; سنڌي شخصيتون: موتي لال جوتواڻي

14 May, 2020

موتي لال جوتواڻي


موتي لال جوتواڻي
هڪ لطيف شناس جي موڪلاڻي
تاج جويو
”ادا تاج! ڏک ڀري خبر آهي ته ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، رات پوني ۾، پنهنجي پُٽ انيل جوتواڻيءَ جي گهر، دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي آگاهي ڏجو!“ صبح جو ۷  لڳي ۰ ۲  منٽ ٿيا هئا. موبائيل فون تي وينا شرنگي، دهليءَ مان ڳالهائي رهي هئي. مون کان رڙ نڪري وئي:”الا! موتي جوتواڻي به ويو! سنڌيت ۽ شاهه جا عاشق کٽندا وڃن.“ هڪدم محسن ڪڪڙائيءَ جو شعر ذهن تي تري آيو. محسن ۽ موتي، وزن ۾ برابر آهن، ان ڪري ترميم سان شعر هن ريت آهي:
ابول! ڪيڏو نه ”موتي“ فقير ماڻهو هو،
ابول! پنهنجي سنگت مان به هڪڙو يار کٽو!


موتي لال جوتواڻي، سنڌي ٻوليءَ جو اهو وڏو عالم شخص هو، جنهن کي هڪ ئي وقت سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ تي هڪ جهڙو عبور حاصل هو ۽ هن ٽنهي ٻولين ۾ ۵ ۵  کان مٿي ڪتاب لکي، سنڌ، هند ۽ دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي. موتي لال جوتواڻي سنڌ جي تاريخي شهر روهڙيءَ ۾ ۳ ۱  جنوري ۶ ۳ ۹ ۱ ع تي جنم ورتو ۽ ڪالهه رات پوني ۾ پنهنجي پُٽ جي گهر، ۱ ۷  سالن جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. کيس ڪيتري عرصي کان دل جي تڪليف هئي ۽ باءِ پاس به ٿيل هئس. مشهور عالم جي ايم مهڪريءَ وانگر هن جي دل مڪمل طور ڪم نه ڪندي هئي. جڏهن ۶ ۰ ۰ ۲ ع ۾ هو سنڌ ثقافت سياحت کاتي، حڪومتِ سنڌ جي دعوت تي ”شاهه لطيف ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ جنم ڀوميءَ سنڌ آيو هو، تڏهن به ”هارٽ بيٽر“ (Heart beater) تي هلي رهيو هو ۽ سندس ونيءَ دادي راج جوتواڻيءَ ٻُڌايو هو ته موتي لال جي دل Þ۵ ۲  ڪم ڪري ٿي، ان ڪري هو جتي به ويندو آهي، هوءَ ساڻس گڏ هوندي آهي. کيس حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ رهايو ويو هو، جتي رکيل مورائي ۽ آءٌ سندس خدمتگذار  هئاسون.
مون کي اهو منظر به ياد آهي، جڏهن اسان لطيف جي درگاهه جو ميلي دوران درشن ڪرڻ وياسون. رش تمام گهڻي هئي، ان ڪري مون بهتر سمجهيو ته سائين غلام رضا ”رضا لطيفي“ سان ملاقات ڪري، موتيءَ کي آرام سان درگاهه جو ديدار ڪرائجي. سائين غلام رضا، پنڃل سائينءَ کي اسان سان گڏي ڏنو، جيڪو ڪجهه خادمن سان گڏ هليو ۽ درگاهه ۾ ميلي وقت موجود رش کي هٽارائي، دادا موتي لال ۽ دادي راڄ جوتواڻيءَ کي آرام سان لطيف سائين ۽ شاهه حبيب جي مرقدن ۽ لطيف سائينءَ جي حويليءَ ۽ کٽ جو ديدار ڪرايائين. ان وقت اتي موجود دوست شاهدي ڏيندا ته موتي لطيف جي اڱڻ ۾ نوجوانن وانگر تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو، ڄڻ ته ڊوڙندو رهيو. دادي راج کيس روڪيندي چيو”موتي! آهستي هل، طبيعت نه خراب ٿي پوئي!“ موتيءَ ٻهڪندڙ چهري سان کيس وراڻيو:”راج! منهنجيءَ دل جي اڄ وڏي ۾ وڏي آشا پوري ٿي آهي. مرشد لطيف جي اڱڻ ۾ دل جي ڌڙڪن درست ٿي وئي آهي ۽ اڄ دل Þ۵ ۷  ڪم ڪري رهي آهي.!“ موتيءَ ”شاهه لطيف ڪانفرنس“ ۾ ”شاهه لطيف ۽ سنڌي“ عنوان وارو مقالو پڙهيو هو. ساڳئي موضوع تي سنڌ يونيورسٽي پاران سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ قائم پروفيسر محرم خان ليڪچر سيريز هيٺ سنڌالاجي جي آڊيٽوريم ۾ به ليڪچر ڏنو هئائين. عرس جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي پي ايڇ ڊي ٿيسز ”Shah Latif:his life & work“ جو ٻيو ڇاپو پڻ پڌرو ڪيو هو، جنهن جي کيس ڏاڍي خوشي ٿي هئي.
ڊاڪٽر موتي لال صحافت ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۹ ۵ ۹ ۱ ع ۾ ڊپلوما ۽ انگريزي ادب ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان ايم اي (۲ ۶ ۹ ۱) ۽ پي ايڇ ڊي(۳ ۷ ۹ ۱) ڪئي هئي. پاڻ ديش ٻنڌو(ايوننگ) ڪاليج دهليءَ ۾ ۳ ۷ ۹ ۱ ع کان ۱ ۰ ۰ ۲ تائين ”سنڌي ريڊر“ جي پد تي رهيو. هن ۱ ۰ ۰ ۲  ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم جي رفتار وڌائي ڇڏي هئي. پاڻ ”آٿرس گلڊ آف انڊيا“ جي ٽه ماهي رسالي”Indian auther“ جو ايڊيٽر به رهي چڪو هو.
هو سير سفر جو به شوقين هو. هن ان ڏس ۾ ڪيترن ملڪن ۾ ”هند ۽ سنڌ شناسيءَ“ جي موضوع تي ليڪچر به ڏنا هئا. سندس علمي ادبي مرتبي کي سرڪاري سطح تي به وڏي مڃتا مليل هئي. کيس ڀارت جي صدر ۳ ۰ ۰ ۲  ۾ ملڪ جو وڏو ادبي ايوارڊ ”پدم شري“ به ڏنو هو، جيڪو ايوارڊ سنڌي اديبن مان هن کان اڳ دادا رام پنجواڻي ۽ دادا هوند راج دکايل کي ئي مليو هو. موتي لال جوتواڻيءَ کي سندس ادبي خدمتن عيوض دهلي هندي اڪيڊميءَ پاران ”ڪِرتي پرسڪار“ ايوارڊ(۸ ۸ ۹ ۱ )، ايشور ٻائي بختاڻي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ (۲ ۰ ۰ ۲ )، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران ادبي ايوارڊ(۳ ۰ ۰ ۲ )، گوبند مالهي ڪلچرل اڪيڊمي ممبئيءَ پاران لٽرري ايوارڊ (۴ ۰ ۰ ۲ ) ۽ لطيف شناسيءَ تي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ”شاهه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ(۵ ۰ ۰ ۲ )“ به مليا هئا. ثقافت کاتي سنڌ پاران کيس ”شاهه جي رسالي“ جي هندي ترجمي جو ڪم سونپيو ويو هو، جيڪو هن شروع ڪري ڇڏيو هو، پر افسوس جو هو اهو ڪم پورو ڪري نه سگهيو. موتي لال جوتواڻي هڪ ئي وقت اسڪالر، محقق، تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف شناس هو. هو هارورڊ سينٽر فار دي اسٽڊي آف ورلڊ رليجس يو ايس اي جو ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۰ع تائين وزيٽنگ پوسٽ ڊاڪٽريٽ فيلو رهيو. هو پير حسام الدين راشدي کان پوءِ ٻيو سنڌي عالم هو، جنهن جرمن مستشرق ڊاڪٽر اينيمري شمل سان تصوف ۽ شاهه لطيف جي حوالي سان گڏجي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر موتي لال تصوف ۽ شاهه جي حوالي سان سائين جي ايم سيد جو به وڏو معترف هو. جڏهن ۱۹۸۶ع ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي دوست خان عبدالغفار خان جي عيادت لاءِ دهليءَ ويو هو، تڏهن لطيف شناسن مان خاص ڪري ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ کي گهرائي ساڻس ملاقات ڪئي هئائين، جنهن جو ذڪر موتيءَ پنهنجن ڪيترن ليکن ۾ ڪيو آهي. هن شاهه، سچل، سامي، تصوف ۽ ويدانت تي ڪيترا ئي مقالا پڻ لکيا. کيس”سنڌي ادب جو اوشو“ ۽ ”سنڌي ساهت جي پل“ به سڏيو ويو آهي. ان مان سندس ادبي مرتبي ۽ مڃتا جي ڄاڻ پوي ٿي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي منسٽري آف هيومن رسورسز گورنمينٽ آف دهليءَ جي”سنڌي صلاحڪار ڪاميٽيءَ“ جو ۱۹۹۶ع کان ۱۹۹۸ع تائين وائيس چيئرمين رهڻ سان گڏ پوئٽري سوسائٽي آف انڊيا نيو دهليءَ جو لائيف ميمبر به هو. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي لاڏاڻي سان سنڌ ۽ هند جي اديبن ۾ ڏک جي لهر ڊوڙي وئي آهي.
متان ٿين ملور، آئون اڳاهون آهيان،
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهي جي هيڪڙي (شاهه)

(اربع  ۳۰  جنوري ۲۰۰۸ع)

No comments:

راءِ ڏيندا