; سنڌي شخصيتون: رحمت الله ماڃوٺي، آصف رضا موريو، محمد علي مھيري، ابراھيم کرل، زاھد علي ڀٽو،
Showing posts with label رحمت الله ماڃوٺي، آصف رضا موريو، محمد علي مھيري، ابراھيم کرل، زاھد علي ڀٽو،. Show all posts
Showing posts with label رحمت الله ماڃوٺي، آصف رضا موريو، محمد علي مھيري، ابراھيم کرل، زاھد علي ڀٽو،. Show all posts

04 May, 2020

رحمت الله ماڃوٺي


رحمت الله ماڃوٺي
ادبي رڃ جو انوکو ۽ ارڏو راهي - سالگرهه تي پيار ڀري قلمي ڀيٽا
آصف رضا موريو
رحمت الله ماڃوٺي، سنڌ جي انهن چند لکارين منجهان آهي، جن جي لکڻين ۾ حوصله افزائي، اميد ۽ پٺڀرائي جون اهڙيون شاندار قوتون متحرڪ نظر اينديون آهن، جنهن سان مايوس انسانن ۽ بگڙيل قومن جي اجتماعي سوچ بدلائي سگهجي ٿي. پر ان لاءِ شرط آهي ته ”کيس پڙهڻ وارن جو ماڻهو ۽ قوم هجڻ لازم آهي“. فقيراڻي مزاج ۽ دعائيه فطرت وارو موضوعاتي لکاري، رحمت الله ماڃوٺي، سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ اهڙو بيدار مغز دانشور آهي جنهن جي اندر فنون لطيفه جون بي پناهه هنرمنديون سانڍيل هئڻ ڪري، ٿورڙي زندگيءَ ۾ هن گڻي انسان بيشمار زندگين جو ڪم ڪندي هر موضوعِ سخن تي تمام سٺو ۽ گهڻو لکندي، سنڌي ادبي کيتر کي پنهنجي رت ۽ ست سان اهڙا سهسين سينگار جوڙايا آهن، جو سندس نالو وقت جي عظيم تخليقڪارن ۾ جوڙيو وڃي ٿو.