; سنڌي شخصيتون: غلام شبير شاهاڻي - ناصر مقصود گل

01 May, 2015

غلام شبير شاهاڻي - ناصر مقصود گل

غلام شبير شاهاڻي
سهڻو آواز، سهڻو انداز
ناصر مقصود گل
ريڊيو حيدرآباد، جيڪو يقيناً هڪ ابلاغي ادارو آهي، پر هن اداري کي جيڪڏهن ڪا درسگاهه يا يونيورسٽي ڪري سڏجي، تڏهن به ان ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ريڊيو حيدرآباد پنهنجي قيام يعني آگسٽ 1955ع کان وٺي اڄ تائين پنهنجي سٺ سالن جي نشرياتي سفر ۾ انيڪ آوازن جي آبياري پڻ ڪئي آهي. ريڊيو حيدرآباد جهڙي مضبوط ابلاغي ذريعي تان پنهنجي آواز جي ذريعي پاڻ مڃرائيندڙ اهڙن ڪلاڪارن جي ڪثير قطار ۾ سنڌ جي ڪاڇيلي ڌرتي جوهيءَ مان پڻ هڪ اهڙو دلفريب آواز اڀريو، جنهن سريلي آواز، مسلسل محنت ۽ رياض سان سنڌي سنگيت جي سٿ ۾ هڪ اهم ۽ منفرد مقام ماڻي ورتو آهي. منهنجو هڪ محتاط اندازو آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن ڪنهن رٺل محبوب کي پرچائيندي، نامياري ڪافي گو شاعر سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهيءَ جا ٻول ”رسي وڃ نه راڻا دنيا جي چوڻ تي“ ريڊيو وسيلي ٻڌندڙن جي سماعتن تائين پهتا، تڏهن کان وٺي اڄ تائين عمر جا اٺونجاهه ڏاڪا اُڪرڻ باوجود انهيءَ آواز ۾ڪنهن به قسم جي پروڻ يا جھونائپ وارو عنصر ناهي محسوس ڪيو ويو. اهڙي آواز واري ڪلاڪار کي اڄ به هيءَ ڀونءِ غلام شبير شاهاڻيءَ جي نالي سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي.


مون کي هن لمحي سال 2012ع جي پهرين مهيني يعني جنوريءَ جي سياري جي اها ٿڌڙي ٿڌڙي رات ياد اچي رهي آهي، جنهن رات حيدرآباد جي سنڌ ميوزيم جي صحن تي، مهان مصور ۽ شاعر ظفر ڪاظميءَ جي مرقد جي آڏو ’سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري‘ پاران ڪوٺايل ’مچ ڪچهريءَ‘ ۾ سنڌ جي ان ئي سٻاجھڙي راڳيءَ کي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو آمهون سامهون ٻڌڻ جو مون کي به موقعو مليو، سگھڙن جي هن ڪچهريءَ جي موسيقيءَ جي نشست ۾ غلام شبير شاهاڻيءَ پنهنجي ڳلي مان آلاپيل سنگيت جي سرن سان ماحول تي اهڙو ته سحر طاري ڪري ڇڏيو، جو حاضرين ته ٺهيو، پر محسوس ائين ٿي رهيو هو ته آسمان مان لهرا ڏئي لهندڙ لـُريءَ جي اثر کان نه، بلڪه غلام شبير شاهاڻيءَ جي شاهڪار سرن جي اثر هيٺ ڪچهريءَ جي ايوان ۾ وڇايل مڇ جا پڄرندڙ ٽانڊا به ماٺار ۾ ايندي ان وقت کيس دل سان داد ڏئي رهيا هئا. اچو ته اڄ سندس جيون جي جھلڪ پسون.
غلام شبير شاهاڻيءَ ضلعي دادوءَ جي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ’ٿرڙي جادي شهيد‘ ۾ پنهنجي وقت جي صوفي راڳيءَ ۽ فقيري صفتن جي صاحب، محترم صاحب خان شاهاڻيءَ جي جھوليءَ ۾ 1957ع ڌاري اکيون کولي دنيا جو ديدار ڪيو. سندس جنم ان گھراڻي ۾ ٿيو، جتي سندس ولادت ويل يڪتاري جي يڪ-تار تي صوفياڻي سماع جو سماعتن کي سرور بخشيندڙ آوازن سان سندس آجيان ٿي. يعني سندس والد صاحب  خان ۽ سندس چاچو راهب خان ٻئي پنهنجي وقت جا صوفي راڳي هئا، جيڪي گڏجي جوڙيءَ جي انداز ۾ صوفي راڳ ويراڳ جو ورد پچائيندا هئا، ان حوالي سان غلام شبير جي حصي ۾ به سرن جي ستي اباڻي امانت ٿي ملي.
غلام شبير نصابي حوالي سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪڪڙ ضلعي دادوءَ مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. کيس گھر ۾ پنهنجي والد صاحب خان شاهاڻي ۽ چاچي راهب خان شاهاڻيءَ جي هٿارئون سنگيت جي سڀاڳي ستي ته ننڍپڻ ۾ ئي ملي چڪي هئي، پر جيئن ته عشق کي اوج تائين رسائڻ لاءِ پريم جا پنڌ ۽ قرب جا ڪشالا ڪرڻ لازمي ٿي پوندا آهن، ان حوالي سان غلام شبير کي موسيقيءَ جي محبوب ديويءَ کي ريجھائڻ لاءِ گھر جو عشايون تياڳڻيون پئجي ويون ۽ پاڻ 1976ع ۾ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي سنڌ جي تاريخي شهر حيدرآباد آيو، جتي پنهنجي هڪ رشتيدار محمد قاسم شاهاڻيءَ جي معرفت سان ريڊيو حيدرآباد رسيو، جتي نامور صداڪار عبدالحق ابڙي سان (جيڪو ريڊيو حيدرآباد جي جڳ مشهور پروگرام ’فتح خان جي ڪچهريءَ‘ ۾ ’جاڙل خان‘ جو ڪردار نباهيندو هو) هم آهنگ ٿيو، جنهن وري غلام شبير کي ان وقت ريڊيو حيدرآباد جي اسٽاف آرٽسٽ، سريلي بنيجو نواز استاد رحمت الله سان متعارف ڪرايو. غلام شبير ان وقت استاد رحمت الله جي سرپرستيءَ ۾ اچي سنگيت جا ڪجھه سبق پروڙڻ لڳو ۽ اڳتي هلي غلام شبير نامياري ڪلاسيڪل سارنگي نواز استاد مجيد خان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جيڪو پڻ ريڊيو حيدرآباد ۾ هڪ سارنگي نواز طور اسٽاف آرٽسٽ جو ذميواريون سر انجام ڏيندو هو ۽ کيس سنگيت لاءِ سونهون تسليم ڪندي، راڳ ۾ رهنمائي لاءِ گذارش ڪيائين، موٽ ۾ قدردان استاد به سندس موسيقيءَ واري ملهائتي منٿ کي مان ڏنو ۽ پنهنجي استاديءَ ۾ آڻي ڇڏيائين. انهن ڏينهن ۾ کيس ريڊيو حيدرآباد تي اچڻ وڃڻ يا سندس متواتر موجودگيءَ سان سنڌ جي وڏن وڏن فنڪارن توڙي موسيقارن جهڙوڪ: استاد محمد جمن، استاد فيروز گل، استاد غلام علي عبداللطيف ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪرڻ سان گڏوگڏ کانئن پرائڻ، سندن شفقت مان فيضياب ٿيڻ سان گڏوگڏ سندن ترتيب ڏنل موسيقيءَ ۾ ڳائڻ جا پڻ ڀرپور موقعا ملندا رهيا.
غلام شبير شاهاڻيءَ باقاعده طور تي پنهنجي فني سفر جي شروعات، پنهنجي وڏڙن جي پيروي ڪندي، يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي وڄت سان ڪئي. موسيقيءَ جي ان مشغلي دؤران پاڻ اڪيلي سِر به ڳاتائين، ته وري ڪيترائي ڀيرا سنڌ ڌرتيءَ جي باڪمال ڪلاڪارن فقير عبدالغفور ۽ حسين بخش ’خادم‘ سان گڏجي سنگ جي انداز ۾ به سرن جي سيوا ڪندو رهيو. اڳتي هلي ريڊيو جي هاڪاري برڊڪاسٽر ۽ پروڊيوسر انور بلوچ جي مشوري سان يڪتاري واري انداز کي خدا حافظ ڪري هارمونيم جهڙي دلفريب ساز سان سنگت رکيائين، جيڪو ساز اڄ به غلام شبير شاهاڻيءَ جو هٿيار بڻيل آهي.
غلام شبير شاهاڻيءَ پنهنجي سر جي سفر جي شروعات آڊيو ڪئسٽ جي دنيا کان ڪئي، سندس پهريون آڊيو البم 1980ع ڌاري وي. آءِ. پي پروڊڪشن پاران جاري ٿي، منظرِ عام تي آيو، جنهن کان بعد اڄ ڏينهن تائين سندس آواز ۾ لڳ ڀڳ ويهه آڊيو البم رليز ٿي چڪا آهن.
جيتوڻيڪ غلام شبير شاهاڻيءَ جي ريڊيو حيدرآباد سان آشنائي ته 76-1975ع واري زماني کان ئي رهي، پر باقاعده ۽ باضابطه طور تي سندس آواز جو آڊيشن 1984ع ۾ پروڊيوسر انور بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ورتو ويو، جنهن آڊيشن ۾ ڪاميابيءَ بعد سندس آواز کي پهريون ڀيرو ريڊيو حيدرآباد تان نشر ڪيو ويو. پر هتي هڪ حقيقت اها به آهي ته ريڊيو حيدرآباد سان پراڻي هم آهنگي هئڻ باوجود به غلام شبير شاهاڻيءَ ميڊيا جي رستي پنهنجو فن اظهارڻ جي شروعات 1982ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ جي مقبول ترين سنڌي پروگرام ’اوطاق‘ کان ڪئي، جنهنجي اٽڪل اٺن سالن بعد 1990ع کان مسلسل پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيءَ تان نشر ٿيندڙ اٽڪل مڙني سنڌي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. کيس عمر ڀر جي ڪيل فن سان عشق جي موٽ ۾ عوام جي اڻ مئي محبتن ۽ مڃتا کان سواءِ حضرت لعل شهباز قلندر ايوارڊ، 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ’بيسٽ ريڊيو سنگر ايوارڊ‘، ’استاد بخاري ايوارڊ‘، 2012ع ۾ ’سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد‘ پاران مڃتا شيلڊ، جلال کٽي ايوارڊ، ’سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ‘ سميت ٻيا ڪيترائي ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.
غلام شبير شاهاڻيءَ موسيقيءَ جي محبوب مشغلي دوران هونئن ته سنڌجي ڪيترن ئي ناميارن ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ کي موسيقيءَ جو روپ ڏيئي، پنهنجي من موهيندڙ آواز سان اچاريندو رهيو آهي، پر استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ سندس شخصيت سان غلام شبير شاهاڻيءَ جي اندر جي انسيت ڪجھه سرس رهي آهي، جيڪا روحاني رغبت عشق جي درجي تائين پهتل آهي، ان جي چٽي ثابتي ان ڳالهه مان ملي ٿي، جو پاڻ پنهنجي اندر جي عقيدت ۽ عشق سان استاد بخاريءَ جي سرجيل ڪيترن ئي اسمن تي شاندار ڌنون تخليق ڪري، پنهنجي من جي موهه سان موسيقيءَ جو روپ ڏيندو رهيو آهي.

غلام شبير شاهاڻيءَ پنهنجي ساهه ۾ سنگيت جي سرن کي سموهي، پنهنجي پريم جي پت اهڙي نموني ته پاڙي آهي، جو راڳ جهڙي محبوب مشغلي ۾ پنهنجي اعلى استادن جي ٻڌايل ڏس ۽ گس تي عمل ڪندي، سندن ٻاريل شمع جو پروانو بڻجي، ان شمع کي گـُل ٿيڻ نه ڏنو آهي. ڌڻيءَ در اها دعا آهي ته غلام شبير شاهاڻي ڪامل صحت سميت ڊگھي ڄمار حاصل ڪري ۽ پنهنجي آواز، آلاپ توڙي انداز سان پوري سنڌ سان گڏ سموري سنسار کي سرها گيت ارپيندو رهي – آمين!

No comments:

راءِ ڏيندا