هري موٽواڻي
اچو ته هريءَ جي خاڪ کي سلام
ڪريون
تاج جويو
اڄ کان اڍائي سئو
سال اڳي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار مارئيءَ جي عمر
جي قيد ۾ قيدي هئڻ وقت دلي ڪيفيت بيان ڪندي چيو هو:
مُيا ئي جِيان، جي
وڃي مڙهه ملير ڏي!
مارئيءَ کي ڀٽائيءَ
ڏٺو ڪو نه هو، پر ان جي وطن لاءِ محبت واري ويساهه، اُتساهه ۽ جذبي کي ڳائي، ڀٽائيءَ
اهڙي امرتا بخشي ڇڏي، جو صدين کان وٺي مارئي حب الوطنيءَ جو لازوال مثال آهي.!
