; سنڌي شخصيتون: سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پروفيسر اعجاز قريشي، محمد ابراھيم جويو،
Showing posts with label سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پروفيسر اعجاز قريشي، محمد ابراھيم جويو،. Show all posts
Showing posts with label سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پروفيسر اعجاز قريشي، محمد ابراھيم جويو،. Show all posts

18 May, 2020

سيد غلام مصطفيٰ شاهه


سيد غلام مصطفيٰ شاهه
هڪ اعليٰ تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ - سئو سالا جنم ڏينهن جي مناسبت سان
پروفيسر اعجاز قريشي
ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور جي تاريخي ڳوٺ ٻنون جي پريان سيد قادر ڏني شاهه جي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ڄائي ڄم کان بلڙي شاهه عبدالڪريم جي پاڙيسري هجڻ جو شرف نصيب ٿيو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪنهن رسمي رفرنس، يادگيريءَ محتاج ڪونهي. هو هڪ گھڻ پاسائين ۽ گوناگون قسم جي هستي آهي، جنهن کي سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو وڃي ٿو، ايترو وڏو ماڻهو آهي جو رسمي طور جيڪڏهن چئجي ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ ادارو هو، ته به گهٽ ٿيندو.