قمر ڀٽي
اسان کيس ڏاڍو دير سان سُڃاتو
ادل سولنگي
۳۱ جنوري
۱۹۵۸ع تي باڊهه ڀرسان ڳوٺ فيض محمد
کوکر ۾ محمد سليمان ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ قمر ڀٽي بنيادي/پرائمري تعليم باڊهه
مان ورتي، ۱۹۷۳ع ۾ هاءِ اسڪول باڊهه مان مئٽرڪ
پاس ڪئي. ۱۹۷۵ ع ۾ لاڙڪاڻي ڊگري مان انٽر پاس
ڪئي. ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي
پاس ڪئي. ڀائو قمر ڀٽي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ جساف جي پليٽ فارم
تان شاگرد سياست ڪئي. جيڪو اڳتي هلي جساف جو مرڪزي صدر به رهيو.
