مونس بخاري
مرتضيٰ سيال
اھو ۱۹۹۰ع جو زمانو
آهي، آئون عبرت مئگزين جو انچارج هئس. ڏوڪريءَ کان هڪ نوجوان مون ڏانهن خط لکندو
هو. آئون کيس مئگزين لاءِ ڪجھ لکي موڪلڻ لاءِ چوندو هيس. اڳتي هلي هن لکڻ شروع ڪيو.
سال ڏيڍ کان پوءِ هن جو خط آيو، جنهن ۾ لکيائين ته ”حيدرآباد اچڻ ٿو چاهيان.“ ٿورن
ئي ڏينهن کان پوءِ، عبرت مئگزين جي آفيس گلستانِ سجاد ۾، هڪ ڏينهن آفيس جي پٽيوالي
رفيع ڀائي اچي ٻڌايو ته ڪو مونس بخاري اوهان ساڻ ملڻ آيو آهي. اها اسان جي پهرين
ملاقات هُئي، هن هالا ناڪي تي هڪ پولٽري فارم تي ڪم ڪندڙ پنهنجي ماسات وٽ رهڻ شروع
ڪيو، هڪ ڏينهن کيس مون هيرآباد ۾ ڏٺو، انگريزي اخبار ڊان هٿ ۾ هيس، حال احوال ٿيو
ته ٻڌايائين ته هالا ناڪي کان روزانو پنڌ اچي هتان اخبار خريد ڪندو آهيان ۽ واپس وڃي
شام تائين اخبار پڙهندو آهيان، پنڌ ان ڪري ايندو آهيان جو آهي پئسا بچائي انهن مان
اخبار خريد ڪندو آهيان. مون کي سندس اها ڳالھ ڏاڍي وڻي.
