; سنڌي شخصيتون: موهن ديپ - نامديو تارا چنداڻي

15 May, 2020

موهن ديپ - نامديو تارا چنداڻي


موهن ديپ
وسري ويل اديب
نامديو تارا چنداڻي
برج موهن سان ته وري به ملاقات ۽ ٽيليفون تي رابطو ٿيو پئي، پر موهن ديپ سان ته مون ۴۰ سال پوءِ فيس بوڪ تي فرينڊ رڪوسيٽ ڪري فقط ٽيڪسٽ ميسيج ذريعي ئي وري دوستي ڪئي، البت هن جي موٽ بر وقت ۽ وڻندڙ هئي، هن بابت گوپ ڪمل اڳ ئي ٻڌايو هو ته هو هاڻ ناليرو ليکڪ آهي، مون هن جي مڌوبالا واري بايوگرافيءَ بابت نيشنل T.V تي لڳاتار ٻه ايپيسوڊ به ڏٺا هئا ۽ هن جا ليک گجراتيءَ ۾ انواد ٿي ايندا به ڏٺا هئا.


هن پنهنجو بيسٽ سيلر ناول The five foolish virgins موڪليو جيڪو مونکي ايترو اَچرج ڀريو داستان لڳو جو مون ان تي سنجيدهه ليک به لکيو، (ڪُونج، آڪٽوبر ۲۰۱۵ع)
فيس بوڪ تي هن جو وڏو سرڪل رهيو ۽ هو لڳاتار تکا ڪامينٽ ڪندو رهيو، هن جو تازو آيل ناول Color me rich به مون پڙهيو، جيڪو به فلمي دنيا جي Inside Story لڳو، جنهن کي فلمي هستي مهيش ڀٽ رليز ڪيو.
پر افسوس جو مون هن سان ۴۰ سالن بعد واري ملاقات آڃان ڪانه ڪئي ۽ نه ئي فون تي ڳالهه ٿي هئي، هن جي اِڇا هئي ته هو سنڌيءَ ۾ پنهنجو ناول آڻي ۽ سنڌي جڳت سان وري جڙي، هن پنهنجي وقت جي ڪيترن ليکن جا نالا لکي هنن بابت پڇيو، جن مان ڪي گذر ڪري ويا هئا ۽ هن کي خبر ڪانه هئي، هو اڃان به لڳاتار  لکندو رهيو هو.
۲۰۱۵_۰۹_۱۶ تي هن جو هڪ انٽرويو ڪراچيءَ ۾ پبلش ٿيو. An interview with famous Indian Author and feng shui master Mohan Deep بعد ۾ هن شوڪت حسين شورو صاحب سان به رابطو ڪيو هو، هن جو “اُڙتا پنجاب” جي نالي جي طرز تي “اُڙتا سنڌي” فيس بوڪ سرڪل ڪافي سرگرم رهيو، شايد ان ۾ ۵۰۰۰ (يا ۲۰۰۰۰) ميمبر ٿيا هئا.
البت سوشل ميڊيا ۾ سنڌي گهٽ هوندا، ڇو جوهن جو وڏو سرڪل انگريزيءَ سان وابسط رهيو هو.
موهن ديپ جي چالاڻي جي خبر مون کي شوڪت حسين شوري وٽان ملي ۽ ڪجهه تفصيل پوءِ گوپ عمل وٽان مليا، هن لکيو: He was sick for long time. His heart was functioning 25% only.
هن بابت سوشل ميڊيا ۾ انيڪ همدرديءَ جا ميسيج اَچڻ سڀاويڪ آهي، ساز اگروال اهڙي  هڪ وڏي مئسيج ۾ لکيو:
Mohan had cynical but he never stopped mourning the loss of the Sindhi language in India.
هن جي شاهي ناول The five foolish virgins ۾ سنڌي ڪردارن سنڌي سنت، سنڌين جي وارداتن جو ڀرپور ذڪر ملي ٿو، هو “سنڌيءَ” جي سڃاڻپ تي فخر محسوسي ۽ اظهاري ٿو، ويجهڙائيءَ ۾ هن کي “هنڌواسيءَ” ۾ به ڏسڻ جو موقعو مليو هيو،
پرم ابيچنداڻيءَ واري “سنڌي ڀاشا ۽ ساهيته ڪوش” ۾ ص ۲۱۱_۲۱۰ تي هن بابت لکيل داخلا ۾ (۱۹۹۵ تائين) ذڪريل رچنائون شامل آهن، “سرڳ منهنجين ۾ ٻانهن ۾” (۱۹۶۷ ناول) “ خالي هٿ” (۱۹۶۹ ناول) “تلاش” (۱۹۷۰ ناول) “پرائي عورت” (۱۹۷۲ ڪهاڻيون) منهنجي پاڇي جوهڪ حصو (۱۹۷۷ ڪوتائون) ان کان سواءِ هن جي ڪن رچنائن جو ذڪر هن جي آخرين ڇپيل ناول Color me rich  ۾ هن طرح آهي:
Silhouettes (Selected Essays)
Madhubala (Star Biography)
It is my life (Fiction)
Simply scandalous: Mina Kumari (Star Biography)
Eureka (Star Biography) four options (Quiz Book)
Feng shui for the bold & beautiful the rich & famous.
Nehru and the tantrik women (Historical fictional play)
The five foolish virgins (Fiction)
بهرام ڪانٽريڪٽر موهن ديپ لاءِ لکيو آهي:
Good as a biographer and better as a novelist always readable.

No comments:

راءِ ڏيندا