مولانا الحاج علامہ خادم حسين جتوئي رح
مولانا نذير حسين جتوئي
سنڌ جي مردم خيز سرزمين اسلام ۽ اسلامي علوم و فنون جي عروج
جي دؤر ۾ جيڪي علمي شخصيتون پيدا ڪيون، تاريخ شاهد آهي ته انهن جي غير معمولي علمي
ڪارنامن، اَفتاءَ ۽ اجتهاد جي صلاحيتن ۽ معقول ۾ انتها درجي جي مهارت عرب ۽ عجم
کان خراج تحسين حاصل ڪيو. انهن مان هر شخصيت پنهنجي پنهنجي دؤر جي برگزيده شخصيت
هئي، ۽ اسلامي علوم و فنون جي هر شعبي تي آخري سنَدَ.
هن آخري دؤر ۾ سنڌ جي اندر اهڙيون عظيم شخصيتون پيدا ٿيون،
جي پنهنجن پيش رَون جون صحيح جانشين بڻيون، جن جي دم سان اسلام ۾ اسلامي علوم و
فنون جي شمع روشن رهي ۽ جن جي ذڪر خير کان سواءِ هن سر زمين جي علمي تاريخ ڪڏهن به
مڪمل ٿي نه سگهندي.
هي اُمت محمديءَ جا
اُهي عظيم المرتبت افراد هئا، جن جي متعلق سرور ڪونين سيدالثقلين حضور پُر نور
محمد مصطفيٰ احمد مجتبيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جو
ارشاد گرامي آهي ته هو “نبين جا وارث ۽ بني اسرائيل جي نبين جيترو درجو رکندڙ آهن.”
هي اُهي جليل القدر علماء اڪرام هئا، جن پنهنجي سڄي زندگيءَ قال الله ۽ قال الرسول
جي تبليغ ۽ اشاعت لاءِ وقف ڪئي. گهر ٻار ڇڏي، سفر جون صعوبتون برداشت ڪري، رُکو
سُڪو ٽڪر کائي، تڏن تي ويهي، ڪؤڙي تيل جا ڏِيا ٻاري، اول پاڻ علم حاصل ڪيائون ۽
پوءِ حياتيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين بي لوثي ۽ بي غرضيءَ سان الله جي مخلوق کي فيض
ڏنائون.
حضرت مولانا خادم حسين جتوئي رحمة الله عليہ جو شمار به
آخري دؤر جي انهن فقيدالمثال نقيبن ۽ عظيم ترين علمي شخصيتن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جن
اسلامي علوم و فنون ۾ ڪمايت حاصل ڪئي. هزارها انسانن کي پنهنجي علم و فضل جي
سرچشمي مان سيراب ڪيائون ۽ تاريخ جي صفحن تي پنهنجي غير معمولي عظمت ۽ بي لوث علمي
خدمت جا اهڙا آڻ مٽجندڙ آثار ڇڏيائون، جي هميشہ جي لاءِ يادگار رهندا ۽ ايندڙ نسلن
کي صدين تائين مشعل راهه جو ڪم ڏيندا.
هتي مرحوم و مغفور جي سوانح حيات جو مختصر خاڪو پيش ڪجي ٿو،
جنهن مان سندن شخصيت جي همه گيرءَ جو اندازو لڳائي سگهبو.
ابتدائي حالات:
مولانا خادم حسين جن بلوچ قوم جي جتوئي قبيلي مان هئا. سندن
والد ماجد جو نالو فقير محمد جيئل هو. سندن نسبي تعلق سنڌ جي آخري ڪلهوڙي حڪمران
ميان عبدالنبيءَ جي سپہ سالار ۽ معتمد خاص ڌڱاڻي خان سان آهي، جنهن سان سندن شجرو
چوٿين پيڙهيءَ ۾ ملي ٿو. مولانا صاحب جي ولادت ۶۸-۱۸۶۷ع ڌاري بلوچن جي هڪ ڳوٺ
شاهپور ۾ ٿي، جو سکر ضلعي جي ڳڙهي ياسين تعلقي ۾ آهي. مولانا جو خاندان خوشحال هو
۽ مولانا پنهنجي خاندان جو سڪيلڌو فرزند هو، جنهنڪري ننڍپڻ ۾ سندن پرورش نهايت ئي
خاطر خواه طريقي تي ڪئي ويئي. سندن والد ماجد ۽ جدامجد شريعت جا پابند ۽ پرهيزگار
انسان هئا. مولانا ننڍپڻ کان ئي کين نماز پڙهندي ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪندي ڏسندو
هو ۽ وڏن جي ڪردار ۽ گهر جي ماحول کان متاثر ٿيندو رهندو. هو ان ڪري شروع کان ئي
سندن طبيعت جو لاڙو دينداريءَ ڏانهن رهيو. يارهن- ٻارهن ورهين جي عمر ۾ سندن خواهش
۽ اصرار تي کين پنهنجي ڳوٺ کان هڪ ميل کن جي مفاصلي تي جنده ديري تي مولانا جان
محمد صاحب ڀٽي جي مدرسن ۾ داخل ڪيو ويو، جتي قرآن مجيد ۽ سڪندرنامہ تائين فارسيءَ
جو درسي نصاب پڙهي پورو ڪيائون.
عربيءَ جي ابتدائي تعليم ۽ حج جي ادائگي:
ان کان پوءِ شاهپور کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي ترائي ۾
مولانا قاضي عبدالرزاق صاحب جن جي مدرسي ۾ داخل ٿيا، جتي صرف، نحو ۽ فقهه جا
ابتدائي ڪتاب پڙهيائون ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي استاد سان گڏجي حرمين شريف وڃي حج
جي ادائگي جي سعادت به حاصل ڪيائون.
درس نظاميءَ جي تڪميل:
حرمين شريفن کان واپسيءَ تي رتيديري ۾ آيا ۽ حضرت عبدالله
صاحب نوناريءَ جي مدرسي ۾ درس نظاميءَ جي تڪميل لاءِ داخل ٿيا. اهو ماحول مولانا
جن جي مزاج جي عين مطابق هو ۽ استاد بي انتها شفيق ۽ خليق. مولانا عبدالله صاحب
پنهنجي لائق ۽ فائق شاگرد جي خداداد ذهانت کان ڪافي متاثر هو ۽ ان ڪري سندس تعليم
۽ تربيت تي غير معمولي توجہ ڏيندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ مولانا خادم حسين جن پنهنجي
استاد جي اجازت سان انهيءَ دؤر جي مشهور فلسفي حضرت مولانا محمد اسماعيل صاحب
(تلميذ رشيد حضرت علامہ فضل الحق خيرآبادي رحمة الله عليہ) جي خدمت (ڳوٺ ابڙو
تعلقو قنبر) ۾ حاضر ٿيا ۽ کانئن هڪ مهيني جي مختصر عرصي جي اندر فلسفي جو مشهور
ڪتاب “ميبذي” پڙهي، رتيديري ۾ مولانا نوناري صاحب جن جي خدمت ۾ واپس آيا، ۽ اتي
مستقبل طور رهي، درس نظامي مڪمل ڪري فارغ التحصيل ٿيا.
اعليٰ تعليم لاءِ سفر:
مولانا جن “اطلبوا العلم من المهد اليٰ اللحد” جا قائل هئا،
۽ مروجہ نصاب جي تڪميل جي باوجود علم جي تشنگي محسوس ڪري رهيا هئا، جنهنڪري
دستاربنديءَ ڪرڻ بعد انتهائي خاموشيءَ سان رياست بهاولپور جي مشهور ۽ قديم علمي
مرڪز ڀُنگ ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ ان دؤر جي شهرهء آفاق
منطقي ۽ فلسفي حضرت علامہ نذر محمد صاحب اِنڍڙ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ متواتر تي سال
رهي، کانئن علم الڪلام، فلسفہ ۽ منطق ڪبريٰ جا ڪتاب پڙهي پورا ڪيائون.
تعليم ۽ تدريس:
ڀُنگ کان واپسيءَ تي وري به پنهنجي استاد مولانا عبدالله
صاحب نوناريءَ جي خدمت ۾ رتيديري اچي حاضر ٿيا، جتي مولانا عبدالله صاحب جن سندن
غير معمولي قابليت ۽ علمي ڪماليت کان متاثر ٿي، نه فقط کين پنهنجو جانشين يعني
پنهنجي مدرسي جو مدرس اول مقرر ڪيو، پر پاڻ به تعليم ۽ تدريس جي دوران کانئن علم
الڪلام، فلسفہ ۽ منطق ڪبريٰ جو استفاده ڪندا رهيا.
ڀليڏني آباد ۾:
مولانا خادم حسين جن رتيديري ۾ ٽي سال رهي درس ڏنو، ان کان
پوءِ سال ۱۹۰۰ع ۾ عارف ڪامل قاضي القضاة حضرت عبدالغفور صاحب همايوني رحمة الله
عليہ (جي سندن استاد جا استاد زاده هئا) جي ارشاد مطابق ڀليڏني آباد تعلقي جيڪب
آباد جي ديني مدرسي جا صدر مدرس مقرر ٿيا، جو ڀليڏني آباد جي ممتاز زميندار الحاج
اوسته ڪريمڏني خان قائم ڪيو هو.
نئون دؤر:
مولانا صاحب جي اڃا رتيديري ۾ ئي هئا، ته سندن غير معمولي علم
و فضل ۽ بي انتها ذهانت جي شهرت پري پري تائين پکڙجي چڪي هئي. جڏهن ڀليڏني آباد
آيا ته سنڌ جي دوردراز حصن جا بيشمار طالب الملم “حواليہ من ڪل فج عميق” جي مصداق
سندن خدمت ۾ اچي حاضر ٿيا ۽ پنهنجي استعداد آهر سندن سر چشمہء فيض مان سيراب ٿيندا
رهيا. جيئن مولانا خادم حسين جي انهيءَ دؤر جي برگزيده علماء ڪرام ۾ پنهنجي بي
پناهه قابليت ۽ صلاحيت جي ڪري امتيازي شان جا مالڪ هئا، تيئن سندن مدرسو به هڪ
علمي ۽ ديني مرڪز جي حيثيت سان سنڌ جا سڀني مدرسن ۾ امتيازي درجو حاصل ڪري چڪو هو.
وري ديار حبيب ڏانهن:
مولانا جن طالب العلميءَ جي زماني ۾ اگرچ حج جي فرض کان
شڪدوش ٿي چڪا هئا، مگر حرمين شريف کان واپسيءَ تي پنهنجو جسم هيڏانهن کڻي آيا ۽
روح اتي ڇڏي آيا هئا. جيڪڏهن ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ خلق کي فيض جو خيال نه هجي ها ته
شايد وطن واپس نه موٽن ها، پر جنهن ڏينهن هتي پهتا، انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي
دروباره ديار حبيب ڏانهن وڃڻ لاءِ بيتاب رهڻ لڳا. عشق، رسول، جو سندن سر مايہء
حيات ۽ سرمايہ ايمان هو، کين هميشہ بيقرار ڪندو رهيو، جنهنڪري رات ڏينهن اها اُڻتڻ
رهندي هُين ته:
ڪي بود يا رب که رو در يثرب و بطحا کنم،
گہ به مکہ منزل و گہ در مدينہ جا کنم.
آخر سندن دل جي تڙپ ۽ روح جي پڪار اثر ڪيو ۽ ۱۹۰۴ع ۾ دوباره
ديار حبيب ڏانهن حاضر ٿي بيت ربي ۽ محبوب مدنيءَ جي آستان بوسيءَ جو شرف حاصل
ڪيائون.
بيعت:
۱۹۰۹ع ۾ اعليٰ حضرت شيخ طريقت جناب محمد عمر خان چشموي
نقشبندي ڀليڏني آباد ۾ تشريف فرما ٿيا. انهيءَ موقعي تي هڪ محيرالعقول واقعي جي
ظهور پذير ٿيڻ سبب مولانا جن حضرت چشموي صاحب جن جي هٿ تي بيعت ڪري، سندن حلقہء
ارادت ۾ شامل ٿيا ۽ ان ڏينهن کان وٺي تعليم ۽ تدريس سان گڏ طريقہء عاليہ نقشبديہ
جي دستور موجب روحاني رياضت ۽ تذڪيہ نفس ۾ به مشغول رهڻ لڳا.
جيڪب آباد ۾:
۱۹۱۰ع ۾ مدرسي جي انتظامي معاملات تي مدرسي جي بانيءَ سان
اختلاف پيدا ٿي پوڻ سبب ڀليڏني آباد کان جيڪب آباد ۾ وارد ٿيا ۽ مخلص دوستن ۽
معتقدن جي اصرار تي جامع مسجد جي مدرسي ۾ قيام ڪري، تعليم ۽ تدريس شروع ڪيائون.
هاڻي اها شهرت ۽ عظمت جا چند ڏينهن اڳ ۾ ڀليڏني آباد کي حاصل هئي، سا جيڪب آباد جي
قسمت ۾ لکجي وئي ۽ علم و فضل جي جي هن سرچشمي مان سيراب ٿيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف
ضلعن ۽ ٻاهر جي دوردراز علائقن کان منتهي طالب العلم سوَن جي تعداد ۾ اچڻ لڳا ۽
درس وٺندا رهيا.
خرقہء خلافت:
۱۹۱۴ع جو زمانو هو ۽ شعبان جو آخري ڏهاڪو، جڏهن سندن پير
طريقت کين چشمہ اچڻ جو حڪم ڪيو. پاڻ هڪدم روانا ٿيا ۽ رمضان شريف اتي رهيا آخري
ڏهو اعتڪاف ۾ ويٺا، ۽ عيدالفطر جي موقعي تي خلافت جي خدمت سان سرفراز ٿيا.
سلوڪ ۽ عرفان:
خلافت جي خرقہ ڍڪڻ بعد ذات عوام ۽ خواص جو مرجع بڻجي پئي.
اڳ ۾ رڳو منقول ۽ معقول جا طالب فيض حاصل ڪرڻ ايندا هئا، هاڻي سلوڪ ۽ عرفان جا
متلاشي به اچڻ لڳا ۽ پنهنجي ظرف ۽ اهليت آهر رُشد ۽ هدايت کان مستفيض ٿيندا رهيا.
وري ڀليڏني آباد ۾:
۱۹۱۵ع ۾ مرحوم و مغفور شهيد الله بخش سومري وزير اعظم سنڌ
جي والد ماجد ۽ پنهجي پير ڀائي جناب حاجي محمد عمر سومري جا استدعا ۽ مسلسل اصرار
تي دوباره ڀائيڏني آباد کي وڃي وسايائون ۽ مدرسي جي باني اوستي ڪريمڏني جي زندگيءَ
جي آخري گهڙيءَ يعني ۱۹۲۴ع تائين بدستور تعليم ۽ تدريس جي مشغلي ۽ ذڪر فڪر جي
سلسلي تي جاري رکيائون.
رتيديري ۾:
اوستي ڪريمڏني جي وفات بعد سندس عزيزن جي درميان ملڪيت تي
تڪرار ٿي پيو، جنهنڪري مدرسي جو انتظارم درهم برهم ٿيڻ لڳو. مولانا صاحب جن ان
ڳالهه کان بيحد متاثر ٿيا ۽ مخلص دوستن ۽ معتقدن جي مشوري سان ڀليڏني آباد کي
خيرباد چئي، رتيديريءَ ۾ وڃي قيام پذير ٿيا ۽ اتي پنهنجو مدرسو قائم ڪري. توڪل جو
تُرهو ٻڌي ۽ حضرات انبياء ڪرام عليهم الصلواة والسلام جي اصول “اِن اجري الاعلي
الله” کي نصيب العين بڻائي، خدمت دين ۽ خدمت خلق ۾ مصروف ٿي ويا.
وفات:
آخري علم، عرفان، رشد ۽ هدايت جو هيءُ آفتاب ٽيٽيهن سالن جي
عرصي تائين مسلسل ۽ متواتر دين جي بي لوث ۽ بيغرض خدمت ڪرڻ ۽ الله جي مخلوق کي
ظاهري ۽ باطني فيض ڏيڻ بعد ۱۵- شوال ۱۳۴۸هه (مطابق ۱۵- مارچ ۱۹۳۰ع) تي
ٽيهٺ ورهين جي عمر ۾ هزارها شاگردن، معتقدن، دوستن ۽ پسماندن کي روئندو ڇڏي، پاڻ
مرڪندو وڃي الله جي حضور ۾ حاضر ٿيو، انا لله و انا اليہ
راجعون مون پدري شفقت کان مرحوميءَ ۽ سندن دائمي جدائيءَ تي رت ڦڙا روئندي،
هيٺينءَ ريت پنهنجي درد دل جو اظهار ڪيو آهي.
شڪوهه گويم ز
گردش ايام
|
نيــست حاصل به ڪس ثبات و دوام
|
آه خــادم
حســـين عــــلامـہ
|
بيڪران بحـر در علوم تمام
|
عالــمءُ جـــيّد عديم
المثل
|
همہ احـڪام دين شده
الهام
|
صاحبِ ذڪر و فڪر واهل الله
|
زهد و تقويٰ اسيرِ ڪرده بدام
|
بي شـبهه نقشــبنـد در عالم
|
فيض حق شـد
بذات ان انعام
|
احسن الخُلق،
خلـقہ الـــقرآن
|
در عمل شد مجسم
اسلام
|
از جتوئي قبيلہ يافـــت ظهور
|
بــود مــقبول در همہ
اقوام
|
شصت و سہ سال داشت عمر عزيز
|
زيست در
اتباع خــير انــام
|
شب يڪشنبہ
پانزده شوال
|
سوي جنات عـدن تافت زمام
|
موت عالم ز موت
عالِم شد
|
فرش تا عرش شد همہ
اَلام
|
مستفيضانِ فيض اَن حضرت
|
از فراقش بمثل ماه
تـمام
|
درد اَگـينِ دل
حزينِ ‘نذير’
|
اَه برلب
هميشہ در ماتام
|
متّصل مسـجدِ
جِــنده ديــره
|
مرقدش مرجمع اسـت خاص و عام
|
سال رحلت ز غيب هاتف گفت:
|
“قد وصل في جناب ذي اڪرام”.
|
۱۳۴۸هه
مولانا مرحوم جن جي بهترين ۽ مخلص ترين دوست حضرت علامہ
مفتي و قاضي مولانا محمد قاسم رحمة الله عليہ به هڪ قطعہء تاريخ لکيو هو، جنهن جا
فقط هيٺيان ٽي بيت دستياب ٿي سگهيا آهن ۽ انهن مان آخري مصرع مادهء تاريخ آهي.
اَه خادم حسين بس مغفور عالــم و فاضل و سراپا نور
شب يڪشنبہ بود ليل وصال ڪہ بوصلِ خدا شد
او مسرور
سال تاريخ او چو پرسيدم گفت
هاتف سنش “زهي مغفور”
۱۳۴۸هه
راقم الحروف سندن وفات جو سال هيٺين مصرعن مان ڪڍيو آهي.
پهرين مصرع مان هجري سال نڪري ٿو ۽ ٻيءَ مان عيسويءَ:
(۱) “پوشيد آفتابِ هدا را سحاب مرگ”
۱۳۴۸هه
(۲) “منتشر شد يڪ ورق از مصحفِ دينِ هدا”
۱۹۳۰ع
اهڙيون نامور ۽ زنده جاويد شخصيتون، جن جي حياتيءَ جي هڪ-
هڪ گهڙي الله جي بندگي، دين جي تبليغ ۽ خلق جي خدمت لاءِ وقف ٿيل هجي، ان کي برقعي
مٽائڻ بعد مئل تصور ڪري نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته انهن عظيم انسانن قدم قدم تي پنهنجي
زندگي۽ موجودگيءَ جو ثبوت ڏنو ۽ زماني کان پنهنجي وجود جي اهميت ۽ عظمت کي بار بار
تسليم ڪرايو. هي اهي باڪمال انسان آهن، جن جو ذڪر خير تاريخ جي اوراق جي زيب ۽
زينت جو باعث هوندو آهي ۽ جن جي لازوال ۽ بيمثال ڪارنامن بيان ڪرڻ کان سواءِ تاريخ
نه صرف مڪمل نه ٿيندي آهي، پر تاريخ صحيح معنيٰ ۾ تاريخ ئي بنجي نه سگهندي آهي.
اهڙن ئي اولواللعزم خليل القدر انسانن کي پنهنجي دؤر جو نقيب، بلڪ “تاريخ ساز
انسان” سڏيو ويندو آهي ۽ سندن برقعي مٽائڻ سان اهو دؤر ۽ انهيءَ دؤر جي تاريخ جو
هڪ باب مڪمل ٿي ويندو آهي؛ تنهنڪري بظاهر موت سان همڪنار ٿيڻ جي باوجود هو زنده ۽
پائنده آهن ۽ سندن ڪارناما تاريخ جو هڪ مستقبل باب بنجي چڪا آهن:
ثبت است بر جريدهُ عالم دوام ما
مولانا جن کي سندن وصيت موجب جندي ديري ۾ مسجد شريف جي
ڀرسان، سندن پهرين استاد مولانا جان محمد صاحب ڀٽي مرحوم و مغفور جي مزار جي پاسي
۾ دفنايو ويو. نور الله مرقده
مسلڪ ۽ مشرب:
مولانا خادم حسين مرحوم و مغفور جن اهل السنت و الجماعت جي
حق پرست طبقي سان تعلق رکندا هئا. سڄي عمر “مان انا عليہ واصحابي” تي عمل پيرا
رهيا. انتها درجي جا نيڪوڪار ۽ “امر بالمعروف” ۽ “نهي عن
المنڪر” جا پابند هئا. پنهنجا شاگردن ۽ معتقدن کي به هميشہ حضور رسول صلي الله
عليہ وسلم جن جي متابعت جي تلقين ڪندا هئا ۽ حضور جن جي متابعت کي ئي دنيا ۽ عقبيٰ
جي فلاح ۽ نجات جو ذريعو سمجهندا هئا.
زهد ۽ تقويٰ:
مولانا جن ڏينهن جو تبليغ ۽ تعليم و تدريس ۾ مشغول رهندا
هئا ۽ رات جو عبادت ۽ رياضت ۾. حضرت چشموي صاحب جن جي هٿ تي بيعت ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي
سندن اهو دستور هو. مگر بيعت کان پوءِ جيئن ته پير طريقت جي رهبريءَ ۾ کين سلوڪ جا
منازل طئي ڪرڻا هئا، ان ڪري هميشہ جي دستور کان زياده ذڪر فڪر ۾ مشغول رهڻ لڳا.
سياري خواهه اونهاري ۾ چادر ويڙهيندا هئا ۽ هلڪي جهُنڊ ڪندا هئا. جهُنڊ ڪرڻ جو
مقصد غالباً هيءُ هوندو هو ته ڪنهن اهڙي شئي تي نظر نه پوي، جنهن مان دل ۾ برائي
جو خيال پيدا ٿئي هڪ دفعي پنهنجي هڪ فرزند کي تنهائي ۾ سڏي، نهايت ئي رازداريءَ جي
انداز ۾ نصيحت ڪرڻ لڳا ته “بابا، هاڻي منهنجي پڇاڙي ٿي آهي، ان ڪري توکي هن ڳالهه
ٻڌائڻ ۾ ڪو هرج نٿو سمجهان ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مون هن وقت تائين پاڻ
کي هر قسم جي گناهه کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهنڪري تون به منهنجي نقش قدم تي
هلجانءِ ۽ اها ڪوشش ڪجانءِ ته توکان ڪو گناهه سرزد نه ٿئي.”
ان ڳالهه مان، جنهن مان، جو انڪشاف سندن انتقال کان پوءِ
ٿيو، سندن زهد، تقويٰ ۽ عالم باعمل هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
جمال ۽ جلال جو امتزاج:
مولانا مرحوم جن انتها درجي جا وجيہ، شڪيل ۽ مردانه حسن و
جمال جو مڪمل نمونا هئا. سرخ و سفيد رنگ، سرو قد، ڪشادو، پيشاني، ڊگهونڪ، خوبصورت
۽ چيريون اکيون، ٻٽيهي موتين جي لڙهي ۽ مينديءَ رتل چاپئين ڏاڙهي. اها شاهاني
شباهت ۽ مردانه وجاهت آخري عمر تائين قائم رهي. جهڙا پاڻ سهڻا هئا، ڪپڙا به اهڙا
ئي سهڻا ۽ اڇا اجرا پائيندا ۽ باطني صفائيءَ سان گڏ ظاهري صفائي ۽ پاڪيزگيءَ جو
خاص خيال رکندا هئا.
انهيءَ ظاهري حسن ۽ جمال ۾ باطني جلال جي آميزش به هئي.
نهايت ئي غيور ۽ خوددار هئا. نشت برخاست ۽ رفتار ۽ گفتار ۾ شاهانه وقار ۽ سنجيدگي
هئي. ڪوبه شخص سندن مجلس ۾ دمزني ڪرڻ ۽ ڏاڍيان ڳالهائڻ جي جرات ڪري نه سگهندو هو.
باطل ۽ فاسد عقيده وارو ماڻهو ته سندن اڳيان اچڻ کان ئي گهٻرائيندو هو. مگر ايڏي
رعب ۽ جلال جي باوجود بيحد شفيق ۽ خليق هئا ۽ زنده دل ۽ ظريف. پنهنجي شخصيت کان
متاثر ۽ مرعوب ٿيندڙ ماڻهن سان خاص طور تي شفقت ۽ مروت سان پيش ايندا هئا ۽ سندن
دلجوئي ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا هئا.
حق گوئي ۽ بيباڪي:
مولانا مرحوم جن جي طبيعت ۾ ڪمال درجي جي بي نيازي ۽ بيباڪي
هئي. انهيءَ ڪري حق جي ڪلمي چوڻ ۾ پنهنجي بي نياز ۽ بيباڪ طبيعت جو پورو پورو
مظاهرو ڪندا هئا، حقگوئيءَ جي رستي ۾ پنهنجي دؤر جي وڏي شخصيت ۽ ڪنهن به قسم جي
دنياوي مصلحت کي حائل ٿيڻ نه ڏيندا هئا ۽ جڏهن به حق جي ڪلمي چوڻ جو موقعو ايندو
هو ته پوري پوري جرائتمندي ۽ بلند حوصلگي سان چوندا هئا ۽ پنهنجي انهيءَ حق پسندي
۽ حقگوئيءَ تي هميشہ قائم رهندا هئا.
آزاديءَ جي جدوجهد:
تحريڪ خلافت جو بنياد بظاهر ترڪن جي حمايت تي رکيو ويو هو،
پر اصل اها تحريڪ هن برصغير جي آزاديءَ جي تحريڪ هئي. مولانا مرحوم جن حريت پسند
عالم هئا ۽ برطانوي سامراج جا شديد مخالف، تنهنڪري هن تحريڪ ۾ شامل ٿي آزاديءَ جي
جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتائون.
مولانا جن اعليٰ پايي جا فصيح اللسان ۽ جادو بيان مقرر هئا.
پنهنجي سحر طرازي ۽ رنگين بيانيءَ سان ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح پنهنجي
گرفت ۾ آڻيندا هئا. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ جيڪي خلافت ڪانفرنسون
منعقد ٿيون، انهن ۾ شرڪت ڪرڻ پنهنجو قومي فريضو سمجهندا هئا ۽ انهن عظيم اجتماعن ۾
جيڪي بيشمار انسان شريڪ ٿيندا هئا، انهن جي خون ۾ پنهنجي شعله نوائي ۽ آتش بيانيءَ
سان آزاديءَ جي حرارت پيدا ڪرڻ ٿيندا کي جهاد تصور ڪندا هئا. مولانا مرحوم جن
انهيءَ جهاد ۾ خوب بهسرو ورتو ۽ پنهنجو فرض منصبي پوري جوش و خروش ۽
انتهائي ديانتداريءَ ۽ استقامت سان بجا آندائون.
انهيءَ تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ ڪن قومي ڪارڪن کان ڪي بشري
ڪمزوريون سر زد ڏسي، کين دلي رنج ۽ افسوس ٿيو. جنهنڪري بعد ۾ پنهنجي پوئلڳن کي جتي
قومي ڪمن ۾ پهري وٺڻ جي تلقين ڪندا هئا، اُتي کين ديانتداري ۽ بيغرضيءَ سان ڪم ڪرڻ
جي هدايت ڪرڻ به ضروري سمجهندا هئا.
مولانا جو علمي مقام:
مولانا مرحوم جن پنهنجي دؤر جا جيّد ۽ ذهين عالم هئا. همعصر
علماءِ ڪرام سندن تقويٰ ۽ باوقار شخصيت جي ڪري سندن احترام ڪندا هئا ۽ سندن
بيپناهه علميت ۽ وسعت مطالعي جي ڪري هر علمي نڪتي ۽ شرعي مسئلي ۾ سندن راءِ کي
قطعي ۽ مستند سمجهندا هئا. انهي ڪري کين پنهنجن همعصرن ۾ نمايان مقام حاصل هو.
قدرت جي طرفان کين غير معمولي ذهانت سان گڏ قوت حافظہ به غير معمولي عطا ڪئي ويئي
هئي. متداول ڪتاب، جي سالها سال تائين پڙهايا هئائون، سي ته کين برزبان ياد هئا، پر
غير متداول ڪتاب، جي فرصت جي اوقات ۾ مطالعي هيٺ رکندا هئا، انهن جا مطالب ۽ معاني
به پوريءَ طرح سندن ذهن ۾ محفوظ رهندا هئا، جنهنڪري مختلف علوم و فنون ۾ سندن وسعت
معلومات جو هيءُ عالم هو جو جنهن به مسئلي تي بحث ڪندا هئا، ان جي هر پهلوءَ تي
حاوي ٿي ويندا هئا ۽ ان جي مالہ وما عليہ بيان ڪرڻ وقت ڪوبه نڪتو تشنہ ۽ غير
مڪمل نه ڇڏيندا هئا.
مولانا مرحوم جن نه صرف اعليٰ پايي جا معلم ۽ مدرس هئا، پر
عديم المثال محقق ۽ مفتي به قدرت کين “صاحب البيان و البينان” پيدا ڪيو هو، يعني
قوت تقرير سان گڏ قوت تحرير به عطا ڪئي هئي. فقهي ۽ شرعي مسائل ۾ پوري تحقيق ۽
تدقيق سان فتويٰ ڏيندا هئا. فتويٰ جو انحصار هميشہ متفق عليہ يا ڪم ازڪم مرجع قول
تي رکندا هئا. تحرير جو هر لفظ توريل تڪيل هوندو هو، ان ڪري سندن هر تحرير قطعيت
جو درجو رکندي هئي ۽ ان کي هر حلقي ۾ بنان پس و پيش جي تسليم ڪيو ويندو هو. سندن
زندگي ۾ يا بعد ۾ اهڙو هڪڙو مثال به ملي نٿو سگهي جو ڪڏهن به سندن فتويٰ جو دَرُ
يا نقض لکيو ويو هجي.
هت ان ڳالهه جو ذڪر به غير ضروري نه سمجهيو ويندو ته مولانا
جن ڪن پيشہ ور فتويٰ بازن وانگر ڪفر ۽ گمراهيءَ جون فتوائون هرگز نه ڏيندا هئا.
وعظ، نصيحت ۽ دين جي تبليغ سندن شيوو هو، مگر حق پسنديءَ حقگوئيءَ جي باوجود ان کي
“اَدع اليٰ سبيل ربڪ بالحڪمة والموعظہ الحسنة” تائين محدود رکندا هئا. البت بد
اعتقاديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا هئا ۽ ان جي اصلاح لاءِ حتي المقدور ۽
هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ ضروري سمجهندا هئا، ڇاڪاڻ ته کين انديشو رهندو هو ته بد اعتقادي
ڦهلجڻ ڪري مسلمانن جي سيرت ۾ تبديلي ايندي ۽ آخرڪار سرور ڪائنات جو قائم ڪيل
اسلامي معاشرو بگڙجي ويندو.
اعلاي ڪلمة الحق:
تحريڪ خلاف جي هنگامہ خيزيءَ بعد سنڌ ۾ هڪ عجيب و غريب
مذهبي فتنو کڙو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اسلامي عقائد ۾ تحريف ۽ مسلمانن ۾ انتشار
پيدا ڪرڻ هو انهيءَ زمانيءَ ۾ ‘ترڪي خلافت’ جي خلاف مولوي فيض الڪرام جي هڪ ڪتاب
جي اشاعت ايڏو هنگامو برپا ڪيو، جو سنڌ جا مسلمان ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا ۽ هر شهر
جي ميدان محشر ۽ هر گهر فتني جو مرڪز بڻجي پيو.
انهيءَ محشر خيزيءَ جي دؤر ۾ حق پرست گوءِ علماءِ ڪرام
ميدان جهاد ۾ ٽپي پيا ۽ هن دجالي فتنہ جي بيخڪنيءَ لاءِ پوري پوري جدوجهد ڪرڻ لڳا.
مولانا مرحوم جن به حق پرست طبقي ۾ شامل هئا ۽ ڏينهن رات هن فتني جي سرڪوبي ڪندا
ٿي رهيا.
مولانا جن بهترين مناظر هئا. غير علميت ۽ قوّت تقرير کان
علاوه علم الڪلام ۽ منطق ڪبريٰ جي باقاعد مطالع، سندن مناظرانه صلاحيت ۾ زبردست
اضافو ڪيو هو. انهيءَ فتني جي سرڪوبيءَ وقت کين بارها مناظرا ڪرڻا پيا ۽ هر مناظري
۾ پنهنجي حق پرستيءَ جي بدولت فتحياب ٿيا.
مناظرن ۾ مولانا جن جي هٿان بار بار شڪست کائڻ سبب باطل
پرست گروه جي دلين تي ايڏي هيبت طاري ٿي ويئي، جو مولانا جن جو نالو ٻڌي لرزه
اندام ٿي ويندا هئا ۽ “جاءِ الحق وزهق الباطل” جي مصداق راه فرار اختيار ڪرڻ ۾ ئي
خيريت سمجهندا هئا.
انهن ڏينهن ۾ ديني حميت ۽ غيرت جي جوش سبب مولانا جن جي
جلالي حالت ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هر وقت باطل پرستن جي سرڪوبيءَ لاءِ تيار رهندا
هئا ۽ سندن کڙي ڪيل فتني جي بُطلان تي بحث ڪندا هئا. مناظرا جي ميدان ۾ ايڏي جوش و
خروش سان اعلاي ڪلمة الحق ڪندا هئا، ڄڻ ٻيلي ۾ شينهن گجي رهيو آهي، يا ميدان جهاد
۾ ڪر سرفروش سان مجاهد ٻه- مُنهن ترار هٿ ۾ کڻي رجز پڙهي رهيو آهي.
شاگرد، خليفا، احباب ۽ اقربا:
مولانا مرحوم جن جي شاگردن ۽ خليفن جي فهرست تمام طويل آهي،
جن سالها سال سندن خدمت بابرڪت ۾ رهي، کانئن ظاهري ۽ باطني فيض حاصل ڪيو ۽ پوءِ
ملڪ جي ڪند ڪڙڇ ۾ پهچي ، علم ۽ عرفان جي پياسن کي سيراب ڪيائون، اهڙيءَ ريت همعصر
علماء ڪرام، جن سان سندن دوستانه ۽ برادرانه تعلقات
هئا ۽ ساڻن خط و ڪتابت ۽ ملاقات جو رستو هو، انهن جي اسماءگراميءَ جي فهرست به وڏي
آهي، جن جي گنجائش هن مختصر مقالي ۾ ٿي نه سگهندي، تاهم چند نالا هت درج ڪيا وڃن
ٿا:
شاگرد:
(۱) مولانا عبّدالله دُرخاني، مشڪاف، بلوچستان. (۲) مولانا
قاضي عبدالعزيز مستونگ، بلوچستان. (۳) مولانا قاضي حبيب الله، لسٻيلو، بلوچستان. (۴)
مولانا مولاداد، مستونگ، بلوچستان. (۵). مولانا فتح محمد، مستونگ بلوچستان، (۶)
مولانا محمد حسين، مڪران، بلوچستان. (۷) مولانا قاضي رسول بخش، جهل مگسي،
بلوچستان، (۸) مولانا الحاج الهداد، سبي بلوچستان. (۹) مولانا مفتي
صاحبداد، سلطان ڪوٽ، سنڌ. (۱۰) قاضي نور محمد صاحب مٺڙي، بلوچستان. (۱۱) مولوي
ڪريم بخش، ڀاڳ، بلوچستان. (۱۲) مولوي شاه محمد بلوچ، مانجهي پور ضلعو جيڪب آباد. (۱۳)
مولوي غلام رسول کوسو، جيڪب آباد. (۱۴) مولوي عبدالرحمان کوسو، جيڪب آباد. (۱۵)
مولوي عبدالواحد مري، جيڪب آباد. (۱۶) مولوي عبدالواحد کوسو، جيڪب آباد. (۱۷)
مولوي در محمد، ٺل ضلعو جيڪب آباد (۱۸) مولوي عبدالمجيد لاشاري، شڪارپور. (۱۹)
مولوي رحيم بخش سومرو شڪارپور. (۲۰) مولوي عبدالحڪيم سومرو، شڪارپور (۲۱) مولوي
عبدالحڪيم ڪنڌر، ڳڙهي ياسين، (۲۲) مولوي قاضي عطا محمد، ڳڙهي ياسين (۲۳) مولوي
قاضي گل محمد، ڳڙهي ياسين. (۲۴) مولوي محمد مبارڪ، ڳڙهي ياسين. (۲۵) دين محمد وفائي،
ڳڙهي ياسين. (۲۶) مولوي عبدالعزيز اُڍو، رتوديرو (۲۷) مولوي عبدالغفور مهر، سکر (۲۸)
مولوي شهاب الدين بلوچ، خيرپور. (۲۹) مولوي عبدالڪريم عباسي مفتي، خيرپور. (۳۰)
مولوي محمد عثمان ڀٽو، گهوٽڪي. (۳۱) مولانا اميد علي صدر مدرس مدرسہ قاسم العلوم،
گهوٽڪي. (۳۲) مولوي نور محمد، گهوٽڪي. (۳۳) مولوي عبدالرحمان ضيائي، ميرپور
ماٿيلو. (۳۴) مولوي عبدالغفور، رحيم يارخان، بهاولپور. (۳۵) مولوي محمد عارف،
ملتان. (۳۶) مولوي عبدالله بلوچ، لارڪاڻو. (۳۷) مولوي سلطان احمد جتوئي، (داماد
مولانا خادم حسين رحه). (۳۸) مولوي عبدالعزيز صدر مدرسہ عزيزيه، رتو ديرو. (۳۹)
مولوي محمد يعقوب، رتوديرو. (۴۰) مولوي عبدالڪريم ڀٽي، رتوديرو. (۴۱) مولوي الاهي
بخش، ميروخان. (۴۲) مولوي نظام الدين بلوچ، قنبر. (۳۴) مولانا مولوي محمد عظيم ‘شيدا’
نصيرآبادي، وڳڻ. (۴۴ مولوي عبدالغزيز مڪراني، وارهه (۴۵) مولوي ڪريم
بخش وارهه، (۴۶) مولوي محمد سليمان ميمڻ، دادو. (۴۷) محمد سليمان
واعظ، ٿرڙي محبت- ميهڙ (۴۸) مولوي نثار احمد سيتائي، دادو. (۴۹) مولوي عبدالرزاق،
دادو. (۵۰) مولوي فتح علي جتوئي، صدر مدرسہ هاشميہ سجاول. (۵۱) مولوي محمد يوسف
ميمڻ، سجاول. (۵۲) مولوي محمد صاحب. سجاول.
خلفاء:
هيٺ ذڪر ڪيل حضرات سندن شاگرد به هئا ۽ طريقت ۾ خليفا به
هئا.
(۱) مولانا الحاج غلام عمر صاحب، خليفہء اول، تونسہ شريف. (۲)
مولانا الحاج محمد هاشم صاحب، خليفہء دوم، نوابشاهه. (۳) مولانا الحاج
امير احمد شاهه، خليفہء، سوم، نوابشاهه. (۴). مولانا محمد سليمان ميراڻي، خليفہء
چهارم، سکر.
احباب:
(۱) اعليٰ حضرت علامہ محمد قاسم ياسيني رحمةالله عليہ. (۲)
مولانا مفتي حافظ محمد ابراهيم ياسيني رحمةالله عليہ. (۳) مولانا محسن علي شاهه
صاحب، ميان جو ڳوٺ. (۴) مولانا نبي بخش صاحب عودوي. جيڪب
آباد. (۵). مولانا عطا محمد صاحب عباسي، رتوديرو. (۶) مولانا عبدالله صاحب،
بنگلديرو. (۷). علامہ مولانا عبدالوهاب صاحب، اوسته محمد. (۸) علامہ مولانا مير
محمد صاحب جاگيراڻي، قنبر. (۹) مولانا قمرالدين صاحب انڍڙ، پنوعاقل (۱۰) مولانا
عبدالعزيز صاحب عمراڻي، جيڪب آباد. (۱۱) مولانا درمحمد صاحب لغاري صدر
مدرس مولانا پير جهنڊو شريف. (۱۲) مولانا قاضي گل حسن صاحب، ڪٽپار شريف، بلوچستان.
اولاد:
مولانا خادم حسين رحه هڪ شادي ڪئي هئي. جنهن مان کين هيٺيون
اولاد ٿيو جو حال حيات آهي:
(۱) الحاج مولوي نذير حسين جلالي (راقم مضمون) (۲) ميان
بشير حسين. (۳) مسٽر امير حسين جتوئي ايڊووڪيٽ، سکر. (هڪ نياڻي)
No comments:
راءِ ڏيندا