; سنڌي شخصيتون: فرهاد جيلاني

02 May, 2020

فرهاد جيلاني


فرهاد جيلاني
سيد احمد علي جيلاني
فرهاد جيلاني جنهن جو اصل نالو سيد محمد علي شاهه آهي. فرهاد، سنڌ جي الستي شاعر ۽ بزرگ سيد پير تقي شاهه جي سجاده نشين سيد محرم علي شاهه جيلاني جو وڏو فرزند آهي.
سندس پيدائش ۳ اپريل، ۱۹۹۹ع جي ڏينهن صبح سوير ڏوڪري شهر ۾ ٿي.
فرهاد، ابتدائي تعليم صلاح پبلڪ هاءِ اسڪول باڊھ مان حاصل ڪئيي، مئٽرڪ ماڊل اسڪول ڪيڊٽ ڪاليج مان ڪرڻ کانپوءِ انٽرميڊيئٽ ۲۰۱۶ع ۾ سيبسٽ ڪاليج مان ڪئي.
هن وقت قائد عوام نوابشاهه ۾ سول انجنيئرنگ جي آخري سال ۾ آهي. يونيورسٽيءَ ۾ به علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن جون اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ قائد عوام نوابشاهه جو سيڪريٽري آهي. بحث مباحثي جي تنظيم قوئيسٽ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو صدر به آهي جتي هن ٻن سالن ۾ ٻه ميگا ايوينٽ ڪرائي چڪو آهي. ان کان علاوه غريبن ۽ مستحقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم راههِ حق چيريٽيءَ جو سپروائيزر به آهي، هن پليٽفارم تان فرهاد جيلانيءَ نوابشاهه جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جي يونيورسٽيءَ جي ٻين دوستن سان گڏجي مدد پڻ ڪندو رهي ٿو.


سال ۲۰۱۸ع ۾ شاهزيب راڄپر، واجد بڙدي ۽ فرهاد جيلاني ملي ڪري يونيورسٽيءَ جي نمائنده ميڊيا تنظيم قوئيسٽ ميڊيا ،  جيڪا شاگردن تائين هر مثبت معلومات پڄائي ٿي، جوڙي ٻين دوستن سان گڏ هن ميڊيا تنظيم لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. فرهاد جيلاني سال ۲۰۱۹ع ۾ مضمون نگاريءَ ۾ قائد عوام شيلڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
فرهاد جيلاني هن وقت روشن زندگي فائونڊيشن جو سينئر نائب صدر آهي، هي فائونڊيشن باڊھ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي معياري تعليم ۽ بهتر صحت ڏيڻ لاءِ جاکوڙي ٿي.
هو روشن زندگي فائونڊيشن جو اڳوڻو صدر آهي، پنهنجي صدر هجڻ دوران ڪيريئر ڪائونسلنگ جا پروگرام ۽ صحت جاگرتا پروگرام پڻ ڪرائي چڪو آهي.
فرهاد جيلاني نصابي تعليم سان گڏُ ادبي دنيا ڏانهن به گهڻي قدر لاڙو رکي ٿو. پاڻ هڪ شاعر به آهي، ڪهاڻيڪار به آهي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ ڪاوش مئگزين، احساس، هزار داستان، همسري، هلال پاڪستان وغيره ۾ شايع ٿي چڪيون آهن. هو غزل، نثري نظم ۽ چوسٽن تي گهڻي قدر طبع آزمائي ڪري ٿو.
فرهاد جيلاني سنڌ ايڪسپريس، ڪاوش مئگزين، ڪوشش، هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکي ٿو.
سندس هڪڙو غزل ڀارت جي مئگزين ”ادبي چمن“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي.
فرهاد جيلانيءَ لکڻ جي شروعات باقاعدگيءَ سان ۲۰۱۴ع کان ڪئي آهي ، ننڍي هوندي ۲۰۱۰ع ۾ هن ڪاوش جي ٻاراڻي سلسلي ۾ مضمون به لکيا جنهن کانپوءِ هو ادب سان واڳيل نه رهيو ، وري ۲۰۱۴ع ۾ مئٽرڪ ڪري ادبي کيتر ڏانهن واپس وريو آهي ۽ اڃا تائين اتي آهي...
فرهاد جيلاني پنهنجي ئي شهر باڊھ ۾ چيريٽيبل اسڪول آف ايجوڪيشن باڊھ ۾ ٽن سالن کان فزڪس ۽ ميٿميٽڪس جهڙن مضمونن ۾  پڙهائيندو پيو اچي.
مختلف سماجي ، ادبي ۽ بحث مباحثي جي پروگرامن ۾ پاڻ موکي سوين سرٽيفڪيٽس پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
فرهاد جيلاني سال ۲۰۱۶ع ۾ زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ انجنئرنگ فيڪلٽي ۾ اسٽوڊنٽ آف دي ايئر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو.
مهراڻ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ ۾ پوري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٽئين ۽ رورل ايريل ۾  پهرين نمبر تي آيو ۽ ان ئي سال ۾ قائد عوام نوابشاهه جي انٽري ٽيسٽ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻين نمبر تي اچي سول انجنئرنگ جي سيٽ پنهنجي نالي ڪئي ، ان سال ۾ فرهاد جيلاني سان گڏ شعيب ٻٽ به سول انجنئرنگ جي سيٽ ماڻي چڪو يعني يونيورسٽي جون ٻئي سيٽون باڊھ وارن کنيون.
فرهاد جيلاني شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هجڻ سان گڏ سٺو مقرر ۽ ڪمپيئر به آهي ، هو مختلف ادبي ۽ تعليمي پروگرام هوسٽ ڪري چڪو آهي. فرهاد جيلاني تازو ئي ۲۰ جولاءِ ۲۰۱۹ع جي ڏينهن سنڌ ٽي ويءَ جي پروگرام ”نئين ٽهي“ ۾ نوجوان شاعر احمد شاڪر ۽ اردو جي نوجوان شاعره خيرالنسا سان گڏ ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو ويو جتي هن نوجوانن ۾ ادبي رجحان جي حوالي سان پنهنجا ويچار ونڊيا ، هن پروگرام کي لطيف گاد هوسٽ ڪيو.
فرهاد جيلاني وٽ شاعراڻو ورثو پنهنجي پڙ ڏاڏي سيد پير تقي شاه جيلانيءَ کان مليل آهي، سندس سئوٽ عمران جيلاني ۽ پاڻ سندس پيغام کي عام تائين اجاگر ڪري رهيا آهن.
فرهاد جيلاني شاعريءَ جو گيان پنهنجي استادن عاشق علي شيخ، وسيم سومرو، امداد حسيني ۽ عمران جيلانيءَ کان وٺندو رهي ٿو.
ڪهاڻي کيتر ۾ کيس سنڌ جا ناميارا ڪهاڻيڪار طارق قريشي، محمد صديق منگيو، ضراب حيدر، وفا صالح راڄپر ۽ سدرت المنتهيٰ جيلاني سندس رهنمائي ڪن ٿا.
سندس شاعريءَ جو هڪڙو ڪتاب سال ۲۰۲۰ع ۾ اچڻ وارو آهي، ان سان گڏوگڏ هو باڊھ جي تاريخ تي نئين سري سان پڻ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو ڪتاب پڻ ڇپجي جلد مارڪيٽ م ايندو.
سندون ۽ سرٽيفڪيٽ ؛
۱. سال ۲۰۱۶ع ۾ اسٽوڊنٽ آف دي ايئر ايوارڊ
۲. چيريٽيبل اسڪول پاران بهترين استاد ايوارڊ
۳. ۲۰۱۹ع ۾ QDS پاران مضمون نگاريءَ ۾ پهريون نمبر ايوارڊ
۴. سال ۲۰۲۰ع ملڪ آگاڻي ڪهاڻي ڪانفرنس جي سَندَ
هنن کان علاوه سوين ٻيون سندون ڪيرئر جي راهہ تي مليل آهن، اهي هتي ونڊبيون ته تعارف ڊگهو ٿي ويندو.

(نوٽ؛ هي تعارف انعام سنڌي جي هلايل سلسلي خاطر، فيسبڪ تي ونڊيو ويو ھيو)


مونکي اڃا زنده رهڻو آ....
فرھاد جيلاني
انعام عباسي صاحب الئہ ڇو نوجوانن کي به آتم ڪهاڻيون لکڻ لاءِ آماده ڪيو، هي ڪهاڻي ته تڏهن لکبي آهي جڏهن زندگيءَ جي لالٽين وسامڻ واري هوندي آهي ۽ ڪوئي تنوير عباسيءَ جي هيءَ سٽ جهونگاريندو آهي؛
ٻرياسين ته پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،
هزارن چراغن کي ٻاري وياسين.
مان پنهنجي آتم ڪهاڻي ڪتابن جي عشق  ۾ لکي آهي،  سنڌ جي هن انعام جي عشق ۾ لکي آهي جنهن نوجوانن کي ڪتابن سان پريت ڪرڻ جو گر سيکارڻ جو سعيو ڪيو آهي!
مان ان سال ۾ ڄائو آهيان جڏهن سنڌي شاعريءَ جو نمائنده شاعر، مهان ڪوي شيخ اياز هيءَ ڌرتي ڇڏي هي سٽ اسان کي ٻڌائيندو ٿو وڃي....مان ورڻو هان ، مان ورڻو هان! ۱۹۹۹ع ، ۳ اپريل الل صبح جو سنڌ ڌرتيءَ جي لب مهراڻ هاڻوڪي ڏوڪريءَ ۾ پنهنجون چنجهڙيون ناسي اکيون کوليون. مان ننڍي هوندي کان ئي خوشنصيبيءَ جي هنج ۾ کيڏيو آهيان، مون اهو سڀ ڪجهہ حاصل ڪيو آهي جنهن جي سڌ ڪئي اٿم، نوجوان ٿي ڪري اهو سمجهہ ۾ اچي ويو ته اهو ماڻهو هيس جنهن جيءُ مٺو نه ڪري، بکون ڀاسي پنهنجي هر سڌ مڃي ۽ مڃرائي آهي. مون کي مايوسي عمر جي هڪ حصي ۾ گهڻو ٻکي آهي ۽ موجوده عمر ۾ مايوسي کان ڪوهين ڏور آهيان جتي مونکي مايوسي نه ٿي آئڙي.
منهنجي جيون ۾ منهنجي لاءِ منهنجي امڙ، منهنجو والد، ڀائر ۽ ڀينرون منهنجي لاءِ ڪل ڪائنات رهيا آهن. رتُ ئي رتُ کي آٿٿ ڏيڻ ڄاڻيندو آهي، عام دوستيون، نيون نيون محبتون انسان جي جياپي جون ٿوڻيون آهن، هڪ ان رت جي رشتي جي محبت ۽ ٻي ڌرتيءَ جي محبت سڀ کان اتم ۽ ماورا آهن انهن جي ڀيٽ ڪا ٻي محبت نه ٿي ڪري سگهي... مون پنهنجي جيون مان اهو ئي سکيو آهي، منهنجي مختصر آتم ڪٿا ۾ اهي ئي لفظ سمائجي سگهجن ٿا، مان ڪنهن عمر ۾ لڇمڻ ڪومل، شيخ اياز ۽ موهن ڪلپنا، ٽالسٽاءِ، دوستووسڪي وانگر پنهنجي هڪ طويل آتم ڪٿا به ضرور لکندس جنهن ۾ منهنجا سڀ تجربا آخري هوندا، منهنجا ڪل فيصلا آخري ۽ حتمي هوندا جنهن کانپوءِ مان زندگيءَ جي نب ڀڃي ڇڏيندس ۽ لالٽين جي روشني جهيڻي ٿيندي ڏسندو رهندس ۽ پنهنجي ڊائريءَ جي آخري ورق تي شيخ اياز جي نظم جون هي سٽون لکي پاڻ کي ڇڏي ڏيندس؛
ڪڏهن هوا دوازو کولي،
منهنجي گهر ۾ پيهي ايندي،
۽ مونکي ڪرسيءَ تي ڳولي،
مايوسيءَ سان موٽي ويندي،
منهنجي ميز مٿان سَوَ ڪاغذ،
پکڙيل هوندا، آنءُ نه هوندس،
گيت اڌورا آنءُ نه هوندس،
۽ ٻيو ڇاڇا، آنءُ نه هوندس!
پر مونکي اڃا زنده رهڻو آهي!

2 comments:

  1. ماشاءالله اسان کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿئي ٿي ته اسان جي استاد سائين فرهاد جيلاني سنڌي ادب ۾ ڪارناما سرانجام ڏنا آھن.حقيقت ۾ سائين ھڪ بھترين طبيعت ۽بھترين مزاج رکندڙ آهي..
    الله سائين اسان جي استاد سائين فرهاد جيلاني جا ھن دنيا ۾ ۽ھن محنت ۾ درجا بلند ڪري ...

    ReplyDelete