; سنڌي شخصيتون: ايل وليم سيمور - مختيار ملاح

12 April, 2020

ايل وليم سيمور - مختيار ملاح


ايل وليم سيمور
سنڌي ٻوليءَ  جو  هڪ گمنام گرامر نويس
مختيار ملاح
لائنل وليم سيمور (Lionel William Seymour) ائنگلو انڊين هو. سندس جنم ۱۸۵۴ع ۾ بمبئيءَ ۾ ٿيو. سال ۱۸۷۹ع ۾ جنرل  ۽ لينڊ سروي رڪارڊ کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرينڊنيڊنٽ لڳو ۽ اڳتي هلي سپرينڊينٽ تي ترقي ورتائين. ۱۸۹۰ع ۾ سندس شادي امي ايلزبيٿ ڪلارڪ (Amy Elizabeth Clark) سان ڪراچيءَ ۾ ٿي. لينڊ روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ سپريٽينڊنٽ هو. هو نه صرف پنهنجي سرڪاري ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، بلڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي معاملن ۾ به ڪافي دلچسپي رکندڙ هو. سنڌ جي ڪيترن تعلقن ۽ ديهن جا نقشا ۽ رپورٽون پڻ  تيار ڪيل آيل، جن جو تعداد ويهن کان به مٿي آهي. ان کان علاوه هن سرڪاري سطح تي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڍل جي سلسلي ۾ اصلاحي ڪم ڪيا. اهڙي طرح هو ادبي سرگرمين ۾ به مصروف رهيو.


مسٽر سيمور جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر(A Grammar of Sindhi Language) انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو، جنهن جو ذڪر اڪثر نالي وارا محققن پنهنجي ڪتابن ۾ ڪري چڪا آهن. هي ڪتاب ۱۸۸۴ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچي مان A Grammar of Sindhi Language  جي نالي سان شايع ٿيو. هن ۾ سنڌي لفظن لاءِ عربي ۽ رومن خط استعمال ڪيل آهي. هي ڪتاب ۲۰۳ صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب مختلف بابن ۽ عنوانن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت انگريز عالمن جي تحقيق جي روشني ۾ رايا به ڏنل آهن. اهڙي طرح سنڌي گرامر جا قاعدا ۽ قانون انگريزي ۾ سمجهايا ويا آهن. ضرورت مطابق سنڌي لفظ عربي - سنڌي رسم الخط ۽ رومن اسڪرپٽ ۾ ڏنل آهن. گرامر جي سلسلي ۾ ڳالهائڻ جا اٺ ئي لفظ (Parts of Speech) مثالن ۽ انهن جي مختلف قسمن سان تفصيل سان سمجهايل آهن. گرامر جي قاعدن کي سمجهائڻ لاءِ چارٽ ۽ مشقون به ڏنل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا