اوستو ڪريم بخش
منهنجو جيءُ جڙي، سُپرين
سوگهو ڪيو
ادل سولنگي
هيءَ زرعي سماج ۾ ”آهتي ۽ ونگاري وهنوار“ جي اوج واري زماني جي ڳالهه آهي
ته مُهين جي دڙي کان ٻارهن ڪلوميٽر اتر پاسي، قديم ناري سان آباد قديم ڳوٺ محراب
پور، جنهن ۾ پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ نظم جو وڏو شاعر مولوي غلام رسول جتوئي، ناميارو
بزرگ خليفو صوبدار جتوئي ۽ مولوي لعل بخش سولنگي جهڙا شاعر پيدا ٿيا. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي
شهر کان ۲۵ ڪلوميٽر
۽ ڏوڪري کان ۵ ڪلوميٽر،
حيدر بخش جتوئي ريلوي اسٽيشن ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج جي ڀرسان انبن ۽
زيتونن جي باغن وچ ۾ آباد آهي. جنهن ڳوٺ جي هر هڪ گهر جي اڱڻ ۾ قديم نمن جا وڻ، ڇپر
۽ ڇانو ڪيو بيٺا هوندا هئا. پرين جي پار جهڙي هن ڳوٺ ۾ ڪنڀر، لوهار، واڍا،
زميندار، ڀوتار ۽ سوين ڏاڍا به رهندا هئا، جتي عيدون، هوليون، ڏياريون، ويساکيون ۽
ٿڌڙيون، گڏ ملهايون وينديون هيون. آرهڙ جا ڏينهن ۽ سياري جون راتيون گڏجي گهاريون
وينديون هيون. جنهن ڳوٺ ۾ ڪئي، ويڄ، طبيب، بزرگ، درويش، عالم، اڪابر، عاشق ۽ شاعر رهندا
هئا. محرابپور ڳوٺ جي چڱاين، مٺاين، نيڪين، سٺاين، راندين، روندين، واپارن، هنرن،
عالمن ۽ اديبن جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماضيءَ جون ڏکوئيندڙ
ڳالهيون ته وري ڪڏهن اُتساهيندڙ ڪردارن جا قصا ماضيءَ مان اُڀري حال جي منظر ۾ ڏيک
ڏيندا آهن ۽ انهن جو ذڪر به ٿيندو رهندو آهي. محرابپور جيڪو نه رڳو منهنجو پر
منهنجي وڏڙن ۽ منهنجي ننڍڙن جو به ڳوٺ آهي. فطرت هن ڳوٺ سان اسان جو اڻ ٽٽ سڱ ڪري ڇڏيو
آهي.
شاهه سائين چواڻي ته:.
