; سنڌي شخصيتون: فقير، برڪت، علي، بلوچ، کاهوڙي، انسان، نور، سنڌي،
Showing posts with label فقير، برڪت، علي، بلوچ، کاهوڙي، انسان، نور، سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label فقير، برڪت، علي، بلوچ، کاهوڙي، انسان، نور، سنڌي،. Show all posts

02 May, 2015

فقير برڪت علي بلوچ - نور سنڌي

فقير برڪت علي بلوچ
کاهوڙي انسان
نور سنڌي
2 مئي 2010ع اهو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن تي هڪ کاهوڙي انسان فقير برڪت علي بلوچ جاگيراڻي، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هو نامور قانوندان هو، هڪ مثالي منصف هو، سماج سڌارڪ هو، غريبن جو همدرد، يارن جو يار هو، سياستدان ته نه هو پر سياسي سوچ رکندڙ هو. هو لطيف سائينءَ جو پانڌيئڙو هو. هڪ اهڙو باڪردار انسان جنهن تي اسان کي ناز آهي. اعليٰ عهدن تي رهڻ جي باوجود فقير منش انسان هو. ڪڏهن به پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال نه ڪيو. مختلف منصبن تي رهي اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي تاريخ جو حصو بڻيل آهن. پاڻ 16 نومبر 1935ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي قمبر جي ڳوٺ جيئڻ ابڙا ۾ قاضي غلام رسول جاگيراڻي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده مشهور عالم دين مولوي غلام عمر جتوئي جي خاندان مان هئي.