خديجہ خانم دائود پوٽو
سنڌ جي نامور ليکڪا!
حسن پٺاڻ
سنڌ جي نامور ليکڪا
۽ صحافي بيگم خديجہ خانم دائود پوٽي جو پورو نالو خديجه خانم بنت ڊاڪٽر شمس الدين
شيخ هو. سندن والد حيدرآباد جي مشهور علمي گهراڻي جو فرد هو، جن مان ڊاڪٽر ضياء
الدين شيخ هڪ ناميارو شخص ٿي گذريو آهي.
خديجہ خانم دائود
پوٽو ۱۹۱۸ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀيڻ عائشہ شيخ سنڌ جي مشهور تعليمي
ماهر رهي آهي. خديجہ خانم، سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ تعليمدان شمس العلماء ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽي جي گهر واري هئي. نامور تعليم دان عيسيٰ دائود پوٽو سندس
فرزند آهي. خديجہ خانم دائود پوٽي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سوانح عمري ’منهنجي
مختصر آتم ڪهاڻي‘ ترتيب ڏئي ڇپائي. ان کان سواءِ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاعرن جو
سرتاج‘ (شاه عبداللطيف ڀٽائي) پڻ قابل ذڪر ڪتاب آهي.
