صادق فقير
صحرا ۾ خاموش
ٿي ويل سنڌ جو آواز
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هي ڏاڍ جا فيصلا آهن... ... پوءِ ڇا ڪجي... ..؟ تاج جويي
جا اهي لفظ جيڪي هن سُرن جي رائي صادق فقير جي تڏي تي ويٺي فون تي چيا. انسان ڄمي
ٿو ۽ مري وڃي ٿو. هڪ حياتي هڪ ئي حياتي گذاري وڃي ٿو ته ڪي اهڙا به فرد ٿين ٿا
جيڪي هڪ حياتي ۾ ڪيتريون ئي حياتيون گذارن ٿا. پل ۾ ڀرن ٿا، پل ۾ جيئن ٿا! انهن جي
حياتي، بس رڳو زندھ رهڻ جو سبب نه ٿي رهي، بلڪ هو هر ان ماڻهو لاءِ جيئن ٿا جنهن
کي هڪ حياتي گذارڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سهاري جي ضرورت پئي ٿي. پنهنجي پاڻ کي ڏيئي جيان
ساڙي ٻين لاءِ روشني پئدا ڪرڻ سچ پچ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي، پر جيڪي شخص ان منزل کي ماڻي
وٺندا آهن. اهي ماڻهن جي دلين ۾ زندھ آهن. انهن جي مُرڪن، ٽهڪن توڙي لڙڪن ۾ هر وقت
نظر ايندا آهن. درحقيقت صوفي جو مقولو: “وحدت ۾ ڪثرت ۽ ڪثرت ۾ وحدت موجود آهي.” هن
سماجي نظام ۾ پسي سگھجي ٿو. هڪ وجود آهي. جيڪو جتي به آهي پر هر هنڌ آهي ۽ هو
پنهنجي ٻاهر هوندي به پنهنجي اندر آهي.!! پر هن ڳالھ کي ڪئين سمجهي سگھجي؟ جواب ۾ ڪنهن ڊگھي منجهائيندڙ بحث جي بجاءِ
پنهنجي چؤگرد ئي نظر ڦيرايون ته اسان کي اهڙا ٿورائي ماڻهو ئي نظر ايندا جيڪي هر محفل
۾، هر جاءِ تي يقيني سمجهيا ويندا آهن. رڳو جڏهن اهڙن ڪن ٿورن مان ڪو هي رنگ واس
جو جهان ڇڏيندو آهي ته هر طرف بس سُڏڪا ئي سُڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. جيئن اسان جي
پياري صادق فقير جو اوچتو هانءُ ڏاريندڙ وڇوڙو !!
