; سنڌي شخصيتون: ايل وليم سيمور، سنڌي ٻولي، گرامر نويس، مختيار ملاح،
Showing posts with label ايل وليم سيمور، سنڌي ٻولي، گرامر نويس، مختيار ملاح،. Show all posts
Showing posts with label ايل وليم سيمور، سنڌي ٻولي، گرامر نويس، مختيار ملاح،. Show all posts

12 April, 2020

ايل وليم سيمور - مختيار ملاح


ايل وليم سيمور
سنڌي ٻوليءَ  جو  هڪ گمنام گرامر نويس
مختيار ملاح
لائنل وليم سيمور (Lionel William Seymour) ائنگلو انڊين هو. سندس جنم ۱۸۵۴ع ۾ بمبئيءَ ۾ ٿيو. سال ۱۸۷۹ع ۾ جنرل  ۽ لينڊ سروي رڪارڊ کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرينڊنيڊنٽ لڳو ۽ اڳتي هلي سپرينڊينٽ تي ترقي ورتائين. ۱۸۹۰ع ۾ سندس شادي امي ايلزبيٿ ڪلارڪ (Amy Elizabeth Clark) سان ڪراچيءَ ۾ ٿي. لينڊ روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ سپريٽينڊنٽ هو. هو نه صرف پنهنجي سرڪاري ڪمن ۾ مهارت رکندو هو، بلڪ ادب ۽ ٻوليءَ جي معاملن ۾ به ڪافي دلچسپي رکندڙ هو. سنڌ جي ڪيترن تعلقن ۽ ديهن جا نقشا ۽ رپورٽون پڻ  تيار ڪيل آيل، جن جو تعداد ويهن کان به مٿي آهي. ان کان علاوه هن سرڪاري سطح تي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ڍل جي سلسلي ۾ اصلاحي ڪم ڪيا. اهڙي طرح هو ادبي سرگرمين ۾ به مصروف رهيو.