; سنڌي شخصيتون: قادرداد خشڪ

02 May, 2020

قادرداد خشڪ


قادرداد خشڪ
پنھنجي ڪٿا
جنم :
منھنجو جنم ڳوٺ حاجي امدادا علي خشڪ تعلقو ڪنڊيارو ۾ ۱۹۷۲ ۾ ٿيو پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي ان کانپوء ۱۹۸۷ع ۾ مون مئٽرڪ گورنمينٽ ھاء اسڪول خانواھڻ مان ۽ ۱۹۸۹ ع ۾ انٽر ميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام ۾ BSc ڪراپ پروٽڪيشن ڊيپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. سن ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ پوليس جي پاران اخبار ۾ اشتھار آيو ته ريور اينڊ ھيليري فورس جوڙي پئي وڃي، ان ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ASI جون سيٽون آھن. مون ان ۾ فارم سميت درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ۲۵.۱۲.۱۹۹۲ اھا تاريخ ھئي، جڏھن مون کي سنڌ پوليس ۾ ASI طور ڀرتي ڪيو ويو ان ڏينھن مان بيحد خوش ھوس ۽ مون زرعي يونيورسٽي کي خير آباد ڪيو. ان کانپوءِ ۱۵ جنوري ۱۹۹۳ تي ٽريننگ لاءِ پوليس ٽرينگ ڪاليج شھدادپور وڄڻ ٿيو جتان ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۹۳ ۾ پاس آوٽ ٿي زندگي کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو منھنجي پھرين پوسٽنگ ٺري ميرواھ ٿاڻي تي ٿي جيڪو ضلعي خيرپور ميرس ۾ آھي ان دوران جبلتن ۽ احساسن جي جنگ جاري رھي. ۲۰۰۵ع ۾ موٽر وي پوليس ۾ ڊپوٽيشن تي نوڪريءَ لاءِ پھريان اسلام آباد ۽ پوءِ پوري پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو ۲۰۰۸ تائين جاري رھيو پوءِ پروموشن لاءِ واپس پنھنجي ڊيپارٽمينٽ اچڻ ٿيو مان ۲۰۰۷ ۾ سب انسپيڪٽر ۲۰۱۶ ۾ انسپيڪٽر پروموٽ ٿيس ۽ پوء مون ٻارن جي تعليم جي ڪري سن ۲۰۱۱ کان حيدرآبا رھائش اختيار ڪئي آھي.


سنڌ پوليس ۽ موٽروي پوليس ۾ تمام گھڻا تجربا ٿيا انھن تجربن گھٽ ۾ گھٽ مونکي سکڻ لاء گھڻو ڪجھ ڏنو سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت، وڏيرا شاھي، رشوت ان اداري کي گھڻو نقصان ڏنو آھي پر ان جي باوجود به سنڌ پوليس ۾ دلير ۽ باھمٿ آفيسرن جن ھر ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو آھي ان جي برعڪس موٽر وي پوليس ۾ ڀليون پگھارون ۽ بھترين ترتيب ان اداري کي پاڪستان جي ڀلن ادارن جي قطار ۾ بيھاريو آھي
ادب سان وابستگي :
جڏھن مان مئٽرڪ پڙھندو ھوس ته ان دوران ڪتابن پڙھڻ جو شوق جاڳيو محترم گلشير لوچي اھو پھريو شخص آھي جنھن ڪتاب پڙھڻ لا ڏنو ۽ان کانپوء ساھتي لئبريري خانواھڻ جيڪا ڊاڪٽر نجم عباسي قائم ڪئي ھئي ان ۾ ميمبرشپ ڪرائي جتان ڪتاب کڻي پڙھڻ شروع ڪيا ڪتابن جي دوستي منھنجي زندگي ۾ وڏي وٿ ثابت ٿي سچ سکڻ ۽ چوڻ جو موقعو مليو نمائشي زندگي جيڪا مفادن کان خالي نه ھئي ان ۾ زندگي جي توازن سان گذارڻ جا گر ڏسيا.
ڪجھ سالن کانپوء ساھتي لئبريري خانواھڻ بند ٿي ويئي منھنجي سنڌ ۾ جنھن به شھر ۾ پوسٽنگ ٿيندي آھي ته ڪتابن جي دڪان جي پڇا ڪندو آھيان ۽ پنھنجي پگھار مان ڪجھ پئسا ڪتابن لاء ڪڍي رکندو آھيان مون ڪتابن کي سيڙھڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي ڳوٺ ۾ ھڪ لائبريري ۲۰۱۵ باقاعده طور قائم ڪئي ان لائبريري قائم ڪرڻ ۾ ذاتي دوستن، پاڪستان مختلف اشاعتي ادارن وڏي مدد ڪئي. ماشاءَالله اھا لئبريري علائقي واسين کي ڀرپور فائدو ۽ لاڀ ڏئي رھي آھي. جنھن ۾ مختلف موضوعن ۽ مختلف زبانن ۾ پنجن ھزارن کان مٿي ڪتاب موجود آھن. جن ۾ اضافو ٿيندو رھندو آھي ۽ ڪجھ اخبارون پڻ روز جي معمول ۾ شمار آھن منھنجي خواھش آھي ته لائبريري ۾ پري کان اچڻ وارن شاگردن کي ھڪ وقت چانھ پياري ويندي آھي، ان سان گڏ مانيءَ جو پڻ بندوبست ڪيان. انشاءَ الله منھنجي ھن لائبريري مان سنڌ جو شعور ھڪ پر امن ۽ پڙھي لکي سنڌ ضرور ٺاھيندا انشاء الله.

فقير العلم
قادرداد خشڪ

No comments:

راءِ ڏيندا