سيد مير محمد بلگرامي
تبصرة الناظرين جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
بلگرام هندستان جي صوبي اتر پرديش ۾ اچي وڃي ٿو. قديم دور
کان هي شهر علم، ادب ۽ تصوف جو مرڪز رهيو آهي. هتان ڪيترا ئي عالم ۽ اديب پيدا ٿيا
آهن. جن مان هڪ علمي گهراڻي ”بلگرامي“ جا ڪيترا ئي فاضل، خودمختيار يا نائب طور دهلي
درٻار پاران 1706ع کان 1742ع تائين سنڌ ۾ وقائع نگاري تي مقرر هئا. انهن ۾ غلام علي
آزاد بلگرامي، سيد مير محمد بلگرامي، مير عبدالجليل بلگرامي وغيره وڏا نالا چئي سگهجن
ٿا. ان سلسلي ۾ سيد مير محمد بلگرامي جي ڪلهوڙن
جي تاريخ ڊائري جي سلسلي ۾ فارسي ۾ لکيل ”تبصرة الناظرين“ وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي.
عارف نوشاهيءَ جو بلگرامي گهراڻي تي هڪ پيپر بين الاقوامي
اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي ٽماهي ”فڪر و نظر“ 1992ع ۾ ڇپيو آهي. مضمون محمد پنهل
ڏهر ترجمو ڪري ”بلگرام جي هڪ علي گهراڻي جي سنڌ ۾ وقائع نگاري“ جي عنوان سان مهراڻ
1998ع/3.4 ۾ شايع ڪرايو هو. هو سيد مير محمد بلگرامي جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو ته
”سيد محمد بلگرامي تخلص ”شاعر“ 1 ربيع الاول 1101ھ تي ڄائو. هو به پنهنجي پيءُ وانگر
لغت، محاظرات، شاعري ۽ تاريخ گوئي ۾ مهارت رکندو هو. عربي، فارسي ۽ هندي زبان تي غير
معمولي عبور حاصل هيس. 1175هه ۾ پنهنجي وطن بلگرام ۾ فوت ٿيو. سيد مير محمد جو پيءُ
مير عبدالجليل 1117هه کان سنڌ ۾ وقائع نگاري ڪري رهيو هو. 1130هه ۾ هن استعفيٰ ڏني
۽ پنهنجي جاءِ تي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪرايائين سيد مير محمد 24 ربيع الاول 1133هه (فيبروري
1721ع) تي دهليءَ مان بکر ۽ سيوستان ڏانهن روانو ٿيو ۽ جماد الآخر 1133هه تي بکر پهچي
اتي بخشگيري، سوانح نگاري ۽ وقائع نگاريءَ جا عهدا سنڀاليائين.“
سيد مير محمد بلگرامي جو پيءُ وانگر ڪلهوڙن سان گهاٽو رستو
هو. سندس مستقل رهائش سيوهڻ ۾ هوندي هئي، مگر حڪمرانن جي گهرائڻ تي خدا آباد ۾ وڃي
رهندو هو. سيد مير محمد بلگرامي سنڌ ۾ نادر جي حملي تائين ڪم ڪندو رهيو، ليڪن جڏهن
حالتون بدلجي ويون ته 1742ع ۾ نوڪري ڇڏي 1743ع ۾ بلگرام پهچي ويو . ميان يار محمد کيس
تمام گهڻي عزت ڏيندو هو، هن جي سنڌ مان واپسي کان ڏھ سال پوءِ 1166هه ۾ جڏهن آزاد بلگرامي
ماثر الڪرام لکي رهيو هو، ان ۾ سيد مير محمد جي ذڪر ۾ چوي ٿو ته ”سنڌ جا سڀئي ماڻهو
هاڻي به سيد مير محمد کي ياد ڪندا آهن ۽ ان جو ذڪر خير سٺن لفظن ۾ ڪندا آهن.
سيد مير محمد هڪ پختو شاعر ۽ مورخ هو. هن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا
آهن، جن ۾ ”تبصرة الناظرين“ فارسي ۾ لکيل اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ پنهنجي ڄمڻ واري
سال 1689ع وٺي پنهنجي وفات کان ٽي سال پوئتي وارن سالن (69-1768) تائين هندستان ۾ پيش
ايندڙ واقعا ڊائريءَ جي طرز تي لکيائين. پير حسام الدين راشدي هن ڪتاب لاءِ لکيو آهي
ته معلومات جي لحاظ کان هيءُ ڪتاب قيمتي ۽ نهايت اهم اطلاعن جو ذخيرو آهي. ٻارهين صدي
جي پهرئين اڌ اندر، سنڌ ۾ ٿيل ڪي نهايت ئي اهم واقعا، پهريون دفعو هن ڪتاب ذريعي اسان
جي سامهون آيا آهن ۽ ڪيترن ئي واقعن جو نئون رخ بلڪ سچو پچو تفصيل اسان کي معلوم ٿئي
ٿو. ڪن واقعن جون صحيح تاريخون پڻ هن ڪتاب جي طفيل مليون آهن. ساڳيءَ ريت نادر شاھ
متعلق نئون مواد به مليو آهي. خاص طرح سندن ڪارندن سنڌ ۾ رهي جيڪي ڪارناما ڪيا، انهن
جو اهڙو واضح نقشو ڏنو ويو آهي جو انهن کي پڙهندي لونءَ لونءَ ڪانڊراجيو ٿي وڃي. هي
ڪتاب اڃا شايع نه ٿيو آهي. ڪجهه حصن جا ترجما ڊاڪٽر غلام رسول قادري بلوچ ڪيا آهن.
هو هن ڪتاب لاءِ لکي ٿو ته؛
”جيئن ته مصنف هن ڪتاب ۾ ڪلهوڙا دور جا سن وار واقعا قلمبند ڪيا آهن
ان ڪري اهو ڪتاب هڪ قسم جو سالنامو يا سال واري ڊائري بڻجي پيو آهي. هن ڊائريءَ ۽ جتي
سيد مير محمد بلگرامي هڪ طرف ڪلهوڙن جي فتحن ڪاميابين ۽ شادين ۽ خوشين جو ذڪر ڪيو آهي،
اتي نادر شاھ افشار جي اڳيان ميان نور محمد ڪلهوڙ جي بيوسيءَ، خراج ڀرڻ ۽ سندن لشڪر
طرفان ڪلهوڙن جي رعيت تي جيڪو ڏاڍ، ڏمر، قهر ۽ جبر روا رکيو، ظلم ستم جا ويل وهايا
ان جي اکين ڏٺي چٽي تصوير به ان ۾ چٽي آهي. جيئن سيد مير محمد بلگرامي نادر شاھ جي
ڪارندن جو ڪردار بيان ڪندي لکي ٿو. جڏهن مغل سنڌ ۾ رهيا ته هر شهر ۽ لشڪر تي ڪاهه
۽ قهر ڏاڍ ۽ ڏمر جاري رکيائون جتي به ڪو ڀلو گهوڙو ٿي ٻڌائون ته اتي پهچي ان کان اهو
گهوڙو کسيائون ٿي. ويچارو گهوڙي جو ڌڻي بيوس ٿي انهن ساڻ ڪنهن به طرح پڄي نٿي سگهيو.
اهڙي طرح ڪنهن وقت ڪا چڱي تلوار يا شال يا سٺو ڪپڙو ڏٺو ته اهو به زوريءَ ڦري ٿي ورتائون“
هن ڪتاب مان سنڌ جي سماجي حالتن جو ذڪر به ملي ٿو هڪ هنڌ
هن ذڪر ڪيو آهي ته ”سنڌ ۾ ڇوڪرين (نياڻين) جو وڪرو به ٿيندو آهي“ هن 1735ع ۾ سيوهڻ
مان 84 روپين ۾ هڪ چوڏهن سالن جي ٻانهي خريد ڪئي ۽ ان جو نالو ”سهڻي“ هو. هڪ آسماني
طوفان جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته محرم 1148هه تي سنڌ ۾ ايڏي زور سان ڪارو طوفان آيو جو
آسمان ڪاري غبار سان ڇائنجي ويو ۽ سڄوماحول اونداهو ٿي ويو، جو ڪو به شخص يا شيءِ نظر
نه ٿي آئي. ماڻهن تي خوف ۽ هراس ڇائنجي ويو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اهو غبار هلڪو ٿيڻ لڳو.
تڏهن ماڻهو جي جان ۾ جان آئي. ليکڪ چوي ٿو ته هن پنهنجي 47 سالن جي زندگي ۾ اهڙو خوفناڪ
واقعو پهريائين ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هو نادر شاھ جي باري ۾ لکي ٿو ته :
”نادر شاھ تقريبن ٽي مهينا شاھ جهان آباد ۾ رهيو. نادر شاھ پئسا ڏوڪڙ
مال متاع، بي انداز هيرا جواهر ۽ شاھ جهان بادشاھ جو فائوسي تخت سڀ لٽي ڦري، ماھ سفر
جي اڌ ڌاري سن 1152هه ۾ کڻي ايران ملڪ ڏي موٽيو. ڪنهن شخص دهليءَ جي برباد ٿيڻ جي تاريخ
هن جملي مان ڪڍي آهي.
”دلي خراب شد“ يعني دهليءَ جو شهر برباد ٿيو. هن جنگ ۾ هندستان جي بادشاھ
طرفان ايراني فوج سان سخت ۽ دليريءَ سان مهاڏو ڏنو ۽ مقابلو ڪيو. انهن ۾ دوست ۽ لگرامي
ڀائر، جن مان هر هڪ ان سپاهگيريءَ ۾ مشهور هو. جنهن مير محمد محسن عرف سيد روشن ۽ سندس
ساٿي جن جنگ کي بهادريءَ ۽ دليري سان منهن ڏنو هو آخرڪار تاريخ 15 ذوالحج تي شهادت
جو شربت پيتائون.
هن کي قلندر لعل سان به خاص عقيدت هئي. هر مهيني جي پهرئين
جمعي تي هو درگاھ جي زيارت تي ويندو هو. هڪ خواب جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”هن شعبان 1152هه ۾ خواب ڏٺو ته هو قلندر لعل شهباز جي روضي مان فاتحه
پڙهي ٻاهر نڪتو ته ماڻهن جو هڪ هجوم ڏٺائين، جتي ڪاري رنگ جي هڪ عورت اهڙي سريلي آواز
۾ ڳائي رهي آهي جو مصنف بي اختيار رقص ۽ سماع ڪرڻ لڳو.“
No comments:
راءِ ڏيندا