استاد ڪرم حسين
ھيءُ يار به ھليو ويو
نصير مرزا
ڦليلي واهه جي ڪناري
نوراني بستيءَ ۾ ڇا ته پُر فضا هنڌ تي هن پنهنجي رهائش ۽ نويڪلائي ۾ رياضت لاءِ هڪ
ننڍڙو آشيانو جوڙايو هو. هن جي بزرگ والده، استاد منظور علي خان جي ھمشيره امان
خيرالنساءِ ۽ ٽي ڀائر ديدار حسين، محبت علي ۽ احسان علي پُراڻي لياقت پاڙي ڀرسان فردوس
ڪالوني ۾ ئي رهندا هئا، جنهن کي ماڙيچه گائڪن، ميراثين ۽ گواليار گهراڻي جي گائڪن
پنهنجي فن جي وديا سبب نئين سڃاڻپ ڏني ھئي، پر دور حاضر تائين ايندي ايندي هيءُ
سارو علائقو ايترو ته گنجان، ڳتيل ۽ ڪثير آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويو، جو گهٽين مان
گذرو ته ساهه کڻڻ دشوار...تڏهن هن تنهائي پسند يار گهر کان وٿيرڪو ڦليلي واهه جي ڪناري
پنهنجي لاءِ هي گوشهءِ آفيت وڃي آباد ڪيو. جنهن لاءِ هن سدائين چيو ”يه گهر ميرا
گلشن هئه“ جتي پرهه ڦٽيءَ جو پکين ۽ خوشبوئن جي سجاڳ ٿيڻ سان هو پنهنجي ڍولڪ يا
طبلي تي روزاني رياضت ڪندو ۽ پنهنجي آڱرين جي نرت تي ڦليلي ڪناري بيٺل وڻن کي
جهومندي ڏسندو ۽ ڪيڏو نه خوش ٿيندو رهندو هو. مون چند ڏينهن اڳ ڏهين اپريل تي تازو
پنهنجي وڇڙي ويل يار ڍولڪ نواز ڪرم حسين جي ڳالهه پئي ڪئي. جنهن جو تعلق ننڍي کنڊ
جي نامي گرامي گواليار گهراڻي جي گويا خاندان سان هو. ھنن هند کان سنڌ تائين
گواليار گهراڻي جي گائيڪيءَ کي نئين حياتي، نئون انداز ڏئي ڇڏيو هو. اسان جي هن ڪمهلو
لاڏاڻو ڪري ويل ڪرم حسين ان ئي گواليار گهراڻي جي عظيم راڳي استاد بيبه خان جو سڳو
پوٽو هو ۽ جنهن جي پڙَ ڏاڏي جو نالو هو استاد گامڻ خان. سنڌ جي بي مثل راڳ جو بي
تاج بادشاهه استاد منظور علي خان، ڪرم حسين جو مامو، عظيم موسيقار استاد نياز
حسين، ڪرم جو وڏو چاچو، دور حاضر ۾ ڀٽائي صاحب جي باغ جا گل ۽ وائي کي جديد ڍنگ
سان ڳائيندڙ ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين اسان جي ڪرم حسين جا سڳا سئوٽ ۽ ماسات، جڏهن
ته ڪرم جا ٻه ڀائر ديدار حسين ۽ محبت علي به ڪيڏا نه سٺا ۽ ڀلا راڳي، پر وڏو ماسات
استاد فتح علي خان ته دور حاضر ۾ گواليار گهراڻي جو دستاربند پڳدار ۽ ڪلاسيڪل گائيڪي
۾ خانصاحب جي منصب تي فائز سمجهو.
