رحمت الله ماڃوٺي
ادبي رڃ جو انوکو ۽ ارڏو
راهي - سالگرهه تي پيار ڀري قلمي ڀيٽا
آصف رضا موريو
رحمت الله ماڃوٺي،
سنڌ جي انهن چند لکارين منجهان آهي، جن جي لکڻين ۾ حوصله افزائي، اميد ۽ پٺڀرائي
جون اهڙيون شاندار قوتون متحرڪ نظر اينديون آهن، جنهن سان مايوس انسانن ۽ بگڙيل
قومن جي اجتماعي سوچ بدلائي سگهجي ٿي. پر ان لاءِ شرط آهي ته ”کيس پڙهڻ وارن جو ماڻهو
۽ قوم هجڻ لازم آهي“. فقيراڻي مزاج ۽ دعائيه فطرت وارو موضوعاتي لکاري، رحمت الله
ماڃوٺي، سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ اهڙو بيدار مغز دانشور آهي جنهن جي اندر فنون
لطيفه جون بي پناهه هنرمنديون سانڍيل هئڻ ڪري، ٿورڙي زندگيءَ ۾ هن گڻي انسان
بيشمار زندگين جو ڪم ڪندي هر موضوعِ سخن تي تمام سٺو ۽ گهڻو لکندي، سنڌي ادبي کيتر
کي پنهنجي رت ۽ ست سان اهڙا سهسين سينگار جوڙايا آهن، جو سندس نالو وقت جي عظيم
تخليقڪارن ۾ جوڙيو وڃي ٿو.
اندر جي اڌمن ۽
سماجي پيڙائن جي اظهار لاءِ انيڪ صنفِ سخن کي ڪاميابيءَ سان ڪتب آڻيندڙ رحمت الله
ماڃوٺي، ڪهاڻيڪار هئڻ سان گڏ مزاح نگار، نقاد، ايڊيٽر، شاعر، افسانه نويس، اسڪرپٽ
ايڊيٽر، ڊراما نگار ۽ اداڪار پڻ آهي. موجوده دور جي سنڌي اديبن ۾ رحمت الله ماڃوٺي
هڪ اهڙو ڪلاسيڪل ڪردار آهي جنهن وٽ لڪير جو فقير نه هوندي، سماج ۽ انسانن متعلق
قدر پيمائي جا پنهنجا ۽ منفرد معيار مقرر ڪيل آهن. جن کان هيڏي هوڏي هٽڻ يا پوئتي ڀرڪڻ
ڪفر جي علامتن منجهان ڀائيندي، سندس قلم به رحمت جيان اڪثر اوقات سرڪش ۽ بي قابو ڏٺو
ويو آهي. جيڪو شهرتي ۽ محبتي معاملن ۾ ته ٺيڪ سهي پر سماجي ۽ ادارتي محاذن تي رحمت
لاءِ سدائين عذاب، ڀوڳنائون ۽ زحمتون ڪمائيندو رهيو آهي.
ماڃوٺي، نج سنڌي سمي
سردار ڄام ماڃوٺو جي اولاد منجهان آهن، جيڪي پاڻ ۾ نو ڀائر هيا، جن مان هڪ ڄام مور
به هيو جنهن جي اولاد اڄڪلهه ڪيهر سڏائي ٿي. رحمت الله ماڃوٺي جا وڏڙا اصلئون راجسٿاني
علائقي روها جا رهواسي هوندا هيا. روها (روهه) جو مطلب آهي جبل، جابلو يا پهاڙي. ڪنهن
دور ۾ متحده هندستان ۾ روها نالي هڪ آزاد رياست هوندي هئي، جتان جي راجواڙن طرفان،
رحمت جي خاندان کي گذدر جو خطاب مليل هوندو هيو. گذدر جو لفظي مطلب هنرمند، مستري
يا انجنيئر بيهي ٿو. پر ان لفظ جو معنوي مطلب اهڙو سنگتراش آهي جيڪو پنهنجي ڪم ۾
انتهائي مهارت رکندڙ هجي. هندستان ۾ هينئر به گذدرآباد جي نالي سان کوڙ ساترا شهر
موجود آهن. گذدر، درحقيقت حسنِ ڪارڪردگي جهڙو لقب آهي. سو جنهن کي عطا ڪيو ويندو
آهي، تنهن کي رياست طرفان هڪ گوڏ ٻڌرائڻ سان گڏ، هڪ فٽ پٽي جهڙي شيءِ پڻ ڏني ويندي
هئي، جنهن تي چانديءَ جي پٽي لڳل هوندي هئي جيڪا هٿ ۾ کڻي پنهنجي علائقي، ماڻهن يا
ساٿين ۾گهمڻ، گذدر لاءِ شانائتو ڀانئيو ويندو هيو.
رحمت الله ماڃوٺي
جو ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن طرفان خانداني پيشو سنگ تراشي رهيو آهي. سندس مامي گذدر محمد
عثمان ماڃوٺي، مهاتما گانڌيءَ جو هڪ مجسمو ٺاهيو هيو، جيڪو اڃان تائين دلي جي پارليامينٽ
جي ٻاهران نصب ٿيل آهي. قديم دور کان ماڃوٺي خاندان جو شاهه بندر ۽ لکپت بندر واري
سامونڊي رستن سان آگبوٽن ذريعي سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ؛ ٽنڊومحمدخان، ڪراچي، ٺٽو،
بدين وغيره ۾ روزگار سانگي اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هيو. ماهر مجسمه ساز هئڻ ناطي کين
پوري هندستان اندر جڙندڙ مندرن ۾ مورتيون ٺاهڻ لاءِ پڻ گهرايو ويندو هيو. ورهاڱي
کان گهڻو اڳ، ڪراچي ۾ عشرت داس ڪمپائونڊ تي رحمت جي ڏاڏي کي مورتين ٺاهڻ جو گهڻ
وقتائتو ڪم مليو ته هن ان دور ۾ هتان ئي شادي ڪئي.
ٺٽو ضلعي جو رهواسي
ڪشن چند ڪاراڻي نالي همراهه، پنهنجي ڳوٺ چوهڙ جمالي ۾ هڪ مندر ٺهرائي رهيو هيو،
جنهن لاءِ کيس هنرمندن جي ضرورت هئي، سو مورتيون ٺاهيندڙن جو ڏس پتو پڇائيندي،
رحمت جي والد تائين پهچي، کيس پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو. واڻئي سيٺ کي نه رڳو ماڃوٺي ڪاريگرن
جي هنرمندي موهيو پر سندن ايمانداري به وڻي وئي. جنهن کين واپس وڃڻ ڪو نه ڏنو ۽
مندر جو ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ انهنکي سرن جو بٺوکولي ڏنو. جيڪو ان دور جي انوسار
سنگتراشي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ لاڀائتو هيو. ڪجهه عرصي ۾هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته سنڌ ۾ ڪمين
ڪارين ٽڪيل ماڃوٺي مردن جو عورتاڻو ڪهول، سندن ڀارتي ڳوٺن ۾ رهجي ويو، جيڪو ڪجهه عرصي
بعد آهستي آهستي لکپت بندر کان ٻيڙين ذريعي شاهه بندر گهرايو ويو.
خمير ۾ پهاڙن جي
سختي هئڻ سبب، زندگيءَ جي زهر کي پنهنجي حوصلن سان زم زم بڻائيندڙ رحمت الله ماڃوٺ،ي
ڏيک ويک مان ئي پهاڙيلو، اٻهرو، ڏاهو، برجستو ۽ معياري انسان لڳندو آهي. ڊگهو قد،
مضبوط ڪاٺ، سنگتراشن جهڙي هوڏي هٿن، ويڪري نرڙ، گهاٽي لوندڻئين، ڇڻيل وارن، وڏن نيڻن،
ڀريل چپن، سهڻن نقشن، سڊول جسم واري هن داخليت پسند ۽ درويش صفت اديب جو جنم ۲۵ مارچ ۱۹۵۷ع تي، اهلِ علم، هنر و ادب جي ضلعي ۽ شهر
سجاول (پراڻو ضلعو ٺٽو) کان ويهارو ڪلوميٽر پرڀرو واقع آبادي چوهڙ جمالي ۾
عبدالرحمان ماڃوٺيءَ جي گهر ۾ ٿيو. چار ڀينرون ۽ ٽي ڀائر هوندي به رحمت هر دور ۾ اڪيلو
رهيو.
پنهنجي شهپارن ۾
جدتِ خيال جي ڌڻي، شاعراڻي مزاج ۽ جمال پسند رحمت الله ماڃوٺيءَ جي سموري زندگي
ضبط ۽ حوصله مندي جي جدوجهد رهي آهي. سندس ادبي شعور جي اک ننڍپڻ ۾ ئي کلي چڪي
هئي. سندس پهرين تحرير ”محنت“ نالي ڪهاڻي هئي، جيڪا هڪ سنڌي اخبار جي ٻاراڻي صفحي
تي شايع ٿي هئي. رحمت روزاني عبرت، مهراڻ، پڪار، تعميرِ سنڌ، جاڳو، عوامي آواز ۽ ڪاوش
سميت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو آهي.
انتهائي رک رکائو
واري رحمت الله ماڃوٺيءَ وٽ سلام دعا، واقفيت ۽ دوستي ۾ گهڻو فرق آهي. ساڻس منهنجا
تعلقات پنجويهه ٽيهن سالن کان قربائتا آهن. هو منهنجي بهترين دوستن شان ڏهر ۽ علي
آزاد جوڻيجو جو قريبي ساٿي رهيو آهي. شان ڏهر سان ٿيندڙ پهرين ملاقات جي باري ۾ هڪ
ڀيري رحمت ٻڌايو هيو ته ۱۹۹۰ع جي شروعات ۾ جڏهن کيس ڳوٺان آئي اڃان مهينو مس ٿيو هيو ته ڊي جي ڪاليج ڪراچي
۾ ٿيندڙ اردو سنڌي مشاعري ۾ کيس اسلم خواجه وٺي ويو هيو، جتي سندس ملاقات شان ڏهر
سان ٿي هئي. جنهن متعلق يادون ورجائيندي رحمت چوندو آهي ته؛ ”شان اهڙو ته دل وارو
ماڻهو هوندو هيو جو ساڻس ملي ائين لڳندو هيو ته اسان ڪي پراڻا وڇڙيل يار آهيون“.
رحمت ۽ شان گڏجي سنڌي اخبار پڪار، سنڌ ٽي وي وغيره تي پڻ ڪم ڪيو هيو.
اهڙي ريت علي آزاد
سان سندس ملاقات نصيرالله بابر جي ڪراچي ۾ آپريشن واري دور ۾ ٿي جڏهن ڪراچي تي ايم
ڪيو ايم جو عذاب، عروج تي هيو. ان دور ۾ رحمت الله ماڃوٺي ڪريم آباد ۾ خواجه جماعت
خاني جي پٺيان رهندو هيو. روزاني سنڌي اخبارپڪار ۾ ڪم ڪرڻ وارو دور هيو ،جتي اخبار
مان پروف ريڊنگ وارا ڇوڪرا پنهنجو ڪم ڪار ڇڏائي رات جي پهرئين پهر گهرن ڏانهن نڪري
ويندا هيا. جڏهن ته رحمت ۽ ٻيا ڪم وارا دوست ڪجهه دير سان دفتر مان نڪرندا هيا.
(اتي ئي اسان جو محسن دوست انور ابڙو به ساڻس گڏ ڪم ڪندو هيو). هڪ رات اڍائي وڳي ڌاري، رحمت پڪار اخبار
جي دفتر مان نڪري، ڪريم آباد پڳو ته اڳيان اسٽاپ وٽ هڪ سنهڙي سيپڪڙي همراهه کي
سواري جي انتظار لاءِ اوندهه ۾ بيٺي ڏٺائين. جنهن کان ڪراچي جي سياسي ۽ سماجي
حالات جي سنگيني سبب رحمت پئي ڊڳو ته اهو همراهه رحمت کان پيو ڇرڪي. ٿورڙو اڳتي وڌي،
غور سان ڏسندي رحمت کيس سڃاتو ته هو ساڻس دفتر ۾ ڪم ڪرڻ وارن پروف ريڊرن منجهان هڪ
آهي. عليڪ سليڪ کان پوءِ اهو سوچي رحمت کيس پنهنجي گهر وٺي ويو ته ”هي ڳوٺاڻو ڇوڪر
آڌي رات ۾ ڪنهن گهاتڪ هٿان مارجي نه وڃي“.
هن عظيم ليکڪ سان
منهنجي نيازمندي، جيڪا ويهه پنجويهه سال اڳ جڙي، سا هن وقت تائين قائم ۽ سگهاري
آهي جو رحمت ۽ منهنجي مزاج، اصولن ۽ پسند ناپسند ۾ گهڻي هڪ جهڙائي هئڻ سان گڏ، اسان
جي ڪيمسٽري پڻ ملندي آهي. رحمت منهجي لاڙڪاڻو واري گهر کي به ڪجهه سال اڳ، رونق
بخشي چڪو آهي. مان نهايت پابنديءَ سان فون تي سندس خير عافيت دريافت ڪندو رهندو
آهيان. جڏهن به ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته اڪثر هيءَ جائز ۽ هجائتي شڪايت
اوريندو آهي ته ”يار آصف! ڪراچيءَ اچ ۽ مون کي هتان ڪڍي هل ته لاڙڪاڻو جي کلي هوا
۾ ڪو سک جو ساهه کڻان“. وري علي آزاد لاءِ به ياد ڏياريندو آهي ته؛ ”اڄ ڪلهه علي
به وڏو ماڻهو ٿي ويو آهي جو چڪر ئي ڪو نه ٿو هڻي“.
رحمت الله ماڃوٺي
سياسي حوالي سان ڪجهه عرصو جيئي سنڌ هلچل ۽ ڪميونسٽن جي غيرطبقاتي نظام جي حامي هئڻ
ڪري، ڪارڪن طور ڪم ڪندو رهيو. بعد ۾ توڙي جو عملي سياست ڇڏي ڏنائين پر سندس لکيل
بيشمار ڪهاڻين ۾ سندس نظرين جا ڇاپا جهاتيون پائيندي ملندا هيا. منهنجي نظر ۾ هي
پهريون سرخو آهي جيڪو ڪميونسٽ هوندي به سو فيصد مذهب پرست آهي. تنقيدنگار جي حيثيت
سان به رحمت الله ماڃوٺي امتيازي خصوصيتن جو مالڪ هئڻ ڪري، نظريي ۽ عملي قسمن جي
تنقيد ۾ هڪ جهڙيون مهارتون رکي ٿو. سندس نصب العين بهترين ادب جي تخليق ۽ تنقيدي
شعور اجاگر ڪري علاقائي ادب و ثقافت کي فروغ ڏيڻ آهي. سندس لکڻين جي مڙني فڪري ڌارائن
جو مقصد محبت ۽ صداقت جي جستجو رهي آهي.
رحمت الله ماڃوٺي،
پرائمري کان مڊل ڪلاس تائين واري تعليم، پنهنجي ڳوٺ چوهڙ جمالي مان حاصل ڪئي. جنهن
کان پوءِ سندس تعليمي پسمنظر ۾ پڙهائي جي حوالي سان تسلسل ڪو نه رهيو. ۱۹۸۰ع ۾ هن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٺٽو مان
گريجوئيشن ڪري، ۱۹۸۴ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ ۱۹۸۸ع ۾ سچل ڪاليج حيدرآباد مان بين الاقوامي تعلقات ۾ پڻ
ايم اي ڪئي. پڙهائيءَ دوران. ئي هو مختلف اخبارن، رسالن ۽ ٽيليويزن ۾ لکڻ لکائڻ جي
حوالي سان لاڳاپيل رهيو. رحمت ٻالڪپڻي کان ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو شوقين هوندو هيو. سنڌي
اخبارن ۾ ڪرڪيٽ متعلق لکيل سندس مزاحيا تجزيا ڪرڪيٽ جي ٽرمنالاجي کان مڪمل واقفيت
سبب، سنڌي پڙهندڙن کي تمام گهڻا پسند ايندا رهيا آهن. گريجويشن ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۸۲ع ۾ کيس استاد جي نوڪري ملي. پر گهريلو دگرگون
حالتن، ڀائرن، دوستن ۽ عزيزن جي روين سبب، ڳوٺ ۾ ذهني دٻاءَ جو شڪار رهڻ لڳو. ان
لاءِ ٻن مهينن جي موڪل وٺي ڪراچي هليو آيو. جتي ڪجهه علاج معالجي جي ڪڍ ته ڪجهه
اخباري دفترن جي چڪرن ۾، کيس ٻه مهينا ٻيا به پئجي ويا. ان لاءِ سندس تعليم کاتي
جي نوڪري ويندي رهي.
رحمت ڪراچيءَ ۾
پنهنجي هڪ دوست وٽ اسٽيل ٽائون ۾ رهڻ لڳو، جتي ڪجهه ٻيا دوست پڻ رهندا هيا. ڪجهه عرصي
کان پوءِ جڏهن سمجهيائين ته دوستن وٽ ٻوجهه جيان آهي ته اتان لڏي قائدآباد ۾ السيد
سينٽر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جتي شيعي مسلڪ سان جڙيل هئڻ ڪري، سندس گهر نمبر ۵۱۲ (پنج ٻارنهن) کيس تمام گهڻو وڻندو هيو.
شادي به اتي رهڻ دوران ڪيائين. پر ان علائقي ۾ فيملي سان رهڻ، سندس لاءِ مناسب ڪو نه
هوندو هيو جو روز اتان سنڌ مدرسي جي سامهون آر ڪي اسڪوائر ۾ اچڻ ۽ وڃڻ کيس ڏکيو لڳندو
هيو. جو پٺيان سندس گهرواري به اڪيلي هوندي هئي. ان لاءِ ڪجهه مهينن کان پوءِ،
اتان منتقل ٿي ساهرن ڀرسان باغِ هالار واري علائقي شو مارڪيٽ ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين.
علاج معالجي دوران،
ڊاڪٽرن کيس مشورو ڏنو ته هو پاڪستان ڇڏي ڪنهن ٻئي ملڪ هليو وڃي. انهن ڏينهن ۾
فيورين نالي سان هڪ گوري ميڊيڪل جي دنيا ۾ متعارف ٿي هئي، جيڪا کيس کائڻي هوندي
هئي. هالينڊ جا جيڪي ڊاڪٽر، رحمت جو علاج ڪندا هيا، تن کيس هالينڊ موڪلي سندس پوئواري
جي پڻ خاطري پڻ ڪرائي هئي پر رحمت سنڌ ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان جو سبب، سندس
مزاج پيسا ۽ شهرت ڪمائڻ بجاءِ سڪون ۽ اطمينانِ قلب جو متلاشي هئڻ هيو، جيڪو کيس هن
وقت تائين ڪو نه ملي سگهيو آهي. رحمت ڊپريشن جهڙي مايوس ڪن حالتن ۾ به ڊراما اسڪرپٽ
لکي ۽ صحافت کي روزگار بڻائي، هڪ غيرتمند محنت ڪش جيان ٻچڙن جو پيٽ پاليندورهيو.
سال ۱۹۹۶ ۽ ۱۹۹۷ ۾ ته سندس اهڙي حالت هئي، جو پنهنجي گهر جي اردگرد هو اهڙن دهشتگردن کي ڏسندو
هئو جو سندس هٿن جون رڳون اڀامي پونديون هيون ۽ چوندو هيو ته ”هي سنڌي رائيٽرن کي
اجرتي قاتلن کان مارائڻ چاهين ٿا، جنهن ۾منهنجو نالو به آهي“. گهر پهچي جڏهن مٿي
کان ويهاڻا ڏئي، هو سمهندو هيو، تڏهن وڃي سندس هٿن جون رڳون نارمل ٿينديون هيون.
رحمت پنهنجي ڊپريشن لاءِ ڪراچي جي سٺي کان سٺن ڊاڪٽرن کان چيڪ اپ ڪرائيندو هئو، جيڪي
سندس ڊپريشن تي جڏهن ڪنهن مغربي ماهر جيان تاثر ڏيندا هئا ته رحمت پڻ ڪنهن نفسياتي
ماهر ڊاڪٽر جيان موضوع تي بحث ڪندي کين حيران ڪري وجهندو هئو.
۱۹۸۹ع واري ان دور ۾ ڪراچي اچڻ کان اڳ ئي سندس نالو اخباري دنيا ذريعي ان شهر ۾
اچي چڪو هيو. ان لاءِ ڪراچي ايندي سهيل سانگي سان ملاقات ٿي، جنهن کيس پندرهن سو
روپين جي پگهار تي، پاڻ وٽ رکڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا هن قبول پڻ ڪئي ۽ پهرين تاريخ تي
اچڻ جو وعدو به ڪيو. پر پهرئين کان اڳ ئي سندس ملاقات شمشيرالحيدري سان ٿي، جنهن
کيس پنج هزار روپئي تي پنهنجي رسالي ”ڪونج“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ڪيو. جتي انعام
شيخ ۽ انب گوپانگ به ساڻس ڪم ڪندا رهيا. ڪونج جا ڪجهه رسالا ته نڪتا پر ڊڪليريشن
نه ملڻ سبب، پنج اٺ مهينن کان پوءِ بند ٿي ويو. جو ان نالي سان انڊيا ۾ به هڪ
رسالو نڪرندو رهندو هيو. ساڳين مالڪن جي پڪار نالي، سنڌي اخبار سکر مان نڪرندي هئي،
جيڪا اتي ڊانوان ڊول پئي ٿي، جنهن جو ايڊيٽر بدرابڙو صاحب هوندو هيو. مالڪ، اخبار
جو سمورو نظام ڪراچي کڻي آيا ۽ ان کي بهتر ڪري ڪڍڻ لڳا. رحمت الله ماڃوٺي، انعام
شيخ ۽ انب گوپانگ کي به انهن پڪار ۾ رکيو.
رحمت الله ماڃوٺيءَ
جي زندگيءَ ۾ اخباري دنيائن ۾ نوڪري ۽ ڪمائيءَ جو سلسلو ڪڏهن به سڌو سنئون ڪو نه رهيو
آهي. پهرين ”پڪار“
کان پوءِ اسٽيل مل ڪالوني ۾ واقع مشعل نالي هڪ اسڪول ۾ پنج مهينا ماستري ڪئي. اها
نوڪري به پنڌ پري هجڻ ڪري، گهڻو هلي ڪو نه سگهي، جو وري شو مارڪيٽ کان اسٽيل ٽائون
اچڻ وڃڻ کيس ڏکيو هوندو هيو. ان لاءِ اها نوڪري ڇڏي، تازي نڪرندڙ سنڌي اخبار برسات
۾ سب ايڊيٽر مقرر ٿيو، جنهن جو چيف ايڊيٽر شيخ اياز ۽ ايڊيٽر سردار قريشي هوندو
هيو. برسات کان پوءِ، رحمت روزاني سنڌي اخبار ”جاڳو“ ۾ ڪم ڪيو جتان پوءِ روزاني سنڌي
اخبار ”تعميرِ سنڌ“ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان دوران ئي سنڌي ميگزين ”رچنا“ ۾ ايڊيٽر
طور پڻ ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ ترت ئي ڪرنگهي جي مسئلي سبب بيمار ٿي پيو ته پنج
ڇهه مهينا بستري تي بي جان لٺ جيان سڌو سمهيو پيو هوندو هيو. بيماريءَ مان نبيرو ٿيڻ
کان پوءِ کيس سنڌي اخبار ”ڪوشش“ ۾ ڪم ملي ويو.
اخباري دنيا ۾رحمت
الله ماڃوٺي گهڻي کان گهڻي نوڪري، ڪاوش گروپ ۾ ڪئي. پنهنجي ڳوٺان به ڪاوش گروپ جي
اخبارن لاءِ هو ڪالم لکي موڪليندو هيو، جڏهن اعجاز منگي ايڊيٽوريئل صفحي جو انچارج
هوندو هيو. ڪاوش ۾ گهڻو ٽڪي، ڪم ڪرڻ جو سبب رشيد راڄڙ جهڙي اجري ماڻهوءَ جو اتي هجڻ
هوندو هيو، جيڪو رحمت الله جو دوست پڻ هيو، جنهن سان حجت ڪري هو ڳالهائي سگهندو
هيو ۽ هو پڻ رحمت جي قلمي، ادبي ۽ ذاتي حيثيت کي سمجهندو هيو. جيسيتائين ”ڪاوش“ اڪيلي
هئي ته معاملا سڪون سان هلندا رهيا پر جڏهن ”ڪي ٽي اين“ جنم ورتو ته ماڻهن جي گهڻائي،
بيگار ڪيمپ جهڙي ماحول ۾ ڄٽ ڄاموٽ لکارين جا تڏا سونا ٿي ويا ۽ نام نهاد اديبن جا
مفاد، رحمت جهڙي لکارين ڪري متاثر ٿيڻ سبب، رحمت جهڙي سڌي ۽ بيباڪ لکاري خلاف
سازشون ۽ شديد ترين بي واجبيون روز جو معمول بڻجي ويون. جنهن ڪري رحمت جهڙي کري ۽
شريف اديب لاءِ، انا ۽ ضمير وڃائي ڪم ڪرڻ ڪو نه ٿي سگهيو. ان اداري ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ
۽ گهڻو ويهڻ جي ڪري، کيس وري ڪرنگهي جي تڪليف ٿي پئي، جنهن جي دوا درمل ۽ آرام کان
پوءِ جڏهن ڪاوش مالڪن کيس اهميت ڪو نه ڏني ته کيس سنڌ ٽي وي وارن کان مليل نوڪري
جي آفر قبول ڪرڻ بهتر لڳي.
رحمت الله جا سنڌي
اخبارن ۾ مقبول ترين سلسلا ”آمون انگريز“، ”اها به ڪا ڳالهه آ“ ۽ ”ڪامريڊ مترڪو سنڌي“
تمام گهڻا پسند ڪيا ويندا هئا. هن سنڌي اخبارن ۾ بيشمار نوان سلسلا متعارف ڪرايا.
ايتري تائين جو سندس ايڊيٽوريل پڻ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي شارٽ ڪهاڻي بڻجي ويندا هئا. رحمت
لکڻ لاءِ ڪڏهن به رف نه ڪيو، نه ئي ٻين جيان ڊاهه ڊوهه کان ڪم وٺندو آهي. روزاني سنڌي
اخبار هلالِ پاڪستان جو ايڊيٽر ۽ نامور صحافي فقير نقاش اخبار ۾ سنڌي ٻولي جي گرامر
متعلق سخت پاليسي رکندو هئو. جيڪو سنڌي مضمون نگارن ۾ رحمت الله ماڃوٺي جي ٻوليءَ
کان تمام گهڻو متاثر هوندو هئو. ادارن ۾ باس هئڻ ناطي، رحمت الله ماڃوٺي پنهنجي ورڪرن
کي ڪڏهن به ڇڙٻ نه ڏني. جيڪڏهن ڪنهن سان ٿورڙو به تيز ٿيو هوندو ته روئڻهارڪو ٿي
کانئس معافي وٺندو هيو. هن نفيس ۽ نماڻي لاڙي شخص، حقيقي زندگيءَ ۾ پنهنجن پراون
سان گڏ اخباري لڏي جي دوستن طرفان ڪيل الاهي ساريون بي واجبيون سٺيون، جن مان ويجهڙي
ساٿين جون ڪيل مشڪريون رحمت کي گهڻو ڏکوئينديون آهن.
رحمت الله ماڃوٺي،
شادي ائين ڪئي جيئن اسٽور تان ڪا دوا وٺجي. هڪ لحاظ کان اها پڻ ڊاڪٽر پنهنجي ليٽر
پيڊ تي کيس ”سجيسٽ“ ڪئي هئي. ڊپريشن جي علاج دوران، سندس حالت عجيب و غريب ٿي
ويندي هئي. ڪڏهن گهر جي ڇت هيٺ لهندي محسوس ٿيندي هيس ته ڪڏهن ڀتيون پاڻ ڏانهن سرڪنديون
محسوس ٿينديون هيس. جڏهن کيس محسوس ٿيندو هيو ته هو هاڻي ديوارن وچ ۾ چپجڻ وارو
آهي ته رڙيون ڪندو هيو. پنهنجي ان ڪيفيت تي رحمت هڪ ڪهاڻي ”سرڪندڙ ديوارون“ پڻ لکي
هئي، جيڪا ان دور ۾ هن ڪنهن رسالي ۾ موڪلي هئي جتي ڪشور ناهيد ايڊيٽر هئي، جنهن هڪ
چٺ لکي ڪهاڻي واپس ڪئي هئي ته ”توهان جي اهڙي جذباتي ڪهاڻي اسان ڪيئن شايع ڪيون“.
ان دور ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، تنهن کي ڪشور ناهيد ڪهاڻيءَ
جو محور سمجهيو هيو. حالانڪه اها ڪهاڻي رحمت پنهنجي شخصي حالت جي عڪاسي ڪندي لکي
هئي. اهڙين ڪيفيتن هئڻ سبب، ڊاڪٽرن کيس شادي جي صلاح ڏني هئي ته جيئن آڌي مانجهي تڪليف
جي صورت ۾ ساڻس ڪنهن انسان جو ساٿ هجي. تنهنڪري ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ سندس شادي ٿي.
ان کان پوءِ به
رحمت، پنهنجو گهر نه هئڻ سبب، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رهندو آيو. ڪڏهن لياريء جي
کجور بازار ڀرسان ڪنهن فليٽ ۾ ته ڪڏهن چنيسر ڳوٺ ۾. پر زندگي جو گهڻو عرصو رابعه سٽي
۾ رهيو. جتي کيس پنهنجي فليٽ هوندي هئي. ان ئي رهائشي پلازه جي اي بلاڪ ۾ شان ڏهر
۽ مان زندگيءَ جا بيشمار ڏکيا سکيا سال گڏجي گهاريا ۽ منهنجي رحمت سان اتي ملاقات
پڻ علي آزاد ڪرائي هئي. جو آئي ڏينهن علي آزاد رحمت جي تعريف ڪندو رهندو هيو، جيڪي
ٻڌندي ٻڌندي مان به سندس پرستار ٿي ملڻ لاءِ مجبور ٿي پيس.
هن خدائي سخن ڪنهن
به اديب کان متاثر ٿيندي لکڻ جي نه شروعات ڪئي ۽ نه ئي بعد ۾ ڪنهن اهڙي ڪوشش ڪرڻ
جي ضرورت محسوس ٿي. تقليد ۽ قدامت بجاءِ تازگي ۽ ندرت جي قائل، رحمت الله کي ليکڪن
۾ ڪرشن چندر گهڻو پسند آهي. جيڪو نه رڳو سندس معنوي استاد آهي پر سندس نظرئي سان پڻ
سلهاڙيل هيو. جنهن جي لکڻيءَ مان رحمت گهڻو ڪجهه سکيو. اردو اديبن ۾ کيس الياس
سيتاپوري، احمد نديم قاسمي، انتظار حسين، ابراهيم جليس، ابنِ انشا، رئيس امروهوي
گهڻو اتساهيندڙ مليا. سنڌي ڪهاڻي ۾ امر جليل، نسيم کرل، رسول بخش پليجو ۽ جمال ابڙو
گهڻو وڻندا رهيا. انهن چئن مان هاڻي ٻه مائينس ٿي چڪا آهن. پر رسول بخش پليجو ۽
جمال ابڙو کي هو اڄ به ليجنڊ ڪري مڃيندو آهي.
رحمت الله ماڃوٺي
توڙي جو پاڻ صحافي به آهي پر ان لڏي ۾ کيس ڪو به ايترو ”پروفيشنل“ ڪو نه لڳو جو ان
کان هي همراهه متاٿر ٿئي. البته جيڪي صحافي کيس نسبتن ڀلا لڳا، انهن ۾ حسن منصور ٻين
کان گهڻو بهتر هيو. جنهن پڻ رحمت سان ڪيترن ادارن ۾ گڏ ڪم ڪيو هيو. نه رڳو رحمت ۽
حسن منصور جو شعبو ساڳيو هيو يعني ڪهاڻي پر ٻئي بهترين قريبي دوست پڻ هيا. (افسوس
جو هيءُ مضمون لکڻ دوران ئي حسن منصور جي انتقال جي خبر اکين اڳيان گذري).
رحمت الله جا هن
وقت تائين صرف پنج ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو
”بيگار ڪيمپ“ هيو، جيڪو ۱۹۸۸ع ڌاري ڇپيو. تنهن کان پوءِ ٻيو ڪهاڻين جو ڪتاب ”ڪاملي“ هيو. سندس ترجمو ڪيل
ڪتاب ”نوان رستا، نيون راهون“ سنڌيڪا اڪيڊمي جي پهرئين ڪتابن منجهان هيو. چوٿون هڪ
ناول ”ڳولا“ رحمت ڊپريشن واري دور ۾ ڳوٺان نڪري ڪراچي اچڻ واري ٽن چئن ڏينهن ۾
لکيو هيو، سو ستاويهه سالن کان پوءِ ڇپيو هيو. سندس ڪتاب ”کريل گهڙيال“ مون کي علي
آزاد پڙهڻ لاءِ ڏنو هيو. قائم علي شاهه جي حرڪتن تي لکيل سندس ان ڪهاڻي ڪاملي
(قائم علي) تي پيپلزپارٽي وارن کڻائي سندس مٿان تشدد پڻ ڪرايو هيو، جنهن کان پوءِ طبيعت
۾، پوليس کان نفسياتي طور ھراسان رهندو آهي. رحمت الله ماڃوٺي جي ڪتابن ۽ لکڻين ۾ سندس
فڪر جا بنيادي موضوع ادب، رومانويت، زبانداني، حسِ مزاح، فلسفو، تاريخ، صحافت،
عمرانيات، انسانيات، معاشرتي رنگا رنگ جذبن ۽ ٻين تمام عصري علمن جو گلدستو هوندا
آهن. پڙهندڙن لاءِ سندس تحريرون موضوعاتي، عام فهم، خوبصورت ۽ قابلِ تعريف ڀانئيون
وينديون آهن.
رحمت الله هڪ
بهترين ڊرامه نويس پڻ آهي. جيڪو پنهنجي ڊرامن ۾ معاشري جي مڙني خرابين کي سامهون آڻي،
انهن جو اسان جي زندگين ۽ ايندڙ نسلن تي اثرپذيري جو ادراڪ پڻ ونڊيندو آهي. ۱۹۹۲ع ۾ ناٽڪ رنگ لاءِ لکيل سندس پهريون ڊرامو
”دروازو“ نعيم بلوچ پروڊيوس ڪيو هيو. تنهن کان پوءِ ڊرامن لکڻ جو سلسلو هلي پيو ته
اڃان تائين ڪو نه رڪيو آهي. سندس بيشمار ڊراما، پاڪستان ٽيليويزن کان علاوه وقت جي
نالي واري نجي چئنلن تان سنڌي ۽ اردو زبان ۾ هلندا رهندا آهن.
سنڌي ۾ لکيل سندس
پهرين سيريئل پاڪستان ٽيليويزن تي هليل ”قربتون“ هئي، تنهن کان پوءِ ”گونج“، ”ماڙي“،
”اميدوار“ ۽ ”زندگي تو بنا“ هئي، جنهن جي ريڪارڊنگ دبئي ۾ ٿي هئي. اردو ۾ سندس پهرئين
سلسليوار سيريز ”سسرال“ آهي ٻي ”ريت ڪي ديوار“ آهي، ٽين ”ڪالي چادر“، جنهن جي لاڙڪاڻو
۾ شوٽنگ دوران منهنجون صلاح الدين تنيو، محمود صديقي، صنم اقبال، اسد قريشي سان گهڻيون
ڪچهريون ٿيون. اهڙي ريت سندس ٽين سيريز ”تلخيان“، ”تيري بغير“، ”اگر اعتبار هوتا“
هيون. رحمت الله ماڃوٺيءَ جا لکيل سولو پليز ٽي کان چار سو کن ضرور هوندا جو ان
دور ۾ هو هڪ ڏينهن ٻه ٽي سولو پلي پڻ لکي وٺندو هيو. پنهنجي نالي کان علاوه رحمت الله
ماڃوٺي ٻين ۽ پراون نالن سان به تمام گهڻو لکيو آهي. بلڪ جيترو هن پراون نالن سان
لکيو آهي، اوترو پنهنجي نالي سان ڪو نه لکيو آهي.
رحمت الله ماڃوٺي،
تمام خوبصورت حرڪتون ۽ مشڪريون ڪندڙ شخص آهي. پنهنجي پسنديده شاعر گلزار کي خط
لکندو رهيو ته اميتاڀ بچن سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهايو اٿائين. شمشيرالحيدري سندس
پسنديده ماڻهو رهيو، عبدالقادر جوڻيجو جي افساني ۽ ڪهاڻين کان گهڻو مطئمن رهيو
آهي. ناليوارا سنڌي فنڪار انور سولنگي ۽ فريد نواز بلوچ سندس ويجها دوست رهيا آهن.
اسماعيل چانڊيو ۽ گلاب چانڊيو سان پڻ سندس گهڻي ويجهڙائي رهي. ڊرامو ڊائريڪٽرن ۾
گهڻو تڻو مزاج منظور مگسي سان ملندو اٿس. جو نه رڳو سندن وچ ۾ چڱي ذهني هم آهنگي
آهي پر اسٽار به ساڳيو اٿن..
رحمت، سنڌي ڊرامي
کي ڪڏهن به روايتي ڊرامي طور پيش نه ڪيو. پر پنهنجي ڊرامي کي هن هميشه نئين ۽
منفرد انداز ۾ لکيو. رحمت جڏهن به سولو پلي لکڻ لاءِ پنن ۾ هٿ وڌو ته اهي پنجاهه
يا ايڪونجاهه پنا ئي کڄندا هئا جن ۾ سندس ڊرامو مڪمل ٿي ويندو هيو. رحمت جي اسڪرپٽ
۾ ڊائريڪٽرن جو اڌ کان وڌيڪ ڪم اسڪرپٽ جي حاشيي ۾ ٿيل هوندو هيو. اهو ئي سبب آهي
جو سندس ڊرامي کي منظور ڪرڻ وقت ڪنهن زماني ۾ پي ٽي وي جي تڏهوڪي سينيئر ترين پروڊيوسر
۽ ڊائريڪٽر سلطانه صديقي رحمت کي گهڻي پڙهيل لکيل ڊرامه نگار جي حيثيت سان نه رڳو
سڃاڻندي هئي پر مان پڻ ڏيندي هئي.
رحمت الله ماڃوٺيءَ
کي اهو پڻ اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌ جي ٻن وڏن چينلن کي انهن جي شروعاتي ۽ ڏکين
مرحلن ۾ مفت سيريل لکي، سندن شروعات ڪرائي هئي. رحمت پنهنجي دوست حفيظ ڪنڀر کان پڻ
هڪ سيريل ڪي ٽي اين لاءِ مفت ۾ لکرائي ته جيئن پهرين سنڌي چينل جي آسانيءَ سان
شروعات ٿي سگهي. ساڳئي چينل تي جڏهن هڪ سيکڙاٽ اسڪرپٽ ايڊيٽر کي سندس ڪرسيءَ تي کڻي
اچي ويهاريو ويو ته هن ٻيهر ڪنهن چينل جو منهن نه ڪيو. رحمت کي پاڪستان ٽيليويزن
تي بهترين سولو رائيٽر جو ايوارڊ پڻ مليل آهي پر افسوس جو ڏات ۽ ڏانو جي ڌڻيءَ هن
انسان سان، ادارتي ۽ پيشه ور تعصب پرستيءَ جهڙيون ٻه اکيائون سدائين مهاڏو اٽڪائيندي
ڏٺيون ويون.
رحمت الله ماڃوٺي،
هڪ شاندار اداڪار آهي. جنهن لونگ شيخ جي لکيل سيريئل ”نجات“ ۾ هڪ ٻاوي جو ڪردار
ادا ڪيو هيو. ان کان علاوه حفيظ ڪنڀر سان ڪي ٽي اين تي ڪيل سٽڪام مزاحيه پروگرام ”ڳالهه
ٻولهه“ انتهائي شاندار هيو. تنهن کان پوءِ اهڙي ئي پروگرام ”ٻه ٽاڪ شو“ به سندس پهترين
پروگرام هيو. انهن ٻنهي پروگرامن ۾ رحمت الله ماڃوٺي جو گيٽ اپ، في البديح ڊائيلاگ
ڊليوري ۽ شاندار اداڪاري پنهنجي فطري تقاضائن تحت عروج تي ڏٺي وئي. جنهن کي ناقدين
تمام گهڻو ساراهيو.
رحمت ۽ حفيظ ڪنڀر
جيڪي ”ٻه ٽاڪ شو“ ڪيا، اهي گهڻو تڻو بغير اسڪرپٽ جي، لائيو ڪندا هيا. جنهن ۾ ٻنهي
هنرمندن جي طبيعت جو ملندڙ مزاج ڪمال جو اشتراڪي مزاح جوڙيندو هيو. هنن منصوبه
بندي ڪندي ”ٻه ٽاڪ شو“ جو هڪ پروگرام اهڙو به ڪيو جنهن ۾ طئه ڪيو هئائون ته هن
پروگرام ۾ کلائڻ جي جاءِ تي ڏسندڙن کي روئارڻو آهي. سو هڪ پوليس جي سپاهي جو انٽرويو،
جيڪو سنڌ ٽي وي تي جڏهن نشر ٿيو ته نه رڳو ڏسندڙ بي تحاشا رنا پر خود رحمت ۽ حفيظ ڪنڀر
پڻ روئي ڏنو هيو. ان ٽاڪ شو کي بعد ۾ پوليس جي اصلاح خاطر سنڌ پوليس جي هڪ اهم ڪاليج
شهدادپور ۾ ٽريننگ ڪندڙن کي پڻ ڏيکاريو ويو.
اداڪار هئڻ ناطي
سان کيس امريش پوري، عرفان خان، انوپم کير گهڻو وڻندا آهن پر انوپم جي آرٽ تي هاڻي
هندو انتها پسندي وارو ڪردار غالب اچي ويو آهي، ان لاءِ سندس پسند مان نڪري ويو
آهي نه ته سندس خيال ۾ انوپم جي اداڪاري ۾ تمام گهڻي ورائٽي هئي. رحمت جو خيال آهي
ته ”هڪ آرٽسٽ ته ڇا ڪو عام ماڻهو به مذهب جي بنياد تي ايترو ڪميڻو ۽ متعصب ڪو نه ٿو
ٿي سگهي جيترو انوپم کير ٿيو آهي“. رحمت الله ماڃوٺي کي ڳائڻ جي حوالي سان لتا امر
لڳندي آهي. پر ان کي ٻڌڻ سندس موڊ تي منحصر آهي. جڏھن ته ڍول فقير اهڙو فنڪار آهي
جنهن جي ٻڌڻ لاءِ رحمت وٽ ڪو به وقت مقرر ڪو نه آهي. کيس هو جنهن وقت به ٻڌندو آهي
تنهن وقت ڍول فقير سندس ٻڌڻ لاءِ موڊ ٺاهيندو آهي.
رحمت الله ماڃوٺي،
پنهنجي تحريرن ۾ روايتي اديب کان پنهنجي افڪار و خيالن ۾ الڳ، بهتر ۽ کرو هوندي
سماجي ۽ معاشرتي پهلوئن کي گهڻو زير بحث آڻيندو آهي. جنهن سماج ۾ ماڻهن جا چپ ڇڙو ڪوڙ،
ڪرڀ ۽ چمچاگيري تي کلندا هجن ان معاشري ۾ رحمت جو قلم، قدم ۽ قرب اڄ به سچ ونڊيندو
رهي ٿو. موت کي ميڇون ڏيندڙ رحمت جي باري اها ڳالهه گهڻي تڻي حيرت انگيز آهي ته هو
جيترو سماجي مسئلن تي سنجيدگي سان لکندڙ آهي اوترو ئي بهترين مزاح نگار پڻ آهي.
سندس ڊرامن ۽ ڪهاڻين ۾ هو سڌاري جو قائل ڪونه آهي جو سندس خيال آهي ته ”ليکڪ
پنهنجي لکڻين ۾ صرف احتجاج ۽ پسند نا پسند جو اظهار ڪري ڪو نئون خيال ڏئي سگهي ٿو“. هو ان ڳالهه جو انڪاري آهي ته سندس ڊرامن مان ڪو
سڌارو آيو هوندو يا ايندو.
رحمت کي ڊرامي جي ڀيٽ
۾ ڪهاڻي وڌيڪ ڀانئجي ٿي جو سندس خيال آهي ته؛ ”ڪهاڻي ۾ اندر جو اظهار ڊرامي جي ڀيٽ
۾ بهتر طريقي سان ڪري سگهجي ٿو.“ هو چوندو آهي ته؛ ”مان پنهنجي لکيل ڊرامي جو
ذميدار ڪونه آهيان جو ان جي ڊائريڪشن هدايتڪار جي هٿ ۾ هوندي آهي پر پنهنجي ڪهاڻي
جو ذميدار آهيان ٻيو ته مان ڊرامي ۾ هيٺ مٿاهين ڪري سگهان ٿو پر ڪهاڻي ۾ نه“. کيس
انسانن کي سمجهڻ جو چڱوخاصو ڏانوءُ هئڻ سبب نه رڳو شخصي حوالي سان پر پنهنجي لکڻين
۾ رحمت مون کي نفسياتي تجزيه ڪار ۽ فلسفي لڳندو آهي. پنهنجي لکڻين ۾ هو معاشري جي
برائين ۽ مڪروهات جو ڀرپور، عملي ۽ دانشوراڻي انداز ۾ تعارف پيش ڪندي انساني دنيا جي
جهنگ ۾ اڪيلائي، جدائي ۽ شڪستِ ذات جي نظرين ۽ سببن کي زيربحث آڻيندي، تمام سماجي
براين ۾ ڪرداري تشڪيل جون سبيلون ورهائيندي ملندو آهي. اسان جي دوست علي آزاد جو
خيال آهي ته؛ ”رحمت ٿي سگهي ٿو ته ٿورو گهڻو ڊرامي، اداڪاري ۽ ڪهاڻي جو هنرمند هجي
پر هو اصل ۾ انڊيا ۾ سرجندڙ آرٽ فلمن جي تخليقي دنيا جو ماڻهو آهي“.
جديد يگ جي
پيداواري نظام ۾ جهڙي ريت جنسِ واپار جي قيمت انساني جذبن کان مٿاهين ڪري پيش ڪئي
وڃي ٿي تنهن کي هو نه رڳو پنهنجي لکڻين ۾ پر پنهنجي شخصي زندگي ۾ به گهڻو ويجهڙائي
کان محسوس ڪري ٿو جنهن ڪري مون ڏٺو آهي ته زندگي جي محرومين ۾ سندس گڻي طبيعت ۽ انفراديت
به شڪست و ريخت جو شڪار ٿيندي رهي آهي. ان جو سبب شايد اهو به هجي ته انسانن جي
انفراديت ۽ عزتِ نفس جي تحفظ جو جذبو رکندڙ رحمت الله ماڃوٺي جهڙا ماڻهو پنهنجي ڪرت
کي پوري محبت، محنت، مقصد ۽ سچائي واپرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر اسان جي ڀرندڙ ڀڄندڙ
سماج ۾ زندگي کي ڪوبه حقيقي مقصد ۽ مفهوم ڏيڻ ممڪن ڪونه ٿئي ٿو ان لاءِ رحمت جهڙي سٻاجهي،
نرم دل، انسان دوست ۽ مهجوب ماڻهن جو پنهنجي زندگي ۾ ٿيندڙ مسلسل ڀڃ ڊاهه جي
باوجود ”انفرادي ۽ اجتماعي“ طور تي ”برقراررهي ڏيکارڻ“ جو ڪمال هڪ عمده انساني
هنرمندي آهي.
رحمت الله ماڃوٺي اڄ
ڪلهه ڊرامن لکڻ کان جان ڇڏائيدي ٽي وي چينلن کان پري پري رهندي ڏٺو ويو آهي جو نه
رڳو چينل ۽ چينل مالڪان رحمت الله جهڙي ارڏي ۽ کري لکارين جي معيار وارا ڪونه رهيا
آهن پر ڊائريڪٽر پڻ اهي ڪونه رهيا آهن جن سان رحمت جهڙي ماڻهو جي ڪم جي حوالي سان
نفسيات جڙي سگهي. رحمت الله ماڃوٺي ڪيئي سالن کان ڪجهه اخبارن لاءِ ڪالم لکي رهيو
هيو جنهن کي هو ”گذر سفر لاءِ ڪوڏر هڻڻ يا تغاري کڻڻ جهڙي مزدوري جيان سمجهي ٿو“،
پر اڄ ڪلهه پنهنجي وقت جي عظيم لکارين ۾ شمار ٿيندڙ هي اڏول انسان صرف ان ڪري
بيروزگار آهي جو لکڻ جي حوالي سان سندس هڪ ڪلاس ۽ مزاج آهي جنهن کي پيسن ۽ مراعتن
تي قربان لاءِ هو سدائين انڪاري رهندو آيو آهي جيڪو نه رڳو سندس حق پر حاصلِ محنت
پڻ آهي.
اگر مون کان پڇيو وڃي
ته رحمت اداڪار سٺو آهي يا لکاري ته مان سندس اداڪاري جو گهڻو مداح آهيان جو
بحيثيت اداڪار سندس ابلاغ ۾ مهارت جا جوهر اتم ترين آهي پر رحمت جو خيال آهي ته نه
هو لکاري سٺو آهي نه اداڪار پر کيس اڃان ڪجهه ٻيو ٿيڻو هيو جيڪو هو اڃان ٿي ڪونه
سگهيو آهي. کيس يقين آهي ته ”اهو ٽيون“ هو بهتر ٿئي ها شايد پنهنجي والد جيان هڪ
سنگتراش يا ڪجهه ٻيو جو هن وقت تائين زندگي جي هر ڪم ۽ ڪرت ۾ پاڻ کي ڌاريو سمجهندي
رحمت ڪڏهن به ڪنهن ڪم ۾ پاڻ کي فٽ ڪونه سمجهيو آهي. ان جو سبب شايد هن سماج جي ڍلي
پرزن هئڻ ۽ پنهنجو پاڻ ۾ ”گهڻو ڏاهو“ هئڻ سبب هو سمجهي ٿو ته سماج ۾ ڪنهن معاملي
تي سندس جائز حق ۽ اختيار ڪونه آهي
ڪجهه ماڻهو محبت
لاءِ پيدا ڪيا ويندا آهن جنهن کان سواءِ کين ڪو ڪم ڪونه ايندو آهي، ڏکن ۾ پليل،
پاليل ۽ جڙيل اهي انسان ماڻهن ۽ مخلوق جا ڏک ونڊڻ جا ازلي سانباهي هوندا آهن. کين
اثر انگيز هدايت طبيعتي سبب سماج ۾ مثبت تبديليون آڻڻ جي اهليت هوندي آهي جو سندن
دل ۾ تعميري شعور، مخلصاڻي آگهي ۽ علم جا آڏاڻا به متحرڪ هوندا آهن پر سندن معاملي
۾ افسوسناڪ حقيقت اها هوندي آهي ته اهي غلط ماڻهن ۽ مرده سماجن ۾ پيدا ٿيندا آهن
يا وري اهي ڌرتي جي ڪنهن ڪنڊ ۾ وقت کان اڳ ۽ وقت کان پوءِ جنم وٺندا آهن. انهن ماڻهن
مان منهنجو دوست رحمت الله ماڃوٺي پڻ هڪ آهي جنهن جي شخصيت جي مطلوبه بلوغت ۽ ڪردار
جي پختگي کان مون کي اسان جي نابالغ ۽ جاهل سماجي ڍانچي ۾ تمام گهڻو خوف ٿيندو
آهي.
رحمت الله ماڃوٺي
جي زندگي جو هڪ وڏو پاسو روحانيت ۽ توڪل باالله پڻ آهي. سچي هادي جي تلاش ۾ هي
همراهه الله وارن جو قربدار ٿيڻ لاءِ بيشمار صوفين ۽ سنتن جا پاسا وٺي سرت، سڪون ۽
ساهتيه ماڻڻ جي سانباها ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ ٻه ڀيرا لاڙڪاڻو آيو هيو جو
باقراڻي ڀرسان مرشد جي گادي تي حاضري ڀرڻي هيس، جتي مان کيس مان پنهنجي گاڏي تي ڇڏي
آيو هيس. پنهنجي ان مرشد جي ڀٽائي آباد واري ٺڪاڻي تي ٿيندڙ روحاني نشستن ۾ سماجي
روڳن جي علاج، اندر جي آنڌ مانڌ جي ماٺار، حاصلاتِ زندگي جي حصول، دل، دماغ ۽ روح
جي طمانيت لاءِ نه رڳو رحمت حاضريون ڀريندو رهيو پر سندس سموري سنگت جهڙوڪ حفيظ ڪنڀر،
منظورمگسي، حميد هاليپوٽو، علي آزاد وغيره پڻ ان در تي ڀيرا ڀريندا رهندا هيا پر
انت لاحاصل. ڪجهه عرصي کان پوءِ هن روشن ضمير لکاري جي ٽين اک اهڙي ڍونگي ديندارن جي
دنيادار رچنائن کي پرکي انهن کان پاسيرو ڪندي رهي جو ”اهي ماڻهو جهڙو ڏيکاءُ ڪندا
آهن اهڙا هوندا بنهه ڪونه آهن“.
روحانيت جي رڃ ۾ اهڙي
ڍونگي مرشدن طرفان مايوس ۽ بدگمان ٿيندي به رحمت مان روحانيت جي اساٽ ۽ اميد اڃان
تائين ماٺار نه ماڻيو آهي. روحانيت جو
دعوا ڪندر هڪڙا همراهه خيالي دنيا ۾ رهندا آهن پر رحمت جي اندر روحانيت پنهنجي
تمام مثبت ۽ گڻي خصوصيتن جي حامل رهي آهي جنهن جو پرتو سندس ”امتي“ جهڙي ڪهاڻين ۾
پڻ ملندو آهي جنهن لاءِ توڙي جي ڪردار ٻاهريان ۽ اوپرا کنيا ويا آهن پر پيري
مريدي، امتي ۽ پيغمبري جي سلسلي ٿيندڙ غلطين ۽ غلط ڪارين تي سندس قلم جي ڪرڙي اک
جي اها بهترين تنقيد آهي.
ادارن ۾ هڪڙو رحمت
اٺن ماڻهن جو ڪم ڪندو هيو جنهن کي هو ”گڏهه جيتري ڪم“ سان تشبيهه ڏيندو آهي. سندس
خيال آهي ته ”هو نود آهي ان ڪري زنده آهي نه اٺاسي اڻانوي ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي
ها“. سندس بچت جو ٻيو سبب ”مڃيندڙ” هئڻ
آهي جنهن ڪري کيس روحاني تحفظ پڻ ملي ٿو ته سندس مزاج ۾ ڀريل اميد، صبر ۽ شڪر جهڙيون
خصوصيتون پڻ اتساهي قوتن جو ڪردار نڀائي کيس سهارو ڏينديون رهيون آهن. جڏهن کائنس ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي ويندي هئي ته
”الله تو آهر“ جو ورد ڪندي ”اڪئون ڪار“ جو شوڪارو هڻي واڳ ڌڻي تي ڌري سمهي پوندو
آهي.
رحمت کي پڪو يقين
آهي ته؛ ”هوڪنهن ٻئي ڪم لاءِ هن دنيا ۾ آيو آهي پر جيئن ته لکڻ ۽ اداڪاري وارا ڪم سامهون
آيا آهن ان لاءِ کيس ڪرڻا پيا“ يا ٿي سگهي ٿو ته لکڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ ۾ اهو مقصد
سمايل هجي ته ”هو اهي هنرمنديون پڻ ڪري سگهي ٿو“. سندس ايمان آهي ته ”الله تعاليِ
کيس مصروف رکڻ لاءِ اهي ڪم سامهون آندا جو ”رڌل“ نه هئڻ سبب هو گهڻو اڳ مري کپي وڃي
ها“. لکڻ جهڙي اظهار جي طاقتور ذريعي جي ”عطا“ لاءِ به رحمت الله ”قدرت واري“ جو ٿورائتو
آهي جو سندس مطالعو گهڻو ڪونه آهي ايتري تائين جو هو اخبارون به تمام گهٽ ۽ نه جهڙيون
پڙهندو آهي پر ڏاتار جي ڏنل ڏات سبب پنهنجي لکڻين مان ماڻهن کي لڳندو آهي ته سندس
تمام گهڻو مطالعو هوندو. انهن سڀني ڪرتن مان سندس اندر جي اساٽ ڪونه اجهندي آهي ان
لاءِ کيس اميد آهي ته ”اهو ڪو ٻيو ڪم يا فهم جنهن لاءِ کيس تخليق ڪيو ويو آهي سو
کيس ڳولي وٺندو يا کيس لڀي پوندو“.
رحمت الله ماڃوٺي
گهٽ ئي ڪنهن سان بي تڪلف ٿيندو آهي پر پنهنجي ويجهڙي دوستن سان ڪچهريون ڪندي سندس ٽهڪ
آسمان ۾ اڏارون پائيندا آهن. سندس مذاق جو
انداز به سندس گفتگو جيان نهايت صاف سٿرو ۽ شاندار رهيو آهي. منهنجي لکاري دوست
يوسف جوکيو رحمت الله ماڃوٺي کي سنڌ جو سرڪش رُوح لکندي سندس حسِ مزاح جو هڪ واقعو
ٻڌائيندو آهي ته ”ڪي ٽي اين نيوز ۾ گڏ ڪم ڪرڻ واري ڏينهن ۾ ڏاڪڻ تان هيٺ لهندي کيس
رحمت الله ماڃوٺي مليو جيڪو مٿي آفيس وڃي رهيو هيو تنهن کي صلاح هڻندي يوسف چيو
ته: ”سر هلو ته هيٺان ڪجهه کائي اچون!“ تنهن تي رحمت مرڪندي وراڻيس ته ”يوسف، آئون
هيٺان ڪونه کائيندو آهيان“.
اسان جي دوست
ستارپيرزادي متعلق اها ڳالهه مشهور هوندي هئي ته هو جنهن کان به طبيعت پڃڻ ويندو
هيو ته اهو مري ويندو هيو. اهڙي ريت اسان جي ٻئي دوست ستارڀٽي لاءِ دوستن مشهور ڪيو
هيو ته هو جنهن شخص تي آرٽيڪل لکندو هيو سو مري ويندو هيو. هڪڙي ڀيري انورابڙو، حسن
منصور ۽ رحمت الله ماڃوٺي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ويٺا هيا جتي ستارڀٽي پڻ آيو. ٽئي دوست
مشڪري جي موڊ ۾ هيا. هونئن به جڏهن رحمت پنهنجي دوستن سان پريس ڪلب ۾ ويهندو هيو
ته سنجيده گفتگو کين کائيندي هئي ان لاءِ منجهن ٽهڪن جا ٽاڪرا ايترا ته ڦوڙيندا
هيا جو هيڏي هوڏي ويٺل ماڻهو به ڪرسيون سوري اچي سندن ڪچهري جو مزو وٺندا هيا.
پنهنجي ڀرسان ستارڀٽيءَ
کي ويهاريندي رحمت چيو؛ ”ڀائو ستار! مان ٻن ٽن ماڻهن جا نالا ٿو ڏيانءِ، مهرباني ڪري
انهن جا پروفائيل ته لک.“ ستار ڀٽي انتهائي نفيس، شريف ۽ سٻاجهو ماڻهو هيو تنهن
”حاضر سائين حڪم ڪيو“ وارا جواب پئي ڏنا پر حسن منصور ۽ انورابڙو معاملو سمجهندي ٽهڪن
۾ پئجي ويا. اهڙي ريت هڪ ڀيري رحمت بيماري سبب اسپتال جي بستري تي هيو ته ڪنهن
وزيرڪبير سطح جي ماڻهو عيادت ڪندي موڪلائڻ مهل کانئس پڇيو؛ ”سائين اسان لاءِ ڪو ٻيو
ڪم ڪار هجي ته حڪم ڪيو؟“ تنهن تي رحمت کيس سنجيدگي سان چيو؛ ”ٻيو ڪم اهو ته ستارپيرزادي
کي چئجو، مون کان پڇڻ نه اچي“.
موجوده دور جا بيشمار
مانائتا اديب قريب رحمت الله ماڃوٺي جا پوئلڳ ٿي ان کان سکي، پرائي ۽ پائي پوءِ ساڻس
رقابت، ساڙ ۽ ٻه اکيائي رکي کيس تڪليفون ڏيندي سدائين پوئتي ڌڪيندي ڏٺا ويا. توڙي
جو رحمت الله ماڃوٺي ڪهاڻيڪار جي اعتبار سان عبدالقادر جوڻيجو، نورالهدا شاهه، شوڪت
ڪيهر، آغاسليم، مددعلي سنڌي وغيره جهڙي ڪهاڻيڪارن کان وهي ۽ ٽهي ۾ نئون، ننڍو ۽
بعد جو آهي پر نه رڳو پڙهندڙ ۽ نقاد طبقو رحمت کي ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ اهڙن تخليق ڪارن
۾ ڳڻي ڳائي ٿو پر خود اهڙا لکاري کيس پنهنجي صف ۾ بيٺل ڀائيندا آهن. ان جي باوجود
ساڻس اها ناانصافي ٿيندي رهي آهي ته موجوده دور ۾ ڪهاڻي، افساني يا ڊرامي جي حوالي
سان جيڪو به ادب جڙيو يا ڪتاب لکيو ويو آهي ان ۾ رحمت الله ماڃوٺي کي نه رڳو
نظرانداز ڪيو ويو آهي پر سندس ذڪر ڪرڻ به مناسب ڪونه سمجهو ويو آهي جنهن جو خاص
سبب سندس بي باڪ ۽ کري طبيعت جو مالڪ هئڻ آهي.
رحمت الله ماڃوٺي
توڙي جو هڪ الجهيل شخصيت آهي پر سندس تحريرون صاف سٿريون هئڻ سبب گهڻيون پڙهيون وڃن
ٿيون. مون جهڙي سيکڙاٽن جي سوچ جي ابتڙ زندگي جي ناموزونيت، غيرضروري پيچيدگين،
هزارين الجهنن ۽ حوصله شڪن حالتن جي باوجود رحمت جي اطمينان، عجز ۽ نظم و ضبط سان
سليس زندگي گذارڻ تي حيرتون وري به اسان جي پاسي پلٽبيون آهن. سندس نفسياتي تجزيه ڪار
ڪاريگريون سندس لکيل ڊرامن ۾ به جهاتيون پائينديون رهنديون آهن جتي هو هڪ ڪامياب
حاذق جيان سماجي بيمارين کي علاجي دڳ لائيندي ملندو آهي جو محبت جي معاملي ۾ ونڊڻ
جو عمل ڪنهن به انسان جي ترقي پذير شخصيت جي متحرڪ ڪردار تي هوندو آهي. رحمت وٽ احتياط، احترام ۽ ذميداري سان گڏ علم
به شخصي ورثي ۾ مليل آهي ان لاءِ هو پنهنجي تحريرن ۾ حقيقي زندگي جي سربسته رازن
کي ڳولا ڪندي ملي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ رحمت
الله ماڃوٺي سان فون تي ڳالهائڻ ٿيو ته ٻڌايائين هاڻي گارڊن واري علائقي ۾ رهي ٿو
ته مان کيس کلندي چيو ”هاڻي بهتر جاءِ تي آيا آهيو“. منهنجي ڳالهه سمجهندي پاڻ به
کلندي وراڻيائين ته؛ ”ها ادا سڀئي جانور، گارڊن ۾ رهندا آهن“. اهو پڻ ٻڌايائين ته
کيس روزگار جي ضرورت آهي پر ملي ڪونه ٿو. سندس موجوده گهر ۾ توڙي جو هو فيملي سميت
رهي ٿو پر ان گهر جي ۹ باءِ ۱۱ فٽن واري هڪ ڪمري ۾ سنڌ جو هي عظيم ادبي دماغ رحمت الله ماڃوٺي اڪيلائي ۽
بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيو آهي. نه ڪا نوڪري نه ڪرت پر سوچن جا انيڪ ڪوٽ اڏئيندي
هو ان ٽئين ڪم لاءِ واجهائي رهيو آهي جنهن لاءِ کيس تخليق ڪيو ويو آهي جو کيس يقين
آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ٻئي هڪ ٻئي کي ”ضرور“ ڳولي لهندا.
رحمت الله ماڃوٺي صاحب
جنم ڏينھن مبارڪ
ابراھيم کرل
گلن سان شناسائي
ھوندي به گل اوھان کي ڪونه سڃاڻيندا آھن، گلن جو ڪم آھي خوشبو ڦھلائڻ بنا ڪنھن فرق
جي. ميوا، پڻ اھڙي فطرتي وٿ رکن ٿا، ڪير کائيندو، ڪٿي کائيندو، ڪير پيار سان ڇني ڌار
ڪري ڪو پٿر ھڻي ڇاڻي وجھي، ڪير سوٽو باٺو استعمال ڪري، پر سندن فطرت آھي ميوو ڏيڻ،
ڪي ڪي ماڻھو به اھڙي فطرت رکندڙ ھوندا آھن، کين ڌوڻيو، تڪليف ڏيو، لفٽ نه ڪرايو پر
پوءِ به، دعا سلام ڪيو، نه ڪيو پر ھو اوھان جي ھڪڙي سچائي، ھڪڙي وک، ھڪڙي ادا، ھڪڙي
خوبيءَ تي به موھت ٿي پوندا، ۽ اڄ جي دجالي دئور ۾ به ھمٿائيندا، توھان جي وڻندڙ ڳالھ
کي اڳتي وڌائيندا، ساراھ ڪندا.
ھڪ ماڻھو آھي مست
الست، پنھنجي دنيا ۾ رھندڙ شخص، جنھن جون اکيون، اسان جي لکڻين مان عرق ڪڍي، ڏسي تريءَ
تي رکي چونديون آھن، ھن ۾ ھيءَ خوشبوءِ آھي.
ان ماڻھوءَ سان منھنجي
ڏيٺ ته ڪونھي پر ويٺ ضرور آھي، ھن سان ڪچھريون ته ڪونھن پر نالن سان ھڪٻئي کي سڃاڻون
ٿا، شايد ھڪٻئي جي منھن چڙھون ته فيس بوڪ ۽ ڪتابن ۾ لڳل بي ساھا ڦوٽو سڃانپ جو سبب
ٿي پون، ڪڏھن ھٿ جو ٻه آڱريون به ڪونه ملايون ھونديو سين پر جڳن جي سڃاڻپ آھي، روحن
جو رشتو آھي، مان جيڪڏھن جنسي طور سندس ڀر ۾ وڃي بيھان تڏھن به ڄامڙو ٿي پوان، لکڻين
کي ڪير ڀيٽي تڏھن به منھنجا اکر ڌنڌلا ٿي پون، ھو پاڻ به چمڪي پوي ته سندس اکر ۽
خيال به چمڪي پون، پر پڪ رڳو ھڪڙي آھي ته ھو اسان کي اوندھ ۾ اڪيلو ڪونه ڪندو، ڪلھي
تي ھٿ ڀلي نه رکي پر آڱر سان اشارو ڪري ٻڌائيندو ضرور ته رستو اھو آھي، ھلندا ھلو.
سچ پچ ته اھو ماڻھو
جنھن جون آڱريون پين پڪڙي ڪاغذ تي اکرن کي رقص ڪرائينديون آھن، اھو شخص آھي رحمت
الله ماڃوٺي، جنھن جو لکڻيون بنا فانوس جي روشن رھن ٿيون، ۽ گس ٻڌائينديون رھن ٿيون،
اسان ھن جي لکڻين مان سڄي سنڌ کي ڏسي پسي سگھون ٿا.
مون وٽ اڄ به سندس
اکر محفوظ آھن، جيڪي ھن منھنجي ھڪ ٽي وي ڊرامي جي اسڪرپٽ تي لکيا ھئا، اوڪي، ۽ پوءِ
اندر، ڪجھ درستگيون ڪري، لکيو ھو ھيءَ قسط ھتي فريز ٿيندي. پاڻ تڏھن سنڌ ٽي وي تي
اسڪرپٽ ايڊيٽر ھئا. تڏھن به ھن سان ملاقات ڪو نه ھئي، اڄ تائين به ڪونھي، ھڪ ٻه دفعو
فون ٽاڪ ٿيل آھي، مون جڏھن کيس شھيد نسيم کرل جي ورسي تقريب ۾ ۽ ڪھاڻي ڪانفرنس ۾
شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ھئي، سا به ٽاڪ فھيم ڀٽي جي معرفت ٿي ھئي، بس باقي الله الله
خير سلا، رحمت منھنجي ھڪ نثري نظم کي اردوءَ ۾ ٽرانسليٽ ڪيو ھو ۽ پنھنجي وال تي
شيئر ڪيو ھو سچ ته منھنجون اکيون ڀرجي آيون ھيون، ھن جو اھڙو مان ڏيڻ، مون لاءِ
اعزاز آھي.
اڄ رحمت جو جنم ڏينھن
آھي، ھن مست الست شخص کي دل جي اٿاھ گھرائين سان جنم ڏينھن جون واڌايون ڏيان ٿو، شال
سندس سايو اسان مٿان ھميشه رھي، اھڙا سوين جنم ڏينھن سندس تقدير جي صفحن تي جرڪندا
نظر اچن.
(ابراھيم کرل
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
رحمت الله ماڃوٺي
ماڃوٺي - مڃيوسين
محمد علي مهيري
رحمت الله ماڃوٺي
جو قلم سنڌ جي چوٽي جي شاهڪار قلمن ۾ شمار ٿئي ٿو مذاح ھجي يا مزاحمت، تنقيد هجي
يا ترقي پسند لکڻيون، علمي هجن يا ادبي، سياسي هجن يا سماجي سندس اکر سدائين اڀرن
جو آواز ۽ مظلومن جو مطالبو هوندا آھن.
سنڌ سندس سوچن ۽
لفظن ۾ سدائين وسندي آھي تنهنڪري ان جي ڪنهن پکي يا جيت جنتر کي جڏهن به ڪو نقصان
پهچندو آھي ته رحمت الله ماڃوٺي متحرڪ ٿي پوندو آھي ۽ رهزنن خلاف لفظن کي بارود
بنائي ڇڏيندو آھي.
مالڪ سائين ماڃوٺي
کي سڀئي حواس حساس عطا ڪيا آھن ان ڪري هر انيا کيس ايذاء جيان محسوس ٿيندو آھي۔
ناظم جوکئي واري واقعي دوران ميسنجر تي ٿيل رابطي ۾ مون سندس درد محسوس ڪيو هو ته
پکين جي پاسداري ڪندي سنڌ کان ڪو جوکيو جدا نه ٿيو هجي پر ڄڻ سندس ئي برادري جي ڪنهن
ماڃوٺي سان اها وارتا ٿي هجي مطلب ته سنڌ وارن تي ساھ ڇڏيندڙ ھي قومي قلمڪار ڪراچي
کان ڪينجهر ۽ ڪشمور تائين ڌرتي جي هر درد کي پنهنجو درد ۽ دک تصور ڪري ٿو۔ انڪري اهو
سڀ لفظن ۾ لاهي جيڪو قومي فرض ادا ڪري ٿو ۽ مظلومن جو ڀرجهلو بنجي قوم لاء جيڪا
دانهن ۽ ڪوڪ ڪري ٿو اهان ڪوڪ ڪوئل جيان دل ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ۽ اها ئي ڪوڪ قابل تحسين
آھي اهائي ڪوڪ انسانيت ۽ ماڻھپو آھي اها ئي ڪوڪ کيس منفرد ۽ مانائتو بنائي ٿي.
تنهنڪري سندس سنڌ ۽
سماج سان سچائي ۽ وطن سان وفائي کي بلڪل دل سان مڃيوسين۔
ماڃوٺي صاحب نالي سان
ئي رحمت الله آھي انڪري سندس سالگره جي موقعي تي دعا ڪريون ٿا ته شال مٿس مالڪ جون
بيشمار رحمتون سدائين وسنديون رهن. آمين
(محمد علي
مھيريءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۷ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
رحمت الله ماڃوٺي
فڪشن جو خوبصورت نانءُ
زاهد علي ڀٽو
آمون انگريز کان وٺي،
فيضو فرانسيء تائين ۽مُوسي ڪُتائي کان ڪامريڊ رمون سنهڙي ۽ علو اٽڪلي تائين, ڊاٽر ڊنمارڪي
۽ جوڻم جاپاني سميت ڪيترن ئي ڪردارن کي تخليق ڪري پڙھندڙن آڏو جاندار نموني پيش ڪري
کين سگهاري سڃاڻپ ڏيندڙ خوبصورت فڪشن رائٽر سائين رحمت اللّه ماڃوٺي صاحب هڪ
بهترين قلمڪار آھي جنهنجي لکڻين ۾ سندس تخليق ڪيل ڪردار زنده جاويد، گهندڙ ڦرندڙ ۽
لکڻين ۾ ظاهر ڪيل ڪردارن جي طبيعت، ڪيفيت مطابق پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ مصروف ۽ مشغول
ڀاسندا آهن.
رحمت اللّه ماڃوٺي
صاحب پنهنجي دور جي بهترين ليکڪن جي صف اول ۾ شامل جينئس انسان آهي جيڪو هڪ ئي وقت
بي پناھ صلاحيتن جو مالڪ آهي، مون سميت سوين نه، هزارين، لکين پر اڃا به ڪروڙين ماڻهو
سندس پرستار آھن.
سائين رحمت اللّه
ماڃوٺي صاحب، جيڪو نه رڳو مزاح نگار آهي پر هو هڪ بهترين ڪهاڻيڪار به آهي ته مڃيل
اسڪرپٽ رائيٽر به آھي ته هڪ بهترين اداڪاربه آهي ته هدايتڪار به آهي ۽ ٽي وي اسڪرين
جو بهترين ميزبان به آھي.
سائين رحمت اللّه
ماڃوٺي صاحب، نامياري ڪالمنگار، ليکڪ سائين حفيظ ڪنڀرصاحب سان ڪي ٽي اين چينل کان
علاوه سنڌ ٽي وي تي علامتي ڪردارن جو گيٽ اپ ڪري بهترين انداز سان مزاح ۽ اصلاح
سان ڀرپور پروگرام ڪيا جيڪي ڏسندڙن ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. ”ٻ ٽاڪ شو “ ۽ ٻيا اهڙا ڪيئي
يادگار پروگرام ڪيا هئا جن ۾ رحمت الله صاحب اداڪاري جا جوهر به ڏيکاريا هئا ته هڪ
بهترين ميزبان طور مڃتا ماڻي هئي ۽ هدايتڪار طور به پاڻ مڃايائون.
سائين رحمت اللّه
ماڃوٺي صاحب کي اڄ کان لڳ ڀڳ پنجويھ ڇويھ سال اڳ سنڌ اخبار حيدرآباد ۾ سندس ڇپجندڙ
ڪالمن کان وٺي اڄ جي ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيائي جديد دور ۾ به سندس لکڻيون ڏاڍي شوق پڙھندو
پيو اچان.
سائين رحمت اللّه
ماڃوٺي صاحب کي خداتعالي پنهنجي رحمتن سان نوازيندي بي پناھ صلاحيتن سان نوازيو
آھي هو پنهنجي ڏات سان سماج ۾ بهتري ۽ اصلاح لاء قلم جو مثبت ۽ بهترين استعمال ڪندو
رهيو آهي.
سائين رحمت الله صاحب
مزاح واري فن وسيلي پنهنجي اندر جي ڳالھ علامتي طور رومال ۾ ويڙھي پڙھندڙ تائين
پهچائي ٿو،نه صرف پڙھندڙ تائين ڳالھ پهچائي ٿو پر پڙھندڙ جي دل جي دروازي کي کڙڪائي
ٿو۽ پڙھندڙ تي پنهجي ڳالھ جو ڀرپور اثر ڇڏيندڙ بهترين رائٽر وارو ڪمال رکي ٿو.
ڪجھ عرصو اڳ کين دل
جي بيماري ڇا لڳي ته سندس دوست سڏائيندڙ ماڻهو کانئس منهن ئي ڦيري ويا ۽ کانئس
دوستي جو دڳ ئي مَٽي پري ٿي ويا
دل جي بيماري ظاهر ٿيڻ
بعد سندس دوست سندس بيماري ۾ ساٿ جيڪو ڏنو ويترڪجھ چئنلس کيس سڏائڻ، پروگرام ڏيڻ
ئي گهٽائي ڇڏيو ۽ اخبارن لکڻين کي ڇاپڻ ۽ لکڻين جو معاوضو ڏيڻ کان ڪَنِي ڪرڻ شروع ڪئي.
جنهن تي حساس دِل ليکڪ ۽ دل جي مريض سائين رحمت الله صاحب کي ڏاڍو ڏُک رسيو جنهن
جو اظهار هن هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو هو ته ”افسوس! اسانجو سماج مرده پرست ٿي ويو آهي،
مرڻ کانپوءِ ورسين تي لکين روپيا خرچ ڪن ٿا پر جيئري ڪنهنجي پرگهور نٿا لهن. ويتر
بيماري جو ٻُڌي اخباري توڙي ٽي وي چئنلس انتظاميه اڻ اعلانيل بائڪاٽ ڪريو ڇڏين.“
سائين رحمت الله ماڃوٺي
صاحب دل جي آپريشن بعد به مسلسل لکندو پيو اچي ۽ مون سميت سندس لکين پرستار سندس
لکڻيون شوق سان پڙهن ٿا.
اڄ ۲۵ مارچ هن بهترين قلمڪار، مزاح نگار سائين رحمت الله ماڃوٺي
صاحب جي جنم جو ڏينهن آهي. سندس سالگرھ جي خوشين ڀرئي موقعي تي دل جي گهرائين سان
جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏجن ٿيون.
(ڏھاڙي ايڪتا
ڪراچيءَ ۾ ۳۱ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا