; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، ڊاڪٽر ٻلديو مٺلاڻي،
Showing posts with label ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، ڊاڪٽر ٻلديو مٺلاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر قاسم راڄپر، ڊاڪٽر ٻلديو مٺلاڻي،. Show all posts

01 May, 2015

ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

هڪ شخص- هڪ ادارو

ڊاڪٽر قاسم راڄپر



ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا هندو هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ وڃي وسائي، ڪن بمبئيءَ ۾ گهر اڏيو ته ڪي دهليءَ ويا، ڪي جئپور، يو پي، سي پي، گجرات، گانڌي ڌام ۽ ڪن وري احمد آباد وسائي. بمبئي ۽ دهليءَ کانپوءِ احمد آباد سنڌين جو وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻيو. جتان جي سنڌين سنڌيت جي جوت جلائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ نيٺ سڄي هندستان ۾ سنڌيءَ کي به قومي ٻولي مڃيو ويو.