي قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو  فن سر سنگيت  جي دنيا ۾ هن ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز پڻ حاصل ڪيا سنڌ جو هي البيلو راڳي هن دنيا ۾ هاڻ نه رهيو آ پر هاڻ سندس آواز ڪيسٽن، سي ڊين ۽ يوٽيوب وغيره تي ڏسي ٻڌي سگهي ٿو، سندس جن ڪلامن مشهوري ماڻي انهن ۾ تو کان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لڙي لار ڪري، سکي پيا کي ملين ته چئجان چاندني تو سوا نه ٿيندي، دک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ، اسين بس رهياسين، اڌورا اڌورا، سنڌ منهنجي امان وغيره سندس زندگي جا انمول ڪلام رهيا ٽي سال گذري وڃڻ باوجود سندس پرستار انهي چاهه سان هميشه ياد ڪندا رهن ٿا. سنڌ جي هن پياري فنڪار صادق فقير جي زندگي ۽ سرسنگيت بابت نالي واري شاعر ۽ اديب محترم پروفيسر اسحاق سميجي صاحب هڪ ڪتاب (تو کان ٿيندي ڌار لڙڪ لڙي پيا لار ڪر) پڻ مرتب ڪري ڇپرايو آهي اڄ هن اربيلي راڳي جي مٺي شهر ۾ٽين  ورسي ملهائي ويندي سر سنگيت جا ڄاڻو سندس زندگي ۽ موسيقي بابت لفظن ڀيٽا پيش ڪندا.


صادق فقير
جنھن جي ڪُوڪ سنڌ ۾ گونجي ٿي
پيار علي چانڊيو
هونئن ته مُن کي موهيندڙ موسيقي ۽ شاندار سرجندڙ شاعري جي سنڌ ۾ ڪڏهن به کوٽ نه رهي آهي ۽ دنيا جي ٻين خطن کان سنڌ جي موسيقي کي پنهنجا نرالا رنگ آهن، انهي ڳالهھ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو جي چيو وڃي ته سنڌ جي موسيقي کي جيارڻ ۾ ٿر جي ڪلاڪارن جهڙوڪ موهن ڀڳت، مائي ڀاڳي کان وٺي صادق فقير تائين، ڪريم فقير کان وٺي رجب فقير تائين ڪلاڪارن پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، اها مڃيل حقيقت آهي ته موسيقي روح جي غذا آهي، موسيقي، جي سُر ملهاري ۾ هجي ته بوندون بس نه ڪن، جي ديپڪ راڳ ۾ هجي ته باھ ٿي ڀڙڪي. يعني موسيقي من کي ٺاري به ٿي ۽ ٻاري به ٿي. اها موسيقي آهي جيڪا لازوال شاعري جي سنگم سان انگ انگ جهومائي رقص جا انوکا رنگ متعارف ڪرائي ٿي، اها موسيقي آهي جيڪا شاعري جي رنگ ۾ رنگجي جنگ جي ميدان ۾ به جوڌن کي حوصلو ڏي ٿي، اها موسيقي آهي جيڪا جڏهن مزاحمتي شاعري سان گڏجي ٿي ته آزادي لاءِ ايمان پختو ڪري ٿي ڇڏي، موسيقي اکين کي آگمايو به ڇڏي ته موسيقي مايوسين کي موڪل ڪرايو به ڇڏي. اهڙي موسيقي جي دنيا جو هڪ سريلو الستي آواز جيڪو ٿر جي ڀٽن مان اڀريو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صدا بڻجي گونجيو، اهو آواز سنڌ جي سڃاڻپ بطور صادق فقير جو آواز هو ، جنهن جي آلاپ ۾ سرور جي ندي وهندي هئي جيڪا مايوسين کي ٻوڙي خوشين ۾ تاروتار ڪري هلي ويندي هئي، هن جي آلاپ ۾ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙو مٺو درد هو، هن جي آلاپ ۾ سنڌ جي دل جي ڌڙڪڻ هئي.
ٿر جي ٿڌڙي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ الستي آواز جو مالڪ صابرين ماڻهو صادق فقير جيڪو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڀلي پار ويل هو، واپس ايندي ان بدنصيب وين جي ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري ۵۱ سالن جي ڄمار ۾ ۴ سال اڳ اڄوڪي تاريخ ۲۶ فيبروري ۲۰۱۵ع تي اسان کان هميشه جي لاءِ ڌار ٿي ويو ۽ مداحن لاءِ ٿر جيِ مٽي کي مايوس ڪري ويو، هو ڪبير جي دوهي جهڙو درد رکندڙ ماڻهو هو، هو هلڪي قد، سرمئي شام جهڙي رنگ سان جانٺو جوان، ڌيمي آواز سان دل ۾ جڳھه ٺاهڻ وارو صابرين سريلو ماڻهو هو جنهن جو الستي آواز واقعي سنڌ جي صدا هو، هن جي مڌُر آواز ۾ هڪ اهڙو سرور هو جو ڪوئل کي به ماٺ اچي ويندي هئي ۽ ٻڌندڙن جي مايوسي موڪلائي ويندي هئي، اهڙي سريلي آواز جي سنڌ جي نالي واري شاعر شيخ اياز اڌ صدي تائين ڳولا ڪئي نيٺ صادق جي آواز شيخ اياز جي شاعري کي بلندين تائين پهچايو.
صادق فقير ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ع تي مٺي ۾ تپيدار فقير فيض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ اک پٽي، هن سندس مامي حسين فقير کان راڳ جي سکيا ورتي، سندس بقول هن پنهنجي راڳ جي شروعات ڪاليج جي دور ۾ اسٽيج ڊرامي ۾ گيت ڳائي ڪئي ، جنهن جي رڪارڊنگ ٿري ماڻهن کي ڏاڍي پسند آئي، ائين هن ۾ ڳائڻ جو حوصلو پيدا ٿيو. ۱۹۸۶ع ۾ آرٽس ڪائونسل پاران فنڪارن سان ملهايل شام ۾ هن بهتر انداز ۾ ڳائي عنايت بلوچ کي پاڻ وڻايو، جنهن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي کيس موسيقي جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ ان کان پوءِ مرحوم شمشير الحيدري پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي کيس متعارف ڪرائي وڌيڪ سنڌ ۾ مشھور ڪيو، ۱۹۹۲ع ۾ هن شميم سان شادي ڪئي ۽ انهيءَ سال پنهنجي منفرد نرالي ڪمپوزيشن سان نامياري شاعر اياز گل جي ڪلام ”تو کان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري“ کي ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، خاص ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ هن کي وڌيڪ مان ۽ محبت ملي پر هن ٿر کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، هن امداد حسينيءَ کان وٺي ايوب کوسي تائين، شيخ اياز کان وٺي لطيف سرڪار تائين ، هن مرزا غالب کان وٺي فيض احمد فيض تائين اهم شاعرن کي خوب ڳايو، سچ پڇو ته محبتن جي فيبروري مهيني ۾ مٺي نه بلڪه پوري سنڌ صادق کي ساري ماٺ ٿي وڃي ٿي، صادق کان سواءِ ٿر جي مٺي ائين آهي جيئن مٺي ۾ محبتن کي کاٽ لڳو هجي، هاڻ مٺي ۾ محبتن جو وکر ملڻ مشڪل آهي، انهيءّ مهيني کان پوءِ هر ايندڙ ميلي ۾ ڪوئي هُل نٿو هجي، اڄ هو اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي، هر اسٽيج هن کانسواءِ ٻُسي آهي پر هن جي آواز ۾ سڄي سنڌ اياز گل جي هيٺين سٽن کي جهونگاري پئي.
”تون کان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.“
هو طبيعت ۾ انتهائي سنجيده ۽ فقير منش ماڻهو هو، سدائين خوش مزاج، ڪچهري ۾ ڀوڳن جا ڀنڊار کڻي مزيدار قصا ٻڌائي ويٺلن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هو، هو موسيقي جي حوالي سان استاد سلامت علي خان جي گھراڻي سان وڌيڪ ويجھڙائپ رکندو هو سندس چاهت جي ڪري استاد سلامت علي خان جو فرزند شرافت علي خان به ٿر ۾ گھڻو ايندو ويندو هو، هن کي اياز سان ڏاڍي محبت هئي، هو سدائين پنهنجي مداحن جي موجودگي ۾ ڳائڻ کي پسند ڪندو هو، لوڀ ۽ لالچ هن جي زندگي جي حصي ۾ ڪڏهن به نه آئي، هن کي پئسن جي نه بلڪ محبتن جي بُک هئي، هن کي شاعري جي سليڪشن ڪرڻ جو منفرد انداز هو، هن جي اوطاق پنهنجي مداحن جو مرڪز هئي، هو واقعي ڏاڍو سٺو مهمان نواز به هو، خاص ڳالھه اها هئي جو ايتري مقبوليت جي بلندين جي ڇهڻ کان پوءِ به هو سکڻ واري عمل کان پري نه ٿيو. اهو ئي سبب هو جو هن ڪڏهن به فخر نه ڪيو، هن استاد سلامت علي خان جي خاندان کان وٺي نامور سارنگي نواز استاد مجيد خان کان به آلاپ جي سکيا ورتي، ٻي خاص ڳالھه اها هئي جو مذهبي متڀيد کان مٿانهون ماڻهو هو، اهو ئي سبب هو جو هو مندرن ۾ ملهايل ست سنگن ۾ به ڀُڄن ڳائيندي ملندو هو ته مسلمانن جي ميڙن ۾ به دل کولي سرن جي آلاپ ڪندو ھو ۽ اهو ئي سبب هو جو هن جي جنازي ۾ هندو ۽ مسلمان جي ڪا به خبر نه پئي سگھي ھئي، آ هن عظيم ڪلاڪار ٿر جي ٻيجل کي پنهنجي ھن ننڍڙي ڪالم ۾ ڀيٽا پيش نٿو ڪري سگهان پر ڌڻيءّ در دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ هن جي ٻچن کي هن جي نقش قدم تي هلائڻ جي توفيق ڏي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.


مرحوم صادق فقير
زندگي جا رنگ سُرن جي ترنم جھڙا آهن
خالد ٻانڀڻ
مرحوم صادق فقير جي آواز ۾ روح کي راحت ايندي هئي. هو جڏهن به پنهنجي مٺڙي ۽ مڌر آواز ۾ سر ڇيڙيندو هو ته پکين کان پروازون وسري وينديون هيون، آسمان جا تارا هيٺ لهي اچي سندن سر کي ٻڌندا هئا. صادق فقير، شيخ اياز، سائينداد ساند، اياز گل، ادل سومرو، آڪاش انصاري، حسن درس کي جيڪو به ڳايو دل سان ڳايو. تڏهن ته چون ٿا ته شيخ اياز صادق فقير لاءِ چيو هو ته منهنجي شاعري کي صادق فقير جھڙي آواز جي ضرورت هئي، اها اڄ ملي وئي. ها هن جڏهن ادل سومرو جي هيءَ وائي
الاءِ ڪنهن جو هو
هلندڙ لاري مان
هڪڙو گل ڪري پيو
اڀريو شڪ اندر مان
پنهنجي ياري مان
هڪڙو گل ڪري پيو
ڳائي هئي ته اها وائي شهرتن جي چوٽيءَ کي وڃي پهتي هئي. اڄوڪي آرٽيڪل ۾ مختصر سٽن سان صادق فقير کي ياد ڪرڻ جو مقصد صرف هڪڙو ئي آهي ته جيڪي آواز شهرتن جي بلندين کي وڃي ڇهندا آهن، اهي جلدي هن دنيا کي الوداع ڪري ويندا آهن. رحمان مغل عرف سرمد سنڌي قومي گيتن جي گونجار سان پوري سنڌ تي پنهنجي آواز جو سحر طاري ڪري ڇڏيو پر هو ائين اچانڪ اسان کان وڇڙي ويندو، ڪنهن جي وهم گمان ۾ به ڪونه هو! صادق فقير ۽ سرمد سنڌي هن ڏيهه جي موسيقيءَ جا اهڙا سريلا راڳي هئا، جن پنهنجي ترتيب ڏنل ڌنن سان راڳ ۾ روح ڀريو ۽ پوءِ هر جاءِ، هر هنڌ، هر محفل جي سونهن بڻجي ويا. هنن نقلي ڌنن کي ڄڻ دفن ڪري اصل راڳ رهاڻ کي جيئاريو. اڄڪلھ جي ڇڇوري راڳ کي ڇهڻ به پسند ڪونه ڪيو. منهنجي لکڻ جو مقصد رڳو هڪڙو ئي آهي ته جيئن ٿر مان صادق فقير سان گڏ شفيع فقير، ڪريم فقير ۽ هاڻي برڪت فقير، رفيق فقير، رجب فقير ۽ نزاڪت فقير پنهنجي نرالي انداز سان ساز ۽ آواز جي رستن تي ڊڪندا اڳتي نڪرندا پيا وڃن، ته هو نقلي ڌنن کان ڪوهين ميل دور غزل ۽ وائيءَ جي دنيا ۾ گم ٿي مهدي حسن، جڳجيت سنگھ، استاد محمد يوسف، منظور سخيراڻيءَ جي پراڻي دور واري راڳ جون سڪون پيا لاهن. ڇو ته جيڪو ساز ۽ آواز کي ايمان جو جز بڻائي ڳائي ٿو، ان کي راڳ جي مڪمل پيوندڪاري اچي وڃي ٿي. ساز سان ڇيڙخاني ڪرڻ عالمي آواز جي دنيا کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. اڄڪلھ ثقافت جي ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي ڳوٺن شهرن ۾ اجرڪ ٽوپي جا ثقافتي رنگ نکريل وکريل نظر پيا اچن. ڪٿي ملھ ملاکڙا ته ڪٿي مچ جي چوڌاري ڪچهرين جا رنگ رتل آهن، ته ڪٿي وري ڏور بيت تي سگھڙن جا ٽاڪوڙا لڳا پيا آهن. ڇو ته منهنجي خيال ۾ سگھڙ ٻولي جو وينجھر ٿيندو آهي، جيئن شاعر فنڪار پنهنجي فڪر ۽ فن سان عشق ڪري ٿو ائين سگھڙ پنهنجي لوڪ رنگ کي پنهنجي فن ۾ سمائي هلي ٿو. اسان وٽ هر سال ثقافت جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ثقافت جي رنگن سان گڏ پاڻ جيڪڏهن وسري ويل/ وڇڙي ويل ڌرتي، ٻولي، ادب جي پارکن کي ياد ڪريون ته ڪيڏو نه بهتر ٿيندو؛ جن پنهنجي زندگيءَ جي گھڙين، پنهنجي حصي جو جيڪو ڪم ڪيو، ڌرتي ۽ ٻوليءَ کي ارپيو، ان مان ئي روشن ستارن جھڙا چمڪندڙ گس مليا. پاڻ جڏهن ثقافت جي لفظي پٽاڙ ڪنداسين ته ثقافت جي معنيٰ آهي لباس، علم، ادب، ماڳ، ٻولي، موسيقي، رسم و رواج ۽ عمارت سازيءَ جو فن اچي وڃن ٿا. اسانجي تاريخ جا ورثا / حصا جنهن ۾ خاص ڪري عمارت سازي کي وٺون ته ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون اڄڪلھ پويان پساھ کڻي رهيون آهن، تباھيءَ جو نمونو بڻجي رهجي ويون آهن. انهن جي ڪوبه پَرگھور لهڻ وارو ڪونهي ڪو. اسان جي صدين جي سڃاڻ رکندڙ ماڳ موئن جو دڙو، لاکين جو دڙو، اروڙ، مومل جي ماڙي، ڏيجي جو دڙو، عمر ڪوٽ، ڪوٽڏجي جو قلعو، رني ڪوٽ، هڙاپا ۽ ٻيا کوڙ اهڙا ڪوٽ ۽ قلعا آهن، جن جا نالا رهجي ٿا وڃن، ڄڻ ته ويسر جي ور چڙهي ويا آهن. ان ۾ آخر ڪنهن جو ڏوھ آهي؟ ثقافت کاتي کي قصوروار قرار ڏجي، چونڊيل نمائندن کي حالتن جو ذميوار ڪوٺجي يا ضلعي انتظاميا معاملا هلائيندڙ ڪامورن کي هن سڄي ڪارگذاريءَ جو ڏوھي قرار ڏجي يا اسان پاڻ کي ان جو قصوروار سمجھون؟ ڇو ته جيستائين حالتن جي ذميواري نه کڻبي، تيستائين ڪيئن خبر پوندي ته اڇو ڪارو ڪير آهي؟ لطيف سرڪار سر سسئي آبري ۾ چئي ٿو ته،
پيهي جا پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ،
نه ڪو ڏونگر ڏيھ ۾ نڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
مطلب ته توهان جڏهن پنهنجي اندر سان جڳ جھان جون ڳالهيون اوريو ٿا تڏهن پرک پئجي وڃي ٿي ته سسئي ته رڳو سورن جو نالو آهي، پنهون اسان پنهنجا پاڻ آهيون، جڳ ته اسان کي جهاڳڻو آهي ته پوءِ ٻئي ڪنهن جو انتظار ڇاجو؟ ڪنهن جي ڇو ويٺا ڪاڻ ڪڍون؟ سنڌ جي ثقافت جا سڀ رنگ اسان جا پنهنجا رنگ آهن. فقط سوچڻ، سمجھڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ جي ضرورت آهي ته آخر مڙئي مدايون مون ۾ ڇو آهن؟ ڇا جي ڪري اسان پنهنجو صحيح راھ وارو رستو ڀلجي ويا آهيون؟
صادق فقير، سرمد سنڌي جا آواز صدين کان اسان جي اندر ۾ موئن جو دڙو وارو روپ وٺي گونجن ٿا پر پاڻ انهن کان لاتعلق بڻيا ويٺا آهيون. ڳالھ سمجھ جي آهي. هي سڄو ئي جھان هڪڙي جھلڪ جو نالو آهي. پاڻ جيڪڏهن ڪنهن جي رمزن جا گناھ بڻجون ٿا ته ان غلاميءَ جا رڳو راڳ نه ڳايون پر ان مان ڇوٽڪاري جا گس به ڳولهيون. اهي قومون، ٻوليون ترقي ڪري وٺنديون آهن، جيڪي پنهنجي محسنن جي نظرين کي کڻي اڳتي هلنديون آهن. اهي نظريا راڳ جي روپ ۾ هوندا آهن يا کڻي شاعري، ادب، آواز ٻوليءَ جي تند تنوار ۾ ڇونه هجن يا سياست جي واٽ تي سچائيءَ جا ڏس ڏيندڙ، انهن کي زندگي جو حصو بڻائڻ سان تاريخ جي راھن تي ترقي ملندي آهي. سوچ جي جوت کڻي اڳتي وڌڻ گھرجي. جھان جون سڀ مصيبتون پاڻ ئي ٽري وينديون. عيد ۽ هوليءَ جا رنگ زندگيءَ ۾ ڀرڻ سان مشڪلاتون توهان کان پاڻ ئي شرڪي پري ڀڄي وينديون. منهنجون نصيحتون ڪرڻ جو ڪوبه موڊ ناهي پر ڇا ڪيان، هوائون اهڙيون گهليون آهن جن جي رخ تي روح رڙيون ٿا ڪن. ان ڪري ڪجھ تلخ ۽ ڪڙيون ڳالهيون ڪرڻيون پيون آهن وڌيڪ راز جا راڻا آهن.
سَنئِين سُونهائي سَڀَڪا، ڪا مُون مُنجھائي؛
طَلَبَ ۽ تَحۡصِيلَ، اورِيان ئِي آهي؛
مان تَنُ تِتِ لائي، جِتِ آهِ نه ناهِ ڪا.


صادق فقير
جنهن جي ياد جي وري آ وير...
خالد ٻانڀڻ
هن وٽ مرڪون، ٽهڪ ۽ ٽئين زندگي؛ جنهن ساڻس ڪا وفا نه ڪئي، جيڪا ٿورڙي عرصي ۾ وڇوڙي جي ويراڳ ڏئي وئي. هن سان جڏهن به ملبو هو ته چوڏس فضا ۾ ٽهڪ پکڙجي ويندا هئا. خوشين ۽ وڏن ٽهڪن جا ڄڻ ته بادل برسي پوندا هئا. ايستائين پيو کلبو هو جيسيتائين وڃي پيٽ ۾ سور نه پوندو هو. ها اهو اسان جو يار چئوس، دوست چئوس يا کڻي جگري ڀاءُ چئوس صادق ابڙو هو؛ جنهن کي ڪڏهن به پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊو آدم ۾ ٽڪاءُ ئي ڪونه آيو. هڪ سيلاني طبيعت رکندڙ اهڙو بيچين روح هيو، جيڪو ڪڏهن لاڙ، ڪڏهن اتر سنڌ ته ڪڏهن وري وڃي وچولي سنڌ وسائيندو هو. صادق ابڙو منهنجو دوست صحافت ۾ پير پائڻ وارن ڏينهن ۾ ٿيو هو. مون جڏهن هڪ سنڌي اخبار جوائن ڪئي هئي ته صادق ان اخبار جي ايڊيٽر جو لاڏلو رپورٽر ليکيو ويندو هيو. اڄ ان ايڊيٽر کي اسان مرحوم لکندي ڏاڍو عجيب محسوس ڪريون ٿا. رشيد راڄڙ اسان جو محسن ۽ پهريون صحافتي استاد هجڻ سان گڏ هجائتو دوست به هيو پر هجتن جون سموريون حدون اورانگھڻ جو ڏانءُ صرف صادق ابڙي وٽ هوندو هو. رشيد راڄڙ ڀلي ڪيڏي به چڙ ۾ ڇونه هجي پر جيڪڏهن صادق ابڙو سندس سامهون اچي ويندو هيو ته يارن سان ڪهڙا ليکا جا لفظ اُچاري سڀ خطائون معاف ڪري ڇڏيندو هيو. هن جي صحافتي قلم ۾ سچائي، ذهن ۽ ضمير ۾ ايمانداري، فراخدلي ته ڄڻ ڪُٽي ڪُٽي ڀري وئي هئي. صادق پنهنجي صحافتي دور ۾ ڪنهن سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندو هيو. مان جڏهن اخباري حوالي سان ڪنهن مونجھاري ۽ پريشانيءَ جو شڪار ٿيندو هئس ته صادق کي فون ڪري ٿيندڙ ناانصافين جو ذڪر ڪندو هئس ۽ موٽ ۾ هو چوندو هو تون چپڙي ڪري پنهنجو ڪم ڪر، باقي مون تي ڇڏي ڏي.
صادق جي طبيعت جي خلاف جيڪا شيءِ هوندي هئي هو ان کان چڙي پوندو هو. صادق مرحوم البيلو يار، ويراڳي روح رکندڙ ساٿي هيو. صحافت ۾ هڪ جاءِ تي ڄمي ڪم ڪرڻ جي خلاف هوندو هيو. ان جي ڪري کيس موبائل رپورٽر طور رکيو ويو، جنهن جي ڪلهي ۾ سدائين ٿيلهو لٽڪيل هوندو هيو. هن کي ڪي سفري سهولتون مليل ڪونه هونديون هيون پر نعرو هڻي نڪري پوندو هو، ڪڏهن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، ڪڏهن شڪارپور، خيرپور، ڪڏهن نوشهروفيروز، فيض گنج ته ڪڏهن وري اچي سکر جا وڻ وسائيندو هو. هو جڏهن به اسان وٽ ايندو هيو بس اهي ٻه ڏينهن هجن يا هفتو هجي، انهن گھڙين جا سمورا پل ڏکن کان ڏور، ٽهڪن جي رنگن ۾ گذرندا هيا. صادق جيڪو راتين جو رولاڪ هيو، هن کي هر اها رات جي محفل ڏاڍي وڻندي هئي جنهن ۾ سٺا دوست ۽ دورن تي دور هلندا هيا. صادق جي ڪچهرين ۾ موکيءَ جي مٽن جھڙو ڪيف هوندو هيو. هن سان ڪيتريون ئي زندگيءَ جون يادگيريون واڳيل آهن، جيڪي اڄ ڏينهن تائين وساري ناهيون سگھيا. پاڻ جڏهن رات جو صحافتي ڪم کان واندا ٿيندا هئاسين ته ڇَڪي راند ٿيندي هئي ۽ هُو هميشه منهنجو جوڙيوال ٿيندو هيو. هڪ دفعو هو منهنجي چوڻ تي ويون ڳوٽون (ساريون) هلائيندو، ايتري تائين جو سموريون ڳوٽون مارجي ويون ته ڪاوڙ ۾ اهڙي انداز سان کڻي پنهنجون پنج ئي آڱريون مون ڏانهن سڌيون ڪري چيائين ته (تون ڦوڪون ڏئي منهنجون ڳوٽون مارايون آهن) بس هن جو اهو چوڻ ۽ ڪيترن منٽن تائين ٽهڪن جو ٽاڪوڙو مچي ويو هيو. هڪ ڀيري کيس اداري بيوروچيف ڪري ڪوئيٽا رپورٽنگ لاءِ اماڻيو هو. ۱۰ ڏينهن بعد ٿيلهي سميت اچي سکر ٺڪاءُ ڪيائين. اسان سڀ حيران ٿيندي چيو اڙي صادق تون ڪوئيٽا مان جلدي ڪيئن موٽي آيو آهين؟ هُن پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻڌايو، اهڙي نوڪري پاڻ نه ڪنداسين، پورو هفتو سوڙِين، ڪنبلن مان ٻاهر ناهيان نڪتو، نه وري وهنجي سگھيو آهيان. مطلب ته هو پنهنجي طبيعت ۾ تمام گھڻو نرالو هوندو هيو ۽ قيد جي پابندي کان آزاد گذارڻ جو عادي هيو. بنگلن ٿڌن ڪمرن کان پري ڀڄندڙ جھوپن ڇنن کي ترجيح ڏيندڙ، پڌر ۽ پٽن واري زندگي ۾ کيس ڏاڍو مزو ايندو هيو. هن پاڻ کي ڪڏهن به اداري جو اسٽاف رپورٽر محسوس نه ڪرايو. مون کي ياد آ ته فيض گنج ۾ هڪ وڏو ورائٽي شو ۽ تقريب علي محمد شر پاران ڪرائي وئي هئي، جنهن جي صدارت اداري جي نمائندگي ڪندڙ صادق ابڙو ڪري رهيو هو، جڏهن صدارتي تقرير لاءِ سندس وارو آيو ته هن تقرير کان ٺپ جواب ڏيندي منهنجو نالو انائونس ڪرائي ڇڏيو ۽ مان حيران رهجي ويس. هو سنڌ جي جنهن به شهر ۾ ويندو هيو، اتي سندس ايترا ته دوست هوندا هئا جو کيس رهندي هفتا لڳي ويندا هئا. صادق ابڙو جيڏو سٺو دوست هيو، اوتروئي بهترين رپورٽر به هيو. هن ڪارو ڪاري، جرڳائي نظام، سرداري نظام، ڪامورن، اغوائن ۽ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين خلاف پهريون دفعو دل کولي رپورٽنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻين اخبارن به ان دقيانوسي روايتن خلاف لکڻ شروع ڪيو. مون کي اهو به ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته انهن ڏهاڙن ۾ سکر ۾ روزاني عبرت جو امداد سومرو بيوروچيف هوندو هيو. هن جي امداد سان تمام گھڻي لڳندي هئي. ٻنهي جي وچ ۾ مذاقن، ٽهڪن ۽ رپورٽنگ جي حوالي سان تمام گھڻي نوڪ جهوڪ ٿيندي هئي. صادق ابڙو جڏهن سکر ايندو هو ته ان جو ٻڌي شڪارپور مان زاهد نون به اچي نڪرندو هيو. خبرن مان واندا ٿي بحثن، ڪچهرين جا دور هلندا هيا ۽ هو ڪچهرين جو ڄڻ ته مور هوندو هيو. ڳالهين ۾ ائين سڀني کان کٽي اڳتي نڪري ويندو هو، جيئن موت ۾ سمورن کان اڳڀرو ٿي اڳتي هليو ويو. ڪنهن کي اعتبار ئي ڪونه پئي آيو ته هو ايترو جلدي بنا موڪلائڻ جي اسان کان هميشه لاءِ ڏور هليو ويندو. مون کي مهان شاعر شيخ اياز جون هي سٽون ان وقت ڏاڍو ياد آيون هيون ته
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا،
تون اڃا ٿو جئين هاءِ ڙي جيئڙا.
صادق ابڙو، رشيد راڄڙ، لالا رحمان سمون، امداد سومرو، منصور ڏاهري سميت پوري سنڌ جي صحافين جو ڏاڍو لاڏلو دوست هيو. مرحوم صادق ابڙي هميشه اسان کي سنڌ جي لوڪ فنڪار جلال چانڊيو جو اُهو جملو ياد ڏياري کلائيندو هو، جيڪو منصور ڏاهريءَ کي انٽرويوءَ دوران هُن چيو هو. اهو جملو مان هتي ته نٿو لکي سگھان پر ڪيترن سالن تائين بلڪه اڄ ڏينهن تائين ياد ڪري کلندا آهيون. مرحوم صادق ابڙو ٻين دوستن سان گڏ علي محمد شر سان به حد درجي جون هُجتون ۽ ڀوڳن جو رشتو رکندو هيو. بس جيڪڏهن صادق ابڙو اچي ويو ته علي محمد شر کي لڪڻ لاءِ جاءِ ڪونه ملندي هئي. خبر ناهي ڪهڙي هوا گھلي جو هو ڦوھ جواني ۾ اسان سمورن دوستن کي اکين ۾ لڙڪ ڏئي هليو ويو. هن جي موت جي خبر قيامت جيان اسان جي سماعتن سان اچي ٽڪرائي هئي. جيتوڻيڪ سندس وڇوڙي کي ڪيترائي سال گذريا ويا آهن پر ذهن دل اڄ به مڃڻ لاءِ تيار ناهي. ائين لڳندو آهي اڄ يا سڀاڻي ٿيلھي سميت ٽنڊو آدم کان هوائن سان گڏ اچي نڪرندو ۽ وري ڪچهرين جا ميلا مچندا. اعتبار ته مون کي هڪ ارڏي بيباڪ صحافي رشيد راڄڙ جي موڪلاڻي تي به ڪونه پئي آيو، انهن ڏينهن ۾ مان ڪراچي جناح اسپتال ۾ زير علاج هيس. سال ۲۰۱۷ جو شايد نومبر مهينو هيو، جڏهن مون کي مرحوم رشيد راڄڙ جي المناڪ موت جي خبر ملي ته اکيون لڙڪن سان ائين ڀرجي آيون هيون، جيئن مرحوم صادق ابڙو جي موت تي رنيون هيون. مان هڪ ته پنهنجي زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ هوس، تڪليفن سان جھيڙي رهيو هيس ٻيو وري ارڏي صحافي جو ڏک دل کان ٿيندو ڳوڙهن جي صورت ۾ اکين مان ٻاهر نڪري آيو هيو.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان پنهنجي زندگي ۾ ٻن سٺن دوستن، ٻن بهترين صحافين کان محروم ٿي ويا آهيون. صادق ابڙو جڏهن اسٽورين جي جھان ۾ هٿ وجھندو هيو ته صبح جو پنهنجي اخبار وسيلي چڱن ڀلن صحافين کي پگھر ڏياري ڇڏيندو هو. ساڳي ريت هن وٽ رک رکاءُ ڪونه هوندو هو. ڀلي سامهون ڪيڏو به چڱو مڙس ڪونه هجي، جيڪو دل ۾ هوندو هو، اهو منهن تي چئي ڇڏيندو هو. هن جي دل ۾ جيڪا حق ۽ سچ جي جُوت هوندي هئي، ان جي روشنيءَ سان ڪيترن ئي صحافين دوستن جا دڳ ٺهي پوندا هيا. هن پاڻ کي ڪڏهن به وڏو صحافي تسليم نه ڪيو، سدائين عام فهم واري زندگي سان پيار ڪندو هيو؛ ڪنهن به وڏيري سردار آفيسر جي دعوت ۾ وڃڻ کان لنوائيندو هيو ۽ ڪونه ڪو بهانو ڪري کسڪي ويندو هيو. هو چوندو هو ته کيس جي-حضوري واري ٻولي پسند ئي ڪونهي، آدابن جي محفل سان منهنجو ڪهڙو ڪم؟ منهنجو ڪم پنهنجن يارن جي ڪچهري سان آهي ۽ ان جو سواد ئي پنهنجو آهي. صادق ابڙو اڄ اسان ۾ ناهي پر هن جا ٽهڪ، ڳالهيون ۽ دوستيءَ جا پوکيل گلاب وادين ۾ اڄ به ائين ئي ٽڙندا رهن ٿا، جيئن هن جي زندگيءَ ۾ پئي ٽڙيا. صادق تون وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين، تنهنجون پنهنجائپ واريون ادائون، محبتون اڄ به اسان سان گڏ آهن. تنهنجا نرالا نخريلا ٽوڻا ۽ ٽهڪ ياد ڪري اڄ به مسڪرائڻ کانپوءِ اداس ٿي وڃون ٿا. ڇا ته اهڙن دوستن لاءِ لطيف سرڪار جو هي بيت ٺهڪي اچي ٿو ته،
مون کي جيارو پرين جي ڳالھ ڪري
ڊٿو اڄ اڏيو هينئڙو ڪوٽ برج جيان.




مشھور راڳي صادق فقير جو انٽرويو
انٽرويو گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
سوال: سڀ کان پهرين، اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو؟
جواب: ادا! منهنجو نالو، صادق فقير ولد فيض محمد مـڱڻهار، جنم جي تاريخ ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ع آهي ۽ جنم جو هنڌ مٺي ٿرپارڪر آهي. تعليم ايم اي سنڌي آهي. ۱۹۹۲ع ۾ شادي ٿي ۽ اولاد ۾ هڪ نياڻي ۽ ٽي پٽ آهن.
سوال: اوهان گائڪي واري فن جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
جواب: ادا آئون جڏهن فرسٽ ييئر ۾ پڙهندو هيس ته ان وقت ڪاليج ۾ هڪ پرنسپال صاحب جي الوداعي تقريب ۾ مون کي ڳائڻ جو موقعو مليو. استادن فرمائش ڪئي ته؛ استاد محمد جمن جو ڪلام ٻڌاءِ؛ ٻڌايان مان ڪنهن کي غم جو فسانو. الله جي مهربانيءَ سان، استادن منهنجي پرفارمنس کي پسند ڪيو. ان کان پوءِ عيدن، ديوالين ۽ هولين ۾ ڳائيندو هيس.
سوال: هن فن ۾، اوهان جو استاد ڪهڙو آهي؟
جواب: جيئن ته منهنجو والد صاحب تپيدار هو ۽ باقي ڳائڻ وڄائڻ جي حوالي سان منهنجو مامو ”حسين بخش فقير“ ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. مون فنِ موسيقي جي تربيت به ان کان ئي ورتي ۽ هارمونيم تي ڳائيندو آهيان. باقي هن فن لاءِ پوري حياتي گهرجي، تڏهن ڪجهه سکي سگهبو.
سوال: ڪهڙي ڪلام ڳائڻ تي، اوهان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو؟
جواب: ۱۹۹۰ع واري ڏهاڪي ۾، مون سنڌ جي نامياري شاعر اياز گل جو ڪلام ڳايو. ”توکان ٿيندي ڌار“ ان ڪلام ڳائڻ کان پوءِ مون کي وڌيڪ شهرت ملي.
سوال: اوهان جا ٻيا ڪهڙا ڪلام مشهور ٿيا؟
جواب: تو کان ٿيندي ڌار، سخي پيا کي ملين ته چئجان، اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا، هيءَ سين نه ڏيندي چين، تنهنجي وئي کان پوءِ، تنهنجي گهر جي ڀرسان آهيان، سنڌ جاڳي پئي، سنڌ منهنجي امان، اي ڪاش ايئن تون. وغيره وغيره.
سوال: ڪيترين ٻولين ۾، اوهان ڳائي سگهو ٿا؟
جواب: آئون سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ روانيءَ سان ڳائي سگهان ٿو ۽ ڳايو اٿم. هونءَ به هر فنڪار جي اها ڪوشش هئڻ گهرجي ته ان کي جيتريون ٻوليون اچن، انهن کي ڳائڻ گهرجي.
سوال: اوهان ڪٿي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهيو؟
جواب: آئون انڊيا، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجي ملڪ جي چئني صوبن ۾ پڻ ڳايو اٿم. هڪ ڳالهه جو تجربو ضرور ٿيو آهي ته موسيقيءَ جو قدر سنڌ جهڙو ڪٿي به نه آهي.
سوال: موجودھ وقت ۾ سنڌ جي موسيقيءَ کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: سنڌي موسيقيءَ جا هڪڙا پنهنجا رنگ ۽ ڍنگ آهن. هتان جو فوڪ تمام گهڻو مضبوط آهي. ٿر کان وٺي هر علائقي جي پنهنجي خوبصورت آهي. موجوده سنگرس کي گهرجي ته اهي ٻين اسٽائيلن کي نه اپنائين. اسان جي پنهنجي سنڌي موسيقي ئي، شاهوڪار موسيقي آهي. ڪوشش ڪجي ته موسيقيءَ جي بنيادي تربيت حاصل ڪري، پنهنجي ئي نج ثقافت کي بچائجي.
سوال: ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪڏهن کان پرفارمنس شروع ڪئي؟
جواب: ۱۹۸۶ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ ۱۹۸۸ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايو.
سوال: اوهان جي زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو؟
جواب: اسلام آباد جي هڪ پروگرام دوران اوجڙي ڪيمپ جو واقعو پيش آيو. جتي ميزائيل ۽ بم ڦاٽا. مون پنهنجي اکين سان سَوَنِ ۽ هزارن جي تعداد ۾، ماڻهن کي لاشن ۽ زخمي حالت ۾ ڏٺو ۽ اسان ۸ ڪلوميٽرن تائين، پيادل ڀڄي جان بچائي.




صادق فقير

سر ۽ صدائون - ورسيءَ جي مناسبت سان

نصير ڪنڀر

جيتوڻيڪ هن جو نيري ٻڙي وارو منڊي پاتل هٿ ڇڏائجي وڃڻ کي اڄ پنج سال ٿيا، پر هن جي هٿ ترين جي گرمائش آئون اڄ به پنهنجي ترين تي محسوس ڪريان ٿو. هن جو هٿ اسان کان ايئن اوچتو ڇڏائجي ويو آھي جيئن ميلي جي رش ۾ ٻالڪ کان ڇڏائجي ويندو آھي. اسين ميلي جا اهي وڃايل ٻار آھيون جيڪي هر ڪچهري ۽ خوشي جي موقعي تي نيڻن جا ڇپر آلا ڪري کيس ياد ڪيون ٿا. ڇو ته هو اسان جي ڪچهرين جو مک ماڻھو هو. صادق فقير هڪ صدا، هڪ ڇليدار ٽھڪ ۽ دوستي جو دائرو وسيع ڪندڙ هڪ سوچ جو نالو آھي. وري اسان کي اهڙو ماڻھو ملڻو ئي ناهي ڇو ته هر مٽي جي پنهنجي مهڪ آھي. پوين پنجن سالن ۾ آئون هن تي ڪجهه به لکي ناهيان سگهيو. انهي جو وڏو سبب اهو به آھي ته اسين هن کي پاڻ کان جدا ڪري ئي نه سگهيا آھيون. “ڪي ويجهائي ڏور ڪي ڏور به اوڏا سپرين” واري سٽ جو پورائو ڪندڙ ھي دوست اسان سڀني جو ڀرجهلو ۽ مالها جو اهو مکيه موتي هيو جنهن سان اسين سڀ پوئيل هياسين.

صادق جي شخصيت جا ڪيئي پاسا آھن. انهي ۾ سڀ کان اهم پاسو هن جي گائيڪي جو آھي، جنهن ڪري اسين ان سان ڳنڍيل هياسين. بقول آريسر صاحب جي ته هو سنڌ جو “وڪٽر هارا” هو. جيڪو اسان جي قومي ۽ وطنيت واري جدوجهد جو اهڃاڻ ھو.صادق جڏھن ڳائڻ شروع ڪيو ته انهي وقت ڪيسٽ ڪمپنين ڌنن تي ڳارائڻ واري “ڌما-چوڪڙي” مچائي ڏني ھئي ۽ سنڌي موسيقي پنهنجي زوال طرف وڃي رهي هئي. ان وقت هن فقير مارڪيٽ جو وکر ٿيڻ بجاءِ نيم ڪلاسيڪي موسيقي کي اپنائيندي شيخ اياز، نياز همايوني، بخاري ۽ امداد کي ڳايو. انهي سان گڏ نوجوان نسل جي شاعرن کي به موٽ ڏيندي مان ڏنائين جن کي پوءِ ساري سنڌ سڃاتو. انهي ڪٺن ماحول ۾ هن شاعري جي چونڊ واري معيار تي ڪوبه سودو نه ڪيو. اهو ڪم صادق جهڙو ئي ڪلاڪار ڪري سگهيو ٿي ڇو ته هو ڳائڻ مهل ٻڌندڙ جي کيسي بجاءِ ھن جي مک جي مرڪ کي تڪيندو هو.گهڻو وقت پوءِ ذاتي گاڏي ورتائين، جيڪا اسان سڀني جي گهمڻ جو وسيلو رهي پر پاڻ بسن ۾ سفر ڪري لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي تائين ماڻھن جي ڪاڄن کان وڌيڪ دوستن جي ۽ قومي ڪاڄن جي سڏ تي ويندو هو. ڪيتريون اهڙيون محفلون هونديون جتي هي اسٽيج تي پيل نوٽن کي لتاڙي هليو ايندو هو.

هڪ ڀيري ڪاڪي جهامن جي کٽن تي ڪچهري ڪري اٿياسين، پنڌ ٻنهي جو ساڳيو. ڇو ته فقير سائين ۽ منهنجي گهر وچ ۾ ڪجهه فرلانگ جي وٿي، سو اڳيان اچي چيائين؛ “يار راڻو راهي دوست هو ورسي تي ستسنگ آھي، حاضري ڪندا هلون.” کلندي چيائين؛ “جلدي اٿنداسين مونکي سڀاڻي سوير ڪراچي وڃڻو آھي.” پهچڻ شرط ڊراءِ فروٽ، ڪولڊ ڊرنڪ اچي ويا. اسٽيج تي فنڪار راڳ کي ذبح پئي ڪيو. ٿوري دير ۾ سڏ ٿيو، صادق صرف چار ڪبير ۽ ميران جا ڀڄن ڳايا. آئون فروٽ وساري ماڻھن پاران ملندڙ ڀيٽا ڏسندو رهيس جيڪا فقير جي چرنن ۾ بند مٺ جي صورت ۾ پيش ڪئي پئي ويئي. ڳائي اٿيو اوڏانهن نظر ئي ڪونه ڪيائين، سازيندن کي چيائين، “هي اوهان جي خرچي آھي ورهائي کڻجو.” ٻئي ڏينهن پڪواسي فقير مليو، مرڪندي چيائين، “سائين رات جيئاري ڇڏيو.” اهڙيون ڪيئي محفلون هن ڇڏيون. اسين مشڪريون ڪندا هياسين. هڪ ڀيري اسڪول ۾ ويٺا هجون، مون چيو سائين تون وڏو فنڪار ڪونه آھين! چيائين هائو پر ڪيئن؟ چيم تون وڏن گوين وانگي پلٽا ڪونه ٿو هڻين. مرڪندي چيائين استاد، ماڻھو راڳ ٻڌڻ ٿا اچن سکڻ ڪونه ٿا اچن.

صادق دوستي جي مريادا رکڻ ڄاڻيندو هو.پنهنجو ڪهڙو به ڪم هجي پر سنگت جي ڪم ڪار تي اڀين پيرين بيهي رهندو هو. مٺي ته ڇا پر سنڌ جي هر حلقي هر طبقي وٽ کيس تمام گهڻي عزت ڏني ويندي هئي. اسين پروگرام ڪرائيندا هياسين ته انهي جو مک ماڻھو هوندو هو. پوءِ اهو ادبي پروگرام هجي يا ڪو ذاتي ڪاڄ. سمورو انتظام هٿ ۾ ھوندو هو. منهنجي نظر خراب ٿي پئي، هتان حيدرآباد زوري وٺي ويو. ڊاڪٽر کان ٽائيم وٺڻ، ٽيسٽون ڪرائڻ کان وٺي بلڪه چشمو پنهنجي پسند تي وٺي ڏنائين. ايئن ڪيترن دوستن سان هلندو هو. انهي محبت جو اجورو کيس موڪلاڻي مهل پاڻ سڀني ڏٺوسين ته ڪيئن سموري سنڌ مٺي جي روڊن تي پلٽجي پئي هئي. هولي تهوار هوندي سموري شھر ۾ ڪٿي به رنگولي نه کيڏي ويئي.

صادق زندگي مان ڪڏھن به مايوس ڪونه ٿيو توڻي جو هن وڏا “ڊائون فال” ڏٺا. والد صاحب روينيو سپروائيزر هو، جنهن جي اوطاق تي مهمانن لاءِ ھر روز ڇيلو ڪسبو هو. پر جڏھن والد جو اوچتو وڇوڙو ٿيو ته ڪل پونجي ايتري هئي جو خيرات جي ماني ٿي. پوءِ هن پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي. فيڪٽري ۾ نوڪري ڪيائين. پڙھائي مڪمل ڪري نوڪري تي لڳو. محنت ڪري راڳ سکيو سموري سنڌ جهاڳي نه صرف روزي روٽي ڪيائين پر پنهنجا مداح پيدا ڪيائين. ڀيڻن ڀائرن جون شاديون لاڏن ڪوڏن سان ڪرايائين. نيٺ اهڙو به دور آيو جو هن جي ڪمائي مان ڪجهه سنگت جي گلشن جو ڪاروبار هلي پيو پر هن ڀاڳن ڀري ڪڏھن اهو محسوس ئي ڪونه ڪرايو ته هن دوستي جي دام ۾ ڇا ڇا نه لٽايو.

محرومين جو اصل کان ويري هو. ڪنهن به پروگرام ۾ جيڪر ڪا ڪمي رهجي ويندي هئي ته ڀڙڪي پوندو هو. چوندو هو، “پروگرام ڪريو ته سٺو ڪريو جي نه ته يتيم پروگرام نه ڪريو.” هميشه ڇليدار ٽھڪن سان پنهنجي اوطاق جا دروازا دوستن لاءِ کليل رکيائين ۽ اهائي تربيت پنهنجي اولاد، ڀائرن ۽ دوستن جي ڪيائين. ڪيئي ڀيرا ڪاڪي جهامن جي کٽن تان هن کان لطيفا ٻڌندي هن جا ئي سگريٽ ڦوڪي اٿياسين ته سڀن کي هوٽل تي هلي ماني کارائي ڇڏيندو هو.

۲۰۰۱ع ۾ مٺي اچڻ کان وٺي عمري تي اسهڻ کان اڳئين ڏينهن تائين ۱۴ سالن جي دوستي ۾ گڏ ڪچهريون ڪيونسين، محفلون ٻڌندي رولاڪيون ڪيون ۽ تاش کيڏي سين. صادق تاش جو شوقين هو. اسين اڪثر ڀيچي هوندا هياسين، پوءِ خليل جا هوڪرا ۽ شوڪت ۽ ممتاز. آئون چوندو هيس سائين رنگ جي ٿورن پتن تي ڪيئن ٿو راند کٽين؟ چوندو هو “زندگي رسڪ آھي، رسڪ کڻڻ کانسواءِ ڪم ڪونه هلندو”.

ٽيل پيس: صادق جي زندگي ۽ انهي جي گهارڻ جو طريقو ڏسي مونکي احساس ٿيندو آھي ته “اسان جيئن جيئي ڀلا ڪو جهان ۾” تنهنڪري هن وانگي زندگي ته ڪونه گهاري سگهنداسين پر جيئن ملڪ آگاڻي، نسيم کرل، انيس انصاري ۽ اياز کي ڀيٽا لاءِ ميلا ۽ ڪانفرنسون ٿين ٿيون، ايئن سندس جنم ڏينهن (۲۰ مارچ) تي “جشنِ صادق” ٿئي ته هن جي ٽھڪن کي ساري زندگي گهارڻ جا جتن ڪري سگهون.


 

صادق فقير

رتن جي هوٽل جون کٽون خالي ٿي ويون

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ  

ٿر ۾ ڦڳڻ رت جو ڦوٽهڙو اڃا شروع ئي نه ٿيو هو. ٽڙڻ جا ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾، ٻيرين جي ٻور جهڙي سرهي راڳي صادق فقير جو ساٿ اسان کان ڇڻي ويو. ننگرپارڪر جي وانڊئي کان وٺي سڪرنڊ جي واهڻ تائين، سموري سنڌ جي موسيقي جي ٻڌندڙن جي دلين ۾ سوڳ جو تڏو وڇائجي ويو هر پاسي کان سڏڪن ۾ گونج اٿي ته؛                                

تنهنجي وئي کان پوءِ

منهنجي اندر ۾

رات رهي پئي آهي.

هر ڪو روئي ائين چئي رهيو آهي ته؛ صادق تون ته امر ٿي وئين پر تنهنجا ٻڌندڙ مرڻ جهڙا ٿي پيا آهن.

صادق فقير جو راڳ عشق جو روح هو، هو دلين جو انجنيئر ٿي ڳائيندو هو، صادق فقير جو آواز ٻڌندي دل درد جي دريا ۾ ٻڏندي ۽ ترندي محسوس ٿيندي هئي، هوهيڻين حياتين کي حوصلو ڏئي ائين راڳ سان ريجهائيندو هو جيئن معصوم ٻار جي مرڪ پنهنجي ماءِ کي ريجهائيندي آهي. صادق فقير جي ڳلي ۾ آلاپ جو هاڪڙو هلندو هو يا سُر جي سرسوتي وهندي هئي صادق جي  وڇوڙي جي زلزلي ٿر جي ڀٽن کي ٻيهر ڏاري ڇڏيو آهي اڳي ڏڪارن جا ڏک ٿر جي مارو ماڻهن جي کٿي ۾ کيهه سان گڏ ٻڌل هئا مٿان هن جدائي جو وزن کڻڻ جي لاءِ مليو آهي صادق جي  ڌار ٿيڻ تي ايترا لڙڪ لڙيا آهن جو ايتريون ٿر ۾ برساتون به نه پيون آهن.

صادق فقير ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ع تي فيض محمد مـڱڻهار جي گهر مٺي ۾ جنم ورتو. فقير فيض محمد تپيدار هو هن جي ڪوشش هئي ته پنهنجي اولاد کي پڙهائي صادق فقير ايم اي سنڌي  پاس ڪري تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. گهڻو عرصو مٺي جي مشهور گورنمينٽ  هاءِ اسڪول نارٿ ڪالوني ۾ رهيو.

سال ۱۹۹۲ع ۾صادق فقير شادي ڪئي. کيس ٽي پٽ هڪ نياڻي جو اولاد عطا ٿيو.صادق فقير زندگي جا ڪجهه ڏهاڙا ميرواهه گورچاڻي ۾ پنهنجي مامي جي زمين تي به گذاريا. مٺي ۾ پڙهائي دوران استاد پرشوتم واسواڻي صادق فقير کي اتساهي ڳائڻ تي آماده ڪيو. اها يارهين درجي جي ڳالهه هئي، مٺي ڪاليج جي فزڪس جي ليب ۾ هن پهريون ڀيرو ميڙ ۾ هڪڙو گيت ڳاتو پوءِ صادق فقير ڪڏهن امولک امر (مٺي جو هڪ مقامي لوڪ شاعر) تاج جويي ۽ سائينداد ساند جي شاعري  ته ڪڏهن لوڪ گيت ڳائڻ شروع ڪيا. مٺي ۾ انهي وقت اسٽيج ڊرامن جو به رواج پيوهو حاجي محمد دل ۽ تاراچند راٺي جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۾ صادق جا سر ٻرڻ لڳا ته صادق فقيرگهڻو مقبول ٿي ويو..امولک امر جو گيت “نصيبن وارا نه ڪي ڏوهه تنهنجو نه ڪي ڏوهه منهنجو” ۽ تاج جويي جو گيت “تصور ۾ تڪي تارا رات گذر ٿر ويندي آه “ انهي دور ۾ ٿر جي ڀٽن جي گونج ٿي ويا. سوجهري ڊرامي جي مقبوليت ۾صادق جا سر شامل هئا. انهي دور ۾ مٺي جو هڪ ٻيو نوجوان ڳائندو هو دليپ ڪمار دلدار تمام پيارو ڳائيندو هو پرهن ٿوري وقت ۾ ڳائڻ ڇڏي ڏنو پر صادق نئين ڏينهن نئين وک سان وڌندو ويو.

صادق فقير موسيقي جي تربيت پنهنجي مامي حسين بخش فقير کان ورتي جيڪو ان وقت جو سٺو راڳي ۽ موسيقار هو. ۱۹۸۶ع ۾ ان وقت جي حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ڊائريڪٽر عنايت بلوچ صاحب پهريون دفعو آڊيشن کان پوءِ ريڊيو تي سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايا سڄي سنڌ ۾ صادق روح سان ٻڌو ويو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي اسٽوڊيو تي مرحوم شمشير الحيدري صاحب ٽيليويزن تي متعارف ڪرايو. ۱۹۹۲ع ۾ ايازگل جو ڪلام توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري ڳائڻ سبب کيس گهڻي شهرت ملي.

صادق فقير سنڌي، اردو، سرائڪي، ٿري، راجستاني، هندي، مارواڙي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ڳايو آهي.هن نيم ڪلاسيڪي راڳ ڳايو ته ڪلاسيڪل پڻ پر جديد شاعري جا سر نوجوانن ۾ گهڻا مقبول ويا آهن، هن هندستان، دبئي، سعودي عرب، انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. صادق فقير سڀ ۾ پرين پسڻ وارو ماڻهو هو هو مندر ۾ ڀڄن ڳائندو هو ته امام بارگاه ۾ مرثيا به آلاپيندو هو مون هڪ دفعو صادق فقير کان پڇيو ته صادق توهان کي ڳائيندي گهڻي ۾ گهڻو داد ڪڏهن مليو ته هن ٻڌايو ته هڪ دفعو ڀڳت ارجن جي سڏ تي ٽنڊوالهيار راماپير جي ميلي ۾ ڳائڻ جي لاءِ ويس اتي منهنجو وارو آيو آئون جيئن اسٽيج تي آئيس ته هزارين ماڻهوهٿ جوڙي منهنجي آجيان جي لاءِ بيهي ويا انهن جو اهو پيار ڏسي منهنجون اکيون ڀرجي آيون انهن جو ڇا ته داد هو مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيو ته هي مڃتا ڏسي ڪٿي منهنجي اندر ۾ گهمنڊ نه پيدا ٿي پوي.   

صادق فقير جديد سنڌي شاعري ۾ شيخ اياز کي دل سان ڳائيندو هو. شيخ اياز جڏهن ڪراچيءَ ۾ روبرو کيس ٻڌو ته بي اختياري ۾ چيو ته منهنجي شاعري کي جنهن آواز جي ضرورت هئي، اهو ملي ويو آهي. صادق چوندو هو ته ڀٽائي کي منفرد انداز سان ڳائيندڙ موهن ڀڳت ٿر مان هو، ماڻهو هن کي ڀٽائي جو راڳي سڏين ٿا. آئون اياز کي به انوکو ڳائڻ چاهيان ٿو.جئين ماڻهو مون کي شيخ اياز جي راڳي طور سڄاڻين. هن شيخ اياز جي وفات تي شيخ اياز جي الوداعي گيتن جي ڪيسٽ به رڪارڊ ڪرائي.

صادق فقير راڳي سان گڏ پنهنجي شخصيت ۾ به سگهارو شفيق انسان هو، دوستن جو دوست ۽ هيڻن جو همراه هو. هن جو دسترخوان ڪشادو هو. سڄي سنڌ مان دوست ٿر ۾ صادق جا اچي مهمان ٿيندا هئا صادق فقير جي اوطاق تي کائڻ پيئڻ سان گڏ راڳ ٻڌڻ جي لاءِ ملندو هو. ڪنهن فقير فقراجي گاڏي ۾ تيل نه هوندو ته اهو به ماٺڙي ۾ ڀرائي ڏيندو هو متان ڪنهن کي خبر پئي.صادق فقيرکان  محفلن ۾ سائينداد ساند به گهڻو ٻڌو ويندو هو عبدالواحد آريسر هي ٻول به ڏاڍا مشهور ٿيا ته صادق فقير جي آواز ۾ سائينداد ساند جي شاعري ٻڌون ٿا ته محسوس ٿئي ته ٿر ۾ سدائين ڏڪار رهيو پيو آهي.                   

صادق فقير ٿر ۾ روهيڙي جي گلن جو جنم ڏينهن  ۽ وسڪاري جي آجيان جا ڏينهن ملهائيندو هو. مٺي جي هر ماڻهو وٽ صادق فقير جي ساروڻين جون هڙوٽڙيون آهن. هو پنهنجي گهر کان نڪري ٿر ڪتاب گهر جي سامهون چاچي رتن جي هوٽل تائين پهچندو هو ته وچ ۾ ڪيترائي مزاح ۽ ٽهڪ جا گل ورهائي ڇڏيندوهو. هو گفتگو جو به ڳڻوان هو. رتن جي هوٽل تي شام جو کٽون صادق جي ڪچهري جي لاءِ رکيل هونديون هيون. صادق فقير جو تجزيو به ڪمال جو هوندوهو. سچي کري ۽ تز راءِ رکندي به هرڪنهن سان خوب نڀائي ويندو هو.

صادق فقير وٽ ڪڏهن به تلخ لهجو نه هو، صادق فقير ڪڏهن رنو ته پنهنجا لڙڪ لڪائي رنو، ڪو به اهو ٻڌائي نٿو سگهي ته هن صادق کي روئندي ڏٺو، هو هر ڪنهن سان مرڪي ملندو هو، هن جي چپن تي سدائين ٽهڪ هئا، هن ڪڏهن غالب جي انهن سٽن جهڙو ڏيک اچڻ  نه ڏنو ته

نطر لڳي نه ڪهين اس ڪي دست و بازو ڪو،

يه لوگ ڪيون ميري زخم جگر ڪو ديکتي هين

صادق فقير اياز کي نه صرف پڙهيو هو، نه صرف ڳايو هو پر اندر ۾ اتاريو هو، هن جي رڳن ۾ رت سان گڏ شيخ اياز جي شاعري ڊوڙندي هئي، اياز چيو هو ته

جر جي ڄر ڪنهن ڄاتي ڪا نه

لڙڪ اگهياسين لڪي لڪي،

چائنٺ تي چانڊوڪي آهي،

ها پر من جي ڇن ۾ ڇا آهي؟

ڪنهن به ته پاتي جهاتي ڪا نه

کل آئي ته به ڦڪي ڦڪي.

صادق فقير هڪ آرٽسٽ هو جيڪو سدائين با ترتيب صاف سٿري ويس ۾  هوندو هو، هن ڪڏهن پاڻ مئڪشي نه ڪئي، پر مئڪشي جي محفلن ۾ هن جا آلاپ نشا وڌائندا هئا، ادب، انقلاب، آدرش ۽ عشق جي ٿڪل ٽتل ماڻهن جي لاءِ شيخ اياز جي شاعري ۽ صادق جا سر سهارو هوندا هئا. صادق فقير جي سرن سان اونداهين راتين کي دل جي تڙپندڙ تمنا سان بيان ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي، ۽ نوجوان پنهنجي جنون جو جولان صادق جي آلاپ ۾ پروان چاڙهي پنهنجي سپنن جو سنسار گهڙيندا هئا سنڌ ۾ ايترن گلوڪارن هوندي به صادق عشق جي تنها آواز طور ٻڌو ويو. هن جوآلاپ عشق جي چوٽ کاڌل ماڻهن جي زخمن تي مرهم رکندو هو، هن جي صدا هر ڦٽيل دل جي آهه هئي. صادق فقير ميڙ ماڻهن جي ۾ ڳائندي وڄائيندي اڪيلو به هو، جيئن خوشبو اڪيلي هوندي آهي، هو خوشبوءِ وانگر سٺو ۽ سرهو هو، سٺي ۽ سرهي زندگي مختصر هوندي آهي، گل جلد ڇڻي ويندا آهن پوپٽ به ٿورو جيون جئندو آهي.

صادق فقيرصرف سگريٽ پيئندو هو اهي به ڪڏهن ڪڏهن ڇڏي ڏيندو هو، هن وٽ سگريٽ ڪڏهن ائين به هوندوهو جيئن اياز وٽ هوندو هو رڳو چپن تي رکندو هو. صادق فقير نهٺائي نوڙت ۽ فقيري جو مجسموهو ته فنڪاراڻا انا جو انوکو روپ هو انهي روپ جا رنگ ڏسندي  اياز جو شاگرد اعجاز منگي صادق کي سمجهائڻ جو سوچيندو هو.

صادق فقير پوري ريت منصوبي سان پنهنجو گهر ٺاهيو، پنهنجي ڀائرن کي سنڀاليو، اولاد کي پڙهايو. هو چوندو هو ته؛ “هن فن وسيلي پيار ملي ٿو پئسا ملن ٿا ٻيو ڇا گهرجي اسان جي فنڪارن کي پاڻ سنڀالڻ گهرجي آئون پوري ريت ڪوشش ڪندو آهيان ته سڀ رشتا نڀائي سگهان، ڪٿي ڪا ڪمي نه رهي.”

منهنجي صادق فقير سان پهرين ملاقات ۱۹۹۳ ۾ ٿي، آئون مٺي پرائمري پوري ڪري انگريزي پڙهڻ آيو هوس، منهنجي مٺي ۾ رهائش نارٿ ڪالوني اسڪول جي ڀرسان هوندي هئي، صادق فقير روز اسڪول ويندي ملندو هو، شام جو رتن جي هوٽل تي صادق جي ڪچهري ٻڌڻ جي لاٰءِ ويندا هئاسين اسان ڪتابن کان وڌيڪ ادب، آرٽ شاعري ۽ ان جو تذڪرو صادق کان سمجهيو، ۱۹۹۵،۹۶،۹۷، مٺي ۾ ادبي سرگرمين جو عروج آيو، پيارو شواڻي،خليل ڪنڀار، دولت رام کتري، دليپ ڪوٺاري ۽ ٻيا نوجوان ادبي سرگرمين جا روح روان هوندا هئا،صادق فقير انهن سمورن جو رهنما هوندو هو، موهن ڀڳت جي ورسي ملهائي ٿي وئي، ته اياز گل سان رهاڻ رچي رهي هئي رائچند راٺوڙ کي ساريو ٿي ويو، عبدالرحمان نقاش کي ڀيٽا ڏني ٿي وئي.انهي دور ۾ دوستن صادق فقير سان  به شام ملهائي انهي شام ۾ منهنجي ادب ۾ پهرين داخلا هئي، هڪڙو گيت پڙهيو، صادق فقير وڏو اتساهيو، انهي پروگرام ۾ منهنجي هڪ ڪلاسي ميوارام ٻالاڻي صادق فقير تي شعر پڙهيو، اسان هن جي پيروڊي ٺاهي، ڏاڍا کلياسين صادق فقير ۽ شاعر اسان سان گڏ راحت وٺي رهيا هئا. سائين پريم شواڻي ۽ فقير مقيم ڪنڀر جي پٽن سان هن جو گهرو تعلق هو، فقير مقيم چونڊن ۾ بيٺو ته ورڪ به صادق فقير ڪيا.پياري شواڻي شيخ اياز جي شاعري جي ترجمي جي مجموعي “ٻاٻيهو ٿو ٻولي “ جي ارپنا صادق فقير جي نالي ڪئي.

صادق فقير دل جي عقيدت سان ڀٽائي ڳاتو، پر ساڳي وقت شيخ اياز جي شاعري ڳائي ڀٽائي سان ڊگها ڊائلاگ پڻ ڪيا هن ڀٽائي کان اياز جي لفظن ۾ موڪلايو به سهي، اسين سمجهي نه سگهياسين؛

چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو، آئون هلان ٿو.

سماجي طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سان واڳيل رهيو ۽ آخري وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مٺي شاخ جو صدر هيو.ڪجهه ڏينهن اڳ مهان ڏاهي محمد ابراهيم جويي جي سالگراه تقريب ملهائي وئي ته مقامي ميزبان صادق فقير هو.صادق فقير سنڌي ادبي سنگت مٺي جو سيڪريٽري به رهيو. سنڌ فنڪار ٽرسٽ جو مٺي ۾ يونٽ به قائم ڪيو. مٺي جي دوستن کي ادبي پروگرامن جي لاءِ وڏو اتساهيندوهو. جڏهن به دوست ٿڪي ٽٽي صادق سان ملندا هئا ته صادق جون ڳالهيون ڏڍ ٿي پونديون هيون.هن کي شاعري جي وڏي پرک هئي. صادق فقير شاعري کي سرن جا کيس پارائيندوهو. هن ڌرتي جون ڌنون ستارن وانگر ميڙي موسيقي جي چنڙي کي چمڪايو.

تاريخ ۲۶ فيبروري ۲۰۱۵ع تي صادق فقير سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو. سندس وڇوڙي تي ٿر جا مور روئن ٿا ته. خيرپور جون کجيون لڙڪن هاڻيون ٿيون آهن، شاه لطيف ۽ شيخ اياز جون وايون ورلاپ ڪن ٿيون. ميران ۽ ڪبير جا دوها درد ونڊين ٿا.  مٺي جتي صادق جا سر ۽ ٽهڪ ٻرندا هئا اها مٺي سڏڪن ۾ ٻڏي وئي آهي خليل ڪنڀر ۽ کاٽائوجاني ڪنهن کي ڳل ڳراٽڙي پائي اوڇينگارون ڏين نوجوان شاعر شهاب دين نهڙي ۽ اياز بجير به جهري پيا آهن، علي اڪبر راهمون ۽ نصير ڪنڀر جون اکيون اشڪبار آهن. صادق فقير اڄ مان ڪلهه ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

ياد ماضي اياز ائين آيو؛

رات روز حساب جيئن گذري.

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد جي ڪاوش دنيا ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


صادق فقير

سنڌ جي الستي آواز جون ساروڻيون

دولت رام کتري

موسيقي جي حوالي سان مٺي شهر جي پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ رهي آهي. ھن شھر مان وڏاوڏا نالا موسيقي جي دنيا ۾ اڳتي آيا بعد ۾ اھي نالا ٿر جي سڃاڻپ بڻجي ويا. موھن ڀڳت، مائي ڀاڳي، مراد فقير، حسين فقير، ٻڍو فقير ،عارب فقير، ڪريم فقير، رجب فقير ۽ ٻيا ڪلاڪار مٺي جا اھي نالا آهن جن موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو قدر پاڻ ڪرايو.مٺي شھر جي انهن ڪلاڪارن۾ ھڪڙو نالو صادق فقير جوپڻ ھو جنھن جي آواز تي سنڌ جا عاشق گڏ ٿيندا ھئا.اھو صادق فقير جيڪو 26 فيبروري ۲۰۱۵ع تي سعودي عرب ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو هو. هن جي وڇوڙي کي ست سال گذري چڪا آهن، پر دل مڃي ئي نٿي ته صادق اسان کان ڪھين ڏور ھليو ويو آهي. ۲۰ مارچ ۱۹۶۳ع ۾ مٺي شهر ۾ تپيدار فيض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ صادق فقير سنڌ جو اُهو الستي آواز هو جنهن گائيڪي جي دنيا ۾ پنهنجي ننڍي ڄمار ۾ مڃتا ماڻي. ۱۹۸۲ع ۾ ڪاليج جي دور ۾ هڪ پروگرام ۾ هڪ شاگرد جي حيثيت سان  جڏهن هن ڳايو هو تڏهن مٺي ڪاليج جي هڪ پروفيسر پرشوتم واسواڻي صادق کي اتساهيندي چيو هو ته “فقير جو ٻار روئندو به سُر ۾ آهي تو محنت ڪر ۽ راڳ جي دنيا ۾ اڳتي اچ“. پرشوتم واسواڻي جي ڏنل انهي اتساهه هُن کي راڳ جي دنيا ۾ اڳتي آندو.

بعد ۾ ھن کي ڪريم فقير ۽ امولک امر جو ساٿ مليو  جوھن آھستي آھستي ڳائڻ طرف لاڙو وڌايو. راڳي ڪريم فقير چواڻي ته صادق تمام گهڻو شرميلو نوجوان ھو جنهن کي اسان آھستي آھستي  راڳ جي طرف آندو ايئن ئي هن پنهنجي مامي حسين فقير کان ڳائڻ جي سکيا ورتي. ۱۹۸۳ع واري دور ۾ سائين تاج جويو مٺي ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرار طور مقرر ٿي آيو ھو. انھي دور ۾مٺي ۾ سائين حاجي محمد دل، پرشوتم واسواڻي، تاراچند راٺي جا لکيل اصلاحي اسٽيج ڊراما ناٽڪ ۽ ٻيا ثقافتي پروگرام پڻ پيش ڪيا ويندا هئا.  اسٽيج ڊرامي“ آس نراس” ۾ صادق فقير هڪ شاعر امولک امر جي شاعري “موهن مون سان رسڻ ڇڏي ڏي اکڙيون کول ته ڏسان” ڳائي هئي. انهي درد ڀري ڪلام صادق فقير کي پنهنجي علائقي ۾ سڃاڻپ ڏني. انهي ساڳئي عرصي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي جڏهن صادق ايازگل جي وائي “توکان ٿيندي ڌار” ڳائي هئي تڏهن انهي وائي هن کي شهرت جي بلندين تائين پهچايو. انهي کان پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ شمشير الحيدري، صادق فقير کي پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو هو. انهي کان پوءِ صادق فقيرجڏهن شيخ اياز جي شاعري کي جديد ڌنن ۾ ترتيب ڏئي اسٽيجن تي ڳايو تڏهن ايازجي شاعري سنڌ جي جهر جهنگن ۾ ٻڌجڻ لڳي ۽ ايئن ئي هو جڏهن اسٽيجن تي اياز جا مزاحمتي گيت ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“  ڳائيندو هو تڏهن انهن گيتن تي سنڌ جا نوجوان جهومي پوندا هئا.

هن اياز جا مزاحمتي گيت ڳائي سنڌ جي قومي تحريڪن ۾ ۾ نئون روح ڦوڪيو .صادق فقير سنڌ جي هر رنگ کي ڳايو.هن سنڌ جي جديد شاعرن کي به نئين رنگ ڍنگ سان ڳايو.پر ھن جي سڃاڻپ اياز جا گيت بڻيا.هُن جي سُرن تي سنڌ رقص ڪندي هئي.صادق فقير پنهنجي خوشي مزاجي ۽ فقيري طبيعت سبب سڄي سنڌ ۾ پنهنجا مداح هزارين دوست ٺاهيا. صادق فقير جي فقيراڻي طبيعت ماڻهن کي پنهنجو ڪري وٺندي هئي. هن جي دوستي جو ادراڪ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وسيع ھوندوهو. مٺي ۾ ھن جي اوطاق تي مھمانن جا ميڙا متل ھوندا ھئا. وسڪاري جي مند ۾ سموري سنڌ کان سوين دوست جڏهن ٿر گھمڻ لاءِ ايندا ھيا تڏهن ھو انهن دوستن جي دل کولي مھمانوازي ڪندو ھو. مٺي ۾ صادق فقير اسان جي ڪچھرين جو مور هوندو هو.صادق جي وڃڻ کان پوءِ ھاڻي اسان جون  اھي ڪچھريون رسي ويون آهن. نجي ڪچھرين ۾ صادق ۽ اسان جا هڪ ٻئي سان ڀوڳ، چرچا، لطيفا ۽ صادق جا ٽهڪ هوندا هئا ۽ ماما وشن ٿري سان ھن جي تمام گهڻي ھجت ھوندي ھئي. صادق فقير ماما وشن ٿري کي ايندو ڏسي چوندو ھو اچي ويو “خانداني”. هن جي سموري زندگي سفر ڪندي گذري هو ڪڏهن به ڪو نه ٿڪبو هو.

هو هر هنڌ پروگرام ۾ پهچي ويندو هو. ھن جو وڏو ظرف دوستن جي عزت ڪرڻ ھر سڏ ۾ گڏ ھجڻ ۽ دوستن جي اسرار تي سنڌ جي مختف شھرن ۾ محفلون مچائڻ ۽ ھر دوست کي پنهنجو سمجھڻ ھوندو ھو. ھن پنهنجي حياتي ۾ سموري سنڌ گھمي ھئي .اسان دوست هن کان پڇندا هئاسين ته “يار صادق سڄي سنڌ جو سفرڪندو آهين، ڀلا اهو ٿڪائيندڙ ته هوندو” ته هو مُرڪي جواب ڏيندو هو ته “سنڌ ڏاڍي سهڻي آهي، ان جا شهر، ڳوٺ ۽ ماڻهو ڏسي سڀ ٿڪ لهي ويندا آهن”. صادق فقير مٺي جو محبتي ماڻهو هو، هن پنهنجي محبتي مزاج ذريعي مٺي جي علمي ادبي لڏي کي هڪ مالها جيان پروئي رکيو هو. مون کي ھاڻي ايئن لڳندو آهي ته اھا مالھا ھاڻي ٽٽي پئي آهي.ست سال اڳ ۲۶ فيبروري جو اڀاڳو ڏڻ اسان لاءِ صادق جي موت جي خبر کڻي آيو ته “سعودي عرب ۾ صادق فقير هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو آهي”. هن جي موت جي خبر جڏهن سنڌ جي جهر جهنگن تائين پهتي هئي تڏهن سنڌجي ماڻھن جي دلين ۾ ھڪ تڏو وڇائجي ويو ھو. مٺي جي ماڻهن پنهنجي گهرن ۾ چلهه ڪونه ٻاريي، هر طرف ڏک واري ڪيفيت ھئي.جڏهن صادق فقير کي هولي جي ڏهاڙي، مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو تڏهن مٺي واسين هولي جو ڏينهن سادگي سان ملهايو هو انهي ڏينهن مٺي ۾ هندو برادري طرفان سو سالن کان نڪرندڙ “پلي جي رسم” واري ريلي به نه نڪتي هئي ۽ ھولي جي ڏينهن ھندو برادري جي ماڻهن ھڪ ٻئي تي رنگ پڻ ڪو نه ھاريا ۽ اداسي جي ڪيفيت ۾ مٺي واسي ايئن چوندا رهيا ته؛

تو بن صادق ڪهڙي هولي،

ڪيئن ملهايون رنگ رنگولي. (ديال صحرائي)

هاڻي جڏهن مٺيءَ تي باک ڦٽي ٿي ۽ شام ويلي جڏهن ڏيئا ٻرن ٿا تڏهن انهي وقت هاڻي مٺي ۾ صادق جا سُر نٿا ٻُرن ۽ مٺي سچ پچ اياز گل جي هنن سٽن جيان اداس لڳي ٿي.

تون کان ٿيندي ڌار،

مٺي ڪوڙي ٿي لڳي،

صادق منهنجا يار!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

 

صادق فقير

ٿر جي ڀٽن مان اُڀرندڙ اَلستي آواز!

گھنشام شيام

هونئن من موهيندڙ موسيقي ۽ شاندار سرجندڙ شاعري جي سنڌ ۾ ڪڏهن به اڻاٺ نه رهي آهي ۽ دنيا جي ٻين خطن کان سنڌ جي موسيقي کي پنهنجا منفرد نرالا رنگ ۽ آلاپ آهن. انهي ڳالھ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، جي چيو وڃي ته سنڌ جي موسيقي کي جيارڻ ۾ ٿر جي ڪلاڪارن جهڙوڪ موهن ڀڳت، مائي ڀاڳي کان وٺي صادق فقير تائين، ڪريم ڏنو فقير کان وٺي رفيق فقير، برڪت فقير، رجب فقير، عباس فقير؛ منظور سروري، احمد فراز، راحت ۽ نزاڪت فقير تائين ڪلاڪارن پنهنجي مثبت ڪردار نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. اها مڃيل حقيقت آهي ته موسيقي روح جي غذا آهي، موسيقيءَ جو سُر ملهاري هجي ته بوندون بس نه ڪن، جي ديپڪ راڳ هجي ته باھ ڀڙڪي اٿي. يعني موسيقي من کي ٺاري ٿڌو به ڪري ٿي ۽ ٻاري به ٿي. اها موسيقي آهي جيڪا لازوال شاعريءَ جي سنگم سان انگ انگ جهومائي رقص جا انوکا رنگ متعارف ڪرائي ٿي، اها موسيقي آهي جيڪا شاعريءَ جي رنگ ۾ رڱجي جنگ جي ميدان ۾ به جوڌن کي اتساھ ڏئي ٿي، انهيءَ ڳالهه جو ذڪر اڄ به جنگي جوان ڪن ٿا ته نورجهان جي ترانن جنگ دوران نوجوانن کي جوش ڏياريو ۽ اتساھ پيدا ڪيوـ اها موسيقي ئي آهي جيڪا جڏهن مزاحمتي شاعري سان گڏجي ٿي ته آزاديءَ لاءِ ايمان پختو ڪري ٿي ڇڏي، موسيقي اکين کي آگمايو به ڇڏي ته موسيقي مايوسين کي موڪل ڪرايو به ڇڏي. اهڙي موسيقي جي دنيا جو هڪ سريلو الستي آواز جيڪو ٿر جي ڀٽن مان اڀريو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ صدا بڻجي گونجيو، ڪوئل جي ڪوڪ جھڙو مڌر آواز سنڌ جي سڃاڻپ بطور صادق فقير جو آواز هو، جنهن جي آلاپ ۾ سرور جي ندي وهندي هئي جيڪا مايوسين کي ٻوڙي خوشين ۾ تاروتار ڪري هلي ويندي هئي، هن جي آلاپ ۾ڪوئل جي ڪوڪ جهڙو مٺو درد هو، هن جي آلاپ ۾ سچ پچ سنڌ جي دل جي ڌڙڪڻ هئي.

ٿر جي ٿڌڙي مٽيءِ مان جنم وٺندڙ الستي آواز جو مالڪ، صابرين، خوش مزاج ۽ محفل جو مور ماڻهو صادق فقير جيڪو پنهنجي زال شميم، ڌيءَ عظمي ۽ ٽن پٽن راحت علي، رضا علي ۽ نزاڪت علي سان گڏ ڀلي پار ويل هو، واپس ايندي ان بدنصيب وين جي ٽائر برسٽ ٿيڻ ڪري ۵۱ سالن جي ڄمار ۾ اٺ سال اڳي اڄوڪي تاريخ ۲۶ فيبروري ۲۰۱۵ع تي خميس جي شام اسان کان هميشه جي لاءِ ڌار ٿي ويو ۽ مداحن لاءِ مٺي کاري ڪري ويو. سچ پڇو ته مٺي جي سڃاڻپ مائي ڀاڳي ۽ ڀڳت ڪنور کڻي به هجن پر مونکي مٺي صادق فقير کان سواءِ کاري ۽ ٻسي لڳي ٿي. هن پنهنجي شروعاتي تعليم مٺيءَ جي لوڪل گورنمنٽ جي اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڊگري پڻ پاس ڪيائين. هو ڪبير جي دوهي جهڙو درد رکندڙ ماڻهو هو، هو هلڪي قد، سرمئي شام جهڙي رنگ سان جانٺو جوان، ڌيمي آواز سان دل ۾ جڳھ ٺاهڻ وارو صابرين سريلو ماڻهو هو، جنهن جو الستي سريلو آواز واقعي سنڌ جي صدا هو، هن جي مڌُر آواز ۾ هڪ اهڙو سرور هو جو ڪوئل کي به ماٺ اچي ويندي هئي ۽ ٻڌندڙن جي مايوسي موڪلائي ويندي هئي، ھو ڪچھري جو ڪوڏيو ھو اصل کلائي کلائي ماڻھن کي خوش ڪري ڇڏيندو ھوـ ھو وڏائي جي وس ۾ نه رھيو، رڳي ننڍڙي ڪال تي، نينھن وارن جي نياپن تي اچي محفل مچائيندو ھو ۽ ڪڏھن به ٻٽو ٻڌي وڏي پئسي جي ڊمانڊ نه ڪيائين۔ جي ڪجھ به نه مليو ته به ھن خانصاحب کي ارھائي نه ٿيندي ھئي ـ اهڙي سريلي آواز جي سنڌ جي نالي واري شاعر شيخ اياز اڌ صدي تائين ڳولا ڪئي نيٺ صادق جي آواز شيخ اياز جي شاعريءَ کي بلندين تائين پهچايو. صادق فقير ۲۰ مارچ ۱۹۶۴ع تي مٺيءَ ۾ تپيدار فقير فيض محمد مڱڻهار جي گهر ۾ اک پٽي، هن سندس مامي حسين فقير کان راڳ جي سکيا ورتي، سندس بقول هن پنهنجي راڳ جي شروعات ڪاليج جي دور ۾ اسٽيج ڊرامي ۾ گيت ڳائي ڪئي، جنهن جي رڪارڊنگ ٿري ماڻهن کي ڏاڍي پسند آئي، ائين هن ۾ ڳائڻ جو حوصلو پيدا ٿيو. ۱۹۸۶ع ۾ آرٽس ڪائونسل پاران فنڪارن سان ملهايل شام ۾ هن بهتر انداز ۾ ڳائي عنايت بلوچ کي پاڻ وڻايو، جنهن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي کيس موسيقيءَ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو ۽ ان کان پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ مرحوم شمشير الحيدري پي ٽي وي ڪراچي اسٽيڊيو تي کيس متعارف ڪرائي وڌيڪ سنڌ ۾ پاپولر ڪيو. ۱۹۹۲ع ۾ هن شميم سان شادي ڪئي ۽ انهيءَ سال پنهنجي منفرد نرالي ڪمپوزيشن سان نامياري شاعر اياز گل جي ڪلام “تون کان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لار ڪري” کي ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، خاص ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ هن کي وڌيڪ مان ۽ محبت ملي پر هن ٿر کي ڪڏهن به نه ڇڏيو. هن امداد حسيني کان وٺي ايوب کوسي تائين، هن شيخ اياز کان وٺي لطيف سرڪار تائين، هن مرزا غالب کان وٺي فيض احمد فيض تائين سٺن شاعرن کي خوب ڳايو. هن دبئي انڊيا، سينگاپور، آمريڪا، انگلنڊ، ڪئناڊا ۽ سعودي عرب ۾ سنڌي، اردو، سرائيڪي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هن شاه عبدللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ مائي ڀاڳي ايوارڊ ٿري ڳائڪ جي حيثيت ۾ حاصل ڪيا. سچ پڇو ته محبتن جي فيبروري مهيني ۾ مٺي نه بلڪه پوري سنڌ صادق کي ساري ماٺ ٿي وڃي ٿي. صادق کان سواءِ مون لاءِ مٺي ائين آهي جيئن مٺي ۾ منهنجي محبتن کي کاٽ لڳو هجي، هاڻ مٺيءَ ۾ محبتن جو وکر ملڻ مشڪل آهي، انهي مهيني کان پوءِ هر ايندڙ هولي ۾ ڪوئي هُل نٿو هجي، اڄ هو اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي، هر اسٽيج هن کانسوءِ ٻُسو آهي پر هن جي آواز ۾ سڄي سنڌ اياز گل جي هيٺين سٽن کي جهونگاري پئي.

تو کان ٿيندي ڌار،

کـلندي کلندي يار،

لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.

هو طبيعت ۾ انتهائي سنجيده ۽ فقير منش ماڻهو هو، سدائين خوش مزاج، ڪچهريءَ ۾ ڀوڳن جا ڀنڊار کڻي، مزيدار قصا ٻڌائي ويٺلن کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. هن کي اياز سان ڏاڍي محبت هئي، هو سدائين پنهنجي مَداحن جي موجودگي ۾ ڳائڻ کي پسند ڪندو هو، لوڀ ۽ لالچ هن جي زندگي جي حصي ۾ ڪڏهن به نه آئي، هن کي پئسن جي نه بلڪه محبتن جي بُک هئي. هن مون جهڙي ناچيز جي سڏ کي به ورنايو ۽ وڇڙي وڃڻ کان ٿورو اڳ ۾ اسان پاران ڍورونارو ۾ ملهايل ادبي رهاڻ ۾ منهنجي هن سان آخري ملاقات ٿي، هو مونکي پهرين ڏينهن کان آخري ڏينهن تائين طبيعت ۾ بلڪل ساڳيو ماڻهو لڳو، هن کي شاعري جي سليڪشن ڪرڻ جو منفرد انداز هو، ھو چوندو ھو ته اياز کي ته سدائين ڳايون ٿا پر ڪڏھن ڪڏھن اوھان کي به ڳائجي. هن انڊين ڌُنن جي نقل واري دور ۾ به شاعري کي منفرد ڌُنن سان ڳايو، اهي ئي سبب آهن جو ڳائڪي سان لاڳاپيل ماڻهو سدائين هن جي نئين ڪليڪشن ٻڌڻ لئه منتظر رهندا هئا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



صادق فقير

ذڪر سنڌ جي هڪ الستي آواز جو!

فقير منور ساگر

سنڌ ڌرتي جي سيني جي سونهن سمجهيو ويندڙ آواز ٿر جي ڀٽن کان ٿيندو دنيا جي مختلف ملڪن تان پهتو ۽ ان آواز جي ڪشش ۾ سنڌ جي هر طبقي جو ماڻهو هُن جي آلاپ سان گڏ هُن فقير جي فقيري جو مداح ٿي پيو. ڪنهن به نه ڄاتو هو ته هو ائين سڀني کي اڪيلو ڪري مڪي شريف جي اُن مقام تي خالق حقيقي جي حضور ۾ حاضر ٿيندو. هي اهو راڳي هو، جنهن کي سنڌ جي ماڻهن صادق فقير جي نالي سان سڃاتو ٿي. ٿر جي مڱڻهار خاندان جي تپيدار فيض محمد جي گهر ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۶۳ع مٺي جي سونارا محله ۾ اک کوليندڙ ٻار جيڪو ڪنهن الستي فقير جي دعا سان تپيدار فيض محمد کي مليو.

صادق فقير شروعاتي تعليم مٺي ۽ ڏيپلو مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان ۱۹۸۱ع ۾ ميرواهه گورچاڻي مان پاس ڪيو، ڇاڪاڻ جو پيءُ تپيدار هجڻ ڪري جتي بدلي ٿيندي هئي، اتي پنهنجا ٻار پڙهائيندو هو، ان ڪري صادق پنهنجي بچپن جو ڳچ حصو ڏيپلو ۽ مٺي ۽ ميرواهه ۾ گذاريو. ميرواهه ۾ سندس ناناڻن جو گهر به هو. صادق جو والد تپيدار به شوق ۾ ڳائيندو هو، ان ڪري اها ميراث صادق جي به حصي ۾ آئي ۽ ٻيو وري مڱڻهار گهراڻي سان تعلق هجڻ به ان فن کي هٿي ڏني. صادق فقير جو مامو حسين بخش مڱڻهار به ٿر جي بهترين گائڪن ۾ شامل هو ۽ ٿر جو بهترين موسيقار (ڪمپوزر) به هو. صادق بچپن کان ئي شرميلي ۽ سٻاجھي طبيعت وارو سلڇڻو ٻار هو پر هُن کي ڳائڻ جو بچپن کان ئي شوق هو. اسڪول واري زماني ۾ ڪو ڪٿي ڳائڻ لاءِ چوندو هو ته هو ڳائڻ اڌي ۾ ڇڏي ڀڄي ويندو هو .

۱۹۸۲ع ۾ مٺي ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران ڪاليج جي استاد سائين پرشوتم واسواڻي چيو هو ته مڱڻهار جو ٻار روئندو ته به سر ۾. بقول صادق جي ته مون کي ڳائڻ ۾ همٿ سائين پرشوتم ٻڌرائي. اگر سائين پرشوتم همٿ نه ڏياري ها ته آئون ڳائي نه سگهان ها. ڪاليج جي ڪنهن فنڪشن ۾ صادق پرشوتم واسواڻي جي فرمائش تي “ٻڌائيان مان ڪنهن کي غم جو فسانو، آهي بي وفا هي سارو زمانو” گيت ڳاتو ته واهه واهه ٿي وئي. ۱۹۸۳ع دوران صادق فقير کان پيءُ جي ڇانءُ هميشه لاءِ کسجي وئي، جنهن ڪري سدائين موجن ۾ رهندڙ صادق فقير کي ڪجهه ڏکيا ڏينهن به ڏسڻا پيا. پيءُ جي شفقت کان محروم بڻيل صادق جي تعليم به متاثر ٿي ۽ انٽر پاس نه ڪري سگهيو ۽ صادق گهر هلائڻ لاءِ مٺِي جي بس اسٽينڊ تي ڪيبن کولي ۽ اها ڪيبن ڪو گهڻو وقت نه هلي. ڪنهن سياسي جلسي ۾ وڃڻ ڪري اها ڪيبن کليل ئي رهجي وئي ۽ سامان ماڻهو کڻي ويا. پوءِ صادق سلطان آباد ۾ ڪاٽن فيڪٽري تي ڪجهه عرصو ملازم طور ڪم ڪيو. ۱۹۸۵_۱۹۸۴ دوران تاج جويو به مٺي ۾ ليڪچرر ٿي آيو. تاج مٺي جي ماحول کي ادبي رنگن سان ڀري ڇڏيو ۽ مٺي ۾ حاجي محمد دل سائين پرشوتم واسواڻي ۽ تاج جويو ڪو ڊرامو پئي ڪيو ۽ هن ۾ نوجوان فنڪار جي ضرورت هئي. اهو ڪم ڪريم فقير تي رکيو ويو ۽ ڪريم فقير سلطان آباد وڃي صادق فقير کي وٺي آيو. بقول ڪريم فقير جي ته صادق مٺي اچي ڳائڻ لاءِ تيار نه هو پر منهنجي بي حد گهڻي اصرار تي هي واپس مٺي آيو ۽ مٺي جي ڊرامي آس نراس ۾ هن امولک نائي جيڪو مٺِي جو لوڪل شاعر هو، هن جا ٻول “موهن مونکان رسڻ ڇڏي ڏي” ڳايو، جنهن صادق کي مٺِي ۽ آس پاس جي علائقي ۾ نروار ڪري ڇڏيو. هن جو آواز ماڻهن جي دلين ۾ داخل ٿي ويو ۽ هن ڊرامي دوران جڏهن هي ٻول صادق جي آواز ۾ سرن جو روپ وٺي ماڻهن جي سماعتن تائين پهتا ته ماڻهن بي اختيار روئي ڏنو. ائين صادق فني دنيا ۾ داخل ٿي ويو. ان وقت هن سان ڍولڪ تي سنگت ۾ ڪريم فقير گڏ هوندو ۽ مٺين نئون ڪوٽ جي آس پاس جي علائقن ۾ صادق جا ننڍا وڏا پروگرام ٿيڻ شروع ٿي ويا .

۱۹۸۶ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٿر جي فنڪارن کي سليڪٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پروگرام آرٽس ڪائونسل ۾ رکيو، جنهن ۾ صادق فقير بهترين گلوڪار طور پهرين نمبر تي چونڊيو ويو. جنهن بعد صادق فقير کي ريڊيو تي انٽري ملي وئي ۽ پروڊيوسر نصير مرزا صادق فقير جو ريڊيو تي پهريون لوڪ گيت “پايل موري باجي رمجهم رمجهم” ۽ ٻيو لوڪ گيت “رومال مارو رنگيو” رڪارڊ ڪيو. انهن لوڪ گيتن جو موسيقار ۽ شاعر صادق فقير جو مامو ۽ استاد حسين فقير هو. ۱۹۸۸ع ۾ شمشير الحيدري معرفت پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي پروگرام ڪچهري ۾ پنهنجي آواز کي رڪارڊ ڪرايو ۽ ۱۹۸۸ع ۾ لوڪ ورثه اسلام آباد جي دعوت تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ويو، جتي به صادق فقير کي پهريون نمبر مليو ۽ ٻئي ڏينهن تي انعام ملڻو هو ته اسلام آباد ۾ اوجهڙي ڪيمپ وارو واقعو پيش آيو. صادق فقير ۽ ٿر جا ٻيا فنڪارن پنهنجي حياتي بچائڻ لاءَ ڪيتروئي پنڌ ڪري پٺاڻن جي ڪيئپ ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ اهو واقعو صادق جي زندگي جي خطرناڪ ترين واقعن ۾ شامل هو، جنهن جو هن ذڪر پنهنجي ڪيترين ئي انٽرويوز ۾ پڻ ڪيو آهي، جتي هن موت کي پنهنجي اکين سان ڏٺو هو.

صادق کي فقير شير محمد بلالاڻي جيڪو ٿرپارڪر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو اهم اڳواڻ آهي ۽ صادق جو ويجھو دوست آهي، تنهن تعليم کاتي ۾ نوڪري جو آرڊر ڏنو. صادق ۱۸ نومبر ۱۹۸۹ع تي فضل ڀنڀرو جي هاءِ اسڪول ۾ پي اي ٽي طور نوڪري جوائن ڪئي. صادق فقير ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز جي الوداعي گيتن تي ٻڌل البم جاري ڪيو، جنهن البم رڪارڊ ڪرائڻ ۾ بخشڻ مهراڻوي اهم ڪردار ادا ڪيو. بخشڻ زور نه ڀري ها ته شايد هي البم رڪارڊ نه ٿي سگهي ها. صادق مٺِي جي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري به رهيو ۽ سنڌ فنڪار ٽرسٽ جو به عهديدار به هو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

صادق فقير جي نالي ھڪ خط!

حجابي عشق کي تو اظهار جو نئون سليقو ڏنو هو!

ڀارومل امراڻي

پيارا صادق فقير!

تنهنجي آلاپ ۾ اچي شيخ اياز جي شاعري ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڦلڙيون ڦلڙيون ڇاپ ٿيندي هئي. تنهنجي سرن ۾ جهڙالي جيءُ وارا انسان مئڪدي جي اداس سانجهي ۾ پيئندي پنهنجي سوچن جي سنڌ ۾ ڪنهن تماچي جي سواگت لئه نورا پائي نوري کي نچندي ڏسندا هئا. عشق جي اڀن ڪاون تي هلندڙ نوجوانن جي هاسٽلن ۾ رات دير تائين تنهنجا گيت گونجندا هئا، تنهنجي سرن جي ميٺاج ۾ انهن کي محسوس ٿيندو هو ته، “هُوءَ ته هلي ويئي آهي پر هُن جي وارن جي خوشبوءِ اڃان ويئي نه آهي، وڇاڻو اڃان گلن سان غرق آهي”. ڄام شوري جي پٿريلي پٽ تي سنڌ جون الهڙ جوانيون تو سان رهاڻ رچائڻ جي لاءِ آتيون هونديون هيون، تون انهن کي پنهنجي درديلي آلاپ ۾ شيخ اياز جي سٽن سان سمجهائيندو هئين ته جنهن سان محبت ٿي ويندي آهي، اهو ٻيو رهندو ناهي. محبت ۾ ٻيو سوچڻ وڏو ڏوه آهي. انهن رس ڀريل رهاڻين ۾ شيخ اياز جي شاعري جي اوت ڪندي تو کي ميران جي ڪوتا به ياد ايندي هئي، تون باجي تي هٿ روڪي چوندو هئين ته، “هڪ دفعي راڌا ڪرشن کان پڇيو ته ڪرشن تون پيار مون سان ٿو ڪرين ۽ وري تو شادي رڪمڻي سان ڪئي آهي، ته ڪرشن جواب ڏنو ته راڌا، شادي ٻن جيون جي وچ ۾ ٿيندي آهي. پاڻ ۾ ٻيو ڪير آهي؟” انهي ڪهاڻي جي تمهيد سان تنهنجا چپ ترنم ۾ چرندا هئا ته.

“تمري ڪارڻ سب سک ڇوڙيا،

اب موهي ڪيون ترساوو،

ميران داسي جنم جنم ڪي،

انگ سين انگ لگائو ”

ائين حجابي عشق کي تو اظهار جو نئون سليقو ڏنو هو. هاڻي انهن عاشقن جو ڇا ٿيندو، جن وٽ محبوب جي مرڪ جي مسرت ماڻڻ جو واحد ذريعو تنهنجي سر ۾ شيخ اياز جي شاعري هئي.

تنهنجي ذات ۾ ڪٿي ٺٺ ٺانگر ۽ پاڻ پڏائڻ جو رويو نه هو، تو ڪڏهن موت جي باري ۾به نه سوچيو هو، تنهنجو سدائين زندگي ۾ اعتبار رهيو، تو فن ۽ عشق جو گڏيل سفر شروع ڪيو هو.

مٺڙا صادق! موت جو تيز طوفان زندگي جا ديپ اجهائي سگهي ٿو پر فن جي فانوس کي لوڏي به نٿو سگهي. تون پنهنجي محبوب شاعر وانگر ڪشمور کان ڪارونجهر تائين ڦهليل سموري سنڌ جو راڳي هئين. تنهنجي اندر ۾ ٿر به هو ته ڪاڇو به هو. لاڙ جي سارين جي خوشبوءِ هئي ته لڪيءَ جا چشما به هئا. ڪارونجهر جي ارڏي آتما هئي ته تنهنجي من ۾ مالڻهور ويڻا جا بي چين مور به مٽڪو ڪندا هئا. تنهنجي سرن ۾ کيرٿر جا گڊ ڇال هڻندا هئا ته روه جي ڪونجن جي گونج به ٿيندي هئي. تون رمتي بادل جو روپ هئين ته ٿر ٻاٻيهي جي تڙپ به هئين.

شيخ اياز جي شاعري وانگر تو پنهنجي سُرن جي لاءِ ڪائي حدبندي نه رکي هئي. تو ديس پرديس ۾پنهنجي مداحن سان درد جو اهڙو رشتو جوڙي رکيو هو، جيڪو رت جي رشتي کان به گهرو آهي. انهيءَ رشتي ۾ ڪوئي تنهنجي من ۾ چنڊ ٿي رهيو، جنهن جي لاءِ تو وٽ آڌي اڪير رهندي هئي. تون ديس پرديس ۾ اتاولو ٿي ڳائيندو هئين ته،

سکي پيا کي ملين ته چئجان، چاندني تو سِوا نه ٿيندي،

اچين ته منهنجي اُماس ۾ آ، ڇو ته ٻي رات ڪا نه ايندي.

انهيءَ ڪيفيت ۾ تو کي جگجيت جو اهو گيت پڻ ڏاڍو وڻندو هو ته، “هم تو هين پرديس ۾، ديس ۾ نڪلا هو گا چاند”. تون بي اختياري ۾ جڏهن جهونگاريندو هئين، تڏهن تنهنجون اکيون لڙڪن جي لڙهندڙ منظرن ۾ ٻڏي وينديون هيون پر تون ڪنهن کي محسوس ٿيڻ نه ڏيندو هئين. هاڻي تنهنجي چاهيندڙن جو اکيون لڙڪن ۾ ٻڏي رهيون آهن. هو پنهنجي گهرن جي پڌرن تي اڪيلا آهن، ٿر جي ڀٽن تي جڏهن چنڊ اڀري ٿو ته چنڊ کي منٿ ميڙ ڪري چون ٿا ته،

چنڊ! پرينءَ کي پرچائي ڏي، مون سان ڪيئن رُٺو!

تون ئي چئه مون ساريون راتيون ڪائي ننڊ ڪئي

پر چنڊ به چيو نٿو ڪري، اندر جي بيقراري وڌي رهي آهي. اندر جي جذبن کي سرن جو ويس ڏيندڙ فنڪار ناهي رهيو. ڪراڙ جي ڪنڌي تي ميڻ بتيون جهيڻيون جهيڻيون ٻرن ٿيون. روشني ۾ چٽاڻ نه آهي. توبن ڪهڙا اوجيس اندر کي روشن ڪندا. سرن ۾ سوز نه آهي توبن ڪهڙا سُر ساز روح کي راحت ڏيندا. وڇوڙي جو ڏک اڏوهي آهي، سُري جيان هڏي کي کائيندو آهي پر انهي ديوانگي جي دلبري ته ڏس هر دل چري چوي ٿي ته مان ٻيهر توسان ملندس. خبر نه آهي ڪٿي، ڪيئن، ڪهڙي ريت پر توسان ٻيهر ملندس

تون اهو ڄاڻندو هئين ته شيخ اياز “ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو” جهڙي سٽ ڇو لکي هئي؟ تو شيخ اياز جي شاعري جي آڌار انسان جي فڪري ۽ ثقافتي سرمايي کي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. تنهنجا سمورا سُر انسان ذات جي امر ورثي جي لاءِ آهن. تون سڀ ۾ پرين پسندو هئين. تنهنجي سرن ۾ تنگ نظري ۽ تعصب جي خلاف مزاحمت هئي. تو انسانيت جي پوئين پڪار کي آواز ڏنو هو. تون شيخ اياز جي ٻولن ۾ چوندو هئين ته،

تنهنجا پير ڇُهان، ڌرتي منهنجي مائڙي

ڀاڪر پايان ڀاوَ مان، ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،

آئون نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منهنجو ماڻهپو.

تنهنجي سرن ۾ وطن جي مٽي مهڪندي هئي، ويساه جي لاءِ واٽون گهڙجنديون هيون. تو دانشورن جي دليل بازي کان وڌيڪ چٽو سادن سرن ۾ شيخ اياز کي عام ماڻهو تائين پهچايو هو.

هيءَ سَينَ نه ڏيندي چَينَ، اُٿي ڏِسُ! ڪوئي آيو آ پيارا

هي شايد ساڳيو رَمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا

هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ “اياز” نه مرڻي آ،

آخر هيءَ رات گذرڻي آهي، تو ڇو گھٻرايو آ پيارا!

تنهنجي انهيءَ ويساه ۽ اتساه تي تاريخ جا ارڏا پٽ آس نراس جي آرسي ۾ سجل نيڻن ۽ سنهڙن چپڙن تان روح پلي قيد خانن ۽ ڦٽڪن جي راه چونڊڻ کي اوليت ڏئي پنهنجي وطن سان سچائي جا قسم تنهنجي سرن جي ساک سان کڻندا هئا. تون ضميرن تان زنگ لاهيندڙ هئين. تنهنجي آواز کي ٻڌي تنهنجي محبوب شاعر تنهنجي آواز کي آمريڪي ڳائڻي پال رابسن سان ڀيٽيو هو ۽ چيو هو ته صادق کي ٻڌي مون کي احساس ٿيو ته ڪيترو وقت آئون جنهن ڳائڻي جي تلاش ۾ رهيو آهيان، مون کي ملي ويو آهي، منهنجي شاعري ۾ هڪ اندروني ترنم آهي، ۽ مان ان تي ئي اڪتفا ڪندو هوس، زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون محسوس ڪيو ته هڪ موثر آواز منهنجي شاعري جي لاءِ ڪيترو نه ضروري آهي.

پيارا، گڍي جي ڀٽ تي بيهي تون پنهنجي شھر مٺيءَ کي ايئن ڏسندو هئين، جيئن روپا ماڙي کي دودو ڏسندو ھو. انهيءَ گڍي ڀٽ جي لاءِ تنهنجي محبوب شيخ اياز چيو هو ته؛

باک ڦٽي ٿي مٺيءَ تي

ڀٽ ڀٽ آ ڳاڙهي گلاب جيان،

هن ديس جي خواب جيان

هاءِ اسڪول مٺي جي گرائونڊ جي ڀر سان مٺي جي پراڻي تاريخي قبرستان ۾ تنهنجو والد صاحب فقير فيض محمد، تنهنجو مامو ۽ استاد حسين فقير اڳ ۾ آرامي آھن. تون انهن جي ڀرسان مٺي ابدي ننڍ ستل آھين. تنهنجي انهيءَ اباڻي قبرستان ۾ ٻيرين جا گهاٽا وڻ ۽ پکي به آهن. تنهنجي محبوب شاعر چيو هو ته،

اٿي اسر ويل جو لڏائي لامن،

پکي اڏامن، اتي مون کي پورجو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



سنڌ، سنگيت ۽ صادق فقير

پھر پُڪارون

الياس ٿري

ويھين صديءَ جي پُڄاڻيءَ وارا پويان ٻئي ڏھاڪا سنڌ جي سرفروش سياست، موسيقي، ادب ۽ آرٽ لاءِ ڪلاسيڪل دور رھيا آھن، ھنن ئي ڏھاڪن ۾ سنڌ جي باوقار سياست جواني ماڻي ۽ آرٽ کان ادب توڙي گيتن تائين سنڌ شاداب ٿي وئي، اھو پورو ھڪ منظر پس منظر آھي، جنھن تي صحيح معنيٰ ۾ اڃان تائين لکجي نه سگھيو آھي، رومانس ۽ ريووليشن جو گڏيل چنڊ ان ئي دور ۾ کڙيو ۽ روشني رھندي دنيا تائين ڇڏي ويو. رولاڪين، روپوشين، رھزنين ۽ رھبرين توڙي ڏينھن راتين مُرڪن، ٽھڪن، مايوسين، محبتن ۽ ماڻھپي تي لکڻ بابت پڻ ھِي دور دلفريب رھيو، مظھر لغاري جي شعر ‘ھوائون نه روڪيو’ کان وٺي حليم باغي جي ڪسين مان جر جي جاءِ تي خون جي وھي ھلڻ جا ھوڪا روحل واءِ مان ٻُريا بهرحال قصو ڊگھو آھي، وري ڪنھن ٻئي مضمون ۾ پاڻ اچون ٿا. سنڌ جي صورت ۾ نڪ جي ڦُلڙي جھڙي خوبصورت خطي ٿرپارڪر ڏانھن جيڪو ڏات جي ڏيھ جو شاھوڪار خطو رھيو.

جنھن اسي ۽ نوي وارن ڏھاڪن جو پاڻ اڳ ۾ ذڪر ڪيوسين، ان زماني ۾ به مٺي رومانس جي رس سان تاروتار ھو، کڻي ان وقت اڃان انٽرنيٽ ڪيفيز قائم نه ٿيا ھئا پر صادق فقير جا ساز آواز ۽ آلاپ، ستارن جي رم جھم جيان مٺي کي چمڪائي رھيا ھئا، اھو ساڳيو ھاڻوڪو ڪشمير چوڪ تنھن زماني ۾ ڪشمير نالي سان کڻي ھو يا نه، پر نج نبار ٿرين جي مرڪن، ٽھڪن سان آباد ھو. کيکڙن جي اچ وڃ ۽ سودي سامان جي خريداري واري ريل پيل گگرواسي ڳالھين ۽ اگربتي خوشبوئن سان جاري و ساري ھئي، مائي ڀاڳي، موھن ڀگت، مراد فقير، حسين فقير جي ٿر کي صادق جا سُر ۽ ٽھڪ منفرد بڻائي رھيا ھئا.

صادق فقير، جنھن جو والد روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪندو ھو، پڙھيل لکيل خاندان سان تعلق ۽ فقيراڻو سلسلو کيس ورثي ۾ مليو، ان ڪري سندس لب لھجو، ادائگي انتھائي پختگي ۽ سنجيدگيءَ واري رھي. اھو ئي ڪارڻ ھو جو جنھن ريت صادق فقير سنڌ جي سرموڙ شاعرن شيخ اياز، ادل سومرو، اياز گل، حسن درس، اقبال رند ۽ ٻين کي ڳايو، ايئن ۽ اھڙي انداز ۾ ٻئي ڪنھن به راڳي نه ڳايو آھي. ھڪڙي ڳالھ جيڪا صادق فقير جي سنڌ جي ٻين نامور فنڪارن کان منفرد ۽ الڳ سُڃاڻپ بڻي، سا آھي سندس ماکي لار جھڙو مٺڙو ۽ معصوم آواز، ان ڪري اُٺن جي ڊوڙ ۾ سوار جڏھن اُٺ جي ٿڪاوٽ ۽ پوئتي رھجي وڃڻ جو حال ڏسندي پير ڪڙين جون اڙيون ھڻي ڊوڙ کي تيز ڪرڻ ۽ مقابلو کٽڻ جي جستجو ڪندو آھي، ايئن صادق نه ڪندو ھو. اھو صادق به ھو ته سريلو به ھو، تنھن ڪري سُر سندس ڳلي سان پيار ۽ رقص ڪندي نڪرندو ھو ۽ فضائون ئي معتر ڪري ڇڏيندو ھو.

صادق سنڌ جي عشق، رومانس ۽ انقلاب جو به گڏيل باغي ۽ راڳي ھو، توڻي جو سندس شروعاتي سڃاڻپ کي ھاڻوڪي سنگت ترقي، مصلحتن، مفاھمتن ۽ سيلفي سليقي ۾ ڍڪي ورتو آھي، نه ته صادق فقير جيان راڳ جي دنيا ۾ سُر لئي جي لڙي جي ٽُٽڻ تي ارھو ٿي ويندو ھو، بلڪل تيئن ھُو ڪنھن زماني ۾ اسڪول جي اسيمبلي جي قطار جي لئي ٽُٽڻ تي به بطور استاد جي ارھو ٿيو ھو ۽ پوءِ شاھ لطيف لائبريري لڳ موجود پُراڻي ھڪ ننڍڙي ڪوٺڙي ۾ قائم پريس ڪلب جي اڳيان ھلندڙ بک ھڙتال دوران سندس مٿو ڦاڙيو ويو، سنڌ جي پُر امن خطي، مارئيءَ جي ديس مٺي ۾ ڪنھن ٻاٻيھي راڳيءَ تي لاٺڙين جو شايد اھو پھريون حملو ھو ۽ ان حملي ۾ کاٽائو جاني، اُستاد اسحاق مڱريو، سرڳواسي اوم شرما ۽ ٻيا به زخمي ٿيا ھئا ۽ پوءِ اعجاز منگي لکيو ھو ته:

صادق کي سمجھاءِ

جيالن جي جوءَ ۾

باغي گيت نه ڳاءِ

ان مسئلي تي سڄي سنڌ ۾ الائجي ڪيترا ڏينھن لکبو رھيو ۽ پوءِ سماج دنيا جي دستور ۾ گم ٿي ويو. توکان ٿيندي ڌار، کلندي کلندي يار، لُڙڪ لڙي پيار لار ڪري......تنھنجي گھر جي ڀرسان آھيان، ڄڻ مندر جي ڀرسان آھيان. جڏھن مان نه ھوندس، جواني نه رھندي، جواني نه رھندي....سکي پِيا کي ملين ته چئجان، چاندني توسواءِ نه ٿيندي. جھوپڙي ٻاھران رات جھانجھر وڳي، پير ڪنھن جا ھئا، ڪير مونکان ڀڳي، جھڙا گيت شاھڪار شاعري ۽ لازوال آواز جي ميلاپ سان مشھور ۽ سدا بھار گيت بڻجي ويا، جن کي ٻُڌي ھر دور جون دليون ڇيھو کائين ۽ ڇرڪيو وڃن ٿيون، صادق فقير دوستيءَ جو به صفا دلبر ماڻھو ھو ۽ دوستن کي پنھنجي دنيا سمجھندو ھو.

سنڌ ۾ ھن وقت به يونيورسٽيز جا نوجوان ۽ پڙھيل لکيل ڪيڊر جيترو پيار حليم باغي جي شاعري سان ڪري ٿو. اھڙو ئي پيار اھي صادق فقير جي آواز سان ڪن ٿا. ھاڻوڪي سنڌ، جتي فنڪار مشھوري ماڻڻ خاطر ڪنھن خوبصورت ٽڪ ٽاڪر جو سھارو به وٺيو ٿا ڇڏين، اُتي صادق فقير بلڪل ئي اُبتڙ ھو. ھُو محفل ۾ ماڻھو ڳڻڻ بجاءِ پارکو ۽ پيار ڪندڙ ڳولھيندو ھو ۽ سندس مُرڪ سان ھُو رات ۽ سانت جي پھرن کي منڊي وڃي راڻي سان پُڄاڻي ڪندو ھو.

مائي ڀاڳي، موھن ڀڳت ۽ مراد فقير جي ٿر کي ان راڳي ٽرائيڪا بعد جي ڪو چوٿون جوڙ ڏئي سنڌ جي شاھڪار ۽ شاندار راڳ جي ڪا عمارت ڪو اڏي سگھيو ته اھو صادق فقير اڪيلو ئي آھي، نه ته باجن ۽ ڍولڪ جي رڌم ۾ ڏوڪڙ ڳولھيندي ڪيئي راڳي راھ رباني ٿيا پر جڏھن ھن ٻاٻيھي جو مڙھ مٺي آيو ھو ته ٿر جي ھيڊڪوارٽر جو ھي شھر رڙيون ۽ ريھون ڪندي دنيا ڏٺو ھو، سنڌ جي ويجھي ماضيءَ ۾ ايتريون اوڇنگارون شايد ئي ڪنھن ٻئي فنڪار جي وڇوڙي تي ٿيون ھُجن، صادق فقير ڪلاس جو مزاح پرست ھو، سندس ڀوڳن چرچن جا ٽوٽڪا اسان جو دوست پيارو شواڻي ڪلاسيڪل انداز سان ٻڌائي سگھي ٿو، ھن دور ۾ فنڪار گيت ھجومن کي جھومائڻ لاءِ ڳائيندا آھن پر صادق فقير پنھنجي محفلن ۾ راڳ پارکو رکوالن کي راڳ جي انداز ۽ سُر سنگيت جي ٺمرين ۾ پنھنجي آلاپن سان گڏ کڻي ٻوڙيندو ۽ تاريندو ھو. ھُن لاءِ ھُجوم نه پر دل جا دروازا اھميت رکندا ھئا، تنھن ڪري ھُو سرفروشن، ڏنگن ٻارن، ٽين ايج پاڙھو شاگردن ۽ يونيورسٽيز جي ماروين توڙي رولاڪن جو شھنشاھ راڳي ھو، صادق فقير عمرڪوٽ ۾ ڳائيندو ھو ته سندس تمنا ھوندي ھئي ته وائوڙي جو وھائو تارو چوٿين دنيا جو مفڪر عبدالواحد آريسر روحل واءِ جو ماما جمن دربدر ۽ خانصاحب عطا محمد پلي جو ڪلاسيڪل شاعر ولي محمد وفا پلي موجود ھجن ۽ ھُو ڳائيندو رھي. خلق ڀلي آھستي آھستي لڙي رات روانو ٿيندي وڃي پر اھي سرموڙ شخص ويٺا راڳ ٻُڌن. جيسين وڃي راڻو ڳائجي.

مونکي ياد آھي، مشرف دور ۾ ملھايل ٿر جو مارئي ميلو، جڏھن شبير احمد قائمي ثقافت جو وزير ھو ۽ صادق فقير کي اسٽيج تي ڳائڻ جو سڏ ٿيو، ھن فقير منش راڳي آمريت جي ڇانوَ ۾ رچايل ان محفل جا منظر ڏسي ڀڳي دل سان محفل کي اڌ ۾ ڇڏي جوڳي رمتا ڀلا جيان واپسي ڪئي ھئي، صادق فقير کي سُر سنگيت سان پيار ھو. نمائشي خلق کي ھُو کنگھيندو ئي ڪونه ھو. ڀلي ڪيڏو به لاٽ صاحب ھجي، صادق فقير ريڊيو پاڪستان کان ويندي پي ٽي وي جي سرڪاري نشرياتن بابت اي بي ۽ سي ڪئٽيگري واري ڪامپليڪس جو به شڪار نه ھو، بس ھُو جڏھن اسٽيج تي پھچي پنھنجا ھٿ ھارمونيم تي رکي آڱرين کي سوري سليقي سان وڄت ڪندو ھو ۽ آلاپ ڏيندو ھو ته صدين جي سنڌ ڄامشوري جي عروج وارين ڇولين جيان اُڀي ٿيندي ھئي.

ھڪ ڀيري استاد شفيع فقير سان حيدرآباد پريس ڪلب پاران شام ملھائي وئي ۽ ڪلب جي ڇت تي رٿيل ھن تاريخي پروگرام ۾ ان وقت سنڌ گھمڻ آيل ڀارتي اديب ريٽا شاھاڻي، ومي سدارانگاڻي، ھيرو ٺڪر ۽ ٻيا اديب شامل ھئا. پرڏيھ مان پنھنجي سنڌ آيل انھن اديبن وٽ وقت به گھٽ ھو پر انھن کي صادق جي سُرن چُرڻ ئي نه ڏنو، انھن سڄي رات ويٺي سنگيت ۽ صادق کي ٻڌو.

ھن جديد دور ۾ به جيڪي نوجوان موسيقيءَ سان لڳاءُ رکن ٿا، انھن جي پھرين ترجيح صادق فقير جا گيت ٻڌڻ ئي آھي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن جي وڇوڙي کي جھڙوڪر ھڪ ڏھاڪو اچي پيو ٿئي پر ھو اڄ به سوشل ميڊيائي ٽولز تي سڀني کان وڌ سرچ ٿيندڙ فنڪار طور موجود آھي، جنھن کي سنڌ ڪڏھن به وساري نه سگھندي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا