سڪندر بختيار کوسو
بيدل مسرور
سڪندر بختيار کوسي
جي وفات جي خبر پڙهي، فون کنيم، نمبر ملايم، مزي جي ڳالهه ته فون به سڪندر بختيار
ئي کنئي. ”اڙي يار اخبار ۾ پڙهيو اٿم ته تنهنجو انتقال ٿي ويو آهي.“
”منهنجو نه
شاهمراد دائودپوٽي جو انتقال ٿي ويو آهي، خبر غلط لڳي آهي.“
شاهمردا جي گذاري وڃڻ
جو ٻڌي وري ٻوڏارن ۾ پئجي ويس. ڪافي دير تائين ان جي يادن ۾ گم ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته
منهنجي علمي ادبي زندگيءَ جا ابتدائي نوَ سال (۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۳ع) جيڪب آباد ضلعي سان وابستا رهيا آهن، جن
جو هڪ الڳ ۽ وڏو داستان آهي..
