; سنڌي شخصيتون: ڊولامل بولچند. لغت نويس، مختيار ملاح،
Showing posts with label ڊولامل بولچند. لغت نويس، مختيار ملاح،. Show all posts
Showing posts with label ڊولامل بولچند. لغت نويس، مختيار ملاح،. Show all posts

08 April, 2020

ڊولامل بولچند


ڊولامل بولچند
سنڌي ٻوليءَ جو گمنام لغت ۽ گرامر نويس
مختيار ملاح
ڊولامل بولچند (Dulamal Bulchand)، جو تعلق حيدرآباد سان آھي ۽ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پرمانند ميوارم جو عزيز هو. سندس جنم ۱۸۵۷ع ۾ ٿيو ۽ دهيانت ۱۹۱۷ع ۾ ٿيو. هو ان وقت حيدرآباد جنرل لائبريريءَ ۾ لائبريرين هيو.
سال ۱۸۵۸ع ۾ ڪمشنر بارٽل فريئر جي هدايت تي، ڪراچيءَ جي طرز تي هڪ لائبريريءَ ”حيدرآباد نيٽو جنرل لائبريري“ جو قيام، حيدرآباد شھر اندر عمل ۾ آندو ويو. هيءَ لائبريري پڻ سرڪار ۽ عوام جي تعاون سان ٺھي راس ٿي. ڊولامل بولچند، هن لائبريريءَ جو ملازم هو ۽ ترقي ڪندي لائبريرن جي عهدي تي پهتو. کيس مطالعي جو وڏو شوق هوندو هو. سندس پوٽي، ماريا ڊسوزا، جيڪا هندستان ۾ ڪنهن ڪاليج جي پرنسپال هئي، تنهن لکيو هو ته؛ ”مان پنهنجي ڏاڏي ڊولامل بولچند تي فخر ٿي ڪيان، جنهن ۱۹۰۴ع ۾ انگريزي-سنڌي لغت جوڙي شايع ڪئي هئي. هو هو هڪ ذهين انسان ۽ عالم هو ۽ وٽس تمام وڏي لائبريري هوندي هئي“.