; سنڌي شخصيتون: سيد غلام مصطفيٰ شاهه

18 May, 2020

سيد غلام مصطفيٰ شاهه


سيد غلام مصطفيٰ شاهه
هڪ اعليٰ تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ - سئو سالا جنم ڏينهن جي مناسبت سان
پروفيسر اعجاز قريشي
ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور جي تاريخي ڳوٺ ٻنون جي پريان سيد قادر ڏني شاهه جي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ڄائي ڄم کان بلڙي شاهه عبدالڪريم جي پاڙيسري هجڻ جو شرف نصيب ٿيو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪنهن رسمي رفرنس، يادگيريءَ محتاج ڪونهي. هو هڪ گھڻ پاسائين ۽ گوناگون قسم جي هستي آهي، جنهن کي سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو وڃي ٿو، ايترو وڏو ماڻهو آهي جو رسمي طور جيڪڏهن چئجي ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ ادارو هو، ته به گهٽ ٿيندو.


سيد غلام مصطفيٰ شاهه وي سي ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نقشو بدلائي ڇڏيو. چوڌاري روڊ رستا ٺهي ويا، وڻ پوکجي ويا، باغ بستان پيدا ٿي ويا، ڪيترا ئي نوان ڊپارٽمينٽ کلي ويا، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي، دفتري ٻولي قرار ڏني وئي .سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ باقاعدي وقت جي پابندي ٿيڻ لڳي. سنڌي استادن جي گھڻائي ٿيڻ کانپوءِ شاهه صاحب انهن استادن جي وڌيڪ تربيت لاءِ سکيا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ شروع ڪيا. استادن کي همٿايو ويو، استادن کي لکڻ ۽ تحقيقي ڪمن جي ترغيب ڏيڻ لاءِ شاهه صاحب استادن کي انڪريمينٽون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ سٺن ڪتابن کي سنڌالاجيءَ طرفان شايع ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو .
سيد غلام مصطفيٰ شاهه ئي هو، جنهن ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي لاءِ ڏهه هزار ايڪڙ زمين EAR MARK ڪرائي هئي، مجال آهي جو ان دوران جڏهن هو وي سي هو، ڪير به يونيورسٽيءَ تي قبضي جو سوچي به سگهي. انهيءَ الاٽ ٿيل زمين تي بعد ۾ تعليم جو شهر بڻائيندڙ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو، يونيورسٽي ۾ آهستي آهستي قائم ٿيندڙ ٻيا ادارا، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، بورڊ آف ڪريڪيولم، سنڌي ادبي بورڊ هڪ هنڌ قائم ٿيا، ته انهن جي پٺيان به سيد غلام مصطفيٰ شاهه جون ڪوششون ۽ ڪاوشون شامل هيون .
سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي وائيس چانسلر طور ڏيڍ سال به ڪونه ٿيو ته وقت جي حڪومت جي ناراضگيءَ جو شڪار ٿي ويو. ٿيو ائين هو جو، سنڌ ۾ ووٽر لسٽون، سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جي مهم هلي هئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي يونيورسٽيءَ جي استادن به حصو ورتو. جنهن تي انهن استادن تي سرڪاري عتاب نازل ٿيو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي وي سي هائوس ۾ نظر بند ڪيو ويو .... ۽ ٻين کي به جيلن ۾ بند ڪيو ويو بعد ۾ کيس وائيس چانسلريءَ تان هٽايو ويو. ان کانپوءِ حسن علي عبدالرحمان کي وائيس چانسلر بڻايو ويو، پر هو صاحب انتهائي جلد ئي پنهنجي ذميواري تان سبڪدوش ٿي ويو ۽ نيٺ هڪ ڀيرو ٻيهر سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي بڻايو ويو، جيڪو ان وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين هو، هن ڀيري شاهه صاحب سوا سال کن تائين وائيس چانسلر ٿي رهيو پر گذريل ڀيري کان وڌيڪ همٿ ڀريو محنتي ۽ اورچ رهيو. هو يونيورسٽيءَ جي ترقي ۽ تعمير ۾ اڳي وانگي سرگرم ۽ پرجوش رهيو .
هن پاڪستان اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي ڪمشنر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کان علاوه انٽر يونيورسٽيز بورڊ جي ميمبر طور پڻ هن ڏهاڪو کن سال پنهنجون مهارتون هن ملڪ کي عطا ڪيون، غلام مصطفيٰ شاهه سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌ جا مسلمان ۽ هڪ پرنسپال جون يادگيريون، برطانوي ورثو، نالي ڪتاب مشهور آهن هن لڳ ڀڳ ۶۷ ملڪن جا دورا ڪيا، مختلف قسم جا علمي ادبي تجربا حاصل ڪري ملڪ ۾ مروج ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي .
ان کانسواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلچرل سوسائٽي قائم ڪيائين، ان اداري ڪيترا ئي ڪلچر شو ڪرايا ۽ سنڌي ٻولي، تاريخ توڻي اقتصاديات جي موضوعن تي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون. انهيءَ ئي پليٽ فارم تان ” سنڌ ڪواٽرلي“ نالي مشهور رسالو جاري ڪيو ويو. هيءُ اهو رسالو هو، جيڪو سنڌ جو ڪيس انگريزي زبان ذريعي پوري ملڪ ۽ دنيا تائين پهچائيندو رهيو. شاهه صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ به ڪجهه پرچا جاري ڪيا ويا.
شاهه صاحب بنيادي طور هڪ قوم دوست ۽ وطن پرست ماڻهو هو، هن جي اندر ۾ قومي نابرابري ۽ ناانصافيءَ خلاف تمام گھڻو وسيع شعور هو. سياسي طرح هو پيپلز پارٽيءَ سان وابسته هو، موجوده ملڪي ڍانچي ۾ رهندي حقن جي حاصلات جو خواهان هو. اهوئي سبب آهي جو هو ۱۹۸۸ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. بعد ۾ تعليم جو وفاقي وزير بڻيو، منهنجو خيال آهي ته هيل تائين ملڪي سياست ۾ ايڏي وڏي پائي جو عالم اڳ ۾ ڪڏهن به تعليمي وزير نه بڻيو آهي .
شاهه صاحب ادارن جي فعال ٿيڻ کي اهميت ڏيندو هو، هن جو خيال هو ته فردن تي ڀاڙڻ بدران ادارا قائم ڪجن ۽ انهن ادارن جي Institutional Capacity وڌائجي جو اهي ادارا اڳتي هلي نون ادارن کي جنم ڏئي سگهن. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ان اداري کيرٿر يونيورسٽي جي قائم ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون آهن.
شاهه صاحب هڪ روشن ضمير انسان هو، جنهن جي روح کي ڪڏهن ڪنهن ڪس ڪثافت ڇهيو ئي ڪونه هو. سندس زندگي علميت پسنديءَ جو اهڃاڻ هئي، سڄي زندگي پنهنجون منصبي ذميواريون نڀائيندو رهيو، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو، هڪ فرد جي حيثيت ۾ هن جي حصي تي جيڪو به ڪم هو اهو هن خوب نڀايو ۽ هيئن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته هن پنهنجي حصي کان به وڌيڪ ڪم ڪيو، ڇاڪاڻ ته کيس اها خبر هئي ته سنڌ جو سماج عملي طرح اڃا تائين پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو آهي، اتي هڪ ته ماڻهو گھڻائيءَ ۾ اڻ پڙهيل آهن ۽ ٻي ڳالهه هيءَ ته جيڪي به پڙهيا لکيا آهن اهي پنهنجن قومي ذميوارين جي پورائيءَ بدران رڳو پنهنجي پيٽ جي پورائيءَ لاءِ جاکوڙين ٿا. اهڙي صورتحال ۾ هڪ باشعور ۽ ذميورا فرد جي حيثيت ۾ هن کي احساس هو ته کيس هڪ فرد کان وڌي گھڻن فردن جيترو ڪم ڪرڻو آهي. هونءَ به جيڪي سماج پٺتي پيل هوندا آهن اتي باشعور ۽ ساڃهه وند فرد پنهنجي ذميوارين کي محسوس ڪندي هڪ ئي وقت گھڻ پاسائون پورهيو ڪندا آهن، اهڙو پورهيو سنڌ ۾ ڪيترن ئي سرت وندن ۽ ڏاهن ڪيو آهي جن ۾ غلام مصطفيٰ شاهه جو نالو پڻ اچي وڃي ٿو.


سيد غلام مصطفيٰ شاهه
سنڌ جو هاڪارو تعليمدان - جنم جا سئو سال
سنڌ جي نامور تعليمي ماهر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي جنم ڏينهن ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، سند جنم صديءَ جي حوالي سان ڪوبه ميڙاڪو نه ٿيندو.
سنڌ جي ممتاز تعليمي ماهر ۽ سنڌ دوست دانشور ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۱۸ع تي سجاول جي هڪ علمي گهراڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم کانپوءِ هن سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. بعد ۾ اعليٰ تعليم لاءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ويو، جتان هن ايم. اي (سياسيات) ۾ ڪئي.
سنڌ موٽي آيو ته پاڻ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن (حيدرآباد) مقرر ڪيو ويو. ون يونٽ جي مخالفت جي ڏوهه ۾، سنڌ جي هن تعليمي ماهر کي لاهور بدلي ڪيو ويو.
سال ۱۹۷۰ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيو ته سيد غلام مصطفيٰ شاهه بدلي جي سنڌ طرف ڪئي وئي. ان دور ۾ جي ايم سيد جي ڪوشش سان، شاهه صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر  مقرر ڪيو ويو. علامه آءِ آءِ قاضي يونيورسٽي جو باني سڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته شاهه صاحب رات ڏينهن محنت ڪري، هن يونيورسٽيءَ کي باقاعدي هڪ اداري طور منظم ڪيو. ان ڪري سنڌ  جي هن نامور فرزند کي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو معمار يا اڏيندڙ سڏيو وڃي ٿو.سال ۱۹۷۳ع ۾هن يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور استيعفيٰ ڏني ۽ ملازمت مان رٽائرمينٽ ورتي.
ملازمت کان فارغ ٿي شاهه صاحب، شاهه عبداللطيف ڪلچرل ڪميٽي ٺاهي. هن نئين اداري پاران هڪ ٽه ماهي انگريزي رسالو”سنڌ ڪئارٽرلي“ جاري ڪيو. هي رسالو ۱۹۷۵ع ۾ شروع ٿيو هن رسالي ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي، شاهه صاحب ڏاڍا مضبوط مضمون لکيا، جن جو تعداد هڪ سئو کان مٿي آهي. سال ۱۹۹۸ع ۾ پاڻ هن رسالي کي بند ڪيائين.
سال ۱۹۸۸ع ۾ سجاول جي تڪ تان، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو، شهيد بينظير ڀٽو، شاهه صاحب کي وفاقي وزير تعليم مقرر ڪيو. آگسٽ ۱۹۹۰ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن سنڌ جو هي دلبر فرزند ڪراچيءَ موٽي آيو  ۽ باقي زندگي لکڻ پڙهڻ لاءِ وقف ڪيائين.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه جا انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ ۲۰ (ويهه) عدد ڪتاب ڇپيل آهن. ان کان سواءِ انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾، ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ سوين مضمون، تقريرون ۽ انٽرويوز موجود آهن. انهن کي گڏ ڪري ڇپرائجي ته، ڪتابن جا ڪيئي جلد تيار ٿيندا. شاهه صاحب پاڻي، زراعت، تعليم، سماج، ادارن ۽ سياسي مسئلن تي، بي خوف ٿي لکيو آهي، انهن لکتن ۾ پاڪستان جي قيام کانپوءِ، سنڌ صوبي سان جيڪي ڪلور ٿيا آهن، شاهه صاحب انهن عنوانن تي ڀرپور انداز ۾ لکندو ۽ سنڌ جو ڪيس پيش ڪندو رهيو. سنڌ جي هن عظيم فرزند ۰۹ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع تي ايڪاسي سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. هن جي ميت کي ميوه شاهه قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.
سنڌ جي اديبن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن کي هي احساس آهي ته، ايڏي وڏي عالم ۽ استاد کي ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۱۸ع تي، سندس جنم صديءَ جي حوالي سان، ڪيئن نظر انداز ڪيو ويو آهي؟ ان ڏس ۾ وڏي ذميواري سنڌ يونيورسي ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي تي اچي ٿي.

غلام مصطفيٰ شاهه
سنڌ جو عالم، سنڌ جو خادم
پروفيسر اعجاز قريشي
سائين غلام مصطفيٰ شاهه هڪ ذميوار ۽ باشعور فرد جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ سول سوسائٽي جي قيام لاءِ حقيقي ۽ بنيادي ڪوششون وٺندڙن جي فهرست ۾ سدائين اڳڀرو نظر آيو. هن جون فردي صلاحيتون پنهنجي جاءِ تي گهڻيون لاڀائتيون هيون پر هن اهڙين صلاحيتن ۽ پنهنجي علمي توانائي جي بهتر مصرف لاءِ ادارن کي وڌيڪ ترجيح ڏني. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سندس شعوري زندگي ۽ ادا ڪيل ڪردار تي نظر وجهون ٿا ته اهو پاڻ سان گڏ ڪيترن ئي ادارن جا حوالا پڻ کڻي اچي ٿو، جن جو ذڪر اڳتي هن مضمون ۾ ڪيو ويندو.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه جهڙي تمام وڏي عالم، مدبر، دانشور ۽ بي لوث خدمتگار جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ عام ڀلائيءَ جي ڪارنامن تي ڳالهائڻ لاءِ ان سطح جي عالماڻي رفعت ۽ مرتبو به گهرجي ٿو. هن هيڏي وڏي ماهر تعليم تي ڳالهائڻ لاءِ ان درجي جو علم هجڻ به ضروري آهي. ان کانسواءِ حقيقي معنيٰ ۾ سندس حيثيت ۽ قد ڪاٺ پٽاندر سندس خدمتن جو تفصيل بيان ڪرڻ لاءِ عالماڻي فصاحت ۽ بصيرت گهربل آهي. هيءُ مضمون ڪا عالماڻي راءِ يا تجزيو نه به سهي پر عقيدت ۽ انس جو اظهار ضروري آهي. لطيف سائينءَ جو بيت هردي تي هري رهيو آهي ته:
محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور بٺوري جي تاريخي ڳوٺ ٻنون جي پريان سيد قادر ڏني شاهه جي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ڄائي ڄم کان بلڙي شاهه عبدالڪريم جي پاڙيسري هجڻ جو شرف نصيب ٿيو. سنڌ جي پئرس ڪميون (۱۷۸۹ع) کان اڍائي سؤ سال پهرين جهوڪ ڪميون برپا ٿي هئي ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد عملي طرح پورهيت جدوجهد جو مثال قائم ڪيو. ان سنڌ ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه علمي ۽ ادبي طرح پورهيت جدوجهد جو مثال قائم ڪيو. ان سنڌ ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه پيدا ٿيو ۽ وڏي ڳالهه ته ان علائقي ۾ پيدا ٿيو، جتي تاريخ جا فيصلا ٻڌائيندڙ هوائون سرگردان رهنديون آهن. ها، اهي مست هوائون جڏهن جهوڪ کان ٿينديون، سيد قادر ڏني شاهه جي موريءَ تي پهچنديون آهن ته وقت جي نور محمد پليجي جهڙي سرڪشي ختم ڪري، نماڻائيءَ وچان خرامان خرامان گهلنديون آهن، ڄڻ ته پرينءَ جي پار جا ڪي نياپا ڏينديون هجن.
انهن هوائن جي فرحت ڏيندڙ ۽ من لڀائيندڙ ڪرشمو هو ۽ ماڃر جي پٽيءَ واري حصي جي ڳاڙهسري ۽ ڀوري مٽيءَ جو خمير هو، جنهن سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي بڻايو هو، جنهن ۾ بي پناهه علمي اڃ هئي.
ماڃر، جنهن جي ماڻهن هميشه ڏاڍ، ڏمر، جهالت ۽ ظلم کي للڪاريو آهي. ماڃر جتان جي ماڻهن پورچوگيزن کان وٺي انگريزن ۽ ارغونن کان ويندي ترخانن تائين هر قسم جي ظالم سان مهاڏو اٽڪايو آهي. اتان سيد غلام مصطفيٰ شاهه جهڙو سنڌ جو خادم پيدا ٿئي. اها ڪا اچرج جهڙي ڳالهه ڪونه آهي پر حيرت ان ڳالهه تي ضرور ٿيڻ کپي، جڏهن هن هيڏي وڏي ديوقامت عالم کي سنڌ ۽ خاص طور تي ماڃر ۽ ماڃر وارن جو لاڙ وساري ويهي رهي.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪنهن رسمي ريفرنس، يادگيري يا ورسي ملهائڻ جو محتاج ڪونهي. هڪ گهڻ پاسائين ۽ گوناگون قسم جي هستي، جنهن کي سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو وڃي ٿو، ايترو وڏو ماڻهو آهي جو رسمي طور جيڪڏهن چئجي ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ ادارو هو، ته به گهٽ ٿيندو. اهڙي وڏي درجي واري عالم، ماهرِ تعليم ۽ سنڌ جي سچي خادم کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اهو ئي بهتر طريقو آهي ته سندس ڪيل ڪمن کي اڳتي وڌائجي ۽ سندس اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي وري شروع ڪجي ۽ ايترو وڙ ڪجي ۽ ووڙجي جو سيد غلام مصطفيٰ شاهه جهڙا ماڻهو هڪ نه، پر هزارن جي تعداد ۾ پيدا ٿين.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو نالو اچارڻ سان دل چاهيندي آهي ته ان سان لفظ ”مرحوم“ جو واڌارو نه ڪريان. شايد ان جو سبب اهو هجي ته سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي منهنجي دل ”مرحوم“ تصور ڪرڻ نه ٿي چاهي. هونءَ به شاهه صاحب کي مرحوم چوڻ به ته هڪ بي انصافي آهي. ڇو ته جيستائين سنڌ ۾ تعليم ۽ تعليمي ادارا موجود آهن، تيستائين اهو ممڪن ئي ناهي ته هو اسان لاءِ مرحوم هجي.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه، جنهن ڳاڙهن لاڙي چانورن جي کيتن ۾ پنهنجو سڳنڌيو جيون شروع ٿيندي ڏٺو هو، تنهن جي رسمي تعارف جي ڪابه ضرورت ناهي ته هو ڪهڙي سن ۾ پيدا ٿيو، ڪڏهن وفات ڪيائين ۽ هن ڇا ڇا ڪيو ۽ زندگيءَ کي ڪيتريون معنائون بخشي هڪ بامقصد ۽ روشن ضمير زندگي گذاري ڪيئن هليو ويو؟
مون کي اڄ به ۶۰ع جو اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن آئون ستين درجي ۾ پڙهندو هئس. گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ ٻه چار ڏينهن پهرين اهو ٻڌايو ويو هو ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اسڪولن جو تمام وڏو صاحب انسپيڪشن تي ايندو. ان وقت ننڍا هئاسون، ڄاڻ نه هئي ته ڪهڙو صاحب ايندو ۽ ان جي علمي بلندي ڇا هوندي.
بهرحال ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هڪ ڏينهن اهو صاحب اسان جي اسڪول جي انسپيڪشن ڪندي جڏهن اسان جي ڪلاس روم ۾ پهتو ته مان هن جي معتبر شخصيت جي جادوءَ ۾ جڙجي ويس. زندگيءَ جا پنج ڏهاڪا آئون اڳتي ڪهي آيو آهيان، پر مون ان دوران سندس شخصيت جي وجاهت جا جيڪي پيڪر ڏٺا آهن، اهي خاص طرح هي آهن: چهري تي ڏيا، اکين ۾ تدبر ۽ فڪر، پيشانيءَ تي باڪمال هجڻ جي تحرير، چپن تي اڻ لکي مرڪ ۽ بي انتها سنجيدگي ۽ هشمت، اهڙو شخصي جادو مون کي ٻن ماڻهن ۾ نظر آيو آهي، هڪڙو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيو اهو ماڻهو جنهن کي مون ٻالڪپڻي ۾ پنهنجي اسڪول جي انسپيڪشن دوران تڏهن ڏٺو هو، جڏهن هو اسان جي ڪلاس روم ۾ شاگردن کان مختلف سوال پڇي سندن ذهانت ۽ قابليت جاچڻ سان گڏ تدريسي عمل جي بهتر ۽ معياري هجڻ جي خاطري ڏياري رهيو هو ته ان وقت هو باوقار انداز ۾ وکون کڻندو منهنجي ڊيسڪ وٽ پهتو ته آئون کيس ائين ڏسي رهيو هئس ڄڻ ڪنهن ديومالائي ڪردار کي ڏسندو هجان. هن نهايت پاٻوهه ۽ شفقت وچان مون کان ٻه چار سوال پڇيا هئا. سندس لهجي جي گونج ۽ وڄ گرج ۽ گجگوڙ ۾ سندس سوالن جا جواب ڏئي رهيو هئس. اوچتو هن مون کان پڇيو ته، ”تون ڪنهن جو پٽ آهين؟“ مون کيس بابا جو نالو ٻڌايو ته آئون علي احمد قريشي وڪيل جو پٽ آهيان.
هڪدم هن بي اختياري وچان چيو ته، ”اهو ته منهنجو دوست آهي، مون سان گڏ پڙهيو آهي، تون ته پنهنجو ڇوڪرو آهين“. اها گهڙي اهو ڏينهن جڏهن سيد غلام مصطفيٰ شاهه جهڙي وڏي درجي واري عالم، مون کي پنهنجو چيو ۽ پنهنجو بڻايو، تڏهن کان ساڻس محب ۽ عقيدت رهي. اسڪولن جو اهو صاحب، جنهن جي نالي جي بعد ۾ خبر پئي ۽ سندس ڪارنامن کي مون اکين سان ڏٺو ۽ اڳتي هلي آئون سندس وڏو مداح ٿيس.
اسان وٽ رواج آهي ته جيڪي عالم ۽ اديب اسان وٽ موجود نه رهندا آهن ته پوءِ ڪجهه ماڻهو پنهنجي شخصيت کي وزنائتو بڻائڻ لاءِ ان سان پنهنجي ذاتي نسبت ڳنڍيندا آهن. مون کي اهو سڀ ڪجهه سٺو نه لڳندو آهي، تنهن ڪري آئون اهڙي ڪنهن به واقعي جو ذڪر نه ڪندس، جنهن جي بيان ڪرڻ سان اهو تاثر ملي ته مون سندس غير موجودگيءَ جو فائدو وٺندي پنهنجي لاءِ ڪو سٺو تاثر ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سيد غلام مصطفيٰ شاهه جهڙي يگاني عالم ۽ سنڌ جي اڻ موٽ خادم سان جيڪا قربت نصيب ٿي ۽ جيڪو سندس پيار حاصل ٿيو، اهو منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سهائي بڻيل رهندو ۽ مون لاءِ اهو ڪافي آهي. باقي رهي منهنجي ساڻس وابستگي ته ان لاءِ ايترو ئي چئبو ته آئون جڏهن ننڍڙو هئس، تڏهن به سندس طلسمي شخصيت جي جادوءَ ۾ جڪڙيل هئس ۽ اڄ جڏهن اڌ صدي گذاري آيو آهيان ته به پاڻ کي ان جو شيدائي ۽ مداح محسوس ڪريان ٿو. ان قسم جون ڪيفيتون ۽ احساس مون کي يقين ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن ته مون ۾ علم جي تڙپ ۽ عالمن جو ادب آهي.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جڏهن پڙهندي اسان سال ۱۹۶۷ع جي بهار جا گيت ئي ڪونه جهونگاريا هئا ته ۴ مارچ جو واقعو ٿيو. اسان جيلن ۾ واڙيا وياسون. چوڌاري وٺ پڪڙ لڳي پئي هئي. اسان لاءِ اهي حشر جي ڏينهن جهڙا ڏهاڙا هئا. ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ ڪمشنر مسرور، سنڌي شاگردن جو دشمن ٿي بيٺو هو. سنڌ يونيورسٽي جي عزت ماب وائيس چانسلر ۽ سنڌ جي قداور شخصيت حسن علي عبدالرحمان سان جنگ جوٽي بيهي رهيو هو، نيٺ هن کي وي سي شپ ڇڏڻي پئجي وئي. حسن علي عبدالرحمان کانپوءِ ڊاڪٽر صالح قريشيءَ کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي بڻايو ويو. ڊاڪٽر صاحب جي علمي مرتبي کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، پر هو بهترين منتظم ثابت ٿي نه سگهيو. يونيورسٽيءَ جا ڪيترا معاملا اهڙا هئا جيڪي اڳتي وڌي نه سگهيا ۽ يونيورسٽي اها ترقي ڪري نه سگهي، جيڪا گهربل هئي.
ڊاڪٽر محمد صالح قريشي سال ڏيڍ کن وي سي رهيو پر هن جو وائيس چانسلريءَ وارو دور ڪامياب نه رهيو. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن ملڪ تي ون يونٽ مڙهيو ويو هو ۽ جنرل يحيٰ خان جي مطلق العناني ڇانيل هئي. ان دور ۾ نور خان اولهه پاڪستان (جيڪو هڪڙو ئي صوبو سڏيو ويندو هو) جو گورنر هو. ذوالفقار علي ڀُٽي جو سياسي راڄ قائم هو. ان دور ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ کانسواءِ ٻي ڳالهه موضوع هيٺ نه هئي. سنڌ جي ماڻهن جي اولين گهر هئي ته ون يونٽ ٽوڙيو وڃي ۽ صوبن جو تشخص بحال ڪيو وڃي. نيٺ اها مزاحمت ڪاميابيءَ جي ڪناري سان لڳي ۽ سال ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيو ۽ پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع سنڌ جي نجات جو ڏينهن بڻجي ويو.
ون يونٽ ٽٽو، سنڌي ماڻهن کي پنهنجي هجڻ جو احساس موٽي مليو، پر سنڌ يونيورسٽي کي شاگردن جي لڳاتار ۽ شاندار جدوجهد کانپوءِ به سٺو وي سي اڃا نه مليو. سال ۱۹۶۹ع يحيٰ وارو دور هو، انهيءَ سال جڏهن اسان جي هٿن ۾ ايم اي جون ڊگريون اچڻيون هيون ۽ پنهنجي ڪيريئر لاءِ علمي دنيا ۾ پير پائڻو هو. انهيءَ آخري دور ۾ جڏهن يونيورسٽي ۾ اسان جا آخري ڏهاڙا هئا ۽ يونيورسٽي ڇڏڻ تي دل ڪونه پئي ٿي، تڏهن مون اهو پڪو پهه ڪيو ته ڇا به ٿي پوي يونيورسٽيءَ کي ڇڏڻو ناهي ۽ اتي ئي رهي سنڌ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻي آهي. شاگرد جي حيثيت ۾ نه سهي، استاد جي حيثيت ۾ ئي ڪم ڪرڻو آهي، پر هيءُ محاذ خالي ڪرڻو ناهي. تڏهن هڪ ڏينهن اوچتو خبر پئي ته سائين غلام مصطفيٰ شاهه کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو ويو آهي.
اها خبر مون لاءِ ائين هئي، جيئن بستر مرگ تي موجود ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ حياتيءَ جي نويد هجي. اسان شاگرد يونيورسٽيءَ جي ريلوي اسٽيشن تي سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو استقبال ڪرڻ وياسين.
پاڻ بلڪل اهو ئي ساڳيو بارعب، باوقار ڏيادار ۽ هشمت ڀريو چهرو ۽ چهري تي اها ساڳي سنجيده ۽ اڻ لکي مرڪ سجائي کڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اسٽيشن تي لٿو. اسان استقبال لاءِ ويل شاگردن سائينءَ سان پنهنجو تعارف ڪرايو، جڏهن مون ڏي ڏٺائين ته هڪدم چيائين، ”تون دادوءَ واري علي احمد قريشي وڪيل جو فرزند آهين نه؟“ مون حيران ٿيندي پڇيو، ”توهان مون کي سڃاڻي ويا!“ چيائين، ”بلڪل، تنهنجا نيڻ نقشا ۽ مهانڊا پنهنجي پيءُ سان ملن ٿا، مان پنهنجي دوست جا نيڻ نقشا ڪيئن ٿو وساري سگهان“. ان ڏينهن مون کي لڳو ته هو نه رڳو هڪ وڏو عالم آهي، پر هڪ جينئس به آهي، جو هن جي يادگيري ڏاڍي تيز آهي، جيڪا ڪنهن ماڻهوءَ کي ورلي ئي نصيب ٿيندي آهي.

سيد غلام مصطفيٰ شاھ
سنڌ لاءِ زندگي ارپيندڙ شخص
محمد ابراھيم جويو
(هيءُ مضمون مرحوم محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ لکيو هو، جنهن ۾ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي حوالي سان هن پنهنجيون يادون تحرير ڪيون آهن. اڄ سائين غلام مصطفيٰ شاهه جي جنم ڏينهن جي موقعي تي اها ساڳي تحرير هتي شايع ڪري رهيا آهيون- ادارو)
سيد غلام مصطفيٰ شاهه، هزارن ۾ هڪ- منهنجي خوش نصيبي آهي، جو آئون سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ سندس هم مڪتب رهيو آهيان. هو مون کان هڪ ٻه سال/ درجا هيٺ هو. سندس وڏو ڀاءُ قادر ڏنو شاهه، ۱۹۳۱ع ۾ اسٽيڊرڊ IV ۾ منهنجو هم ڪلاسي هو، ۽ سندس وڏي ۾ وڏو ڀاءُ علي قطب شاهه، تڏهن اِن ساڳئي ئي اسڪول ۾ مئٽرڪ ڪري رهيو هو. هو ٽيئي ڀائر الله کي پيارا ٿي ويا آهن. اسين چارئي ڄڻا قادر ڏني شاهه جي هم ڪلاسي هئڻ ڪري مدرسي جي بورڊنگ هائوس مان هڪڙي ڀيري هڪ ڏينهن جي موڪل وٺي نڪتاسين، ۽ هفتيوار موڪل تي سندس چاچي سائين عبدالرحيم شاهه جي ڪراچيءَ واري رهائش تي، جيڪا لئمبيٽ مارڪيٽ، موجوده پاڪستان چوڪ جي سامهون هئي، هليا وياسين. هونئن اسين هر ڇنڇر جي شام تي سندس چاچي جي ڪراچيءَ واري رهائش کان ڏکڻ طرف ٿورو اڳتي برنس گارڊن ويندا هئاسين، ۽ اتي ٻن ٻن آنن ۾ ناريل جي پاڻيءَ جو ڀريل پيالو پي، سج لٿي واريءَ نماز لاءِ وقت سر بورڊنگ هائوس موٽي ايندا هئاسين، جتان رات جي مانيءَ لاءِ سڌو ڊائننگ هال ويندا هئاسين، جيڪو ٽالپر هائوس جي هيٺينءَ منزل تي هوندو هو. مدرسي اندر ٽالپر هائوس اصل ۾ ٽالپر سردارن جي پُٽن جي رهائش لاءِ تعمير ڪيو ويو هو، جيڪي سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو اولاد هئا، جيڪي ۱۸۴۳ع ۾ برطانوي فوجين هٿان بي گهر ڪيا ويا هئا. هڪڙو ڏينهن اهڙو ٿيو، جو بورڊنگ هائوس ۾ اسان کان به پراڻو رهائشي علي محمد بروهي (بعد ۾ اي ڪي بروهيءَ جي طور سڃاتو ويندڙ، جيڪو سنڌ جو ناليوارو قانوندان بڻيو)، کي هڪڙيءَ اک ۾ پنهنجي ڀيچيءَ عبدالڪبير انڙپوريءَ هٿان هاڪيءَ جو ڌڪ لڳو، ۽ ساري زندگي هڪڙيءَ اک کان محروم ٿي ويو. اسان سردار هائوس جي هالَ جي رهائشين، قادر ڏني شاهه ۽ مون گئلريءَ ۾ ويٺي هاڪي راند ڏٺي، جيڪا اسان جي ئي سامهون اسڪول جي ميدان ۾ کيڏي پئي وئي. اسين جيڪي اڃا نوان رهائشي هئاسين، تن کي هاڪي کيڏڻ کان سختيءَ سان منع ٿيل هئي، جيستائين اسين اسٽئنڊرد VI يا VII تائين نه پهچون. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، آءٌ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيس، ۽ غلام مصطفيٰ شاهه گريجوئيشن لاءِ علي ڳڙهه روانو ٿيو. تنهن بعد پوسٽ گريجوئيشن لاءِ هو انگلنڊ ويو، ۽ مون سنڌ مدرسي ۾، جتان جو آءٌ شاگرد هوس، اسسٽنٽ ٽيچر طور شموليت اختيار ڪئي. ٻن سالن کانپوءِ مون بمبئيءَ مان ٽيچرس ٽريننگ ڪورس ڪيو، ۽ اتان واپسيءَ تي مون سنڌ مدرسي ۾ پنهنجو ڪم وري شروع ڪيو، جتي ٿورڙو ئي پوءِ مون کي ليسلي ولسن مسلم هاسٽل جي سپرنٽينڊنٽ جا اضافي فرض سونپيا ويا، جيڪا هاسٽل اندرون سنڌ مان ايندڙ ڪاليجي شاگردن جي رهائش لاءِ سنڌ سرڪار طرفان تازو ئي تعمير ڪئي وئي هئي. ان  دوران غلام مصطفيٰ شاهه انگلنڊ مان ايم اي ايڊيو ڪيشن ۽ ايم اي انگريزي ادب ڪري واپس اچي ويو. سنڌ مدرسي بورڊ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم ڪاليج آف آرٽس ۽ سائنس قائم ٿي چڪو هو، جنهن جو افتتاح خود سنڌ مدرسي جي پراڻي ناليواري شاگرد محمد علي جناح جي هٿن سان ڪيو ويو هو. غلام مصطفيٰ شاهه ان ڪاليج ۾ سينئر ليڪچرار طور شموليت اختيار ڪئي، ۽ مون کان ايل ڊبليو مسلم هاسٽل جي چارج به ورتائين، ڇاڪاڻ ته اها ئي ڳالهه مناسب هئي ته ڪاليج جو استاد ئي ڪاليج جي هاسٽل جي چارج سنڀالي.
ان وقت ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو خاتمو ٿي چڪو هو، ۽ برطانوي سرڪار هندستان ڇڏڻ لاءِ تيار بيٺي هئي، ۽ ”پاڪستان“ وجود ۾ اچڻ وارو هو. تڏهن مون ڪتابSave Sindh, Save the Continent-From Capitalists, Feudals and their Communalism لکيو هو. ان وقت برطانوي بيٺڪ هندستان جي ورهاڱي جي رٿا بابت ٻين لکڻين کان سواءِ مون ڊاڪٽر سر محمد اقبال جو الهه آباد (۱۹۳۰ع) وارو خطبو پڙهيو هو، جنهن ۾ هن سنڌ، بلوچستان، سرحد ۽ پنجاب کي ملائي ”انڊيا جي هندو- مسلم مسئلي جو حل“ تجويز ڪيو هو. منهنجي ڪتاب ۾ اهڙي گهڻ رخيءَ سوچ کي انتهائي غلط سوچ قرار ڏنل هو. ان ڪتاب لکڻ جي نتيجي ۾ مون کي ان وقت جي وزير تعليم پير الاهي بخش سنڌ مدرسي جي نوڪريءَ مان نيڪالي ڏني. وري به منهنجي خوش نصيبي هئي، جو مون کي ترت ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي ۾ هيڊماستر طور نوڪري ملي وئي. ٻن سالن کان پوءِ منهنجي قسمت کلي، جو سنڌ سرڪار سنڌيءَ لاءِ هاءِ پاور اگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽريءَ جي چونڊ ۾، آءٌ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي مقابلي جي امتحان ۾ چونڊجي ويس. هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ هڪ سال اندر سنڌي ساهت لاءِ صلاحڪار بورڊ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) ۾ تبديل ڪيو، جيڪو هڪ خود مختيار نيم سرڪاري ادارو هو، ۽ سنڌ سرڪار طرفان منهنجون خدمتون ان اداري لاءِ وقف ڪيون ويون، جتي مون ۱۹۶۱ع تائين ۱۰ سال ڪم ڪيو. انهن سالن دوران، جيڪو ون يونٽ جو دؤر هو، مون کي بورڊ جي معاملن جي اڪلاءَ لاءِ لاهور وڃڻو پوندو هو. غلام مصطفيٰ شاهه پڻ انهيءَ دوران سنڌ مسلم ڪاليج ۾ پنهنجي نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري چڪو هو، جتي هو پرنسيپال جي عهدي تائين پهچي ويو هو، ۽ آخر ۾ هُن، The Papers of a Principal هڪڙو بي مثال ڪتاب به شايع ڪرايو. هن پوءِ لاهور ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ويسٽ پاڪستان جو عهدو سنڀاليو. اتان جو ڊائريڪٽر جنهن سان هن کي گڏ ڪم ڪرڻو پيو، سو هڪڙو مشهور تعليمي ماهر ۽ هڪ انتهائي معزز شخصيت ڊاڪٽر جهانگير هو، جيڪو اسان جي جڳ مشهور ڪرڪيٽر عمران خان (هاڻوڪي وزيراعظم) جو چاچو هو. آءٌ جڏهن به لاهور ويندو هئس، تڏهن غلام مصطفيٰ شاهه وٽ مهمان طور ترسندو هئس. اڳتي هلي مون کي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن جو چيئرمين غلام مصطفيٰ شاهه هو. جلد پوءِ کين سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلري ملي، ۽ پاڻ مون کي اتي رجسٽرار طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪيائون. مون پنهنجي ڪن اڻٽر مجبورين جي ڪري ان آڇ جو اهو چئي مؤدبانه نموني انڪار ڪيو ته مون ڀانيو ٿي ته جتي آءٌ هئس، اتي بهتر نموني ڪم ڪري سگهيس ٿي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طور سيد غلام مصطفيٰ شاهه پنهنجا پنج سال نه رڳو تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون، علامه آءِ آءِ قاضي کان پوءِ پنهنجي دور ۾ وڌ ۾ وڌ تعميراتي ڪم ڪرايا ۽ نوان شعبا قائم ڪيا، جيڪي تاريخ جو اڻ وسرندڙ بابَ آهن. وائيس چانسلريءَ جي چارج ڇڏڻ بابت شاهه صاحب پاڻ هن ريت لکن ٿا: ”۱۹۷۳ع جي ڊسمبر مهيني جي پنجين تاريخ، مون سنڌ يونيورسٽيءَ کي خيرباد چيو، پنهنجي سامان جا ٿيلها کنيا ۽ پنهنجيءَ جيپ ۾ ڪراچيءَ واپس هليو ويس. ڀُٽي (وزيراعظم) مون کي منهنجي گهر فون ڪيو ۽ چيو: مون سمجهيو هو ته تون اڃا وائيس چانسلر رهندين....مون وراڻيو، ڇا اوهان وائيس چانسلريءَ جا پنج سال هڪڙي خوش اخلاق، ساڃهه وند، هڪ غريب شهريءَ ۽ انسان لاءِ سزا طور ڪافي نٿا سمجهو؟ ڀُٽي وراڻيو: اوهان ڇا ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا؟ مون کيس جواب ڏنو، آءٌ لکڻ پڙهڻ، ۽ سير سياحت ڪرڻ، پنهنجي زمين سنڀالڻ ۽ ڪجهه سماجي- تعليمي ڪم ڪرڻ گهران ٿو...ڀٽي چيو: ڇا توهان سفير ٿيڻ پسند ڪندا....“ آخري ويڙهه، جيڪا غلام مصطفيٰ شاهه فائيلن سان ڪئي، سا پ پ پ جي گذريل مختصر حڪومت (۱۹۸۸ع ۾ وزير تعليم طور هئي. اُن عهدي تي رهندي آخري فرض ادائيءَ طور هن هڪڙو رهبر ڪتابڙو لکيوEducation of Pakistan, some principles and practices that should govern our Thinking Action and Decisions-An Appeal and Prayer (پاڪستان جي تعليم ڪجهه اصول ۽ عمل جيڪي اسان جي سوچ، ڪردار ۽ فيصلن تي اثر انداز رهن- اپيل ۽ استدعا). مون ۽ منهنجي رفيق حبيب الله صديقيءَ ان ڪتابڙي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي ڇپرايو. اهو ڪتابڙو انهن لاءِ آهي، جيڪي ان کي پڙهڻ ۽ مٿس عمل ڪرڻ چاهين، البت اُن ڪتاب ۾ هن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ائين ڪونه چيو هو: ”ٻارن کي پهرئين ڪلاس ۾ مادري زبان سان گڏ انگريزي لازمي طرح پڙهايو.“
ذاتي طرح آءٌ پنهنجي مهربان ۽ تمام پياري دوست، مرحوم سيد غلام مصطفيٰ شاهه سان پنهنجي زندگيءَ ڀر جي سنگت کي پنهنجي لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي فخر لائق مراعتن مان هڪڙي مراعت، ۽ سندس زندگيءَ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ”Sindh Quarterly“ طور پنهنجي زندگيءَ جا اطمينان بخش بابَ ٿو ڀانيان. سيد غلام مصطفيٰ شاهه سچ پچ ته بي ڊپو، ڏاهو ۽ وفا شعار انسان هو. کيس معلوم هو ته زندگي سجاڳيءَ ۽ سڦلائپ کانسواءِ ڪجهه به نه هئي. هن پنهنجي سموري زندگي، رٽائرمينٽ کانپوءِ به مڪمل رٿابنديءَ سان گذاري، ۽ ان جو هڪ به ڏينهن، مهينو ۽ سال نسڦل نه گذاريو. اها ڳالهه هن لاءِ چٽي هئي ته ٻين لاءِ جيئڻ کانسواءِ زندگيءَ کي ڪا معنيٰ ناهي. منهنجي ذهن تي سنڌ جا ٽي سيد سر فهرست آهن- شاهه عبداللطيف، جي ايم سيد ۽ غلام مصطفيٰ شاهه- جن پنهنجن جذبن، خيال ۽ عملَن ۾ سنڌ وطن جي بهتري، خوشحالي، آجپي ۽ سنڌي قوم جي مفادن کي پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن کان هميشه مٿانهين جڳهه ڏني.

سيد غلام مصطفيٰ شاھ
ھڪ عظيم مدبر
پروفيسر اعجاز قريشي
ڪنهن به سماج ۾ تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ تعليم اهم محرڪ ليکي ويندي آهي. ان ميدان ۾ ڪيترا ئي ڳاڻ ڳڻيا فرد آهن، جن تعريف جوڳا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، انهن بي مثال ماڻهن ۾ سائين غلام مصطفى شاهه جي ڳڻپ به ٿئي ٿي. سائين غلام مصطفى شاهه هڪ ذميوار ۽ باشعور فرد جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ سول سوسائٽي جي قيام لاءِ حقيقي ۽ بنيادي ڪوششون وٺندڙن جي فهرست ۾ سدائين اڳڀرو نظر آيو. هن پنهنجي فردي صلاحيتن ۽ پنهنجي علمي توانائي جي بهتر مصرف لاءِ ادارن کي وڌيڪ ترجيح ڏني. هيءُ مضمون ڪا عالماڻي راءِ يا تجزيو نه به سهي، پر عقيدت ۽ انس جو اظهار ضرور آهي. لطيف سائينءَ جو بيت هردي تي هري رهيو آهي ته:
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپوربٺوري جي تاريخي ڳوٺ ٻنون جي پريان سيد قادر ڏني شاهه جي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سيد غلام مصطفى شاهه کي ڄائي ڄم کان بلڙي شاهه عبدالڪريم جي پاڙيسري هجڻ جو شرف نصيب ٿيو. سنڌ، جتي پئرس ڪميون (۱۷۸۹ع) کان اڍائي سئو سال پهرين جهوڪ ڪميون برپا ٿي هئي ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد علمي طرح پورهيت جدوجهد جو مثال قائم ڪيو، ان سنڌ ۽ ان علائقي ۾ سيد غلام مصطفى شاهه پيدا ٿيو.
مون کي اڄ به ۶۰ع جو اهو ڏينهن ياد آهي، جڏهن آئون ستين درجي ۾ پڙهندو هئس ته هو اسان جي اسڪول ۾ انسپيڪشن تي آيو ۽ آئون سندس شخصيت جي جادوءَ ۾ جڙجي ويس. زندگيءَ جا ۵ ڏهاڪا آئون اڳتي ڪهي آيو آهيان، اهڙو شخصي جادو مون کي ۲ ماڻهن ۾ نظر آيو آهي. هڪڙو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيو اهو ماڻهو سيد غلام مصطفيٰ شاهه.
سال ۱۹۶۲ع هو، ان وقت مون هڪ جيڏن سان گڏجي “منڇر ادب” برپا ڪيو هو. اسان گڏجي سنڌ سطح تي ٻالڪ ميلو ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو، جنهن ۾ خاص مهمان طور اسان سائين سيد غلام مصطفى شاهه کي درخواست ڪئي. هن اها گذارش قبول ڪئي ۽ ان دعوت ۾ شريڪ پڻ ٿيو. سڄيءَ سنڌ مان آيل ٻارڙن کي خطاب ڪيائين.
مون ۱۹۶۵ع ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي تعليم جي شروعات ڪئي. هيءُ دور سنڌ جي تاريخ جو عجيب دور هو. پهريون ڀيرو سنڌي ماڻهن کي ملڪ ۾ بي امان ۽ دربدر هجڻ جو احساس ٿيو. اسان يونيورسٽيءَ ۾ موجود بي چينيءَ جو جوالا مکي بڻيل هئاسين. سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندي اسان سال ۱۹۶۷ع جي بهار جا گيت ئي ڪونه جهونگاريا هئا ته ۴ مارچ جو واقعو ٿيو. اسين جيلن ۾ واڙيا وياسون. چوڌاري وٺ پڪڙ لڳي پئي هئي. ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ ڪمشنر مسرور، سنڌي شاگردن جو دشمن ٿي بيٺو هو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وي سي ۽ قد آور شخصيت حسن علي عبدالرحمان سان جنگ جوٽي بيهي رهيو هو، نيٺ هن کي وي سي شپ ڇڏڻي پئجي وئي.
جڏهن ملڪ تي ون يونٽ مڙهيو ويو هو ۽ جنرل يحيى خان جي مطلق العناني ڇانيل هئي. سال ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيو ۽ پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع سنڌ جي نجات جو ڏينهن بڻجي ويو. ون يونٽ ٽٽو. سال ۱۹۶۹ع يحيى وارو دور هو، يونيورسٽي ۾ اسان جا آخري ڏهاڙا هئا، تڏهن هڪ ڏينهن اوچتو خبر پئي ته سائين غلام مصطفى شاهه کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو ويو آهي. اسين شاگرد يونيورسٽيءَ جي ريلوي اسٽيشن تي سندس استقبال لاءِ ويا هئاسين.
سيد غلام مصطفى شاهه وي سي ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو نقشو بدلائي ڇڏيو. چوڌاري روڊ رستا ٺهي ويا، وڻ پوکجي ويا، باغ پيدا ٿي ويا. ڪيترا ئي نوان ڊپارٽمينٽ کلي ويا. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي، دفتري ٻولي قرار ڏني وئي. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترا ئي ڪم ڪيا. اڃا ڏيڍ سال به ڪونه ٿيو ته وقت جي حڪومت جي ناراضگيءَ جو شڪار ٿي ويو. سنڌ ۾ ووٽر لسٽون، سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ جي مهم هلي هئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي استادن به حصو ورتو، جنهن تي انهن استادن تي سرڪاري عتاب نازل ٿيو. سيد غلام مصطفى شاهه کي وي سي هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو. ۽ ٻين کي به جيلن ۾ بند ڪيو ويو. بعد ۾ کيس هٽائي حسن علي عبدالرحمان کي وي سي بڻايو ويو، پر هو صاحب انتهائي پوڙهو ٿي وڃڻ ڪري ڪمزور ۽ نٻل ٿي ويو هو. تنهن ڪري جلد ئي پنهنجي ذميواريءَ تان سبڪدوش ٿي ويو ۽ نيٺ هڪ ڀيرو ٻيهر سيد غلام مصطفى شاهه کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي بڻايو ويو، جيڪو ان وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين هو.
سيد غلام مصطفى شاهه سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌ جا مسلمان، هڪ پرنسپال جون يادگيريون، برطانوي ورثو نالي ڪتاب مشهور آهي. هن لڳ ڀڳ ۶۷ ملڪن جا دورا ڪيا، مختلف ملڪن جا علمي ادبي تجربا حاصل ڪري ملڪ ۾ مروج ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. ان کانسواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلچرل سوسائٽي قائم ڪيائين. جنهن ڪيترا ئي ڪلچرل شو ڪرايا ۽ سنڌي ٻولي، تاريخ توڻي اقتصاديات جي موضوعن تي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون. ان ئي پليٽ فارم تان “سنڌ ڪواٽرلي” نالي مشهور رسالو جاري ڪيو. جيڪو جيستائين شاهه صاحب جيئرو هو ان وقت تائين يعني ۱۹۹۹ع تائين رسالو نڪرندو رهيو، شاهه صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ به ڪجهه پرچا جاري ڪيا ويا.
شاهه صاحب بنيادي طور هڪ قوم دوست ۽ وطن پرست ماڻهو هو. هن جي اندر ۾ قومي اڻ برابري ۽ ناانصافي خلاف هڪ تمام گهڻو وسيع شعور هو. سياسي طرح هو پيپلز پارٽي سان وابسته هو، موجوده ملڪي ڍانچي ۾ رهندي حقن جي حاصلات جو خواهان هو. اهو ئي سبب آهي جو هو ۱۹۸۸ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ بعد ۾ تعليم جو وفاقي وزير بڻيو. منهنجو خيال آهي ته هيستائين ملڪي سياست ۾ ان وڏي پائي جو عالم اڳ ۾ ڪڏهن به تعليمي وزير نه بڻيو آهي.
هن جو خيال هو ته فردن تي ڀاڙڻ بدران ادارا قائم ڪجن ۽ انهن ادارن جيInstitutional capacity وڌائجي جو اهي ادارا اڳتي هلي نون ادارن کي جنم ڏئي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو قيام عمل ۾ آيو ۽ ان اداري کيرٿر يونيورسٽي جي قائم ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن.
سيد غلام مصطفى شاهه جي زندگي اسان لاءِ هڪ رستي وانگي آهي جنهن تي هلي اسين سنڌ ۾ ڪنهن مانائتي ماڳ تي رسائي حاصل ڪري سگهون ٿا. جيئن دنيا جون ٻيون قومون اڄ سک ۽ خوشيءَ سان، آسودگي ۽ خوشحاليءَ سان مالا مال آهن، ائين اسين به پنهنجي وطن لاءِ اهڙو سڀاويڪ ۽ سدورو وقت آڻي سگهون پر ان لاءِ شرط وري به اهو آهي ته اسين علمي طرح ڪنهن سوچيل سمجهيل گس تي هلون ته سماجي تبديلي توڻي سنڌ جي اقتصادي خوشحالي جي منزل کي ماڻي سگهون ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا