; سنڌي شخصيتون: مونس بخاري

08 April, 2020

مونس بخاري


مونس بخاري
مرتضيٰ سيال
اھو ۱۹۹۰ع جو زمانو آهي، آئون عبرت مئگزين جو انچارج هئس. ڏوڪريءَ کان هڪ نوجوان مون ڏانهن خط لکندو هو. آئون کيس مئگزين لاءِ ڪجھ لکي موڪلڻ لاءِ چوندو هيس. اڳتي هلي هن لکڻ شروع ڪيو. سال ڏيڍ کان پوءِ هن جو خط آيو، جنهن ۾ لکيائين ته ”حيدرآباد اچڻ ٿو چاهيان.“ ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ، عبرت مئگزين جي آفيس گلستانِ سجاد ۾، هڪ ڏينهن آفيس جي پٽيوالي رفيع ڀائي اچي ٻڌايو ته ڪو مونس بخاري اوهان ساڻ ملڻ آيو آهي. اها اسان جي پهرين ملاقات هُئي، هن هالا ناڪي تي هڪ پولٽري فارم تي ڪم ڪندڙ پنهنجي ماسات وٽ رهڻ شروع ڪيو، هڪ ڏينهن کيس مون هيرآباد ۾ ڏٺو، انگريزي اخبار ڊان هٿ ۾ هيس، حال احوال ٿيو ته ٻڌايائين ته هالا ناڪي کان روزانو پنڌ اچي هتان اخبار خريد ڪندو آهيان ۽ واپس وڃي شام تائين اخبار پڙهندو آهيان، پنڌ ان ڪري ايندو آهيان جو آهي پئسا بچائي انهن مان اخبار خريد ڪندو آهيان. مون کي سندس اها ڳالھ ڏاڍي وڻي.


ائين ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو، ڪجھ ئي ڏينهن کان پوءِ مون کيس عبرت جي گلستان سجاد واري آفيس جي انچارج غفور ڪريمي سان ملاقات ڪرائي ۽ ڪريمي صاحب کي گذارش ڪئي ته "مونس هڪ محنتي نوجوان آهي ۽ سٺو لکندڙ به آهي، مهرباني ڪري کيس عبرت مئگزين ۾ جاب ڏيو" ائين اسان مئگزين ۾ گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. آفيس ۾ اڌ ڏينهن گڏ هوندا هئاسين پر اڪثر ڪري رات جو ڪجھ وقت به گڏ هوندا هئاسين، اڪثر ڪري رات جي ماني هالا ناڪي تي گڏ کائيندا هئاسين. هي ۱۹۹۲ع جو دور هو مون به هالا ناڪي جي ويجهو عاقل پلازا ۾ فليٽ ڪرائي تي ورتو هو.
پنجن ڇهن مهينن کان پوءِ شايد آگسٽ ۱۹۹۲ع ۾ مونس بخاري جي دوستي آفيس جي ڪجھ اهڙن ماڻهن سان ٿي جن کي "دوست" نه چئجي ته بهتر آ. پوءِ مونس، غفور ڪريمي کي درخواست ڏني ته مون کي مئگزين مان بدلي ڪري سنڌو اخبار ۾ رکيو وڃي. ائين سندس اهي دوست اسان جي تعلق ۾ وڇوٽي وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مونس بخاري انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي ماسات کي ڇڏي پنهنجن نون دوستن سان رهڻ شروع ڪيو ۽ ڪجھ مهينن کان پوءِ سنڌو ڇڏي ڪاوش ۾ رپورٽنگ شروع ڪئي، هو ذهين ۽ سُٺو لکندڙ هئو ان ڪري صحافت جي شعبي ۾ پنهنجا پير پختا ڪري رهيو هئو، انهن ڏينهن ۾ هفتي ٻئي هفتي پريس ڪلب ۾ ملاقات ٿيندي هئي ۽ مختصر حال احوال به ٿيندا هئا، مون کي خوشي ٿيندي هئي ته هو ڏوڪري مان حيدرآباد اچي هن پنهنجي محنت سان پنهنجو مستقل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اُنهن ئي ڏينهن ۾ هڪ دوست کان خبر پئي ته مونس نشو ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ڏک ته ڏاڍو ٿيو پر اسان جي ايتري ويجهڙائي نه رهي هئي جو ان ڳالھ تي ساڻس جهيڙو ڪري سگهان، خير پوءِ به مون کيس سمجهائڻ جي هڪڙي ڪوشش ڪئي هئي، جواب چيو هئائين ته؛ ”مون کي اوهان جي نصيحت جي ضرورت ناهي، آئون پنهنجي ڀلو ۽ برو پاڻ سمجهي سگهان ٿو.“
اڃان اٺ مهينا مس گذريا هئا، هڪ ڏينهن اها خبر پئي ته مونس ڪاوش مان به نوڪري ڇڏي واپس ڳوٺ هليو ويو. ڪافي سالن کان پوءِ هڪ ڏينهن مونس بخاري جو خط مليو جنهن ۾ هُن لکيو ته "مون اوهان جي صلاح ۽ نصيحت تي عمل نه ڪري غلط ڪيو هو جنهن جو تمام گهڻو احساس آهي" انهي خط ۾ هن ٻيون به ڪافي ڳالهيون لکيون هيون جن جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب ناهي.
اڄ صبح سان ئي جيئن مونس بخاري جي وڇوڙي جي خبر ملي ته دل اُداس ٿي وئي ۽ پراڻيون سڀئي ڳالهيون ذهن جي اسڪرين تي ڪنهن مووي جيان هلڻ شروع ٿي ويون. سندس اوچتي وڇوڙي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، مونس کي اڃان جيئڻ گهرجي ها.
ٽي يا چار سال کن اڳ واحد پارس هيسباڻي ٻڌايو هو ته مونس بخاري بيمار آهي، مون نمبر هٿ ڪري مونس سان رابطو ڪيو هيو ۽ سندس علاج ڪرائڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي، هڪ ڊاڪٽر دوست سان به ڳالهايو هو، مونس بخاري کي منٿون ڪيون ته ان ڊاڪٽر سان ملي يا پنهنجي ميڊيڪل هسٽري ۽ ٽيسٽون وغيره موڪلي پر هن ها ڪرڻ جي باوجود ريسپانس نه ڏنو. کيس حيدرآباد  اچڻ لاءِ به زور ڀريو هيم پر هن ٻڌايو هو ته؛ ”ھاڻي حيدرآباد اچڻ جهڙو ناهيان. پويان فيملي اڪيلي آهي. هتي صحافت ڪيان ٿو ۽ جيئن تيئن ڪري گذارو ڪيان ٿو.“
هن جي ڳالھين مان محسوس ٿيو هو ته هو ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر وڌيڪ حال احوال روبرو اچي ڪرڻ جو واعدو ڪري موڪلايو هئائين. پر روبرو ملاقات ٿي نه سگهي، نه هو اچي سگهيو نه ئي آئون وٽس وڃي سگهيس، اڄ سندس وڇوڙي شدت سان اهو احساس به ڏياريو ته ڪاش وٽس وڃي ڊگهي ڪچهري ڪجي ها، ڪاش هو ائين اوچتو نه وڃي ها ڪاش.........

مونس بخاري
ڏوڪريءَ جو البيلو، اڙٻنگ ۽ بيباڪ صحافي ۽ ليکڪ جيڪو هاڻي اسان ۾ نه رهيو آهي.
ياسر منگي
سنڌي ۽ اردو جي ڪيترن ئي صحافتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مونس بخاري، جيڪو بخاري نه پر لڪياري سيد هيو پر استاد بخاري جي نالي کان متاثر ٿي، بخاري سڏايو. سو هڪ اڙٻنگ قلم ڌڻي هيو، جنهن سڄي عمر جدوجهد ۾ گذاري. سندس کري لکڻ جي ڪري، هميشه ڏکيائيون ۽ سزائون کيس پلئه پيون. ڪڏهن کيس مينهن چوري جي ڪيس ۾ ڦاسائي جيل ڀيڙو ڪيو ويو، ڪڏهن ڳچيءَ ۾ رسو وجهي، ڏوڪري شهر جي بازارن ۾ گهليو ويو ته ڪڏهن وري بليسفيمي لا جو غلط استعمال ڪري خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو نه مڙڻ جو هيو سو نه مڙيو. سندس بيباڪي ۽ المياتي زندگيءَ تي نامياري ڪالمسٽ اردشير ڪائوسجي پڻ ڊان نيوز ۾ هڪ ڪالم لکيو هيو.
سڄي عمر بيچيني ۽ بدسڪونيءَ واري زندگي گذاريندڙ هن ليکاريءَ کي نيٺ نشي ۾ سڪون ملي ويو ۽ ان نشي ئي کيس سڪون جي عبدي ننڊ سمهاري ڇڏيو.
مونکي پنهنجي صحافتي ڪيريئر دوران مونس بخاريءَ کان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. هي ننڍڙي تحرير هن جي درد ڀري زندگيءَ جو داستان بيان نه ڪري سگهندي.

No comments:

راءِ ڏيندا