; سنڌي شخصيتون: ڊولامل بولچند

08 April, 2020

ڊولامل بولچند


ڊولامل بولچند
سنڌي ٻوليءَ جو گمنام لغت ۽ گرامر نويس
مختيار ملاح
ڊولامل بولچند (Dulamal Bulchand)، جو تعلق حيدرآباد سان آھي ۽ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پرمانند ميوارم جو عزيز هو. سندس جنم ۱۸۵۷ع ۾ ٿيو ۽ دهيانت ۱۹۱۷ع ۾ ٿيو. هو ان وقت حيدرآباد جنرل لائبريريءَ ۾ لائبريرين هيو.
سال ۱۸۵۸ع ۾ ڪمشنر بارٽل فريئر جي هدايت تي، ڪراچيءَ جي طرز تي هڪ لائبريريءَ ”حيدرآباد نيٽو جنرل لائبريري“ جو قيام، حيدرآباد شھر اندر عمل ۾ آندو ويو. هيءَ لائبريري پڻ سرڪار ۽ عوام جي تعاون سان ٺھي راس ٿي. ڊولامل بولچند، هن لائبريريءَ جو ملازم هو ۽ ترقي ڪندي لائبريرن جي عهدي تي پهتو. کيس مطالعي جو وڏو شوق هوندو هو. سندس پوٽي، ماريا ڊسوزا، جيڪا هندستان ۾ ڪنهن ڪاليج جي پرنسپال هئي، تنهن لکيو هو ته؛ ”مان پنهنجي ڏاڏي ڊولامل بولچند تي فخر ٿي ڪيان، جنهن ۱۹۰۴ع ۾ انگريزي-سنڌي لغت جوڙي شايع ڪئي هئي. هو هو هڪ ذهين انسان ۽ عالم هو ۽ وٽس تمام وڏي لائبريري هوندي هئي“.


ڊولامل بولچند، ڪيترا ڪتاب لکيا، انهن جي ڪٿ مشڪل آهي. جيئن ته سرڪاري طور تي رواج هو ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پر ڏيهي عملدار، سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪندا. ان ڪري، خاص طور تي، انگريزي ۽ سنڌيءَ تي دسترس رکندڙ هندو عالم، اهڙا ڪتاب جوڙيندا هئا يا ڪلاس هلائيندا هئا، جن سان انگريز عملدارن کي سنڌي سيکاري سگهجي. ان ڏس ۾ ڊولامل بولچند، ان دور ۾، ڪتاب لکيا.
هن ۱۹۰۱ع ۾ ٻن جلدن ۾ عملدارن جي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ ”سنڌي مينوئل“ (Manual of Sindhi) تيار ڪري، پاڻ شايع ڪئي، جنهن ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته؛ ”هي ڪتاب يورپي آفيسرن، مشنري ۽ ٻين جي سنڌي ٻوليءَ جي استعمال خاطر آهي.“
A manual of Sindhi: for the use of European officers, missionaries and others studying the Sindhi language.
ڊولامل بولچند جي ”انگلش-سنڌي ڊڪشنري“ ۱۹۰۴ع ۾ قيصريه پريس حيدرآباد ۾ مان شايع ٿي. جنهن جي قيمت ٻه رپيا اٺ آنا هئي ۽ ان ۾ ۳۲۶ صفحا هئا. اُن جو ٻيو ڇاپو، مانگهر سنگهه مولچند لالواڻي نظرثاني ڪري، حيدرآباد مان ۱۹۰۹ع ۾، منظر عام تي آندو.
ڊولامل بولچند جو ”سنڌي-انگريزي لغت“ ڪراچيءَ مان شايع ٿي. اها لغت، ۱۹۱۰ع ڌاري، ڊيمي سائيز جي ۲۶۲ صفحن تي، ميريويڌر اسٽيم پريس ڪراچي (رجسٽرڊ انڊر ائڪٽ XXV آف ۱۸۶۷ع) ۾ پھريون دفعو ڇپي. ان کان علاوه، هڪ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جو ڪتاب لکيو هئائين، جنهن جو سال معلوم ٿي نه سگهيو آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا