; سنڌي شخصيتون: قمر ڀٽي

04 May, 2020

قمر ڀٽي


قمر ڀٽي
اسان کيس ڏاڍو دير سان سُڃاتو
ادل سولنگي
۳۱ جنوري ۱۹۵۸ع تي باڊهه ڀرسان ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ محمد سليمان ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ قمر ڀٽي بنيادي/پرائمري تعليم باڊهه مان ورتي، ۱۹۷۳ع ۾ هاءِ اسڪول باڊهه مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ۱۹۷۵ ع ۾ لاڙڪاڻي ڊگري مان انٽر پاس ڪئي. ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي پاس ڪئي. ڀائو قمر ڀٽي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ جساف جي پليٽ فارم تان شاگرد سياست ڪئي. جيڪو اڳتي هلي جساف جو مرڪزي صدر به رهيو.


هن ۱۹۷۸ع ۾ ايم اي اڪنامڪس جو امتحان پاس ڪيو ۽ ۱۹۹۳ ايل ايل بي جو امتحان لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان پاس ڪري، قومپرست سياست سان گڏ پارلياماني سياست ڏانهن به وک وڌائي. سنڌ خاص  ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ وڏيرن، ڀوتارن جو سياست ۽ عوامي ووٽ تي قبضو هجڻ سبب ڀائو پارلياماني سياست م ڊگهو عرصو نه هلي سگهيو ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪرڻ واري اهم مورچي ۾ ويهي پنهنجي ويڙهاند جاري رکجي.
لاڙڪاڻي ۾ پڙهائي واري زماني ۾ قمر ڀٽي سان گڏ منهنجو ڳوٺائي، منهنجو دوست، حضور بخش آزاد جتوئي به پڙهندو هئو. ڀائو قمر ڀٽي ان وقت به سرڪاري ادارن جي اکين ۾ چُهبندو هئو، توڙي جو اهي سندس شاگرد سياست جا اوائلي ڏينهن هئا. ڀائو قمر اسان جي ڳوٺ محرابپور ۾ هفتن جا هفتا ۽ مهينن جا مهينا اچي رهندو هئو ۽ ڳوٺاڻڻ، نوجوانن، ٻارن، ٻڍن سان ڪچهريون، رانديون، رونديون، ڪندو هئو. ان زماني ۾ هو مائو ڪيپ پائي وڏن پاچن واري سلوار ۽ دگهي قميص پائي هلندو هئو. گهڻي ڀاڱي هي باڊهه مان ريل رستي ايندو ۽ ويندو هئو ۽ وري ڪڏهن ڪنهن بس ۾ لاڙڪاڻي کان باڊهه ۽ باڊهه کان لاڙڪاڻي تائين سفر ڪندو رهندو هئو. هي ارڏو ۽ اڙٻنگ نوجوان جنهنجي اندر ۾ ڪيتريون ئي صلاحيتون هيون. خاص ڪري هن وٽ لکڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات گهڻي هوندي هئي، جنهن جي آڌار تي هن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهولي ۾ پنهنجي ادبي ڏات ۽ سياسي سرگرمين توڙي سائين جي ايم سيد جي فڪري تشريح ڪندي ۱۵ ڪتاب لکيا. جن جو پنهنجي حوالي سان انتهائي اهم ڪردار رهيو آهي.
ڀائو قمر ڀٽي سٺو مقرر ۽ وطن پرست شاعر به هيو، جنهن پنهنجي شاعريءَ جي هڪ ڪتاب جو نالو رکيو هئو” گيت به منهنجا گوليون” محرابپور ۾ رهندي هن ڳوٺ ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر جون جيڪي ڏياٽيون ٻاريون اڄ به اهي روشن آهن ۽ غلاميءَ جي گهگهه اونداهه سان ويڙهاند ۾ رڌل آهن. سنڌ وطن جي حوالي سان ڀائو قمر انتهائي جذباتي رويو رکندڙ محب وطن شاگرد اڳواڻ هئو. جنهن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران وطن جي ويرين سان هيڪاندا مهاڏا اٽڪايا ۽ ضيائي آمريت خلاف مزاحمت ڪئي. آمريتي دور ۾ هن محب وطن شاگرد اڳواڻ جي پٺاڙن مٿان ۳۰ ڪوڙا سهي به “جيئي سنڌ” جا نعرا  پئي هنيا. جيڪا هن جي محب وطنيءَ جي علامت اهڃاڻ، سڃاڻپ ۽ شاهدي آهي. ڀائو قمر ڀٽي سنڌ جي آجپي جي ويڙهاند جي ڏوهه ۾ ۱۳ سال جيل جون سختيون به سٺيون پر پنهنجي عشق ۽ ايمان کي سلامت رکيو. ڀائو قمر ڀٽي  قومپرست سياست ۾ رهندي ڪيترين ئي تنقيدن جي نشاني تي به رهيو پر پنهنجو وقت وڃائڻ بدران هن سنڌ جي عشق کي اُتاهون رکيو. زندگيءَ جي وهنوار ۾ هن ڪڏهن، رسالا ۽ اخبارون به ڪڍيون ته ڪڏهن ٺيڪيداريون به ڪيون ۽ چانورن جو واپار به ڪيو ته سرن جا بٺا به هلايا. سندس ڀائر، نظام ڀٽي ۽ محمد خان ڀٽي سندس ٻانهن ٻيلي، مددگار ۽ سنڀاليندڙ رهيا. شهيد زيد اي ڀٽو، زرعي ڪاليج ۾ ٺيڪيداري واري زماني گهڻو ڪري هو روزانو محرابپور  مان گذرندو هئو ۽ سلام دعا ڪرڻ کان پوءِ سائيٽ تي ويندو هئو. اهڙي طرح اليڪشن ۾ بيهڻ دوران به هو اسان جي ڳوٺ ايندو رهندو هئو، ڪچهريون ڪندو هئو ۽ سنڌ جي سياست تي پنهنجا خيال ونڊيندو رهندو هئو. اسان ڪيترا ئي ڀيرا ۳۱ جنوري تي ملهائجندڙ سندس جنم ڏينهن وارين تقريبن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين ۽ جڏهن به محرابپور ۾ ڪو ادبي، سياسي پروگرام ٿيندو هئو، ڪنهن جو مرڻو يا پرڻو، ڀائو قمر  کي جڏهن به ڪنهن ڪوٺ ڏني ته هو اچي حاضر ٿيندو هيو. هن شخص ۾ جيڪا، نماڻائي، سادگي ۽ نهٺائي هئي ۽ پنهنجي ماڻهن سان جيڪو پيار هيو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ جيئي سنڌ هلچل، جي پروگرامن ۾ شڙيڪ ٿي پنهنجو فرض نڀائيندو رهندو هئو. لاڙڪاڻي ۾ وڪالت واري زماني ۾ هن ڪيترين ئي غريبن جا ڪيس مفت ۾ وڙهيا ۽ کين عدالتن مان رليف وٺي ڏنو.
قومي هلچل جي حوالي سان هو گهڻ پاسائين شخصيت ۽ گهڻ رخو قومي اڳواڻ هيو، جنهن جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي اڳواڻي ڪندي سيد جي فڪري ڇانوَ ۾ وطن جي ويرين سان ازلي ويڙهاند ڪئي، ڀائو قمر ڀٽي اهڙو  شخص هيو، جيڪو سيد ۽ سنڌ جي عشق ۾ فنافي السنڌ هيو، سندس آخري وقت  ۾ ٻه اهم ڪم رهيا، جن کي هن مڙسان مڙسيءَ نڀايو، هڪ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي سلامتي سان آزاديءَ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي لاءِ انصاف لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۽ ٻيو سنڌي قوم خلاف اڏجندڙ بحريا ٽائون خلاف ڪيس وڙهڻ، بحريا ٽائون متاثر آبادگارن جي مالڪي ڪندي، اهڙي نموني سان ڀائو قمر ڀٽي ڪيس جا دستاويزي ثبوت ۽ دليل ڏئي ثابت ڪيو ته بحريا ٽائون جي اڏاوت، غيرقانوني اڏاوت ته سنڌ دشمن رٿا آهي. جنهن تي سپريم ڪورٽ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته بحريا ٽائون غيرقانوني اڏاوت آهي، سنڌ سرڪار کي حڪم ڪيو ويو آهي ته ان غيرقانوني اڏاوت کي ڊاهيو وڃي. بحريا ٽائون جي ڪيس جو فيصلو اچڻ تي، ڀائو قمر ڀٽي جو اوچتو وڇوڙو ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ويو آهي. جن جو ذڪر سندس وارثن به پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو آهي ته ڀائو قمر ڀٽي بحريا ٽائون انتظاميا جي سازشن جو شڪار ٿيو آهي.منهنجي سائين سان آخري ملاقات “ سن “ ۾ ۱۷ جنوري تي ٿي هئي، اسان ڀائو قمر جي سڃاڻپ ۾ انتهائي دير ڪري ڇڏي.

قمر ڀٽي
سنڌ جي هڪ ازلي عاشق جو وڇوڙو
گلزار ملاح
اها حقيقت آھي ته هڪ ڏينهن موت ضرور اچڻو آھي، موت سان هڪ جسم جو نقصان نٿو ٿئي پر هڪ گهر جو نقصان ٿو ٿئي. جيڪڏهن اها جان پوري قوم لاءِ جدوجهد ۾ هجي ته ان جي مرڻي تي پوري قوم جو نقصان ٿو ٿئي، خاص ڪري انهن ماڻھن جي موت تي جيڪي ماڻھو دنيا جي خوشين کي ترڪ ڪري پنهنجي ذاتي مفاد کان وڌيڪ قوم جي اجتماعي مفاد کي اهميت ڏيندا آھن. هو جڏھن جيئرا هوندا آھن ته ڄڻ قومن جي آجپي جي تحريڪ ۾ ساهه هوندو آھي، پر هو جڏھن ڌرتي جي هنج ۾ آجپي جا خواب کڻي سدائين لاءِ سمهي پوندا آھن، ته تحريڪون ڪجھه وقت لاءِ ماٺيون ٿي وينديون آھن،  جن جي پيرن ۾ غلامي جو سنگهرون پيل هونديون آھن اهي پير آزادي لاءِ انهن سنگهرن کي ٽوڙڻ لاءِ ڪوشش ضرور ڪندا آھن.
هڪ قوم ۾ ڪروڙين ماڻھو جنم وٺن ٿا. هڪڙا ڄمن ٿا، هڪڙا مرن ٿا. پر تاريخ ۾ اهي ئي ماڻھو زنده هجن ٿا، جيڪي ماڻھو پنهنجي ڌرتيءَ جي غلامي کان هيسيل ماڻھن لاءِ ڀرجهلو ٿي بيهن ٿا. هڪ آس، هڪ اميد ٿي بيهن ٿا. هو قوم ۾ ان ڏيئي مثل هجن ٿا جيڪو ڏيئو ننڍڙي وٽ سان گُگھه اونداھ سان وڙھي ٿو. ۽ آخر هڪ ڏيئي مان ٻيو ڏيئو ٻري ٿو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اونداھ تي ننڍڙي ڏيئي جي روشني فتح حاصل ڪري ٿي.
سنڌ جي اندر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪيتريون ئي قومپرست پارٽيون ملنديون، جيڪي هڪ جهنڊي هڪ منشور ۽ هڪ ليڊر هوندي به الڳ الڳ نالن ۾ ورهايل نظر اچن ٿيون.  رُڳو سن ۾ ئي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه يا ورسي تي ڏسبو ته سمورو شھر هڪ ئي جهنڊي سان سينگاريل ملندو. پر وال پوسٽرن سان گڏ جلسي جو پنڊال هر پارٽي جو الڳ هوندو. خبر ناهي ته سبب ڪهڙو آھي جو هڪ منشور هوندي به سيد جا پيروڪار هڪ گڏيل آواز طور جدوجهد ڇو نٿا ڪن؟ سن، سائين جي ايم سيد جي سالگرهه توڻي ورسي تي، جنهن جو به وڃڻ ٿيو هوندو، انهن سن ۾ جي ايم سيد جي پيرانديءَ کان آجپي لاءِ هٿ کڻندي قمر ڀٽي کي ضرور ڏٺو هوندو.  قمر ڀٽي هونئن ته سدائين سيد جي پيراندي کي چمي ڏئي، پنهنجي سياسي ايمان کي تازو ڪندو هو. ڀلا ڪهڙو سياسي ڪارڪن هوندو جيڪو سنڌ جي قومي آسمان تي چمڪندڙ هن قمر کي نه سُڃاڻيندو هجي. ٻه سال پهريان ننڍڙي پنڊال سان قمر ڀٽي، سيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سياسي جلسو به ڪيو.  قمر ڀٽي جي ان ننڍڙي سياسي پنڊال کي ڏسي، اتي موجود سياسي ڪارڪن مذاق ته ڪندا رهيا، پر هنن اهو نه سوچيو ته قمر ڀٽي جو فڪر ڪيترو وزندار ۽ قوم جي ڀلائي وارو آھي.
قمر ڀٽيءَ ۾ هڪ خوبي جيڪا هئي سا ڪمال جي خوبي هُئي. اها خوبي شايد اڪيلي قمر ڀٽي ۾ ئي هُئي. قمر ڀٽي کي خبر هُئي سنڌ جي اندر ته سندس جيئي سنڌ قومپرست پارٽي سياسي طور ڪيتري سگهاري آھي، هُن ڪڏھن به پاڻ کي وڏي ليڊر طور نه ڳڻايو، نه وري هُن وٽ تيليءَ کي ٿنڀ ڪرڻ جو ڏانءُ هو. قمر ڀٽي، توڻي جو سياسي طور بحيثيت سياسي پارٽي جي ڪمزور ضرور هو، پر هو وس آھر سنڌ دشمن فيصلن خلاف ويڙھ ۾ ضرور هوندو، هن ڪوهيارل ڪڏھن به هانءُ نه هاريو، هن کي خبر هُئي ته مان بحريه ٽائون خلاف سياسي سگهاري جدوجهد ڪرڻ جي طاقت ۾ ناهيان، پر ھن استاد بخاري جي شعر جي پهرين سٽ مان اتساهه ضرور حاصل ڪيو هو. طاقت آھر هي ان ڇيڻي جيان ملڪ رياض سان ضرور اٽڪيو هو، جنهن لاءِ استاد بخاري چيو ته، ڇُهندي ڇُهندي ننڍڙي ڇيڻي ڏونگر ڏاري ويندي آھي. دکندي دکندي سر جي تيلي ٻيلا ساڙي ويندي آھي، ۽ لُڏندي لمندي سچ جي ٻيڙي پار اڪاري ويندي آھي، هو سيد جو سچو عاشق هو.
سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ جيتريون سياسي چٿرون هن جي تنظيم سان ڪيون ويون. هن انهن چٿرن طنزن جو ڪڏھن جواب نه ڏنو، ۽ ڪنهن تنقيد ۽ چٿر جي پرواهه ڪرڻ بغير ئي سنڌ جي عشق جي سفر کي جاري رکيو آيو. هن جي سياسي تنظيم توڻي جو ايتري وڏي نه هُئي پر هن جو سائين جي ايم سيد جي فڪر سان آخري ساھ  تائين ثابت قدم ٿي بيهڻ کيس سنڌ جي اندر معتبر حيثيت بخشي ويو، توڻي جو هو دل جي بيوفائي سبب  اڄ اسان کان سدائين لاءِ موڪلائي سنڌ جي معطر مٽيءَ جي ڀاڪر ۾ وڃي سُتو آھي، پر هُن سنڌ سان جيڪا وفا ڪئي آھي، اها وفا هن کي ڪڏھن به مرڻ نه ڏيندي، هاڻ جڏھن جسقپ جو چيئرمين وڃي سنڌ جي هنج ۾ آرامي ٿيو آھي. تڏھن جسقپ جي باقي باڊي کي سنڌ جي آئيندي لاءِ سوچڻ گهرجي، ۽ هڪ منظم ۽ سگهاري تنظيم ۾ جسقپ کي ضم گهرجي جيئن سياسي تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿئي، گڏوگڏ ٻين ننڍين تنظيمن کي به عرض ڪرڻ گهرجي ته هڪ جهنڊي ۽ هڪ فڪر سان گڏ هڪ ئي پارٽي ۾ کين ضم ٿيڻ گهرجي، ته جيئن سنڌ جي شھيدن جي پورهئي کي هڪ ڏينهن مان ملي، ۽ سنڌ جي زمين تي ڪو خوشحالي جو سج اڀري.


ڀائو قمر ڀَٽي
سنڌ جو سورمو
سوڀ قمر ڀٽي
موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، سنڌ ڌرتي جي سٻاجهي فرزند قمر ڀٽي جو جنم ۲۱هين جنوري ۱۹۵۸ع تي باڊهه ۾ ٿيو. قمر ڀٽي هڪ منفرد انسان، هڪ سچو سنڌ پرست، جنهن سڄي عمر همٿ، بهادري ۽ مستقل مزاجيءَ سان، اسڪولي زماني کان ساهه جي آخري هڏڪي تائين سائين جي ايم سيد جي فڪر تي ثابت قدم رهيو ۽ سيد جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچايو. ڀائو، سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ سندس اعتماد وارن اڳواڻ مان سرِفهرست هو.
سنڌ سان عشق جي پاداش ۾ هن مرد مجاهد تي الزام لڳا، تنقيدن جا تير ائين وسندا رهيا جيئن سنڌ مٿان هر دور ۾ ڌارين طرفان حملا ٿيندا رهيا پر ڪڏهن دل شڪسته نه ٿيو ۽ نه ئي ان تنقيدي حملن کي پاڻ مٿان حاوي ٿيڻ ڏنو پر هن جا حوصلا هماليه جيان مضبوط ۽ اڳ کان اڳرا هئا. هو هميشه ميدان عمل ۾ دشمنن جي وچ ۾ ائين رهندو هو جيئن زبان، ۳۲ ڏندن جي وچ ۾ رهندي آهي. هن سڄي ڄمار سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ۾ گذاري، ڪڏهن قلم جي ذريعي ته ڪڏهن وري وڪالت جي پورهئي سان سنڌي ماڻهن جي ترجماني ڪئي.
قمر ڀٽي قومپرست سياست ۾ پنهنجي جواني ۽ جوڀن جا ۱۴ سال جيل ۾ گذاريا، ۲ دفعا سنڌ يونيورسٽي مان ريسٽيڪيٽ ٿيو، آمريتي دور ۾ سنڌ سان محبت جي ڏوهه ۾ ۲۳ سالن جي عمر ۾ پنهنجي جسم تي ۳۰ ڪوڙا (ڦٽڪا) کاڌا پر مقصد تي اٽل ۽ ثابت قدم رهيو. جيل اندر هن کي بيشمار اذيتون ڏنيون ويون، ڪال ڪوٺڙين ۾ ٽارچر سيلن ۾ بند رکيو ويو پر هن سائين جي ايم سيد جي فڪر تان هٿ نه کنيو، نه ئي جهڪيو نه وڪيو.
ڀائو قمر ڀٽي هڪ سٺي سياستدان سان گڏ، هڪ قومپرست ڏاهو، قانوندان، اديب، لطيف جو پارکو پڻ هو. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ اٽڪل ۲۰ ڪتاب لکيا جن ۾ ”سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ”ايم آر ڊي تحريڪ“، ”سنڌ جا تعليمي ادارا يا جيل“، ”ڦٽڪن لڳڻ جو ڏينهن“ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن.
ڀائو قمر ڀٽي، سائين جي ايم سيد جي نظريي جو سپهه سالار هو. سنڌ تي ڪڏهن وار ٿيو ته هن مرد مجاهد همٿ ۽ بهادريءَ سان سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. ون يونٽ واري جدوجهد، ايم آر ڊي تحريڪ، ٻٽي نظام جي ناڪاميءَ لاءِ جدوجهد، سنڌ ڌرتيءَ تي ڌارين جي يلغار، ڪالا باغ ڊيم خلاف آواز اٿاريو. هن جي فڪر، دل و دماغ، ڳالهه ٻولهه، اٿڻ ويهڻ، پڙهڻ لکڻ ۾ سنڌ جو ذڪر هوندو هو. هُن سڄي عمر جدوجهد ڪندي گذاري. سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ ڏينهن رات مسلسل جدوجهد ۾ رهي ماروئڙن جي خدمت ڪئي. جسقپ ۽ ان جي ذيلي فرنٽس تان ڀائو قمر ڀٽي سنڌ جي خوشحالي، آجپي ۽ بقا لاءِ سڄي زندگي قربانيون ڏنيون ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. مستقل مزاجي سان عمل پيرا رهيو. سنڌ جي تاريخ ۾ هن مجاهدِ سنڌ جي عشق کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو.
۲۴ مارچ ۲۰۱۸ع رات جو تقريبن ۹ بجي، سنڌ ڌرتي تي ڏکن ڏاکڙن ۽ ڏمر جا ڪڪر ڇانيل رهيا. اڄ ڀائو قمر ڀٽي جي وڇوڙي کي ٻه سال ٿيا آهن. مون کي فخر آهي ته آئون سنڌ جي بهادر قومپرست، عاشقِ سنڌ قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ جي نياڻي آهيان. سندس عظمت، سنڌ سان وفاداري، جدوجهد ۽ قربانين کي سلام. آئون وچن ٿي ڪريان ته پنهنجي بابا سائينءَ جي نقشِ قدم تي هلي ان جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائينديس. بابا سائين جي اکين ۾ رهجي ويل خوابن جي ساڀيان ضرور ثابت ٿينديس.

No comments:

راءِ ڏيندا