موتي لال جوتواڻي
هڪ لطيف شناس جي موڪلاڻي
تاج جويو
”ادا تاج! ڏک
ڀري خبر آهي ته ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، رات پوني ۾، پنهنجي پُٽ انيل جوتواڻيءَ جي
گهر، دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي آگاهي ڏجو!“ صبح جو ۷ لڳي
۰ ۲ منٽ
ٿيا هئا. موبائيل فون تي وينا شرنگي، دهليءَ مان ڳالهائي رهي هئي. مون کان رڙ نڪري
وئي:”الا! موتي جوتواڻي به ويو! سنڌيت ۽ شاهه جا عاشق کٽندا وڃن.“ هڪدم محسن ڪڪڙائيءَ
جو شعر ذهن تي تري آيو. محسن ۽ موتي، وزن ۾ برابر آهن، ان ڪري ترميم سان شعر هن
ريت آهي:
ابول! ڪيڏو نه
”موتي“ فقير ماڻهو هو،
ابول! پنهنجي سنگت
مان به هڪڙو يار کٽو!
