; سنڌي شخصيتون: ثميره زرين، پير عبيد راشدي، صاحب خان “سورھ” ميراڻي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label ثميره زرين، پير عبيد راشدي، صاحب خان “سورھ” ميراڻي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label ثميره زرين، پير عبيد راشدي، صاحب خان “سورھ” ميراڻي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

23 May, 2015

ثميره زرين

ثميره زرين

مون کي رڳو ڀليڪار چوڻ ايندي آهي...

پير عبيد راشدي



يونيورسٽيون عشق ناتمام جون درگاهون هونديون آهن. يونيورسٽيءَ جي ميدانن، رستن، پارڪن ۽ ڪاريڊورس ۾ سڏ وراڪا ۽ سرگوشيون سدائين پڙاڏبيون آهن. سنڌ جي برک تخليقي ادب جي اثرائتي جينيئس ليکڪا مئڊم خيرالنساءِ جعفري جڏهن اسان شاگردن جي وچ ۾ هوندي هئي ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سرنهن جي گهاٽي وڻ جي ڇانو هجي ۽ سڀ شاگرد سرنهن جا گل هجون. سچ ته ادي گُڏي خيرالنساءِ سرنهن جي گهاٽي وڻ جهڙي هئي. هوءَ اسان سان ادبي، سياسي ڳالهيون ۽ ڀوڳ ڪندي هئي ۽ پنهنجن جيڏين مئڊم نسيم ٿيٻو، مئڊم مهتاب اڪبر راشدي، مئڊم تنوير جوڻيجو، مئڊم ليليٰ بانو جا قصا ڪندي هئي، پر جڏهن مئڊم ثميره جون ڳالهيون ڪندي هئي ته لڙڪ لارون ڪري وهندا هئس. مئڊم ثميره زرين سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي معزز اعواڻ خاندان جي مهتاب آفتاب هئي ۽ اسان سنڌ وارن لاءِ پنهنجي سگهاري خوبصورت ڪهاڻي ’آءٌ اها مارئي‘ واري روشنيءَ جو اڏول ڪردار. هوءَ اصل ۾ سنڌي ڪهاڻي ۽ افساني جي سفر جي ڊگهي پنڌ جي چانڊاڻ هئي. ثميره زرين تعليم يافته خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو. گهر ۾ هر شيءِ موجود، پر فطرت ۾ سادگي ۽ حساس پڻي جي ڪري ڪتابن ۾ پناهه ورتائين. ائين به نه هو ته هوءَ پنهنجي خاندان ۾ پهرين فرد هئي، جنهن ڪتاب قلم کنيا. مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو مئڊم ثميره زرين جي وڏڙن مان ميان محمد عارف اعواڻ صاحب حقيقي بزرگ ۽ عارف هو، جو صاحب ديوان هو ۽ هن جو ڪلام شڪارپور مان پوڪرداس ڇپائي پڌرو ڪيو هو. مطلب ته  مئڊم کي قلم ۽ ڪتاب ورثي ۾ مليا. مئڊم ثميره حساس پڻيءَ جي ڪري نه رڳو وڏگهراڻن پر پورهيت، پيڙهيل دُکي عورتن جي مسئلن تي خوب لکيو. اديب پنهنجي تخليق ۾ نه رڳو معاشري جا ناسور، ڏک سک بيان ڪندو آهي، پر پنهنجي داخلي دنيا جا اڻپورا خواب، احساس ۽ محروميون بيان ڪندو آهي. مئڊم ثميره زرين جون اڪثر ڪهاڻيون فرد جي داخلي دکن جي اپٽار آهن. هوءَ پنهنجو ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيتري دکي سُکي هئي، سا ته سندس جيڏين کي خبر، پر جڏهن پڙهندڙ سندس افسانا پڙهي ٿو، ته هو ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي وڃايل ڪاڪ محل ياد ڪري، سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته هڪ معزز خوشحال گهراڻي جي خوددار عورت ايتري دکي ڇو هئي؟