; سنڌي شخصيتون: بيگم اشرف عباسي - غلام محمد ڀٽي

03 August, 2015

بيگم اشرف عباسي - غلام محمد ڀٽي

بيگم اشرف عباسي
سياسي جدوجهد جو اهم ڪردار
غلام محمد ڀٽي
اسان جي معاشري توڙي سماج ۾ ڪم ڪندڙ ان عظيم عورتن جا ڪردار قصا، خدمتون، محنتون، قربانيون رائيگان نه ويون آهن. جيڪي اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ زندهه بڻيل آهن ۽ وڇڙيون آهن مگر پر ڪڏهن به وسريون ناهن ڇو ته ٻين ڪاڻ جيئڻ واريون عورتون ۽ سماج ۾ بي پهچ عوام جون خدمتون سرانجام ڏيڻ توڙي دلي سڪون مھيا ڪرڻ واريون عورتون ڪڏهن به نه مرنديون آهن. انهن عظيم عورتن ۾ امر بڻيل شخصيت، ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي به نمايان حيثيت رکندڙ آهي. جيڪا ڪڏهن به تعارف جو محتاج نه رهي هئي. جيڪا سياسي سماجي ادبي ساک رکي پاڻ مڃرائي ملهائي وئي هئي ڇو ته اها هڪ ئي وقت وڏو نانءُ هئي. جيئن ته شهيد بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري، ايم اين اي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر، ليکڪ (جيڪي هلن هيڪليون) ڪتاب لکيو ۽ عورتن کي شعور ڏئي، همٿائي ورڪرن کي فرش کان عرش تائين پهچائي، انهن جي حقن لاءِ جاکوڙي توڙي تعليم ڏياري ڄڻ ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي يونيورسٽي جيان ادارو هئي! جيڪا پنهنجي ڪاڻ جيئڻ بدران ٻين ڪاڻ جيئڻ سيکاري وئي. ڇو ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ورڪرن توڙي برادري جي ماڻهن لاءِ امڙ ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان شهرت ماڻي ورتي هئي. جيڪا هر شعبي ۾ وڏي حيثيت رکندڙ ۽ بهترين ڪردار نڀائيندڙ ۽ قومي اسيمبلي جي پهرين سنڌي ڊپٽي اسپيڪر عورت هئي ۽ پيار اولاد جيان سڀني ورڪرن توڙي سهيلن سان ڪندي هئي ۽ انهن مٿان ڇپر ڇانءَ بڻيل هئي ۽ گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي. جنهن هر شعبي ۾ پاڻ ملهائي ڏيکاريو. تڏهن ته اڄ به ورڪرن توڙي پيارڪندڙ شاگردياڻين ۽ خاندان جي دلين ۾ زندهه آهي.


امر شخصيت ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جي اڄ به شديد کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي ۽ جنهن ڪڏهن به ورڪر، شاگردياڻين خاندان سان ناراضگي نه ڪئي پر پيار ۽ ٿڌي لهجي ۾ ڳالهائي نفرت بدران پيار دعائون آڇي ڇڏيندي هئي. ڪڏهن به پريشان ۽ مايوس نه هئي. ھن هر شعبي ۾ بهترين نموني ۽ سٺي ڪردار سان پاڻ مڃرايو هو. جيڪا تاريخ جي ورقن توڙي دلين مان مٽجي نٿي سگهي ۽ هر طرف ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جي ڪيل محبتن خدمتن قربانين توڙي پنهنجائپ واري رشتي توڙي شفقت واري ڇپر ڇانوَ اڄ به عباسي هائوس تي ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جي بي انتهائي کوٽ محسوس ٿيندي رهي آهي.
جڏهن ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي پ پ سان سڄي حياتي سلهاڙيل هئي ۽ شهيد بينظير ڀٽو عوام سان محبت ڪندڙ هئي ۽ آخري دم تائين به پ پ سان سچن ورڪرن جيان رهي ۽ هر شعبي ۾ بي پهچ انسانن جون خدمتون سرانجام ڏيندي پاڻ ملهائي امر بڻجي وئي.
ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جون گهاريل گهڙيون ۽ يادون ويتر يادگار بڻيل آهن. ڇو ته تاريخ جي ورقن ۾ قيامت تائين رهڻي آ ۽ رهندي ڇو ته انسان فاني آهي. پر ان جون ڪيل سياسي، سماجي، ادبي خدمتون، قربانيون ڪڏهن به رائيگان نٿيون ٿي سگهن. اها هر شعبي ۾ اتم نانءُ ڪمائي وئي آهي.
جڏهن ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جي وفات ٿي هئي. ان سلسلي ۾ ملهائجندڙ ورسي حوالي سان تاثر لکيو آهي ۽ ان جي ٿيل وڇوڙي جو خال ته ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي پر اڄ به کوٽ محسوس ٿيندي رهي ٿي. جيئن ڀٽائي سرڪار چوي ٿو ته:
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءُ کي جيارين سي لاتوتي لڏي ويا.


No comments:

راءِ ڏيندا