; سنڌي شخصيتون: اوستو ڪريم بخش - ادل سولنگي

15 May, 2020

اوستو ڪريم بخش - ادل سولنگي


اوستو ڪريم بخش
منهنجو جيءُ جڙي، سُپرين سوگهو ڪيو
ادل سولنگي
هيءَ زرعي سماج ۾ ”آهتي ۽  ونگاري وهنوار“ جي اوج واري زماني جي ڳالهه آهي ته مُهين جي دڙي کان ٻارهن ڪلوميٽر اتر پاسي، قديم ناري سان آباد قديم ڳوٺ محراب پور، جنهن ۾ پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ نظم جو وڏو شاعر مولوي غلام رسول جتوئي، ناميارو بزرگ خليفو صوبدار جتوئي ۽ مولوي لعل بخش سولنگي جهڙا شاعر پيدا ٿيا. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر کان ۲۵ ڪلوميٽر ۽ ڏوڪري کان ۵ ڪلوميٽر، حيدر بخش جتوئي ريلوي اسٽيشن ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج جي ڀرسان انبن ۽ زيتونن جي باغن وچ ۾ آباد آهي. جنهن ڳوٺ جي هر هڪ گهر جي اڱڻ ۾ قديم نمن جا وڻ، ڇپر ۽ ڇانو ڪيو بيٺا هوندا هئا. پرين جي پار جهڙي هن ڳوٺ ۾ ڪنڀر، لوهار، واڍا، زميندار، ڀوتار ۽ سوين ڏاڍا به رهندا هئا، جتي عيدون، هوليون، ڏياريون، ويساکيون ۽ ٿڌڙيون، گڏ ملهايون وينديون هيون. آرهڙ جا ڏينهن ۽ سياري جون راتيون گڏجي گهاريون وينديون هيون. جنهن ڳوٺ ۾ ڪئي، ويڄ، طبيب، بزرگ، درويش، عالم، اڪابر، عاشق ۽ شاعر رهندا هئا. محرابپور ڳوٺ جي چڱاين، مٺاين، نيڪين، سٺاين، راندين، روندين، واپارن، هنرن، عالمن ۽ اديبن جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماضيءَ جون ڏکوئيندڙ ڳالهيون ته وري ڪڏهن اُتساهيندڙ ڪردارن جا قصا ماضيءَ مان اُڀري حال جي منظر ۾ ڏيک ڏيندا آهن ۽ انهن جو ذڪر به ٿيندو رهندو آهي. محرابپور جيڪو نه رڳو منهنجو پر منهنجي وڏڙن ۽ منهنجي ننڍڙن جو به ڳوٺ آهي. فطرت هن ڳوٺ سان اسان جو اڻ ٽٽ سڱ ڪري ڇڏيو آهي.
شاهه سائين چواڻي ته:.


جيئن لُهارن، لپيٽيو ڪڙو منجهه ڪڙي،
منهنجو جيءُ جڙي، سپرين سوگهو ڪيو.
هن ڳوٺ ۾ ڪالهه ڇا هيو، اڄ ڇا آهي ۽ سڀاڻي ڇا هوندو؟ ڇا چئجي ته ڇا هوندو؟ اها خبر ناهي پر اها خبر آهي ته هن ڳوٺ ۾ هڪڙو اهڙو ڪردار هيو، جنهن جي ڳالهه مون کي ڪرڻي آهي. سو آهي؛ اوستو ڪريم بخش.
اوستو ڪريم بخش، ڊکاڻڪي ڪم جو اهڙو ته ڪاريگر هيو، جو نالو کڻڻ سان ئي سندس مهارت سامهون اچي ويندي هئي. وڏي ويڪري گهر جي ٻاهران پيل پلاٽ تي، وڏي ڇٽ واري لانڍيءَ نما اوطاق، جنهن جي آڳر ۾ پپر جو گهاٽو وڻ بيٺل هوندو هو. اوسي پاسي جا هاري ناري، سندس اوطاق/ دڪان تي ايندا ويندا رهندا هئا ۽ هر ڪو ئي پنهنجو ڪم ڇڏائي، پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيندو هئو. پر اوستي ڪريم بخش جي اوطاق جيئن جو تيئن کليل رهندي هئي ۽ سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ ڳوٺ جا ماڻهو منجهند جو نوَ ٽڻ ۽ چئوباز راند اچي کيڏندا هئا. ٻپهريءَ کان پوءِ وري اوطاق کي ٻهارا، ڇڻڪار اچي ويندا هئا ۽ زندگيءَ جو وهنوار اڳتي وڌندو رهندو هيو.
اوستو ڪريم بخش، قد جو ڊگهو، بت جو سنهو، رنگ جو سانورو، هڪ جاءِ تي ويٺي ڪم ڪرڻ سبب، ٿورو جهُڪي هلندڙ سبيتو ۽ سپورنج ڳالهين جو ڳهير، اوطاقي مڙس، ”جيڪو حال، سو پريا نال“ ڪرڻ وارو، ڀوڳائي به وڏو ته چيڙاڪ به گهڻو. هن جي دڪانتي هاري، ناري، ڪي هَرَ پاڃاري، ڏاند گاڏي جون سرايون، ڳن يا گاڏيون، ٺهرائڻ لاءِ ته وري ڪي، وٽوهڙ، گهڙا-منجيون، مُهريون، واڍولا، ڏانداريون پيا ٺهرائيندا ته ڪي وري ڪارايون، ڪامون، شهتير، پٽيون رندرائڻ لاءِ پيا ايندا هئا. هڪ ميڙو متل هوندو هئو. وڏي چلم، تماڪ جي ٺهندي هئي، جيڪا پيئي واري ڦيري سان ڦرندي هئي. در، دريون، تختا ۽ تاج خاص ڪري کٽون سلڻ جو سندس مٽ ڪو نه هئو. کٽ جي ٻانهين، سيرنُ ۽ پاون کي اهڙي ته مهارت سان سليندو هئو جو انهن ۾ ڪنهن به واڌو چپر هڻڻ جي ڪا گنجائش ڪا نه هوندي هئي، تڏهن ته اڄ به مثال ڏيندا آھن ته؛ کٽون سلي ۽ ٺوڪي ته اوستو ڪريم بخش. ورهيه گذري ويندا هئا، کٽ ۾ چِيڪٽُ نه ٿيندو هئو. اڄ به وڏڙا اوستي ڪريم بخش کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ڀريندا آهن.
”واهه ڙي واهه، اوستا ڪريم بخش، تنهنجي ڪاريگري!“
اها ٻي ڳالهه آهي ته ڳوٺاڻي سماج ۾ ڊکاڻڪي ڪم کي روايتي اوزارن جي آڌار تي اڳتي وڌايو ويو، جڏهن ته بجلي اچڻ ۽ اوزارن جي سامان ذريعي هلڻ واري مشيني سهولت مان فائدو نه وٺڻ ۽ سماجي بيهڪ جو هڪ-ڪرو نه هجڻ سبب هي ڊکاڻو ڪم ترقي ڪرڻ بجاءِ زوال پذير ٿيو. ٻيو سبب زرعي اوزار اچڻ سبب ڏاندن تان زراعت وارو بار هلڪو ٿيو، ته ڊکاڻڪي ڪم کي به ڌڪ رسيو ۽ ملڪ ۾ مهانگائي وڌڻ ۽ زرعي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي اچڻ سبب ”آهتي وهنوار“ جو به انت ايندو ويو، ڇاڪاڻ جو مشيني سهولتن لاءِ بروقت  ڏوڪڙن جو هجڻ ضروري هيو، جنهن ”آهتي وهنوار“ کي پڄاڻي تي پهچائي ڇڏيو.
اوستو ڪريم بخش، تر جوءِ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ هارين سان ”آهتي وهنوار“ ذريعي پنهنجو ڪاروبار هلايو، جڏهن ته هي اهو ئي زمانو آهي، جڏهن ”ونگاري وهنوار“ به رائج هئو. جنهن جي پس منظر ۾ ”اَنَ“ جا ديرا ٿيندا هئا ۽ هارين جو لوڪ گيت تخليق ٿيو؛ ”هَمرچي جو ويلو ڙي!“ هاري گڏجي کيت کيڙيندا هئا. لاب ڪندا هئا، ڳاهه ڪندا هئا ۽ ”اَنَ“ وائرائيندا هئا. اَنَ ڍوئيندا هئا ۽ اَنَ ورهائيندا هئا. پير فقير، غريب غريبي، اوڙي پاڙي ۽ ڳوٺ جي ٻارڙن کي اَنَ جا جهول ڀري ڏيندا هئا.
ڪڻڪن جون ناڙيون ٿينديون هيون ته تر ۽ جوءِ جا ڀلا هاري پنهنجا پنهنجا ڏاند پلاڻي، جُهلون، پنجوڙيون ۽ رنگين ڦندڻن يا ڏاس جا رسا ڏاندن جون مُهارون ڪندا هئا. دهلن دمامن سان واڄا وڄي ويندا هئا. هارين جي هاٺ ۾ ڪڻڪن جا کيت کيڙجي ويندا هئا ۽ ناڙيون ٿينديون هيون. طاهري ڀت رنڌيا ويندا هئا. واهن جون کاٽيون به ڌام ڌوم سان ڪيون وينديون هيون ۽ سارين جا رونبا ٿيندا هئا ته چؤڏسائن ۾ هوڪرا پئجي ويندا هئا.
۽ ڪو رونبائت پروڪي  رونبي جي ساٿڻ کي ساري ڪن تي هٿ رکي ڳائيندو هيو ته؛ ”هيل رونبو به وڃي ٻين سان ڪيئن ساڙي لاٿو ٿئي!.“
اوستو ڪريم بخش پاڻ به هارپور ڪندو هئو. کيت کيڙڻ کان لاباري تائين ول کڻڻ کان ٻار ٺاهڻ تائين، ڳاهه ڳاهڻ کان ويندي اَن وائرڻ تائين، سندن سمورو ڪم ونگاري وهنوار هيٺ ٿيندو هئو. اَنُ اڇو ٿيندو هئو ته بٽائي ٿيندي هئي. اَنَ جي ٻار تورجڻ کانپوءِ بَٽائي جو اڌ اوستي ڪريم بخش کي گهر ويٺي پهچايو ويندو هئو ۽ پوءِ ٻئي فصل لهڻ تائين هن جي گهر جو گاڏو پيو هلندو هئو ۽ اوطاق/دڪان تي ايندڙ ويندڙ کي پئي لسي ماني ملندي هئي. کائڻ وارو به سرهو ته کارائڻ وارو به پيو خوش ٿيندو هيو.
اوستو ڪريم بخش ميڙا مچائيندڙ شخص هيو، انتهائي شريف، سادو نيڪ نيت، ڳوٺ وارن کي هر وقت ڪم اچڻ وارو، هي نه رڳو ڊکاڻڪي ڪم جو ڪاريگر هئو پر نلڪا، سلائي مشينون ۽ ڪُتر جون مشينون به ٺاهيندو هيو. ڪنهن جو نلڪو خراب ٿيو ته اوستي کي سڏ ڪندو هو، جي ڪنهن جي سلائي مشين خراب ٿئي ته اوستي کي سڏي وٺي. ڪنهن جي ڪُتر جي مشين خراب ٿئي يا کٽ جي ٻانهين يا سيرون ڀڳو ته به اوستي کي سڏ ٿيندو هو. اهو سڏ ڪو ڏاڍي جو سڏ ڪو نه هوندو هئو. اهو سڏ ته سڪ ۽ محبت وارو سڏ هوندو هئو. جنهن کان اوستو ڪريم بخش ڪن لاٽار نه ڪندو هئو. ڪم ايندڙ اوزار کڻي ٻين همراهن کي اوطاق/ دڪان جي ڪم جي سنڀال ۽ پارت ڪري نڪري پوندو هئو. مند موسم ڪهڙي به هجي، پل پهر ڪهڙو به هجي، اوستي ڪريم بخش کي جڏهن به جنهن وقت به ڪنهن سڏيو، اوستو ان سڏ جي وراڻي بڻجي ان ڏانهن نڪري پوندو هئو. ٻهراڙي جو زرعي سماج جتي ذات پات جو ڪو به فرق نه هجڻ ڪري کانئس ڪير به پردو نه ڪندو هئو ۽ هي پنهنجي ڪرت کي لڳي ويندو هئو. مکڻ ماني، چانهه ۽ پن جون ٻيڙيون، سندس لاءِ هڪيون تڪيون حاضر ڪيون وينديون هيون. سج، لهڻ يا اُڀري اوستي ڪريم بخش کي ان جي ڪا به ڳڻتي ڪا نه هوندي هئي. اڙيل جو ڪم ڇڏائي ئي گھر ايندو هئو. هو پنهنجي گهراڻي جو وڏو قابل احترام شخص هئو. وڏو ڪاريگر ۽ زماني شناس ماڻهو هئو، جنهن جي ڪاريگريءَ جي هاڪ ويٺل هئي.
اسان جي ڳوٺ جو زميندار رئيس رسول بخش خان جتوئي اوستي ڪريم بخش جي اوطاق/ دڪان تي ڪچهريءَ جو مور هوندو هئو ۽ وڏي منجي ۽ وڏي چلم تي هن وڏي ماڻهوءَ جي حاڪميت هوندي هئي، ڇا ته زمانو هئو. ڳوٺ جو زميندار ويٺو هارين سان گڏجي رانديون ڪندو ۽ انهن سان ڪچهريون ڪندو هو. رئيس رسول بخش جتوئي سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ خاص ڪري اوستي ڪريم بخش وٽ ايندو ۽ ڪچهريون ڪندو هيو. ڇاڪاڻ جو اها مند سارين جي رونبي جي هوندي هئي ۽ جيستائين سارين جو رونبو نه نڪرندو هو، تيستائين رئيس رسول بخش جتوئي چوندو هيو ته؛ اوستا اڃا رونبي جي مند پئي آهي، جنهن ڏينهن پنهنجي سڀني زمينن جو رونبو ڪرائي ويندو هئو، تڏهن اوستي کي اچي چوندو هئو ته اوستا سارين جي رونبي جي مند ختم ٿي وئي.
اوستي ڪريم بخش جي اوطاق/ دڪان تي رئيس رسول بخش خان جتوئي، سندس وڏو پٽ شاهنواز خان جتوئي، جهونو جڙيل جتوئي جمعدار، واحد بخش جتوئي ويڙهي وارو ۽ ڪوڏاريو روشن جتوئي نانو، احمد خان جتوئي ريڍار، بخش جتوئي ٻڪرار، پروفيسر عمر گاڏهي، عبدالله ڪنڀر، گاجي خان ڪنڀر، جيڪو به وڏو اوطاقي مڙس هيو، جمعدار مولا بخش ”من“ ارباب جتوئي، آچر بروهي، رئيس رسول بخش جو نوڪر، يار محمد کٽي، ملان رمضان کٽي، صالح کٽيءَ سميت ڳوٺ جا ڪيترا ئي هاري ناري، ڌنار، ريڍار، ٻڪرار، اچي ڳاهٽ ٿيندا هئا. ڀوڳ چرچا، راڳ رنگ، ڍاڙون، ٻٽاڪون، رانديون رونديون، ان زماني جو ڪلچر هئو. گذريل زماني جا قصا، دردن جا داستان ۽ لوڪ ادب جا پارکو/ سگهڙ ماڻهو تاريخ جا ورق اٿلائي هڪ ٻئي سان حال پيا ونڊيندا هئا. ڳوٺ جي چوڌاري انبن، زيتونن، ليمن  ڦارون، ٻيرن، کارڪن جا باغ هوندا هئا. چيٽ مند جي چانڊاڻ ٻُور جي نُور ۾ واسيل هوندي هئي. جو پن رسندڙ جيءَ، جهومي پوندا هئا. ڪوڏي ڪوڏي، ٻلهاڙو، ملهه ۽ پڃريون کڻڻ واري راند جو چئوڏسائن ۾ راڄ هوندو هئو. ميلا ملاکڙا، راڳ رنگ، ڏاندن، اٺن ۽ گهوڙن جون ڊوڙون ٿينديون هيون، پري پري کان ماڻهو اچي ڳوٺن ٻاهران چارن تي پڄي ميڙا مچائيندا هئا. ڇٽن شاهه، شادي شهيد، شاهه محمد، سپاهي، نگهن سرڪار، تقي شاهه، ملوڪ شاهه جي مزارن تي لڳندڙ ميلا، ملاکڙا، موت جا کوهه، ٿيڻون، چڙيا گهر، مٺائي جا دڪان، مينار جو سامان، ڏاندن، اٺن، گهوڙن جون ٻنجهوڙيون، رسا، ڪڙيون، ٽليون، چڙا، ڀورڙا، ڪهاڙيون، ڪوڏاريون ۽ ٻيو گهرو استعمال جو سامان ۽ وکر وڪامندو هئو. اهڙي زماني جو مثالي ڪردار هئو. اوستو ڪريم بخش جنهن کي هر ان ڏينهن ياد ڪيو ويندو آهي، جنهن  ڏينهن ڄاڻايل سمورين شين جي کوٽ/اڻ هوند هوندي آهي، جڏهن به ڪو ماڻهو مُنجهي پوندو آهي. تڏهن کيس اوستي ڪريم بخش جي ڏاڍي جي يادگيري ايندي آهي. زرعي سماج جي ان ”آهتي وهنوار“ واري زماني ۾ جڏهن سماج ۾ رک رکاءُ، سهَپ ۽ رواداريءَ جو راڄ هوندو هئو، تڏهن ست راڄي اوستي ڪريم بخش سان ”آهت واري وهنوار“ سلهاڙيل هوندي هئي. بکو ديرو، ڇتو واهڻ، بخش جتوئي، ٻڍو واهڻ، عمر ڀيو، فقير محمد چانڊيو، ڍنڍ، حڪيم ۽ يار محمد کوکر جا ماڻهو شامل هئا. اهڙو سماج جنهن ۾ هر ماڻهو ٻئي جو همدرد، ساٿي سهڪاري ڀرجهلو ۽ مددگار هوندو هئو، تڏهن بک ۽ ڏک کي ڪير ليکيندو ئي ڪو نه هئو. هر ڪو ماڻهو پنهنجي ليکي سرهائي، سک ۽ شانتي محسوس ڪندي پيو پنهنجو وقت گذاريندو هئو. سياري ۾ جڏهن سيءَ ۽ پارا لڱ ٺاري ڇڏيندا هئا، تڏهن گهرن ۾ باهين جا مَچ ٻاري لڱن کي سيڪا ڏنا ويندا هئا. گهر گهر جي اجري ۽ ويڪري اڱڻ ۾ کير ولوڙا هوندا هئا، مکڻ جا چاڻا ۽ ڏڌ جا هنڀار لڳل هوندا هئا. آڳرن ۾ ساون گهاٽن وڻن ۾ امن امان، سک ۽ سڪار جا جهولا پيا جهلندا هئا، نينگريون سهرا لاڏا ڳائي گڏين جا پرڻا ڪرائينديون هيون ۽ سگهڙ زائفائون گهر ۾ ٽُڪ جون رليون سبنديون هيون ۽ گجن تي ڀرت ڀرينديون هيون. هر ننڍو، وڏي جو احترام ڪندو هئو ۽ هر وڏو، ننڍي لاءِ شفقت ۽ ٻاجهه جو ڇانورو ڪندڙ هوندو هئو. مختلف ذاتين، پاڙن، نکن هوندي به سمورو ڳوٺ هڪ گهر، هڪ ويڙهي، هڪ برادريءَ جيان محسوس ٿيندو هئو. ڳوٺ جا چڱا پريا مڙس ست راڄيءَ ۾ سڃاتا ۽ قبوليا ويندا هئا. راڄ ڀاڳ جي خير-گهرائي، سندن سڃاڻپ هوندي هئي. ماڻهن ۾ مڃتا ماڻڻ جو سبب سندن انسان دوست ۽ اعليٰ سماجي ڪردار هوندو هئو، جيڪي آنڌي مانڌي پيا پنهنجي راڄ ڀاڳ سان ڳن وڍ ڏيندا هئا. تڏهن سندن اوطاقون آباد هونديون هيون ۽ چئوڏسائن ۾ سندن ناماچاريءَ جا چئوٻول هوندا هئا. اهڙن مثالي چڱن/پرين مڙسن جو اڄ ڪال/ ڏڪار پئجي ويو آهي. ڏوڪڙ پئسو، حڪومتي اختيار، زمين زر جي گهڻائي هوندي به منجهن پنهنجي ان روايتي چڱ مڙسيءَ واري چڱائي جي گهڻي کوٽ آهي. وڏين گاڏين ۽ وڏن اٽالن سان هوندي به ڄڻ ته هو پنهنجي پر ۾ اڪيلا ۽ اوپرا آهن. سندن راڄ ڀاڳ سان اهو سندن وڏڙن وارو ورتاءُ ۽ پنهنجائپ وارو رويو ناهي رهيو ۽ رڳو ڏيکاءُ آهي. وڏن بنگلن ۾ رهندي، سندن دليون ننڍڙيون ٿي ويون آهن. مخصوص ماڻهن جي وچ ۾ رهندي هو. پنهنجي سماج ۾ محدود ٿي ويل ماڻهو آهن، جن جو سماج جي ڪڏهن به پرت سان ڄڻ ڪو وهنوار ئي نه رهيو آهي.
شاهه سائين چواڻي ته...
اڇي پڳ مَ پسُ، اندر مڙوئي اڳڙيون.
مال، زر اقتدار ۽ اختيار جي هٻڇَ ۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهو پنهنجي ڳوٺ، راڄ ڀاڳ، سنگت ساٿ کان اوپرا ۽ پرانهان، اڻ سڃاپو ٿيل ماڻهو پنهنجي انفرادي خوشحال زندگيءَ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ اجتماعي مفادن کي قربان ڪري، پنهنجي موڙي ۽ مال وڌائڻ واري ڊوڙ، ڊوڙندي سهَڪي رهيا آهن. جن جو ساٿ ساهن ۾ نٿو ماپي، جيڪي پنهنجو هوش هواس وڃائي چريا ٿي پيا آهن. پنهنجي چڱ مڙسي وارين چار روايتن کي پٺي ڏئي ”ست راڄيءَ“ ۾ به اڪيلا ته اوپرا ٿي رهيا آهن.
ڀڳا ڏار، ڳيرا اڏاڻا هليا ويا.
جڏهن وڻن جا ڏار ڀڳا، تڏهن ڳيرا اڏاڻا هليا ويا، پوڍائن ماڻهن وٽ جڏهن چار ٽڪا آيا آهن ته ”هو ٿومَ منجهان زعفران ٿي ويا آهن“. تڏهن کان سنڌي سماج مان سهپ، رواداري بَر منهن ڪري هلي وئي آهي. سماج مان، ماڻهن لاءِ احترام انهن جي مان مريادا ڄڻ ته دربدر ٿي رڻُ جهاڳي رهي آهي. پيار، پنهنجائپ واري روش ۽ رويو پنهنجو انت آڻي چڪو آهي. چئو ڏسائن ۾ عجيب وحشت جو راڄ آهي. سنڌ ۾ صدين کان جاري ”آهتي وهنوار“ ۽ ”ونگاري رواج“ پنهنجي پڄاڻي ڪري چڪو آهي. سنڌ پنهنجي سيبتن، سپورنج، ڏاتار ۽ ماهر ماڻهن کان محروم ٿي رهي آهي. سماج ۾ ڪرپٽ ماڻهن جي ڪرپشن جا چرچا آهن، انهن جي پذيرائي آهي، ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ جو هن سماج ۾ مان مرتبو ناهي رهيو، جيڪو مالي طور تي پنهنجي پيرن تي بيٺل ناهي، جڏهن ته گذريل زماني ۾ ماڻهوءَ جي ذاتي ڪردار، ڳڻن، چڱاين، ڪرت، مهارت، مان مرتبي جي سماجي قبوليت هوندي هئي.
اوستو ڪريم بخش، ان مثالي زماني جو هڪ سپورنج ۽ سُچيتو انسان هئو. جنهن پنهنجي حال سارو لوڪ جي اڻ مئي خدمت ڪئي. هن اوطاقي مڙس جو مان ۽ مرتبو اهڙو هئو جو سندس جيئري هوندي سموري ڄمار سندس اوطاق وسندي رهي. هن جي اکين ٻوٽجڻ سان ئي هن جي اوطاق جا در ٻيڪڙجي ويا جيڪي اڄ تائين نه کلي سگهيا آهن. الله سائين کيس پنهنجي امان ۾ رکي ۽ چڱن ماڻهن جي چڱاين کي ياد ڪرڻ جي لاءِ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي توفيق ڏئي.

No comments:

راءِ ڏيندا