; سنڌي شخصيتون: شانتي ھيرانند جي - سيد غلام شاھ

11 April, 2020

شانتي ھيرانند جي - سيد غلام شاھ


شانتي ھيرانند جي
جيڪا ھميشه لاء ھلي وئي.
سيد غلام شاھ
شانتي ھيرانند جيءَ جو تعلق، خوشحال سنڌي خاندان، ھيراننداڻي سان ھو. ھن جي فيملي ورھاڱي کان اڳ، ڪاروبار سانگي لکنئو لڏي ويا ھئا. شانتي کي ننڍپڻ کان راڳ ويراڳ جو شوق، جنون جي حد تائين ھو. لکنئو ڪاليج ۾ موسيقي جي باظابطه سکيا ورتي ۽ پوءِ استاد اعجاز حسين خان رامپوري کان ڪلاسيڪل راڳ سکي. پھريون دفعو لاھور ريڊيو تان پرفارم ڪيائين، جتان کي شھرت ملي. ان کانپوء ھندستان جي مايه ناز نيم ڪلاسيڪل ۽ ٺمري ۾ يگاني گائيڪا بيگم اختر جي باظابطه شاگرد ٿي. جتان ھن نيم ڪلاسيڪل ۽ ٺمري ۾ ڪمال حاصل ڪيو. ھي بيگم اختر کي امي سڏيندي ھئي. بيگم جي آخري پساھن تائين ھن ان جو ساٿ نڀايو، بلڪ ان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ کيس ٽربيوٽ طور بيگم اختر تي ”مائي ممي“ نالي ھڪ ناياب ڪتاب لکيو.


شانتي سنڌي ٻولي ۽ ان جي بھتري لاء گھڻو ڪم ڪيو. ھن سنڌ ڄائي، شاعر، اديب، سنڌ ۽ سنڌيت سان محبت ڪرڻ واري، آل انڊيا ريڊيو تان سدا بھار پروگرام ”سڄڻ تو کي خبر ڪھڙي ڪندڙ، شھداد ڪوٽ جي وڏ گھراڻي مھراج فيملي جي ميڊم وينا شرنگي سان گڏجي مارئي سنگت ٺاھي، جنھن جي پھرين چيئرپرسن ٿي.
سال ۱۹۸۷ع ڌاري، نئين دھليءَ ۾، ان آرگنائيزيشن طرفان ”شاھ سچل سامي“ سيمينار رکيو ويو. ان سيمينار ۾ مون سان گڏ تاج جويو، آصف بالادي، منير شاھ ذاڪر، لونگ خان چنو، غلام رسول زونئر، جمن دربدر، اياز لطيف پليجو، ادي فاطمه پليجو، سليمان ڏاھري وغيرھ به اٽينڊ ڪرڻ پھتاسون. ان سيمينار ۾ منھنجي شانتي سان پھرين ملاقات ٿي. ميچوئر ايج، خوبصورت ساڙھي ۾ گريسفل پرسنلٽي، چھري تي وجاھت ڏسڻ سان متاثر ڪيو. جڏھن راڳ جي محفل شروع ٿي ته وينا جي اسرار تي شاھ جو ڪلام، نيم ڪلاسڪ انداز ۾، ھارمونيم تي ڇا ته ٻڌايائين، ”قيدن ۾ آئون ڪيئن گذاريان، منھنجو ملڪ ملير“ واہ واہ ٿي ويئي. سندس شاھ سچل سامي ۽ سائنٽيفڪ صوفي ازم تي صدارتي تقرير به وڏي علم ۽ بحر واري ھئي. ان ڳالھ جو به برملا اظھار ڪيائين ته مان سنڌي ته آھيان پر سنڌيت مون کي وينا سيکاري. ان کان سواء ڪيئي يادون آھن جن سندس وڇوڙي جي خبر ٻڌڻ سان اچي گھيريو آھي. وقت مليو ته وڌيڪ تفصيل لکبي.

(اندرا شبنم پوناوالا جي فيسبڪ شيئرنگ تان کنيل، ۱۱ اپريل ۲۰۲۰ع)


SHANTI HIRANAND JI
GHUNSHAM S WASWANI.
Today our Sindhi community and lovers of Ghazals and light classical music have lost a very reputed artist, respected SHANTI HIRANAND JI, a foremost disciple of Begum Akhtar Saheba and a mentor to many artists too. I am feeling extremely sad and lost today.
This is a very big loss to the musical fraternity and our Sindhi community.
A beautiful artist and a extremely loving person full of warmth and dignity.
I will always treasure her blessings and encouragement on innumerable occasions when I met her during various concerts and AIR sammelans.
MAY HER SOUL REST IN PEACE. PRANAAMS.

No comments:

راءِ ڏيندا