ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
هڪ شخص- هڪ ادارو
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا هندو
هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ وڃي وسائي، ڪن بمبئيءَ ۾ گهر اڏيو ته ڪي دهليءَ ويا، ڪي جئپور،
يو پي، سي پي، گجرات، گانڌي ڌام ۽ ڪن وري احمد آباد وسائي. بمبئي ۽ دهليءَ کانپوءِ
احمد آباد سنڌين جو وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻيو. جتان جي سنڌين سنڌيت جي جوت جلائڻ
لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ نيٺ سڄي هندستان ۾ سنڌيءَ کي به
قومي ٻولي مڃيو ويو.
ڄيٺي لالواڻي جو شمار هندستان ۾
سنڌيت جي انهن سپاهين ۾ طئي ٿو، جن سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، ناٽڪ، صحافت ۽ تعليم لاءِ
پاڻ پتوڙيو. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس شخصيت جو هر پاسو سگهارو آهي. هو
هڪ ئي وقت صحافي، ناٽڪ نويس، نثر نويس،محقق، اداڪار، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار آهي.
سندس شخصيت جو هر پاسو مڪمل آهي. سندس جنم ساهتي پرڳڻي جي ڳڙهه ڪنڊياري ۾ ماڌو داس
جي سکئي ستابي گهر ۾ ۸ مارچ ۱۹۴۵ع تي ٿيو. هو اڃا ٻن
سالن جو ئي هو ته مٿان ورهاڱي جي قيامت اچي ڪڙڪي ۽ هن کي پنهنجا وسيل اباڻا اجها
ڇڏڻا پيا.
ورهاڱي کانپوءِ سندس والد احمد
آباد ۾ ٿائينڪو ٿيو، جتي هن سنڌو نگر (ڪٻير نگر) ۾ پهرين وڏي ٻه ماڙ عمارت جوڙائي،
هو جلد ئي اتان جي سنڌي پنچائت جو مُکي چونڊيو ويو. ڄيٺي لالواڻيءَ جي والد کي
پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ سان بيحد لڳاءُ هو. ان سلسلي ۾ ڄيٺو لکي ٿو ته ” هو اچانڪ
شاهه صاحب جو ڪلام گن گنائڻ شروع ڪندو ۽ سنڌ جون ڳالهيون به ٻڌائيندي ٻڌائيندي هن
جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا، انهن ڳالهين سنڌ جي سڪ ۽ ساروڻيءَ ننڍپڻ کان ئي
منهنجي دل ۾ جنم وٺي ڇڏيو هو. منهنجو پتا جيستائين حيات هئا ٻه دفعا سنڌ جي ياترا
ڪري آيا هئا. سنڌو ماتا جي ڏسڻ، جنم هنڌ جو درشن ڪرڻ ۽ سونهاري سنڌ جي سر زمين تي
پير رکي سلام ڀرڻ لاءِ منهنجي دل تڙپندي رهي. هڪ ڀيري شڌاڻي درٻار جي جٿي سان سنڌ
جي ياترا تي وڃڻ جو پروگرام رٿيم، درٻار وارن ڄاڻ ڏني ته منهنجي نالي جي ويزا ملي
آهي. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي. مان مڪمل تياري ڪري امر تسر پهتس، پر واگها
بارڊر تي پهچي خبر پئي ته ٻين سان گڏ منهنجي ويزا به رد ڪئي وئي آهي.“
ڄيٺي جي سنڌ ڏسڻ جي خواهش ۲۰۰۸ ۾ پوري ٿي، هو ”پاڪ
انڊيا پيپلز فورم“ جي پروگرام هيٺ وڏي جٿي سان گڏ ڪراچيءَ آيو، پر پنهنجي اباڻي
گهر ڪنڊياري نه وڃي سگهيو. هو ٻيو ڀيرو سگا پاران سڏايل ”شاهه، سچل، سامي عالمي
ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪندڙ ۳۰ سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ آيو، سندس سالن پراڻي
خواهش پوري ٿي ۽ هو ڪنڊياري سميت سڄي سنڌ گهميو. هن وقت به ڪنڊياري ۾ سندس مائٽن
جا ۴۰-۴۵ گهر موجود آهن. جنهن ۾ سندس
ماروٽ به شامل آهن. ڄيٺو ۵ ڀيرا سنڌ جو درشن ڪري چڪو آهي،
هو هنڌ جي انهن سنڌين ۾ شامل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڄ به پنهنجي جڙن
سان جڙيل آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ کي ننڍپڻ کان ئي
ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو پڙهيو به پر والد جي وفات سبب
پڙهائي ڇڏي گهر سنڀالڻ لڳو، اُتان ئي سندس تڪليفن جي شروعات ٿي، پر هن حالتن آڏو
ڪڏهن به آڻ نه مڃي. گهريلو ذميوارين سان گڏ هو سنڌي ٻولي، ساهت ۽ ڪلا سان جڙيل
رهيو. هو لکي ٿو ته ” اڃا اسان سنڌي ٻوليءَ جي وڪاس، واڌاري، سنڀالڻ ۽ سانڍڻ جون
تياريون ڪري رهيا هئاسين جو سنڌي لپي ۽ ديو ناگري لپيءَ جي هڪ نئين ڳنڀير مسئلي
جنم ورتو. سنڌي اديب ۽ قوم ٻن طبقن ۾ ورهائجي وئي، سنڌي جاتيءَ ۾ گهرو ويڙهه جنم
ورتو، هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا مورچا سنڀاليا. اسان نوجوان سنڌي لپيءَ جي کيمي ۾
هليا وياسين. سنڌي لپي هلچل ۾ شري ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي جي اُتم، پروفيسر
پوپٽي هيراننداڻي اسان جا رهبر بڻيا. دهليءَ جي بوٽ ڪلب تي ٻاونجهاهه سنڌيت جي
پيارن جي بک هڙتال ٿي، ان ۾ به شامل ٿيڻ جو موقعو مليو.
هن گجرات يونيورسٽيءَ مان ايم
اي سنڌي ادب ۾ ڪئي. جڏهن ته سندس پي ايڇ ڊي گجرات جي پاسي سنڌي لوڪ گيتن جي حوالي
سان ”ٻنيءَ جا لوڪ گيت“ جي سري سان آهي. هن ته لکڻ کان اڳ کيس اداڪاريءَ جو شوق
هو، هو پنهنجي ان شوق خاطر ٻاروتڻ ۾ ئي احمد آباد ۾”سنڌ ڪلاڪار منڊل“ سان جُڙي
ويو. هو سنڌي اديبن جي گروهه بندين جو به شڪار رهيو آهي، پر سنڌيت جي جوت جلائي
رکڻ واري عظيم مقصد سبب هن ڪنهن به معاملي ۾ پنهنجي انا کي آڏو نه آندو آهي. اسڪول
۾ اسسٽنٽ ماستر کان ويندي لائبريرين جي نوڪريءَ تائين هو، سنڌيت جو خادم رهيو آهي،
هن ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي عهدي تي رهي به پاڻ سنڌيت لاءِ ارپيو آهي،
ڊائريڪٽر نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج باندره جو عهدو هجي يا وري
گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي وائيس چيئرمين جو عهدو يا کڻي سنڌي اڪيڊمي نئين
دهليءَ جي سيڪريٽريءَ جو عهدو هجي، هن سنڌي ٻولي، جاتي، ساهت ۽ ڪلا جي خدمت ڪئي آهي.
ڄيٺو لالواڻي ظاهري طور ته هڪ
شخص آهي، پر سندس هن جيترو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ناٽڪ لاءِ ڪم ڪيو آهي، شايد ڪو ادارو
ڪري سگهي. سندس شخصيت گهڻ رخي آهي، پر ان جو هي پاسو پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي. هن
لکڻ جي شروعات مضمون نويسيءَ کان ڪئي، سندس پهريون ڪتاب ”ويچار“ (مضمون) ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيو، ان
کانپوءِ هن بنا ساهيءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. جنهن ۾ ناٽڪ، ناٽڪن جي
تاريخ ۽ فن، ڪهاڻيون، تعليم، ٻاراڻو ادب، مقالا، مضمون وغيره شامل آهن.
هو نه رڳو ڀلوڙ ناٽڪ نويس آهي،
پر بهترين ناٽڪ نويس، هدايتڪار پڻ آهي، ان کانسواءِ رنگ منچ جي هر شعبي ۾ کيس ڪمال
جي مهارت حاصل آهي. سندس لکيل توڙي ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد ۵۰
کان
وڌيڪ آهي. جن جو وچور هن ريت آهي.
ناٽڪن جي فن ۽ تاريخ تي ڪتاب:
ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا (ناٽڪ ڪلا)۱۹۸۱ع.
ناٽڪ ڪلا جو وڪاس (سنڌي ناٽڪ جي
تاريخ) ۱۹۸۳ع.
سنڌو ناٽيه درشن (سنڌي ناٽڪ جي
تاريخ) ۱۹۸۴ع.
سنڌي لوڪ ناٽڪ (لوڪ ناٽڪن جو
جائزو) ۱۹۸۸ع.
سنڌي ناٽيه اتهاس (گجراتيءَ ۾
سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
سنڌي ناٽڪون ڪا اتهاس (هنديءَ ۾
سنڌي ناٽڪن جي تاريخ) ۱۹۹۷ع.
سنڌي ڀڳت (هنديءَ ۾) ۱۹۹۷ع.
سنڌي ڀڳت، شئلي (هنديءَ ۾) ۱۹۹۸ع.
سنڌي ناٽيه ڀومي (گجراتيءَ ۾
سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
سنڌي ناٽيه ڀومي (اردوءَ ۾ سنڌي
ناٽڪن جي تاريخ).
سنڌي ناٽڪ پرمپرا (ناٽڪن بابت
مقالا ۽ مضمون) ۲۰۱۲ع.
ناٽڪن جا مجموعا:
تنهنجا غم منهنجا غم آهن
(ايڪانڪيون) ۱۹۸۰ع.
ٽرنگي روشني (ٻارن لاءِ
ايڪانڪيون)۱۹۸۶ع.
اوڀاريون لهواريون (ريڊيو ناٽڪ)
۱۹۸۴ع.
حادثو (ريڊيو ناٽڪ) ۱۹۹۶ع.
ڀينڪر پنجو (ايڊز تي ريڊيو
سيريل ناٽڪ) ۲۰۰۳ع.
مُڇر مامو (ٻارن لاءِ ناٽڪ) ۲۰۰۵ع.
آخرين سنڌي (ايڪانڪيون) ۲۰۰۹ع.
قاتل ڪير (گجراتيءَ مان سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) ۱۹۸۱ع.
ٻه ناٽڪ ڪار (گجراتيءَ مان سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) ۱۹۸۷ع.
ڪنوارن ڪيو ڪمال (گجراتيءَ مان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) ۱۹۸۴ع.
شريمان ڦيرو ڦرڪي (گجراتيءَ مان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناٽڪ)۱۹۹۶ع.
شادي ته ڪر (گجراتيءَ مان
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) ۲۰۰۶ع.
گهر ايڪ مندر (سنڌيءَ مان
گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ).
تارا دک مارا ڇي (سنڌيءَ مان
گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون).
مسٽر گپوڙيداس (اڻ ڇپيل، وڏو
ٻار ناٽڪ).
ڪوئي به نه بچندو (اڻ ڇپيل، ٽه
فصلو ناٽڪ).
چورن مٿان مور (اڻ ڇپيل، ٽه
فصلو ناٽڪ).
عمر مارئي (پپيٽ وڊيو ناٽڪ).
پڃري ۾ شينهن (ٽي وي ناٽڪ).
ڪجهه ٻيا ڪتاب:
ويچار (مضمون) ۱۹۷۶ع.
ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس (ڪهاڻيون) ۱۹۷۶ع.
فلم اسٽار (فلمي هستين جا
انٽرويوز) ۱۹۷۷ع.
ادبي سرهاڻ (مضمون) ۱۹۸۲ع.
ماءُ (صحت بابت معلوماتي ڪتاب) ۱۹۸۲ع.
آڪاشي ياترا (وگيان) ۱۹۸۲ع.
علي با با گل (گجراتيءَ مان
ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) ۱۹۸۲ع.
جادوئي چدو (گجراتيءَ مان ترجمو
ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) ۱۹۸۲ع.
ڪٽنبي صحت (تندرستيءَ بابت
معلوماتي ڪتاب) ۱۹۸۳ع.
بدني سکيا (فزيڪل ٽريننگ بابت
ڪتاب) ۱۹۸۵ع.
بدني تعليم (فزيڪل ٽريننگ بابت
ڪتاب) ۱۹۸۶ع.
وطن جي صدقي (مضمون) ۱۹۸۵ع.
پوسٽ مارٽم (ڪهاڻيون) ۱۹۸۵ع.
ٻنيءُ جا لوڪ گيت (مقالو) ۱۹۹۲ع.
سنڌي پروليون (لوڪ ادب) ۱۹۹۵ع.
سنڌي فوڪ لور (تحقيقي مقالا) ۱۹۹۸ع.
ٻليءَ جو صبر (ٻارن لاءِ
ڪهاڻيون) ۱۹۹۷ع.
ادبي ويچار (تحقيقي مقالا) ۱۹۹۸ع.
اسان جو ورثو (لوڪ ادب) ۲۰۰۱ع.
ٻنيءَ جا لوڪ گيت (پي ايڇ ڊي
مقالو) ۲۰۰۲ع.
سنڌي لوڪ رنگ (لوڪ ادب) ۲۰۰۴ع.
ردي (ڪهاڻيون) ۲۰۰۶ع.
آزاديءَ جو پروانو، هيمو ڪالاڻي
(جيون ڪٿا) ۲۰۰۷ع.
ڦڌو ڦڌو ڪوڙو سچ (ترجمو) ۲۰۰۸ع.
ڪتابي ڪيڙو (ٻارن جو ڪهاڻيون) ۲۰۰۸ع.
مهاڳ (مختلف ڪتابن جا لکيل
مهاڳ) ۲۰۰۹ع.
ادبي غنچو (تحقيقي مقالا) ۲۰۱۰ع.
. (سنڌيت جو شيدائي ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي اڄ ۷۰
هين
سالگره ملهائي رهيو آهي)
ڄيٺو لالواڻي
هند سنڌ جو ناميارو
اديب، ڪهاڻيڪار، اخبار نويس، ناٽڪ ڪار، مضمون نگار ۽ اداڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
ضلعي نوشهري فيروز (تڏهن نوابشاهه) جي شهر ڪنڊياري ۾ هڪ زميندار ڪٽنب ۾، سيٺ ماڌو
داس داني مل لالواڻيءَ جي گهر، ۸ مارچ ۱۹۴۵ع تي جنم ورتو. سندس ابا ڏاڏا ٻني ٻارو ۽ وڻج واپار ڪندا
هئا. ورهاڱي وقت ڄيٺو اڃـان ٻـن سـالـن جـو هـو ته سندس ڪٽنب سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري
پهرين پالي مارواڙ، پوءِ انڊور ۽ ۱۹۵۰ع ۾ احمد آباد جي ننڍي وسندي ’ڪٻير نگر‘ ۾ وڃي دائمي
رهائش اختيار ڪئي.
ڄيٺي لالواڻيءَ جو
والد سماج سڌارڪ ۽ خدمتگار هو. ڪٻير نگر جي سينٽرل پئنچائت جو مکي به ٿي رهيو.
شاهه لطيف سان دلي محبت هئس، ان ڪري وقت به وقت شاهه جا بيت جهونگاريندو رهندو هو.
ڄيٺي لالواڻيءَ کي ’سنڌيت‘ سان پيار، وڏن کان ورثي ۾ مليو. ڄيٺي لالواڻيءَ پرائمري
تعليم ڪٻير نگر جي سنڌي مين اسڪول ۾ ورتي؛ مئٽرڪ ۱۹۶۳ع ۾ مهاتما گانڌي اسڪول مان؛ انٽر سائنس ايم.
جي سائنس ڪاليج مان پاس ڪري، ۱۹۶۵ع ۾ طبي تعليم لاءِ بي. جي، ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال ۾
داخلا ورتائين. ڄيٺي لالواڻي ايم. اي (سنڌي) ميسور يونيورسٽيءَ مان ۽ بي. ايڊ
نامليا يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ان سان گڏ هنديءَ ۾ ماسٽرس ڊگري ۽ لائبريري سائنس ۾
ڊپلوما ڪيائين. هن ۱۹۹۵ع ۾ ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتيءَ جي رهنمائيءَ ۾، ممبئي يونيورسٽيءَ مان ’ٻنيءَ جا
سنڌي لوڪ گيت‘ تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. اسڪول ۾ شاگرد يونين جو اڳواڻ
رهيو، پنهنجي دوست رام رکياڻيءَ سان گڏ احمدآباد جي سنڌي شاگردن جي ۱۹۶۶ع ۾ انٽر ڪاليجئيٽ سنڌي ائسوسيئيشن جو جنرل
سيڪريٽري بڻيو. ائسوسيئيشن جي سالياني مئگزين ’لهر‘ جو ايڊيٽر به ٿيو.
ڄيٺي لالواڻيءَ جو
ادب سان لاڳاپو اسڪولي زندگيءَ دوران جڙيو، سنڌي ٻوليءَ جي تسليميءَ لاءِ آل انڊيا
سطح جي سيمينارن ۾ شريڪ ٿيو. ان ماحول کيس ادب ۽ فن طرف راغب ڪيو. ننڍپڻ کان اسڪول
جي مئگزين ’هنس‘ ۾ سندس مضمون ڇپجڻ لڳا، سنڌي ساهتيه (ادبي) سنگت، سنڌي ساهتيه
ڪلانڪيتن جي گڏجاڻين ۽ سنڌي ساهتيه سميلن ۾ شريڪ ٿيندو هو.
ڄيٺي لالواڻيءَ جون
تخليقون ’هندواسي‘ ۽ ’شانتي‘ مخزن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. بي. جي ڪاليج جي سالياني
رسالي ’ڪليءَ‘ ۾ هن جي پهرين هندي لکڻي شايع ٿي، ’ڪلي‘ نالي فلمي مخزن به ڪڍيائين.
اسڪولي جيون کان وٺي آل انڊيا سطح جي ادبي سميلنن ۾ ڊيليگيٽ طور شريڪ ٿيندو ۽
احمدآباد جي هر ادبي ۽ سنڌيت جي سرگرميءَ ۾ سرگرم رهندو هو. گانڌيڌام سميلن ۾
سرگرم رهيو. الهاس نگر سميلن وقت سندس صدارت ۾ اکل ڀارت سنڌي نوجوانن جي بيٺڪ ٿي،
بعد ۾ کيس اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سڀا جو ’يوٿ سيڪريٽري‘ مقرر ڪيو ويو ۽ هن احمدآباد
۾ پهريون ’اکل ڀارت سنڌي نوجوان سيمينار‘ سڏايو، بعد ۾ هن اهڙا سيمينار ٻين شهرن ۾
به منعقد ڪرايا.
ڄيٺي لالواڻي ادب
جي هر صنف، مضمون، ڪهاڻي، ناٽڪ، جيون چريتر، مني ڪهاڻين، ٻاراڻي ادب، تنقيد ۽ لوڪ
ادب سان گڏ شاعريءَ تي به قلم کنيو، پر ناٽڪ ۽ لوڪ ادب جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو اٿس.
هن ’اسٽيج‘ مخزن شايع ڪئي، جيڪا اڄ تائين ڪڍندو پيو اچي. ناٽڪ لکيائين ۽ اداڪاري
ڪيائين، ناٽڪ جي ترقيءَ ۽ تاريخ تي ڪتاب لکيائين. پريم پرڪاش سان گڏجي ’سنڌي ڊراما
ورڪشاپ‘ جو بنياد وڌائين. هندي ۽ گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ناٽڪ ترجما ڪيائين. ان
کانسواءِ ٻارن لاءِ ناٽڪ لکيائين ۽ اسٽيج گروپ قائم ڪري ٽريننگ ڪلاس به هلايائين.
ٻارن لاءِ گجراتيءَ مان ناٽڪ ترجمو ڪيائين. سنڌي ڀڳت ۽ ناٽڪ کي جوڙڻ لاءِ ورڪشاپ
ڪرايائين. بهترين هدايتڪار ۽ اداڪار جا انعام حاصل ڪيائين. احمد آباد جي ناٽڪ
منڊلين، سنڌو ڪلاڪار منڊل، سنڌي ساهتيه ڪلا نڪتين، سنڌي ڊراما ورڪشاپ، ساگر آرٽ
ٿيٽر، رنگ ڪرم ٿيٽر ۽ رس ڪلا ٿيٽر سان به لاڳاپيل رهيو. سندس ريڊيائي ڊرامي
’حادثي‘ ڀارت سرڪار کان انعام کٽيو. هن جي ڪهاڻين جا ڪجهه مجموعا ڇپيل آهن، هن
گجرات سنڌي اڪادميءَ جي نائب صدر جي پد تي رهڻ دوران لوڪ ادب تي وڏو ڪم ڪيو. سنڌي
ڪڇي لوڪ ادب سيمينار، اکل ڀارت ڀڳت سيمينار ڪرايا. احمدآباد ۾ هڪ انوکو سيمينار
’آءُ ته چوريون چنگ‘ سڏايائين، جنهن ۾ ڀڳت، ڇيڄ ۽ لاڏن تي مقالا پڙهيا ويا ۽ عملي
مظاهرو به ڪيو ويو. ڄيٺي جون تعليمي ميدان ۾ به وڏيون خدمتون آهن. تعليمي سيمينار
۽ ساڌو واسواڻي تعليمي ڪلاس شروع ڪرايا. گجرات سنڌي اڪيڊميءَ جي سهڪار سان اسڪولي
ٻارن لاءِ ٽيچنگ ايڊس تيار ڪرڻ، سنڌي گجراتي لغت تيار ڪرڻ، ڊيڪن ڪاليج پوني پاران
ٽيڪنيڪي لغت تيار ڪرڻ، سنڌي سکيا ڪلاس هلائڻ، سنڌي ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ، ريڊيو تان
غير سنڌين کي سنڌي سيکارڻ، درسـي ڪتاب تيار ڪرڻ، نابين ٻارن لاءِ بريـل لپـيءَ ۾
شاهه لطيف جون ست ڪهاڻيون تيار ڪرائڻ ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن.
ڄيٺو لالواڻي لٽرري
اوارڊ ڪميٽي دهليءَ جو ميمبر، گجرات ساهتيه اڪادميءَ جو ۱۹۸۶ع کان ۱۹۸۹ع تائين وائيس چيئرمئن، سنڌي اڪادمي دهليءَ
جو (جولاءِ ۱۹۹۹ع) سيڪريٽري، سنڌي هندي سـاهـتـيـه اڪـادمـي گـجـرات جو ۱۹۹۶ع کان ۱۹۹۹ع تائين اسـسٽنٽ رجسٽرار، نيشنل ڪائونسل فار
پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL)، حڪومت هند جو ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۴ع تائين ڊائريڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ساهت
سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو تعليمي چيئرمئن، اکل ڀارت سنڌي ٻولي
پرچار سڀا جو چيئرمئن وغيره رهيو آهي.
هن ڪيترا اوارڊ پڻ
حاصل ڪيا آهن، جن ۾: ’انفرميشن ۽ براڊڪاسٽنگ منسٽري حڪومت هند‘، ’ساهتيه اڪادمي
دهلي‘ ۽ ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد‘ جا اوارڊ شامل آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ جي
ڇپيل ڪتابن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي:
(۱) ’ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۷۶ع)، (۲) ’ويچار‘ (ادبي مضمون: ۱۹۷۶ع)، (۳) ’فلم اسٽار‘ (فلم اسٽارن جا انٽرويو: ۱۹۷۷ع)، (۴) ’تنهنجا غم منهنجا آهن‘ (هڪ فصلا ناٽڪ: ۱۹۸۰ع)، (۵) ’ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا‘ (۱۹۸۱ع)، (۶) ’پوسٽ مارٽم‘ (ڪهاڻيون: ۱۹۸۲ع)، (۷) ’ادبي سرهاڻ‘ (ادبي مضمون: ۱۹۸۲ع، (۸) ’ماءُ‘ (صحت: ۱۹۸۲ع)، (۹) ’ڪٽنبي صحت‘ (۱۹۸۲ع)، (۱۰) ’آڪاشي ياترا‘ (ٻاراڻو سائنس فڪشن: ۱۹۸۲ع)، (۱۱) ’ناٽڪ ڪلا جو وڪاس‘ (سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي
ترقي: ۱۹۸۳ع)، (۱۲) ’سنڌي ناٽيه درشن‘ (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ: ۱۹۸۴ع)، (۱۳) ’اوڀاريون لهواريون‘ (ريڊيو ناٽڪ: ۱۹۸۴ع)، (۱۴) ’شـاديـرڪ تـعليـم- بـدنـي سـکـيـا‘
(ورزش: ۱۹۸۴ع)، (۱۵) ’ٻـنـيءَ جـو ســنـڌي لـوڪ ادب‘ (۱۹۹۲ع)، (۱۶) ’سـنـڌي پـروليون‘ (لوڪ ادب: ۱۹۹۵ع)، (۱۷) ’ســنـڌي لـوڪ نـاٽـڪ‘ (۱۹۹۵ع)، (۱۸) ’حادثو‘ (ريڊيو ناٽڪ: ۱۹۹۶ع)، (۱۹) ’سنڌي فوڪ لور‘ (۱۹۹۸ع)، (۲۰) ’ادبي ويچار‘ (تحقيقي مضمون: ۱۹۹۸ع)، (۲۱) ’اسان جو ورثو‘ (لوڪ ادب:۲۰۰۱ع)، (۲۲) ’ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت‘ (۲۰۰۲ع)، (۲۳) ’سنڌي لوڪ رنگ‘ (لوڪ ادب: ۲۰۰۴ع)، (۲۴) ’ردي‘ (ڪهاڻيون ۲۰۰۶ع)، (۲۵) ’آزاديءَ جو پروانو: شهيد هيمون ڪالاڻي‘ (۲۰۰۷ع)، (۲۶) ’ڪتابي ڪيڙو‘ (ٻاراڻيون ڪهاڻيون: ۲۰۰۸ع)، (۲۷) ’سنڌي پال رنگ منچ‘، (۲۸) ’آخرين سنڌي‘ (هڪ فصلا ناٽڪ: ۲۰۰۹ع)، (۲۹) ’مور نه وسران سنڌ‘ (سنڌ جو سفرنامو: ۲۰۱۰ع)، (۳۰) ’ادبي غنچو‘ (مختلف سيمينارن ۾ پڙهيل
مقالا: ۲۰۱۰ع)، (۳۱) ’وطن جي صدقي‘ (مضمون)، (۳۲) ’ادبي سرهاڻ‘ (مضمون). ڄيٺي لالواڻيءَ ۶ ڪتاب گجراتيءَ ۾ ۽ ۷ هنديءَ ۾ به لکيا آهن. اهڙيءَ طرح گجراتيءَ
مان ۱۰ سنڌيءَ ۾ ڪتاب ترجمو ڪيا اٿس.
(سنڌيانا تان
کنيل)
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس،
محقق، اداڪار ۽ هدايتڪار
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
ورهاڱي کانپوءِ الهاس
نگر ۽ بمبئي کانپوءِ احمد آباد سنڌين جو وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻيو. جتان جي سنڌين
سنڌيت جي جوت جلائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. ڊاڪٽر ڄيٺي
لالواڻي جو شمار هندستان ۾ سنڌيت جي انهن سپاهين ۾ طئي ٿو، جن سنڌي ٻولي، لوڪ ادب،
ناٽڪ، صحافت ۽ تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي. سندس شخصيت
جو هر پاسو سگهارو آهي. هو هڪ ئي وقت صحافي، ناٽڪ نويس، نثر نويس،محقق، اداڪار،
پروڊيوسر ۽ هدايتڪار آهي. سندس شخصيت جو هر پاسو نرالو آهي.
واقفيت:
ڄيٺي لالواڻي جو
جنم ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر ڪنڊياري ۾ ماڌو داس لالواڻيءَ جي سکئي ستابي گهر ۾ ۸مارچ ۱۹۴۵ع تي ٿيو. هو پنهنجي ٻن ڀينرن ۽ ٽن ڀائرن ۾
ٽيون آهي. پاڻ اڃا ٻن سالن جو ئي هو ته مٿان ورهاڱي جي قيامت اچي ڪڙڪي ۽ هن کي
پنهنجا اباڻا پکا، ملڪيتون، ٻنيون ٻارا ڇڏڻا پيا. ورهاڱي کانپوءِ سندس والد جوڌپور
جي راجا جي ريل وسيلي راجسٿان مان ٿيندو احمد آباد ۾ ٿائينڪو ٿيو، جتي هن سنڌو نگر
(ڪٻير نگر) ۾ اڏيا. هو جلد ئي اتان جي سنڌي پنچائت جو مُکي چونڊيو ويو. ڄيٺي
لالواڻيءَ جي والد کي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ سان بيحد لڳاءُ هو. ان سلسلي ۾ ڄيٺو
لکي ٿو ته “هو اچانڪ شاهه صاحب جو ڪلام جهونگارڻ شروع ڪندو هو ۽ سنڌ جون ڳالهيون
به ٻڌائيندي ٻڌائيندي هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ايندا هئا، انهن ڳالهين سنڌ جي سڪ
۽ ساروڻيءَ ننڍپڻ کان ئي منهنجي دل ۾ جنم وٺي ڇڏيو هو. منهنجو پتا جيستائين حيات
هئا ٻه دفعا سنڌ جي ياترا ڪري آيا هئا. سنڌو ماتا جي ڏسڻ، جنم هنڌ جو درشن ڪرڻ ۽
سونهاري سنڌ جي سر زمين تي پير رکي سلام ڀرڻ لاءِ منهنجي دل تڙپندي رهي. هڪ ڀيري
شڌاڻي درٻار جي جٿي سان سنڌ جي ياترا تي وڃڻ جو پروگرام رٿيم، درٻار وارن ڄاڻ ڏني
ته منهنجي نالي جي ويزا ملي آهي. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي. مان مڪمل تياري ڪري
امر تسر پهتس، پر واگها بارڊر تي پهچي خبر پئي ته ٻين سان گڏ منهنجي ويزا به رد
ڪئي وئي آهي.“ ۱
ڄيٺو، پنهنجي والد،
والده ۽ ڏاڏيءَ کان ورثي ۾ مليل سنڌ جي سڪ کي هميشه سانڍي رکيو. سنڌ ڏسڻ جي سندس
خواهش ۲۰۰۸ ۾ پوري ٿي، هو “پاڪ انڊيا پيپلز فورم” جي پروگرام هيٺ وڏي جٿي سان گڏ
ڪراچيءَ آيو، پر پنهنجي اباڻي گهر ڪنڊياري نه وڃي سگهيو. هو ٻيو ڀيرو سگا پاران
سڏايل “شاهه، سچل، سامي عالمي ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪندڙ ۳۰ سنڌي اديبن جي وفد سان گڏ آيو، سندس سالن
پراڻي خواهش پوري ٿي ۽ هو ڪنڊياري سميت سڄي سنڌ گهميو. هن وقت به ڪنڊياري ۾ سندس
مائٽن جا ۴۰-۴۵ گهر موجود آهن. جنهن ۾ سندس ماروٽ به شامل آهن. ڄيٺو ۵ ڀيرا سنڌ جو درشن ڪري چڪو آهي، هو هنڌ جي
انهن سنڌين ۾ شامل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اڄ به پنهنجي جڙن سان جڙيل
آهن.
ڄيٺي لالواڻيءَ کي
ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو ۽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪجهه عرصو پڙهيو به پر والد جي
وفات سبب پڙهائي ڇڏي گهر سنڀالڻ لڳو، اُتان ئي سندس تڪليفن جي شروعات ٿي، پر هن
حالتن آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي. گهريلو ذميوارين سان گڏ هو سنڌي ٻولي، ساهت ۽ ڪلا
سان جڙيل رهيو. هن گجرات يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي. جڏهن ته سندس پي
ايڇ ڊي گجرات جي پاسي سنڌي لوڪ گيتن جي حوالي سان “ٻنيءَ جا لوڪ گيت” جي سري سان
آهي.
ڊاڪٽر ڄيٺي
لالواڻيءَ جي شخصيت بابت گورڌن شرما “گهايل” هڪ هنڌ لکيو آهي “هميشه کل مک چهرو،
دلبر دوست، ادبي محفلن ۽ سيمينارن ۾ دلچسپيءَ سان شرڪت ڪندڙ، ظاهري طرح شانت، پر
حقيقت ۾ هر ڳالهه تي گهري نظر رکندڙ، گهٽ ڳالهائيندڙ پر قلم جي سهاري پنهنجي
قابليت کي اظهاريندڙ ڄيٺو لالواڻي زندگيءَ جي راهه ۾ آيل انيڪ رنڊڪن کي لتاڙي
اڳيان وڌي آيو آهي. ان هوندي به نوڙت ۽ نهٺائي، نماڻائي ۽ نرملتا سندس ساٿي ضرور
آهن. اخباري ڪالمن ۾ سندس وروڌ ڪندڙ به دل ئي دل ۾ کيس ضرور داد ڏيندا هوندا.” ۲
ادارا ٺاهيندڙ شخص:
سنڌيت جي هن شيدائي
احمد آباد ڪاليج ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي پهرين ادبي ۽ ثقافتي جماعت “انٽر
ڪاليجيئيٽ سنڌي ائسوسيشن” ۱۹۶۶ع ۾ قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو.
ٿورن ئي عرصي ۾ سنڌي شاگردن جي ان جماعت جا ۴۰۰ کن ميمبر ٿي ويا. ٻئي سال ۱۹۶۷ع ۾ سنڌي ڪاليجي شاگردن ۾ پنهنجي ٻُلي، ادب
۽ ثقافت لاءِ چاهه وڌيو ته انهن ائسو سيئيشن جي سالياني ادبي مخزن “لهر” شروع ڪئي.
جنهن جو پهريون ايڊيٽر به ڄيٺو لالواڻي هيو. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا، پاران
۱۹۷۲ع ۾ احمد آباد ۾ منعقد ڪيل “سنڌي ساهت سميلن” جي موقعي تي هن، ڪيرت
مهرچنداڻيءَ سان گڏجي “سنڌيت” نالي ادبي مخزن شايع ڪئي. هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي ۱۹۷۳ع ۾ احمد آباد جي سنڌي نوجوانن لاءِ “سنڌي
يوٿ ائسوسيئيشن” جو بنياد وڌو ۽ ان ائسوسيئيشن پاران ۱۹۷۴ع ۾ سالياني مخزن “هوءَ” شايع ٿي ته پاڻ ان
جي ايڊيٽرس ۾ شامل رهيو. هو ۱۹۷۳ع ۾ “سنڌي نوجوان منڊل” سان به جڙي ويو. جنهن جو مکيه
مقصد سنڌي نوجوانن ۾ جاڳرتا آڻڻ هو. ان کان اڳ هو ۱۹۷۱ع ۾ “ڪلي” جي نالي سان سنڌي فلمي مئگزين
شايع ڪندو، هزارن جي تعداد ۾ شايع ٿيندڙ ان فلمي مئگزين کيس صحافيءَ طور سڃاڻپ
ڏني. ان مئگزين جي مقبوليت کي ڏسي هن ساٿين سان گڏجي “ڪلي سِني سرڪل” قائم ڪئي.
جنهن جو ڪم سنڌي سنگيت ۽ نرت کي ترقي ڏيارڻ هو.
هونئن ته هو ۱۹۶۲ع کان سنڌي ناٽڪ سان جڙيل رهيو، پر ۱۹۷۳ع ۾ ڄيٺو، سنڌي ادب ۽ ناٽڪ کي ترقي وٺرائڻ
لاءِ “سنڌي ساهت ۽ ڪلا نڪيتن” ۾ شامل ٿيو، جنهن جو سرواڻ ڪيرت مهرچنداڻي هو.
لالواڻي ان ادبي اداري جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. جتي هو ادبي رسالي “جهلڪ” جي
ايڊيٽرس ۾ شامل ٿيو.
ڊاڪٽر ڄيٺي
لالواڻيءَ سنڌي ادبي کيتر ۾ اسڪول واري زماني ۾ ئي پير پاتو هو، اسڪولي مخزن “هنس”
۾ سندس ڪي ٻاراڻيون لکڻيون شايع ٿيون هيون. اڳتي هلي جڏهن هو ڪاليج ۾ داخل ٿيو ته
هن باقاعدي لکڻ شروع ڪيو.
سنڌي ٻولي هلچل ۾
حصو:
ورهاڱي کانپوءِ هند
۾ آباد ٿيل سنڌين لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو تحفظ هو، ان
لاءِ سنڌي ٻولي تسليمي تحريڪ شروع ٿي، آخر ڪار سنڌي ٻولي ڀارت سرڪار آئين جي اٺين
شيڊول ۾ شامل ڪئي. سنڌي عربي لپي ۽ ديوناگري لپيءَ جي مسئلي تي سنڌي اديب ۽ قوم ٻن
طبقن ۾ ورهائجي وئي. “سنڌي جاتيءَ ۾گهرو لڙائيءَ جنم ورتو. هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا
مورچا سنڀاليا. اسان نوجوان سنڌي لپيءَ جي کيمي ۾ هليا وياسين. سنڌي لپيءَ جي
بچاوَ، ضرورت ۽ اهميت کي کڻي هر هڪ قلم هلائڻ شروع ڪيو. مون به انيڪ رچنائون
لکيون، جيڪي ان وقت ‘سنڌ ڌارا’ ۽ ‘سنڌو سماچار’ ۾ شايع ٿينديون رهيون. سنڌي لپي
هلچل ۾ شري ڪيرت ٻاٻاڻي، شري گوبند مالهي، شري اي. جي.ا ُتم ، پروفيسر پوپٽي
هيراننداڻي اسان جا رهبر بڻيا، دهليءَ جي بوٽ ڪلب تي ۵۲ سنڌيت جي پيارن جي بک هڙتال ٿي، اُن ۾ به
شامل ٿيڻ جو موقعو مليو”. ۳
ڄيٺو لالواڻي ظاهري
طور ته هڪ شخص آهي، پر سندس هن جيترو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ناٽڪ لاءِ ڪم ڪيو آهي، شايد
ڪو ادارو ڪري سگهي. سندس شخصيت گهڻ رخي آهي، پر ان جو هي پاسو پنهنجي جاءِ تي مڪمل
آهي. هن لکڻ جي شروعات مضمون نويسيءَ کان ڪئي، سندس پهريون ڪتاب مضمونن جو مجموعو
“ويچار” ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ هن بنا ساهيءَ جي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن.
جنهن ۾ ناٽڪ، ناٽڪن جي تاريخ ۽ فن، ڪهاڻيون، تعليم، ٻاراڻو ادب، مقالا، مضمون
وغيره شامل آهن.
ڄيٺو لالواڻي هر
هنريو آهي، هن ادب جي هر صنف ۾ پاڻ موهيو آهي، پر سندس پسنديده موضوع “لوڪ ادب” ۽
“ناٽڪ” آهي. پاڻ بهترين ناٽڪ نويس، هدايتڪار پڻ آهي، ان کانسواءِ رنگ منچ جي هر
شعبي ۾ کيس ڪمال جي مهارت حاصل آهي. هندستان ۾ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ سهيڙيندڙن ۾
پروفيسر منگها رام ملڪاڻي بنيادي ڪم ڪيو. جڏهن ته ڊاڪٽر پريم پرڪاش سنڌي ناٽڪ جي
تاريخ تي پي، ايڇ. ڊي ڪري چڪو آهي. پر ان ڏس ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ به انتهائي
اهم ڪم ڪيو آهي. هو بهترين ترجمي نگار به هن هندي، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ سنڌيءَ ۾
۽ سنڌيءَ ۾ ٻين هندستاني ٻولين ۾ ڪيترائي ترجما پڻ ڪيا آهن. سندس لکيل توڙي ترجمو
ڪيل ڪتابن جو تعداد ۵۰ کان وڌيڪ آهي. جن جو وچور هن ريت آهي.
ناٽڪ جي فن ۽ تاريخ
تي ڪتاب:
۱. ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا (ناٽڪ ڪلا)۱۹۸۱ع.
۲. ناٽڪ ڪلا جو وڪاس (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ) ۱۹۸۳ع.
۳. سنڌو ناٽيه درشن (سنڌي ناٽڪ جي تاريخ) ۱۹۸۴ع.
۴. سنڌي لوڪ ناٽڪ (لوڪ ناٽڪن جو جائزو) ۱۹۸۸ع.
۵. سنڌي ناٽيه اتهاس (گجراتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ).
۶. سنڌي ناٽڪون ڪا اتهاس (هنديءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ) ۱۹۹۷ع.
۷. سنڌي ڀڳت (هنديءَ ۾) ۱۹۹۷ع.
۸. سنڌي ڀڳت، شئلي (هنديءَ ۾) ۱۹۹۸ع.
۹. سنڌي ناٽيه ڀومي (گجراتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ.
۱۰. سنڌي ناٽيه ڀومي (اردوءَ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تاريخ.
۱۱. سنڌي ناٽڪ پرمپرا (ناٽڪن بابت مقالا ۽ مضمون) ۲۰۱۲ع.
سنڌي لوڪ ناٽڪ تي تنقيد
ڪندي ايل. ڊي. رچنداڻي لکي ٿو ته “سنڌي لوڪ ناٽڪ ۾ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي سنڌ جي قديم
لوڪ ناٽڪ سانگ، ڪٺ پتلين جي کيل، ڀڳت،“ڏک آهي جو اهي ٽيئي فن سنڌين کان ڇڏائجي ويا
آهن، البت ڀڳت جو فن ڪجهه ساهه کڻي رهيو آهي. پر ڄيٺي انهن فنن جو ذڪر ڇيڙِ سنڌي
لوڪ ادب ۽ ڪلا ۾ انهن ٽنهي فنن جي اهميت کان سنڌي جاتيءَ کي واقف ڪيو آهي ۽ زور
ڏنو اٿس ته ڪنهن نه ڪنهن طرح انهن فنن کي وري وجود ۾ آڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪرڻ کپي.”۴
سندس تحقيقي ڪتاب
“ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا” بابت هري تنواڻي “نماڻو” لکي ٿو ته “منهنجي خيال ۾ سنڌي ساهت
کيتر ۾ ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلائن جي مڪمل ڄاڻ هڪ هنڌ ڪٺي ڪري ڏيڻ جي ڏس ۾ شري
لالواڻيءَ جي هيءَ پهرين پر ڪامياب ڪوشش آهي. ناٽڪ ۽ رنگ منچ سان سندس نينهن آهي،
ڄڻ ته اُهي سندس جيءَ سان جڙيل آهن!” ۵
ناٽڪن جا مجموعا:
۱. تنهنجا غم منهنجا غم آهن (ايڪانڪيون) ۱۹۸۰ع.
۲. ٽرنگي روشني (ٻارن لاءِ ايڪانڪيون)۱۹۸۶ع.
۳. اوڀاريون لهواريون (ريڊيو ناٽڪ) ۱۹۸۴ع.
۴. حادثو (ريڊيو ناٽڪ) ۱۹۹۶ع.
۵. ڀينڪر پنجو (ايڊز تي ريڊيو سيريل ناٽڪ) ۲۰۰۳ع.
۶. مُڇر مامو (ٻارن لاءِ ناٽڪ) ۲۰۰۵ع.
۷. آخرين سنڌي (ايڪانڪيون) ۲۰۰۹ع.
۸. قاتل ڪير (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) ۱۹۸۱ع.
۹. ٻه ناٽڪ ڪار (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون) ۱۹۸۷ع.
۱۰. ڪنوارن ڪيو ڪمال (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) ۱۹۸۴ع.
۱۱. شريمان ڦيرو ڦرڪي (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناٽڪ)۱۹۹۶ع.
۱۲. شادي ته ڪر (گجراتيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ) ۲۰۰۶ع.
۱۳. گهر ايڪ مندر (سنڌيءَ مان گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ٽه فصلو ناٽڪ).
۱۴. تارا دک مارا ڇي (سنڌيءَ مان گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل ايڪانڪيون)
۱۵. مسٽر گپوڙيداس (اڻ ڇپيل، وڏو ٻار ناٽڪ)
۱۶. ڪوئي به نه بچندو (اڻ ڇپيل، ٽه فصلو ناٽڪ)
۱۷. چورن مٿان مور (اڻ ڇپيل، ٽه فصلو ناٽڪ)
۱۸. عمر مارئي (پپيٽ وڊيو ناٽڪ))
۱۹. پڃري ۾ شينهن (ٽي وي ناٽڪ)
ڪجهه ٻيا ڪتاب:
۱. ويچار (مضمون) ۱۹۷۶ع.
۲. ماضيءَ جا ڌنڌلا عڪس (ڪهاڻيون ) ۱۹۷۶ع.
۳. فلم اسٽار (فلمي هستين جا انٽرويوز) ۱۹۷۷ع.
۴. ادبي سرهاڻ (مضمون) ۱۹۸۲ع.
۵. ماءُ (صحت بابت معلوماتي ڪتاب) ۱۹۸۲ع.
۶. آڪاشي ياترا (وگيان) ۱۹۸۲ع.
۷. علي با با گل (گجراتيءَ مان ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) ۱۹۸۲ع.
۸. جادوئي چدو (گجراتيءَ مان ترجمو ڪيل ٻارن لاءِ ناول ) ۱۹۸۲ع.
۹. ڪٽنبي صحت (تندرستيءَ بابت معلوماتي ڪتاب) ۱۹۸۳ع.
۱۰. بدني سکيا (فزيڪل ٽريننگ بابت ڪتاب) ۱۹۸۵ع.
۱۱. بدني تعليم (فزيڪل ٽريننگ بابت ڪتاب) ۱۹۸۶ع.
۱۲. وطن جي صدقي (مضمون) ۱۹۸۵ع.
۱۳. پوسٽ مارٽم (ڪهاڻيون) ۱۹۸۵ع.
۱۴. ٻنيءُ جا لوڪ گيت (مقالو) ۱۹۹۲ع.
۱۵. سنڌي پروليون (لوڪ ادب) ۱۹۹۵ع.
۱۶. سنڌي فوڪ لور (تحقيقي مقالا) ۱۹۹۸ع.
۱۷. ٻليءَ جو صبر (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۱۹۹۷ع.
۱۸. ادبي ويچار (تحقيقي مقالا) ۱۹۹۸ع.
۱۹. اسان جو ورثو (لوڪ ادب) ۲۰۰۱ع.
۲۰. ٻنيءَ جا لوڪ گيت (پي ايڇ ڊي مقالو) ۲۰۰۲ع.
۲۱. سنڌي لوڪ رنگ (لوڪ ادب) ۲۰۰۴ع.
۲۲. ردي (ڪهاڻيون) ۲۰۰۶ع.
۲۳. آزاديءَ جو پروانو، هيمو ڪالاڻي (جيون ڪٿا) ۲۰۰۷ع.
۲۴. ڦڌو ڦڌو ڪوڙو سچ (ترجمو) ۲۰۰۸ع.
۲۵. ڪتابي ڪيڙو (ٻارن جو ڪهاڻيون) ۲۰۰۸ع.
۲۶. مهاڳ (مختلف ڪتابن جا لکيل مهاڳ) ۲۰۰۹ع.
۲۷. ادبي غنچو (تحقيقي مقالا) ۲۰۱۰ع.
۲۸. لوڪ ادب- ڪلا جا منهنجا پنهنجا سنسڪار (لوڪ ڪلا ياترا)، ۲۰۱۴
ٽماهي اسٽيج:
هند سنڌ جي پهرين
مخزن آهي، جنهن ۾ ناٽڪ، ناٽڪ نويسن، هدايتڪارن، اداڪارن بابت معلومات ڏني ويندي
آهي. اسٽيج ۾ ڏنل انگن اکرن جي مدد سان سنڌ ۾ سڀ کان اڳ ڊاڪٽر يوسف پنهور سنڌي
ناٽڪن جي تاريخ لکي، جيڪا سووينئير جي صورت ۾ ۱۹۸۰ع ۾ سنڌي ناٽڪ صديءَ جي موقعي تي شايع ٿي،
جنهن بعد هندستان ۾ پريم پرڪاش ۽ سنڌ ۾ غلام رسول بلوچ سنڌي ناٽڪ جي تاريخ تي پي
ايڇ ڊي ڪئي، انهن ٻنهي به گهڻي ڀاڱي معلومات “اسٽيج” مان حاصل ڪئي. نه ته ان کان
اڳ سنڌ توڙي هند ۾ پروفيسر منگها رام ملڪاڻي ان ڏس ۾ تحقيقي ڪم ڪيو هو.
ٽماهي اسٽيج بابت
ويچار لکمي کلاڻي جو خيال آهي ته “گهر ويٺي سڄي هندستان ۾ هلندڙ سنڌي ناٽڪ جي هلچل
جو اکئين ڏٺو احوال “اسٽيج” ذريعي مليو. منهنجو اهو عقيدو آهي ته هينئر اساين ناٽڪ
ذريعي ئي سنڌي ٻولي ۽ ساهت کي زنده رکي سگهون ٿا. ناٽڪ کي اوج ڏيڻ لاءِ اسان سڀني
سنڌيءَ جي گهڻ گهرن کي هڪ ڳنڀير جوابداري ڪري کڻڻ گهرجي. شهر شهر ۾ ٿيندڙ اهڙين
ڪوششن کي “اسٽيج” هڪ فوڪس ۾ آڻي ٿي.” ۶
لوڪ ادب تي تحقيق:
هو جڏهن سنڌي اڪيڊمي
گجرات جو وائيس چيئرمين مقرر ٿيو ته سنڌي اديبن وڏو ممڙ مچايو، گهڻن ئي وڏن اديبن
سنڌي اڪيڊمي گجرات سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر اڳتي هلي
جڏهن ڄيٺي لالواڻيءَ سنڌي اڪيڊمي گجرات ۾ تاريخي ڪم ڪيا ته ساڳين اديبن نه رڳو
اڪيڊميءَ جو بائيڪاٽ ختم ڪيو پر سندس خدمتن جو به اعتراف ڪيو. ڊاڪٽر پرسو گدواڻيءَ
کانپوءِ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ٻيو محقق آهي، جنهن سنڌ جي پاسي ۾ هندستان جي گجرات
رياست ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي آبادي ٻنيءَ ۾ مهينن جا مهينا رهي، اتان جو لوڪ ادب گڏ
ڪيو. اڳتي هلي ان “ٻنيءَ جا لوڪ گيت” جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي. سندس اهو ڪم سنڌي
لوڪ ادب ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ٻنيءَ ۾ سنڌي لوڪ ادب ۽
موسيقيءَ تي ڪيترائي سيمينار پڻ ڪرايا. هندستان ۾ “سنڌي ڀڳت” تي قومي سيمينار
ڪرائڻ جو به کيس اعزاز حاصل آهي.
سنڌ ۾ لوڪ ادب ۾
گهڻو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڪيو آهي. هندستان ۾ ان
سلسلي ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ليلا رام، رچنداڻي ۽ ڊاڪٽر هوند راج بلواڻي ڪيو آهي.
سنڌ جي سرحد سان لڳ هندستان جي ڪڇ واري علائقي ۾ سنڌين جي وڏي آبادي ٻنيءَ جي لوڪ
ادب تي پهريون ڪم ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ ڪيو. ان تي سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. ان
کانپوءِ گهڻو ڪم ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ڪيو آهي. ٻنيءَ جي لوڪ ادب تي سندس ڪتاب
“ٻنيءَ جو سنڌي لوڪ ادب” کي ساراهيندي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته “ڄيٺي جي هن
ڪتاب جي مکيه خوبي اها آهي ته هن ٻوليءَ سان هٿ چراند نه ڪئي آهي. جنهن نموني هن
سگهڙن کان اُچار ٻڌا آهن، تيئن قلمبند ڪيا آهن”. ۷
ٻني ڪڇ ۾ ٽڙيل
پکڙيل لوڪ ادب کي گڏ ڪري، “سنڌي لوڪ گيت”، “سنڌي پروليون”، ”سنڌي ٻوليءَ جي زيارت”،
“ڳجهارتون”، “ٻنيءَ جا ٻول، جتن جا قول”، “ڳيچ”، “سوڍن جا گيت”، “سوڍن جا سنڌي
ڀڄن”،“سنڌي لوڪ گيت”،“ سنڌي سنگيت ۽ ڀڳت” جهڙا املهه ڪتاب شايع ڪرايا. سندس
ايامڪاريءَ ۾ گجرات سنڌي اڪيڊميءَ ۾ “سنڌي لوڪ ساهتيه صلاحڪاري بورڊ” قائم ڪيو
ويو.
سندس پي ايڇ ڊي مقالي
“ٻنيءَ جا لو ڪ گيت” ۾ هن ڪڇ، سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن، سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا ۽ لوڪ
گيتن جي تاريخ تي کوجنا ڪئي آهي، پر مقالي جي مکيه باب “ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت” ۾
هن ۳۰ قسمن جا لوڪ گيت ڏنا آهن. هن اهي لوڪ گيت ٻنيءَ جي ڳوٺن ۾ وڃي رڪارڊ ڪيا،
جن کي بعد ۾ قلمي صورت ڏني.
اداڪاري ۽ هدايت
ڪاري:
احمد آباد ۾ ڊاڪٽر
پريم پرڪاش ۽ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي سنڌي ناٽڪ جي سڃاڻپ آهن. شروع ۾ سنڌي ناٽڪن ۾
ڇوڪرين جا ڪردار به ڇوڪرا ادا ڪندا هئا، پر ڄيٺي لالواڻي گهر گهر وڃي، سنڌي ڇوڪرين
جي والدين سان ملاقاتون ڪري، پنهنجي نياڻين کي اداڪاريءَ جي اجازت لاءِ راضي ڪيو.
اڳتي هلي سندس اها ڪوشش سڦل ٿي ۽ نئنا ساڌواڻي، جيا ساڌواڻي، نانڪي سچديو، لڇمي
سچديو، لتا موتياڻي، جانڪي ڍولياڻي ۽ ٻيون ڪيترين ئي سنڌي ڇوڪرين اداڪاريءَ جي
ميدان ۾ نالو ڪڍيو.
کيس لکڻ کان وڌيڪ
اداڪاريءَ جو شوق هو، هو پنهنجي ان شوق خاطر ٻاروتڻ ۾ ئي احمد آباد ۾”سنڌ ڪلاڪار
منڊل“ سان جُڙي ويو. هو سنڌي اديبن جي گروهه بندين جو به شڪار رهيو آهي، پر سنڌيت
جي جوت جلائي رکڻ واري عظيم مقصد سبب هن ڪنهن به معاملي ۾ پنهنجي انا کي آڏو نه
آندو آهي. اسڪول ۾ اسسٽنٽ ماستر کان ويندي لائبريرين جي نوڪريءَ تائين هو، سنڌيت
جو خادم رهيو آهي، هن ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي عهدي تي رهي به پاڻ سنڌيت لاءِ
ارپيو آهي. ڊائريڪٽر نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج باندره جو عهدو
هجي يا وري گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊمي جي وائيس چيئرمين جو عهدو يا کڻي سنڌي اڪيڊمي
نئين دهليءَ جي سيڪريٽريءَ جو عهدو هجي، هن سنڌي ٻولي، جاتي، ساهت ۽ ڪلا جي خدمت
ڪئي آهي. سندس لکيل ۽ هدايت ڏنل اسٽيج ڊرامن توڙي ٽيلي فلمن جو تعداد ۱۰۰ کان وڌيڪ آهي. جن مان گهڻن ڊرامن هن پاڻ
اداڪاري ڪئي آهي.
ايڊيٽوريلن ۾ سنڌيت
جو درد:
هو هندستان ۾سنڌي
ٻولي، ثقافت ۽ ادب بابت هر وقت فڪرمند هوندو آهي. جنهن جو اندازو سندس لکڻين مان
بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. هڪ ايڊِٽوريل ۾ هو لکي ٿو ته “وقت ثابت ڪيو آهي ته نئين ٽهي
سنڌي ساهت، ڪلا ۽ تعليم کان ڪافي پري ڌڪجي وئي آهي. ان ڳالهه لاءِ جوابدار اسان جي
بدليل ذهنيت آهي. اسين سنڌي سڏائڻ ۾ شرم محسوس ڪيون ٿا. اسان جي بزرگن ننڍي ٽهيءَ
کي پنهنجي ڪلا جو ورثو، ورثي ۾ نه ڏنو آهي. اسين واپري بڻجندا پيا وڃون. سجاڳ ۽
ذهين طبقي ۾ ٺيڪيداري گهر ڪري ويئي آهي. نتيجي طور ڪنهن به کيتر ۾ نوان ڪلاڪار،
ليکڪ، فنڪار اُسريا ئي ڪونه آهن. پنهنجي محنت وسيلي ڪي ڳاڻ ڳڻيا ميدان ۾ گهڙيا به
آهن ته اُنهن جي آمد آجيان لائق نه بڻي آهي. انهن اڳيان رڪاوٽون ئي آنديون ويون
آهن. جيئن هو اڳتي وڌي، ڪٿي ٺيڪيدارن جي لاءِ خطرا نه پيدا ڪري ڇڏين.” ۸
هو عملي طرح سنڌيت
جو خادم آهي. هندستان ۾ جنهن به ڪنڊ ۾ خبر پويس ته ڪو سنڌين جو ڪو ڪاڄ پيو ٿئي ته
سنڌيت جو هي محافظ رلهي ڪلهي ته رکندو ۽ ان پاسي هلي پوندو، دعوت آهي يا نه، اها
ڳالهه وٽس ڪا معنيٰ نه ٿي رکي، هندستان ۾ هن وقت تائين جيڪي به سنڌي سميلن ٿيا
آهن، انهن ۾ هڪيو تڪيو حاضر رهيو آهي. جيئن ته سنڌيت کيس ورثي ۾ مليل آهي. هن
پنهنجي ابي امڙ کي سنڌ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو هو ۽ هن ان درد کي پنهنجي لاءِ ڪڏهن
به ڪمزوري نه بڻايو آهي.
سنڌ وانگر هند ۾ به
سنڌي اديب مختلف گروهن ۾ وراهيل آهن، پر هيءُ انهن ڪجهه عالمن ۾ شامل آهي، جيڪوي
سڀني لاءِ قبولڻ جوڳا آهن. حسد جي بيماري سرحد پاران سنڌي اديبن ۾ به گهڻي آهي، پر
هو صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو آهي. اڄ به جيڪڏهن بمبئي يا دهلي ۾ ڪنهن
سنڌي اڪيڊمي يا اداري جي خدمت لاءِ کيس سڏ ٿيندو آهي ته وٽائنس انڪار جو لفظ نه
ايندو. پنهنجي ان خصلت جي ڪري هن جا دشمن به ٿوري عرصي ۾ سندس دوست بڻجيو وڃن. هو
ڪل وقت سنڌيت جو سپاهي آهي.
ڊاڪٽر ارجن سڪايل،
لکي ٿو ته “پوري گجرات ۾ اڄ ڪنهن هڪ شخص ڏانهن آڱر کڻي چوڻو پوي ته هيءُ آهي اسان
جي سنڌيت جو علمبردار ۽ پنهنجي خون کي تيل بڻائي شمع کي روشن رکڻ وارو ۽ بزرگن کان
واڳون وٺڻ وارو ۽ نوجوانن جي رهبري ڪرڻ وارو، عالم ۽ اديب ته ان شخص جو اسمي نالو
ٿيندو ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي.” ۹
پهلاج مسافر ته اڃا
به هٿ اڳتي وڌيل آهي، ڊاڪٽر ڄيٺي بابت سندس راءِ آهي ته “منهنجي ويچارن موجب هو
صحيح معنيٰ ۾ سنڌي آهي. سنڌيءَ جي وصف مان هيئن ڪندو آهيان. س- معنيٰ سهڻو، صاف
دل، سمجهو ۽ سڌير (نيڪ دل، نماڻو، سڀ جو ڀلو چاهيندڙ)، ن- معنيٰ نياز، نوڙت جي
مجسم صورت، نهٺو، ڌ- معنيٰ ڌيرجوان، دياوان ۽ ڌنڌي ۾ پرٻيڻ، نفعي نقصان جي شناس
رکندڙ، ي – معنيٰ يار ويس. اهي سڀ ڳڻ اسان جي ڄيٺي لالواڻيءَ ۾ آهن. ان ڪري ئي مان
چوندو آهيان ته هو پڪو سنڌي آهي.” ۱۰
ٻاراڻو ادب:
ادب ۾ ڏکئي ۾ ڏکيو
ڪم ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪرڻ آهي. پر ڄيٺو ان شعبي ۾ به وڏي مهارت رکندڙ آهي. هن
ٻارن لاءِ ڪهاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ لکيا آهن. ٻارن لاءِ ڪهاڻين ۾ هن سکيا سان گڏ وندر
ورونهن جو به خيال رکيو آهي. ٻارن لاءِ وڌ کان وڌ ناٽڪ رچائيندڙن ۾ به ڄيٺو اڳڀرو
رهيو آهي. اسڪول ۾ لائبريرين هوندي به هو، ناٽڪ سان جُڙيل رهيو ۽ اسڪول اندر ٻارن
کي نه رڳو ناٽڪن لاءِ اتساهيندو رهيو، پر سڄي هندستان ۾ ڌار رياستن ۾ وڃي ٻارن جي
ناٽڪن جا ملڪي سطح تي مقابلا به ڪرايا. اهڙيءَ ريت هن فنڪارن جو وڏو تعداد تيار
ڪري ورتو.
نوڪري، ناٽڪ،
صحافت، ادب، سنڌيت جي سپاهيءَ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ وقت هو پنهنجي گهر ۽
ٻارن کان پري ته رهيو آهي، پر غافل نه رهيو آهي. سندس گهر سنڌيت جو عملو نموني
آهي. احمد آباد ۾ سندس گهر ۾ هر وقت سنڌين جا ميلا متل رهندا آهن. سندس ذاتي
لائبريري ۾ هزار جي لڳ ڀڳ نادر سنڌي ڪتاب آهن. سندس گهر ۾ ايندڙن ۾ نه رڳو سندس
دوست پر دشمن به شامل هوندا آهن،
سندس گهر جيوتي
لالواڻي سندس ان عادت تي بابت لکي ٿي ته “مون کي اُن وقت گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي،
جڏهن مسٽر لالواڻي پنهنجي دشمنن کي گهر ۾ ويهاري هن سان پريم ڀريو وهنوار ڪندا
آهن. چاهيندي آهيان ته اهڙن ٻهروپي شخصن جي ڇنڇري لاهيان ۽ انهن کي گهر کان ٻاهر
ڪڍي ڇڏيان پر هو (ڄيٺو) سدائين شانت رهڻ جو اشارو ڪندا آهن ۽ مان ناخوش رهي اُنهن
جي مهمان نوازي ڪندي آهيان. سدائين چوندا آهن گهر آئي دشمن کي به عزت ڏجي.” ۱۱
ايم بي بي ايس پاس
ڪري ڊاڪٽر ٿيڻ سندس دلي خواهش هئي، پر گهريلو پريشانين جي ڪري هو، نبض ڏسندڙ ڊاڪٽر
ته نه ٿي سگهيو، پر اڳتي هلي هن سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪري، هندستان ۾ نازڪ حالت ۾
رهندڙ سنڌي ٻولي ۽ وينٽيليٽر تي آخري هڏڪيون ڏيندڙ سنڌي ثقافت جو علاج ڪرڻ لاءِ
وسان نه پيو گهٽائي، هاڻي کيس اهو ارمان نه رهيو آهي ته هو ايم بي بي ايس پاس نه
ڪري سگهيو. هند ۾ پويان پساهه کڻندڙ سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي علاج، واڌاري ۽
تحفظ لاءِ هو اڃا پنهنجي اننگ جاري رکيو ويٺو آهي، پر ٻي اننگ لاءِ هن پنهنجي
نياڻيءَ کي به تيار ڪري ورتو آهي. جيڪا هن وقت سنڌي لوڪ ادب ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهي
آهي. ان کي چئبو آهي، سنڌيت جو سچو عاشق. هند ۾ سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب کي اهڙي ئي
جذبي جي ضرورت آهي.
گجرات ۾ سنڌيت جي
علمبردار ڄيٺي لالواڻيءَ جو سفر اڃا جاري آهي. هو اڃا تائين ٿڪيون ناهي. عمر جي هن
حصي ۾ به هن جو سنڌ سان ناتو جُڙيل آهي، تازو شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي هو
ڀٽائيءَ جي عرس ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو.
حوالا:
۱. لالواڻي ڄيٺو ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون-فن- ڪاريه، اسٽيج پبليڪيشن
۲۰۰۱، ص. ۱۴۱
۲. ساڳيو. ص. ۲۸
۳. ساڳيو، ص. ۱۴۵
۴. ٽماهي اسٽيج، جنوري-مارچ، ۱۹۹۶، ص. ۱
۵. ٽماهي اسٽيج، سال پنجون، انڪ پهريون-ٻيون، ص-۳۰
۶. ٽماهي (اسٽيج، سال ۷، انڪ -۱. ص. ۱-۲
۷. جيٽلي مرليڌر ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون-فن- ڪاريه، اسٽيج پبليڪيشن
۲۰۰۱، ص. ۶۸
۸. ٽماهي اسٽيج (ايڊيٽوريل)، سال اٺون، انڪ پهريون- ص. ۲
۹. سڪايل ارجن ڊاڪٽر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جيون –فن- ڪاريه، اسٽيج پبليڪيشن ۲۰۰۱، ص. ۳۳
۱۰.مسافر پهلاج، ساڳيو مٿيون ڪتاب. ص. ۳۶
۱۱.لالواڻي جيوتي، ساڳيو مٿيون ڪتاب. ص. ۵۹
(ڇھ ماھي
تحقيقي جرنل ڪارونجھر جلد ۷، شمارو ۱۳، ڊسمبر ۲۰۱۵ع ۾ ڇپيل، ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي بلاگ اسپاٽ تان کنيل)
ڄيٺو لالواڻي ۽ سنڌيت
ڊاڪٽر ٻلديو
مٺلاڻي
ڀاءُ ڄيٺانند سان منهنجي
ملاقات، مرڪزي سرڪار طرفان منعقد ٿيندڙ سيمنيارن ۾، اسي واري ڏهاڪي دوران، مختلف شهرن
۾ ٿيندي رهندي هئي. پر نوي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڄيٺانند لالواڻي صاحب دهلي سنڌي
اڪيڊمي ۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ ڪجهه ضروري ميٽنگس سبب انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجو به
دهليءَ وڃڻ ٿيو ته اتي روز ملڻ سبب، آهستي آهستي اسان جي وقافيت باهمي ڀائپي ۾
بدلجي وئي. هن جي دل ۾ ڄڻ منهنجي لاءِ بي انتها پيار هئو. انهن ئي ڏينهن ۾ مون کي
دهلي ۾ مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي کان ٽرانسليشن پرائيز مليو ته هن مون کي ۽ مون سان گڏ
ويل سمورن گهر ڀاتين کي پنهنجي سرڪاري گاڏيءَ ۾ سڄي دهليءَ جو سير ڪرايو، شام جو
پرگتي ميدان واري بوڪ ايگزيبيشن ۾ هن مون کي دهلي اڪيڊمي طرفان اردو، سنڌي، ڊڪشنري
پروجيڪٽ ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي، پر مصروفيت سبب مون پروجيڪٽ کي عملي طور حال في الحال
ملتوي ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ايڪوهين صديءَ جي شروعات ٿي ته نيشنل ڪائونسل فار پروموشن
آف سنڌي لينگويج (NCPSL) تي بي جي پي سرڪار طرفان ڪي آر ملڪاڻي وائيس چيئرمين نامزد ٿيل
هو، پر ان ڪاميٽي ۾ سينئر ميمبر طور دادا جهمٽ مل واڌاڻي کي ڏاڍي عزت ڏني ويندي
هئي، جيڪو انهن ڏينهن ۾ بمبئي جي وويڪانند ايڊيوڪيشن سوسائٽي جو چيئرمين به هو. جن
جي طرفان آرٽس، سائنس، ڪامريس، ڪيٽرنگ، مينجيمينٽ ۽ انجنيئرنگ لاءِ ڪيترائي تعليمي
ادارا برپا ڪيل هئا.
دادا جهمٽ مل واڌواڻي صاحب جو
مون ناچيز سان بيحد پيار هئو ۽ جيتوڻيڪ آءُ NCPSL جي ڪاميٽي تي ڪو نه هئس، پوءِ به هو خاص طور
ملڪاڻي صاحب کي چئي مون کي ۽ پونا جي ڀاءُ ڊاڪٽر طنعيا لال ليکواڻي کي خاص طور
اهڙي هر ميٽنگ ۾ سرڪاري طور گهرائيندو هئو، انهن ميٽنگس ۾ ڀاءُ ڄيٺا نند به ميمبر
طور شرڪت ڪندو هئو ۽ الائي ڇو اسان جي پاڻ ۾ فريڪئينسي ڪجهه اهڙي ملندي هئي جو
ميٽنگ دوران آءُ جيڪي به سجهاءُ ڏيان ته ڀاءُ لالواڻي صاحب يڪدم انهن جي حمايت
ڪندو هو، پوءِ ته NCPSL طرفان بمبئي يونيورسٽيءَ جي طور تي سرٽيفڪيٽ ڪورس ان سنڌي ۽
ڊپلومان ان سنڌي جا ڪلاس شروع ڪيا ويا ته ان لاءِ ڪتابن ٺاهڻ واري ڪاميٽي تي به
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڄيٺا نند لالواڻي، ڊاڪٽر ڪنعيالال ليکواڻي ۽ مون کي رکيو ويو
ته ڪيترائي ڏينهن لڳاتار ڪم ڪندي اسان جي باهمي محبت فطري طور وڌندي رهي. جيتوڻيڪ
انهن ڏينهن ۾ سيمينارن ۾ شرڪت ڪندڙ انيڪ ليکڪ صاحبان کي صحيح معنيٰ ۾ نه ته ايڏي
سمجهه هوندي هئي ۽ نه ئي ڪجهه سکڻ جي ئي ڪوشش ڪندا هئا، پر ڀاءُ ڄيٺو لالواڻي انهن
چند اهم شخصيتن منجهان هئو، جيڪو صرف ضرورت مهل ڳالهائيندڙ هو، ڳالهه ڪري وري
بزرگن کان سکڻ ۽ انهن جي عزت ڪندڙ هئو. نه ته انهن ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا ته ائين به
ٿيندو هئو جو مقرر جي ڳالهه جيڪڏهن حاضرين کي نه آئڙي ته همراهه کي ڪياڙي کان ڇڪي
هيٺ لاهيندا هئا، ادبي اجلاس ۾ ان طرح جي بي ادبي به شايد هڪڙو سبب هجي ۽ ٻيو نه
اها پيڙهي به ڪجهه اهڙي هئي جو انهن پاڻ کانپوءِ نئين ٽهي کي اسرڻ ئي ڪو نه ڏنو،
نتيجي ۾ اديبن جو پيدا ٿيڻ ته ڇڏيو پر خود انهن سمورن اديبن اڄ پنهنجي گهرن ۾ به
معصوم ۽ اهم ٻارڙن سان مٺڙي سنڌي ٻولي جي جاءِ تي غلط هندي ڳالهائڻ شروع ڪئي ۽ اڄ
اسان جي نئين پيڙهي جو وڏو تعداد ڄڻ پنهنجي ٻاڙن کان ئي پري رهي نه ته سنڌي ٿي
سگهيو ۽ نه ڪاٻي جاتي کين پاڻ ۾ سهائڻ ئي ڏيندي. پر ان ماحول سان منهن ڏيندي به
ڀاءُ ڄيٺو پنهنجي ٻولي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان وفادار رهندي ايڏو ته ثابت
قدم رهيو! جو هن جي ٻارڙن ڀل ڪهڙي به ڊسيپلين ۾ گريجوئيشن ڪئي هئي پر هن خاص طور
پنهنجي ٻارڙن کي اسان جي بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان ريگيولر شاگرد طور
ايم اي (سنڌي) به ڪرائي.
اسان جي ويجهڙائپ جو هڪ اهم
رڪن، سائين مدن جماڻي صاحب به هو، جيڪو هڪ ڊراما فنڪار جي ناتي مون کي ته ڀائيندو
ئي هئو ۽ ان لاءِ ڄيٺي کي پڻ ٻيهر تاديب هوندي هئي، پوءِ ته هو جڏهن به بمبئي اچي
ته مون وٽ اچي رهي، مون کي پڻ سڏ ٿئي ۽ اسين ٽئي يا مدن جماڻيءَ وٽ پنهنجي غريب
خاني ۾ ڏينهن رات ويٺا ڪچهريون ڪندا هئاسين، ڄيٺي کي لوڪ اب تي ڄڻ هڪ قسم جي مهارت
حاصل آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪڇي لوڪ ادب سان اهڙو تقابلي اڀياس پڻ ڪري رهيو هئو، تڏهن
هو مون کي ۽ مدن جماڻي کي پڻ گجرات سنڌي اڪيڊمي يا ڪنهن به ٻئي سرڪاري اداري طرفان
دعوت ڏئي گهرائيدو هئو ۽ پوءِ ته ڪيترا ڀيرا ڪڇ جي اندرين علائقن ۾ گهمائڻ پڻ وٺي
ويندو هئو.
بهرحال ڀاءُ ڄيٺو لالواڻي هڪ
انتهائي شفيق فطرت وارو انسان آهي، جيڪو ٻوليائي طوفان سان منهن ڏيندي نه رڳو
ٻارڙن کي سنڌي بڻائي رکڻ جي ڪامياب جستجو ڪندي پنهنجي مادري زبان، پنهنجي وجود سان
نينهن جو ناتو نڀائيندو رهيو آهي، اڄ اسان کي هندوستان جي اجنبي ماحول ۾ اهڙن کي
نيڪ انسانن جي اشد ضرورت آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا