; سنڌي شخصيتون: قادرداد خشڪ،
Showing posts with label قادرداد خشڪ،. Show all posts
Showing posts with label قادرداد خشڪ،. Show all posts

02 May, 2020

قادرداد خشڪ


قادرداد خشڪ
پنھنجي ڪٿا
جنم :
منھنجو جنم ڳوٺ حاجي امدادا علي خشڪ تعلقو ڪنڊيارو ۾ ۱۹۷۲ ۾ ٿيو پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي ان کانپوء ۱۹۸۷ع ۾ مون مئٽرڪ گورنمينٽ ھاء اسڪول خانواھڻ مان ۽ ۱۹۸۹ ع ۾ انٽر ميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام ۾ BSc ڪراپ پروٽڪيشن ڊيپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. سن ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ پوليس جي پاران اخبار ۾ اشتھار آيو ته ريور اينڊ ھيليري فورس جوڙي پئي وڃي، ان ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ASI جون سيٽون آھن. مون ان ۾ فارم سميت درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ۲۵.۱۲.۱۹۹۲ اھا تاريخ ھئي، جڏھن مون کي سنڌ پوليس ۾ ASI طور ڀرتي ڪيو ويو ان ڏينھن مان بيحد خوش ھوس ۽ مون زرعي يونيورسٽي کي خير آباد ڪيو. ان کانپوءِ ۱۵ جنوري ۱۹۹۳ تي ٽريننگ لاءِ پوليس ٽرينگ ڪاليج شھدادپور وڄڻ ٿيو جتان ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۹۳ ۾ پاس آوٽ ٿي زندگي کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو منھنجي پھرين پوسٽنگ ٺري ميرواھ ٿاڻي تي ٿي جيڪو ضلعي خيرپور ميرس ۾ آھي ان دوران جبلتن ۽ احساسن جي جنگ جاري رھي. ۲۰۰۵ع ۾ موٽر وي پوليس ۾ ڊپوٽيشن تي نوڪريءَ لاءِ پھريان اسلام آباد ۽ پوءِ پوري پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو ۲۰۰۸ تائين جاري رھيو پوءِ پروموشن لاءِ واپس پنھنجي ڊيپارٽمينٽ اچڻ ٿيو مان ۲۰۰۷ ۾ سب انسپيڪٽر ۲۰۱۶ ۾ انسپيڪٽر پروموٽ ٿيس ۽ پوء مون ٻارن جي تعليم جي ڪري سن ۲۰۱۱ کان حيدرآبا رھائش اختيار ڪئي آھي.