; سنڌي شخصيتون: نور محمد لاشاري

23 August, 2015

نور محمد لاشاري

نور محمد لاشاري

ليجنڊ اداڪار

لياقت راڄپر



جڏهن کان هي دنيا وجود ۾ آئي آهي ته هڪڙا انسان پيدا ٿين ٿا ۽ ٻيا مري وڃن ٿا ۽ اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو پر ڏسڻو اهو آهي ته جيڪي به انسان هن جهان ۾ آيا، انهن پوئتي ياد ڪرڻ لاءِ ڇا ڇڏيو آهي. جن زندگي ڀر ڪجهه به اهڙو خاص ڪارنامو نه ڪيو آهي ۽ انهن جو تعداد کربن ۾ آهي. جڏهن ته ڪجهه وري اهڙا به آهن، جن پنهنجون يادون پنهنجي فن ۽ ڪم وسليي ڇڏيون آهن ۽ انهن کي اڄ به ساريو وڃي ٿو.


انهن ماڻهن منجهه هڪ فنڪار نور محمد لاشاري به آهي، جنهن پنهنجي پويان نه صرف اولاد پر فن ۽ فين ڇڏيا آهن جيڪي هن کي ياد رکندا اچن ٿا. لاشاري هڪ سادو، کرو ۽ بردبار شخص هيو، جنهن ۾ سنڌ جو ڪلچر نظر ايندو هيو. هن جي ڳالهائڻ ۾ سچائي ۽ محبت درياهه جي وهڪري وانگر ڇوليون کائيندي وهندي ڏسڻ ۾ ايندي هئي. منهنجي ملاقات هن سان اڪثر پي ٽي وي تي ٿيندي هئي ڇو جو مان ان زماني ۾ هڪ انگريزي اخبار لاءِ شوبز جي رپورٽنگ ڪندو هيس. هو هلندڙ ڦرندڙ فنڪار هيو جنهن جي ٻولي پختي ۽ لفظ وزندار هيا ۽ هو جنهن سان به گفتگو ڪندو هيو ته هن ۾ هڪ مدبر ۽ باصلاحيت انسان نظر ايندو هيو.

نور محمد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪافي فلمن ۾ ڪم ڪيو، ريڊيو تي اداڪاري ڪئي ۽ پوءِ پي ٽي وي تي اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ پاڻ مڃرايو. مون کي رزاق مهر جو لکيل اهو سنڌي ڊرامو ڏاڍو وڻيو جنهن جو نالو هيو، ”سفر“ جنهن ۾ هن هڪ ماستر جو ڪردار ادا ڪيو هيو، جنهن ۾ هن جي زال جو ڪردار روشن عطا ڪيو هيو ۽ هدايت بيدل مسرور جي هئي. هن ڊرامي ۾ لاشاري اهڙي ته ادڪاري ڪئي جو ڏسندڙ روئڻ کان رهي نه سگهيا. ان کان علاوه هڪ پي ٽي وي جي دستاويزي فلم ”دنگيءَ منجهه درياهه“ هيو، جنهن ۾ جيجي زرينه هن جي گهر واري جو ڪردار ادا ڪيو هيو. هي ڊرامو مهاڻن جي زندگيءَ تي ٺاهيو ويو هيو، جنهن جي هدايت هارون رند ڏني هئي. هن ڊرامي کي جرمني ۾ ٿيل انٽرنيشنل فلمي ميلي ۾ ٽيون نمبر ايوارڊ مليو هيو. مهاڻن جي زندگيءَ تي ٺهيل دستاويزي فلم ۾ لاشاريءَ کي ڏسڻ سان ائين لڳو ته ڄڻ هو اصل کان مهاڻو آهي.

لاشاري جي زندگي به هڪ وڏو ناول هئي ۽ هن زندگيءَ جا وڏا لاها ۽ چاڙها ڏٺا هيا، جنهن جو عڪس هن جي اداڪاريءَ ۾ نظر ايندو هيو، خاص ڪري هن جي ڳالهائڻ ۾ لفظن جي ادائگي ۽ جسم جي حصن کي لفظن مطابق هلائڻ شامل هيو. هن جو ٻيو اردو ڊرامو ”دشت جيڪو بلوچستان پي ٽي وي مرڪز تان نشر ٿيو هيو جنهن ۾ هن هڪ بلوچ سردار جو رول ادا ڪيو هيو، جنهن ۾ هو هڪ دهشت رکندڙ سردار نظر آيو، جڏهن ته هر ڊرامي ۾ هن کي مظلوم ڏيکاريو ويندو هيو. هڪ ٻئي پي ٽي وي ڪراچي مرڪز تان هليل ڊرامي ”ڇوٽي صاحب ۾ ڇا ته هڪ ٻهراڙيءَ جي اٻوجهه ماڻهوءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن مان سنڌي ڪلچر ۽ هن جي سادگي صاف نظراچي رهي هئي.

مون هن فنڪار جي هڪ ٻي خوبي ڏٺي، جيڪا مون کي پاڻ ڏاڍي وڻي ته هو جڏهن به ڪو ڪردار ڪندو هيو ته ان ڪردار سان ملندو هيو ۽ ان جي اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ يا ڪرت کي غور سان ڏسندو رهندو هيو. مثال طور جي ڪڏهن هن کي ڪنهن فقير جو رول ادا ڪرڻو آهي ته هو فقيرن جي Actions ۽ انداز کي ڏسي پنهنجي ڪردار کي ادا ڪرڻ ۾ انهن جي حرڪتن کي نظر ۾ ضرور رکندو هيو. هن جي طبيعت ۾ بي باڪي ۽ دليري گهڻي هئي. هڪ ڀيري جڏهن پي ٽي وي جي فنڪارن معاوضي ۽ زيادتين جي باري ۾ هڪ تحريڪ هلائي هئي ته ان ۾ به اڳ ۾ هوندو هيو.

هو جڏهن جـُـنگشاهي ۾ ماستر هيو ته واندڪائي واري وقت سائيڊ ۾ هڪ مڇي جي ٺيڪيدار وٽ منشي گيري جو ڪم ڪندو هيو. هن ڪم ذريعي هن کي مهاڻن کي ويجهي ڏسڻ ۽ ملڻ جو موقعو ملندو هيو ۽ ان کان علاوه هن جو ڳوٺ منڇر ڍنڍ کان ويجهو هيو ۽ اتي به هن جي ملاقات اتان جي مهاڻن سان ٿيندي هئي جنهن جي ڪري هن ”دنگي منجهه درياھ“ ۾ مهاڻي جو ڪردار خوبصورتيءَ سان ڪيو ۽ اها دستاويزي فلم جڏهن ڀٽي صاحب ڏٺي ته مهاڻن تان مڇي مارڻ واري ٽيڪس معاف ڪري ڇڏي.

جڏهن نور محمد لاشاري ڪراچي لڏي آيو ته هن سڀ کان پهريائين ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ پي ٽي وي تي Copyist ٿيو، ڇو جو هن جي Handwriting ڏاڍي سٺي ۽ صاف سٿري هوندي هئي ۽ هو سنڌي ٻولي جي ڄاڻ ۾ به اڳتي هيو. هلندي هلندي هن کي ريڊيو ڊرامن ۾ به اداڪار طور موقعو ڏنو ويو ۽ اتي هن جو پهريون پروگرام هيو گلدستو. ريڊيو ۾ ڪم دوران لاشاري جي دوستي ڪامران ڀٽي ۽ رشيد صابر سان ڏاڍي گهري ٿي وئي هئي. ۽ جيئن ته رشيد صابر جو گهر ريڊيو اسٽيشن جي ڀرسان هيو، ان لاءِ لاشاري اڪثر ان وٽ ويندو هيو ۽ اچڻ کان اڳ هو پنهنجي ففٽي موٽر سائيڪل هيٺ بيهاري فليٽ هيٺان بيهي آواز ڏيندو هيو ۽ جيڪڏهن صابر گهر هوندو هيو ته پوءِ مٿي ڏاڪڻيون چڙهي ويندو هيو.

هو چانهه جو ڏاڍو شوقين هوندو هيو ۽ صابر وٽ پهچي پهريائين ان جي گهرواريءَ کي چوندو هيو ته ڀاڄائي چانهه ته پياريو پر کنڊ نه وجهجو، جڏهن ته پاڻ سان گڏ هڪ ڪلو جليبين جو وٺي ايندو هيو ۽ سڀ چٽ ڪري ڇڏيندو هيو پوءِ هن کي چوندا هيا ته توهان کي شگر جي بيماري آهي، تڏهن مٺي چانهه نٿا پيو پر هڪ ڪلو جليبي کائي ٿا وڃو ته ان مان ڪهڙو فائدو. لاشاريءَ زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ ڀيرو ٽيڪسٽائيل مل ۾ به ڪم ڪيو، جتي هڪ مئنيجر هوندو هيو، جيڪو هن سان گهڻو ٺهيل هيو ۽ آخر تائين علاج ۾ هن جي مدد ڪندو رهيو. اها ڳالهه تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته لاشاري آرمي ۾ به رهيو هيو، جتان هو ڀڄي آيو ۽ هن کي ڀڳوڙو قرار ڏنو ويو هيو ۽ ڪجهه عرصو سزا کائڻ کانپوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو هيو. هن جون ٻه شاديون هيون. پهرين زال مان پٽ ۽ نياڻيون هيس. ٻي شادي هن پسند جي ڪئي هئي، جيڪا هاڻي الله کي پياري ٿي وئي آهي. ٻي زال مان جيڪي اولاد اٿس، انهن مان صرف هڪ پٽ گل محمد شوبز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. لاشاري جي ماءُ مڪراڻي بلوچ هئي. ۽ فلم ۽ ٽي وي جو مشهور اداڪار انور اقبال هن جو ڀاڻيجو آهي. لاشاري جڏهن ڳوٺ مان ڪراچي لڏي آيو ته اچي لياري ۾ رهيو ۽ هو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جو اڪيلو پٽ هيو.

هڪ دفعو پاڻ پنهنجي زندگيءَ جو سچو ۽ انوکو واقعو ٻڌايو هيو ته هڪ فلم جي شوٽنگ دوران ڦاسي ڏيڻ واري سين حقيقت ۾ بدلجڻ لڳي هئي ۽ هو مرندي مرندي بچيو. هي هڪ ڦاسي ڏيڻ واري سين هئي، جنهن ۾ ڦاسي ڏيڻ واري رسي جي ڳنڍ کلي وئي ۽ اهو ڦاهو آهستي آهستي هن جي ڳچيءَ ۾ سوڙهو ٿيندو پئي ويو ۽ هن جو ساهه بند ٿيندو پئي ويو، جنهن سان هن جا تاثرات بدلجندا پئي ويا پر هدايتڪار ۽ ٻيو عملو تاڙيون پيو وڄائي ته واهه جي پرفارمنس آهي. پر جڏهن ڏٺو ويو ته هن جي حالت خراب ٿيندي پئي وئي، تڏهن وڃي هن جي ڪنڌ مان رسو ڪڍيو ويو پر لاشاري بيهوش ٿي چڪو هيو ۽ پوءِ ٿوري دير بعد کي هوش ۾ آندو ويو ته سڀني شڪر ادا ڪيو.

لاشاري هڪ درجن کن سنڌي فلمن ۾ به ڪم ڪيو هيو جنهن ۾ جيڪي مون کي ياد اچن ٿيون، انهن ۾ شهيد، جيئي لطيف، گهاتو گهر نه آيا، رت ۽ اجرڪ، منهنجو پيار پڪاري وغيره شامل آهن. ٽي وي ڊرامن ۾ ته ڪافي سنڌي ۽ اردو ڊرامه آهن، جن ۾ هن حقيقت جو رنگ ڀري ڇڏيو هيو. خاص ڪري سنڌي ڊرامو ماروي، راڻي جي ڪهاڻي وغيره شامل آهن. هن ۱۹۹۳ع ۾ صدارتي ايوارڊ به حاصل ڪيو هيو، جيڪو هن کي صدر غلام اسحاق خان ڏنو هيو. جڏهن جرمني ۾ ايوارڊ دستاويزي فلم دنگيءَ منجهه درياهه کي ايوارڊ مليو ته ان لاءِ لاشاري کي به گهرايو ويو هيو پر هڪ حادثي ۾ ٽنگ ۾ فريڪچر جي ڪري هو نه وڃي سگهيو.

لاشاري جي طبيعت ۾ مزاح ڏاڍو شامل هيو ۽ اڪثر هو سٺا سٺا لطيفا ۽ چرچا ٻڌائيندو هيو. پر هن هميشه غمگين ۽ ڏک وارا ڪردار ادا ڪيا آهن ڇو جو هن جي زندگيءَ ۾ انهن جو وڏو حصو رهيو آهي. هن کي ڪتابن پڙهڻ جو وڏو شوق هوندو هيو، خاص ڪري ڊائجسٽ گهڻا پڙهندو هيو، جيڪي هو لائبريري مان ڪرائي تي کڻي ايندو هيو ۽ جيستائين ان کي سڄو پڙهي نه وڃي سمهندو نه هيو. هن جي سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ ٻيا تمام گهڻي عزت ڪندا هيا ۽ هو هڪدم نه صرف هن سان ملندا هيا پر هن جا ڪم به ڪندا هيا ۽ لاشاري جي عزت ۽ احترام جي ڪري هن جي ڳوٺ کي بجلي جي سهولت جلد ملي وئي هئي.

جڏهن هندستان جو هڪ مهمان اداڪار دليپ ڪمار پاڪستان جي دوري تي آيو هيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي وي مرڪز ۾ ملندڙ ۾ نور محمد لاشاري به شامل هيو. لاشاري جي فن سان محبت جي اها انتها هئي، جو هن ماستري تان وقت کان پهريائين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، ڇو جو هو هڪ ئي وقت صرف هڪ پيشي سان انصاف ڪرڻ چاهي پيو ۽ پوءِ رڪارڊنگ تي اڃا وقت جي پابندي کي برقرار رکڻ لاءِ هن هڪ ففٽي موٽر سائيڪل خريد ڪئي. پنهنجي ڳوٺ ۾ به اسڪول ۾ وقت تي پهچڻ لاءِ هن هڪ سائيڪل ورتي هئي، ڇو جو ان زماني ۾ بسن جو رواج گهڻو ڪو نه هيو ۽ روڊ رستا به پڪا ۽ گهڻا نه هيا. لاشاري کي کاڌي ۾ مڇي ڏاڍي پسند هئي ۽ هو پاڻ ڪڪنگ ڪرڻ جو شوقين هيو ۽ مٺاڻ لاءِ ته هو چريو هيو ۽ ان ڪري هو شگر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو پر ان کان پوءِ به مٺيون شيون کائڻ گهٽ نه ڪيون.

نور محمد لاشاري ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۱ع ۾ ڳوٺ ڪوٽ لعل ۾ فيض محمد لاشاري جي گهر ۾پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ مان پرائي ۽ پوءِ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرڻ بعد هو ٽيچر ٿيو. ان نوڪري دوران هن اديب فاضل جو امتحان به پاس ڪري ورتو. جڏهن هن عشق مان ٻي شادي ڪئي ته هن جي دشمني پيدا ٿي ۽ هو ڪراچي لڏي آيو. مسلسل ڪم ڪرڻ، آرام نه ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي ۾ احتياط نه ڪرڻ سبب هو شگر ۽ ڪاري ڪامڻ جهڙين بيمارين جو شڪار ٿي ويو ۽ اسپتال ۾ علاج جي باوجود هو زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو ۽ هو ۱۹۹۷ع تي هن جهان مان ڪوچ ڪري ويو. پر افسوس جو هيڏي وڏي فنڪار کي پڇڻ لاءِ هن جا ويجها دوست به نه ويندا هيا ۽ هن جي جنازي جي نماز ۾ به ايترا ماڻهو نه هيا، جيترا هجڻ گهربا هيا. هن کي منگهو پير قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جتي هو ابدي ننڊ ۾ آهي.


 

نور محمد لاشاري

فن جي دنيا جو نه وسرندڙ ڪردار

حميد ڀٽو

ٽيليويزن جي متعارف ٿيڻ بعد ناٽڪ جي دنيا تمام گهڻو اوج ماڻيو، جنهن ۾ تمام ٿورڙن اداڪارن پاڻ ملهايو جن جي نرالي اداڪاري اڄ به ڪنهن کان وسري نه ٿي سگهي. اهڙن ئي اداڪارن منجهان ”نور محمد لاشاري“ پڻ هڪ آهي. اداڪار نور محمد لاشاري ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۱ع ڌاري فيض محمد لاشاري جي گهر ڳوٺ لعل خان لاشاري ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ”ٽلٽي اسڪول“ مان حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ هن حيدرآباد مان اديب فاضل جو ڪورس پاس ڪيو، فني دنيا ۾ اچڻ جو شوق کيس ننڍپڻ کان ئي هو، جنهن سبب نور محمد لاشاري ”ريڊيو پاڪستان ڪراچي“ تان آڊيشن ڏئي فني سفر جي شروعات ڪئي ۽ ريڊيو تي صداڪار طور پاڻ مڃرايو. نور محمد لاشاري کي ٽي وي تي تڏهوڪي ٽيليويزن پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ ڪاپي رائيٽر طور نوڪري ڏياري جنهن بعد هن کي ڊرامن ۾ اداڪار طور متعارف ڪرايو ۽ ڊرامن ۾ اداڪار طور نور محمد لاشاري پنهنجي مخصوص ڪردار نگاري ۽ مقالمن جي ادائيگي سبب اداڪاري واري دنيا ۾ منفرد نالو مڃرايو، سندس ڪردارن ۾ معصوميت وارو انداز نِجُ سنڌي سمايل هو جيڪو به ڪردار ادا ڪندو هو انهيءَ ڪردار ۾ ائين سمايل هوندو هو ڄڻ اهو ڪردار هو پاڻ ئي هجي. سندس اداڪاري مان حقيقت وارو روپ نروار ٿيندو هو، سندس ڪردار نگاري مان ڪردار ۾ اوپرائپ نظر نه ايندي هئي.

نور محمد لاشاري اداڪاري سان گڏ تعليم واري شعبي ۾ پرائمري استاد طور نوڪري جي شروعات اداڪاري دوران ئي ڪئي ۽ تعليم کاتي ۾ ”استاد“ طور تمام گهڻا ذهين شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي اڄ اعليٰ عهدن تي پهچي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن، سندس شمار سنڌ جي سٺن استادن ۾ ٿيندو هو. هن استاد طور گوسڙو ماستر بڻجڻ بجاءِ پنهنجي شاگردن کي تعليم جي زيور سان سنواريو ۽ اسڪول کان پوءِ واندو ٿي ٻارن کي ٽيوشن وسيلي ڦرڻ بجاءِ فن جي دنيا کي بقايا وقت ڏيندو هو ڇاڪاڻ ته فن جي دنيا جا ستارا سج لڙي کان پوءِ جاڳندا آهن. هن پنهنجون ننڊون ڦٽائي استاد ۽ فن جهڙن عظيم شعبن سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو. زندگي جي پوين ڏينهن ۾ هيڊ ماستر طور پيشورارنه ذميواريون ادا ڪيون ان سان گڏو گڏ نور محمد لاشاري روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جي اخبار ۾ هڪ ڊگهو عرصو ڪالم نويس طور پڻ ذميواريون ادا ڪيون ۽ سندس ڇپيل ڪالمن پڻ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، نور محمد لاشاري کي پنهنجي موٽر سائيڪل هوندي هئي ۽ کيس موٽر سائيڪل سواري تمام گهڻي وڻندي هئي ۽ موٽر سائيڪل تي ئي سندس جا ڪراچي شهر ۾ ٻه ڀيرا خطرناڪ ايڪسيڊنٽ پڻ ٿيا تنهن هوندي به موٽر سائيڪل واري سواري کان پاسيرو نه ٿيو.

نور محمد لاشاري جي مُک تي هر وقت مرڪ هوندي هئي هر ڳالهه تي پيو کلندو هو، جتوڻيڪ زندگي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا لاها چاڙها ۽ تڪليفون ڏٺيون. نور محمد لاشاري استاد هجڻ جي ناتي سان سندس لکت ۾ معياري ۽ بهترين ”اکر“ پڻ شاگردن کي تدريسي اٿاهه ڏيندا هئا.

سندس ٽيليويزن جي مقبوليت ماڻيندڙ ناٽڪن ۾ ديوارين، جهنگل، ڇوٽي سي دنيا، جال، خان صاحب، دشت، دنگي منجهه دريا، سفر، سوال، گوندر وڏا گهاءِ، ماروئي ۽ ٻياسوين ناٽڪ شامل آهن. تن منجهان دنگي منجهه دريا عالمي ڊراما فيسٽيول ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندي عالمي ايوارڊ حاصل ڪيوجيڪو ايوارڊ پهرئين سنڌي ناٽڪ کي عالمي ايوارڊ مليو. نور محمد لاشاري کي پي ٽي وي سميت مختلف سماجي، ثقافتي ادارن طرفان سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو هو. هن ۳۰ سالن کان وڌيڪ عرصو ٽيليويزن سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئرنگ ۽ صداڪاري پڻ ڪئي ۽ ريڊيو جي هزارين پروگرامن ۽ ناٽڪن ۾ پنهنجن صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو جنهن سان گڏ اسٽيج تي سوين ناٽڪن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هو پنهنجي ڪيل ڪردارن ۾ جان وجهي ڇڏيندو هو.

نور محمد لاشاري ۴۰۰ کان وڌيڪ ٽيليويزن جي سنڌي ۽ اردو ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ زندگي جي آخري ڏينهن تائين ناٽڪن ۾ اداڪاريءَ سان ساٿ نڀايو. هن ۱۹۶۳ع ڌاري ميراڻي فيملي مان شادي ڪئي. سندس اولاد ۾ ۹ ٻار آهن، جن ۾ ۴ پٽ ۽ ۵ نياڻيون شامل آهن. جن مان گل محمد لاشاري پنهنجي والد جي ڪيل فني پورهيي کي اڳتي وڌائيندي ڊرامن ۾ اداڪاري پڻ ڪري رهيو آهي. نور محمد لاشاري زندگيءَ جا پويان ڏينهن ڊگهو عرصو بيماري ۾ مبتلا رهيو کيس لياقت نيشنل ميڊيڪل اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي اسلامي ڪئلينڊر موجب سندس وفات جو ڏينهن ”۲۲ رمضان“ پهرين فيبروري ۱۹۹۷ع ۾ وفات ڪري ويو.

نور محمد لاشاري کي بلوچ ڪالوني ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويوپر سندس فن جيڪوڪڏهن به مرڻو ناهي ۽ هو پنهنجي فن ۽ ڪردار نگاري ۽ ڀرپور مثالي انسان طور سنڌ واسين جي دلين تي هميشه زندهه آهي ۽ سنڌ جي ناٽڪ جي ڳالهه ڪبي ته نور محمد لاشاري جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه سونهري باب جيان چمڪندڙ ملندو.


 

نور محمد لاشاري

ورسٽائيل اداڪار

مصطفيٰ ملاح/ڪراچي

ڊرامن جي سينيئر اداڪار، نور محمد لاشاريءَ، سنڌي ڊرامن کي عروج تي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌي ڊرامي ”دنگي منجهه دريا“ ۾ اهڙي ته اداڪاري ڪئي، جو ان وقت ملڪ جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، مڇي ماريندڙ ملاحن جا ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيا. مرحوم هر ڪردار جي گهرائي ۾ ايترو ته نڪري ويندو هو، جو ڪردار ۾ پاڻ کي وساري ويهندو هو ۽ ڊرامو ڏسندڙن جي واتان ازخود واهه واهه جا لفظ نڪري ايندا هئا. ۳۷ سال فن کي ڏيندڙ مرحوم اداڪار نور محمد لاشاريءَ جي ڊرامي، ”دنگي منجهه دريا“ کي جرمني فيسٽول ۾ ٽيون نمبر مليو هو. جڏهن ته پاڻ ريڊيو، اسٽيج، فلم ۽ ٽي ويءَ جي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪري صدارتي ايوارڊ به ماڻيائين.

مرحوم ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي راڳ جي شوق ۾ آڊيشن ڏنو، پر فيل ٿيو. ان بعد پروگرام گلدستو ۾ پهريون ڀيرو حصو وٺڻ کانپوءِ صداڪاري ڪئي ۽ ڪامياب ويو. اهڙيءَ طرح هن فني سفر جي شروعات ڪئي.

اداڪار نور محمد لاشاري ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۱ع تي، فيض محمد لاشاريءَ جي گهر، سيوهڻ شريف ڀرسان، ڪوٽ لالو لاشاري ۾ اک کولي. شروعاتي تعليم بوبڪ مان ورتائين. جڏهن ته پاڻ پرائمريءَ ۾ استاد بڻيو.

هن اڃا هوش مس سنڀاليو هو ته سندس والد، نانگ جي ڪکڻ سبب وفات ڪري ويو. پاڻ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو ۽ کيس ٻه وڏيون ڀينرون هيون.

مرحوم نور محمد لاشاري ڳوٺ جو واحد ٻار هو، جيڪو ڳوٺ کان ٻاهر پڙهيو هو.

مرحوم جي والده جو تعلق گوادر سان هو، جيڪا بروهي برادريءَ سان تعلق رکندڙ هئي. هن پنهنجي ڳوٺ مان ۱۹۵۰ع ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو.

مرحوم نور محمد لاشاريءَ کي ۴ پٽن ۽ ۵ نياڻين جو اولاد آهي. مرحوم آخري ڏهاڙا ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا.

نور محمد لاشاري، موذي مرض جي گهيري ۾ اچڻ کانپوءِ، پهرين فيبروري ۱۹۹۷ع تي وفات ڪري ويو.

سندس آخري آرامگاهه منگهو پير ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ آهي.

 مرحوم نور محمد لاشاري جن مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾؛ جنگل، ديوارين، راڻيءَ جي ڪهاڻي، خان صاحب، ماروي، ڇوٽي سي دنيا ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته هن ۲۵ کان وڌيڪ سنڌي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو.

مرحوم جن ريڊيو جي مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، انهن ۾؛ گهوٽ اڻ موٽ، کٽي آيو خير سان، فرض مرض ۽ قرض شامل آهن.

مرحوم پنهنجي ۹ ٻارڙن کي چائلڊ اسٽار طور ڊرامن ۾ ڪم ڪرايو، جن مان اڄ صرف گل محمد لاشاري اداڪاري ڪري رهيو آهي.

مرحوم کي ۲۳ مارچ ۱۹۹۳ع تي ان وقت جي صدر اسحاق خان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنو هو.

نور محمد لاشاري، جن سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾؛ پرو، شهيد، گهاتو گهر نه آيا، منهنجو پيار پڪاري، رت ۽ اجرڪ، مٺڙا شال ملن ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.


 

نور محمد لاشاري

فدا حسين شاھه

فلم، ٽي وي جي اداڪار ۽ صداڪار نور محمد لاشاري جي وڇوڙي کي گهڻائي سال مڪمل ٿي ويا آهن. نور محمد لاشاري ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۱ع تي سيوهڻ ويجهو ڪوٽ لالو لاشاري ۾ جنم ورتو ۽ هن شروعاتي تعليم بوبڪن مان حاصل ڪئي. نور محمد لاشاري کي پي ٽي وي جي اڳوڻي جي ايم عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي متعارف ڪرايو. هن ڪيترا ئي مشهور ڊراما ڪيا، جن مان سندس ڊرامي دنگي منجهه درياءَ کي جرمني فيسٽيول ۾ ٽيون نمبر مليو. نور محمد لاشاري ريڊيو، اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن ۱۹۶۰ع ۾ راڳي طور آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ کيس ناڪامي حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ هن صداڪاري شروع ڪئي. نور محمد لاشاري پهرين فيبروري ۱۹۹۷ع ۾ وفات ڪري ويو. جنهن جي آخري آرامگاهه ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ آهي.

حقيقت پسندي تي مبني سندس ڪردار ورلي ئي ماڻهن کان وسرندا، دنگي منجه درياء، ديوارين، بدلتي موسم ۽ ڪيترائي ٻيا ڊراما جيڪي اسان کان نه وسرندا، نور محمد لاشاري کي اڄ ڀلي دنيا وساري ڇڏي پر جن کيس هڪ دفعو اداڪاري ڪندي ڏٺو، سي کيس ڪٿي ٿا وساري سگهن.

سنڌ ۾ ثقافتي لاڙي کي تقويت پھچائڻ جو وڏو ۽ بنيادي عنصر موھن جي دڙي جي ٿيل کوٽائيءَ مان ظاھرٿئي ٿو. ناچڻي مور تيءَ کان وٺي ھر انھيءَ شيءِ ۾ جمالياتي حسن ۽ ثقافتي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪا موھن جي دڙي مان دريافت ٿي. ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته اھو انسان ئي ڪونھي، جنھن ۾ سُر ۽ ثقافت جي خوشبوءِ نه ھجي. سو سنڌ جي عظيم فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اھڙي خوشبو ھئي، جيڪا نه صرف فني قدردانن کي موھت ڪندي ھئي پر مرحوم نور محمد لاشاري سان ھڪ ڀيرو ڪچھري ڪندڙن کي به احساس ٿيندو ھو ته ھو مڻيادار ماڻھو ھو، ھن ۾ سنڌ جي خوشبو ھوندي ھئي، جيڪا انگريزي چواڻي جيان ”It Speaks itself (اھا پاڻ ڳالھائيندي آھي). مرحوم طارق اشرف جي رسالي ”سھڻي“ جو ٻيو جنم جڏھن شروع ٿيو ته مون اُن ۾ شو بزنس لاءِ لکڻ شروع ڪيو. ننڍپڻ کان ئي دل جي دريءَ تي پي ٽي وي جو ناٽڪ سڀا حاوي ھوندو ھو. ان وقت سيٽلائيٽ چينل نه ھئا. ناٽڪ سڀا جا بليڪ ائنڊ وائيٽ ڊراما ۽ انھن ۾ نور محمد لاشاري جي فني اڏام جا مختلف روپ دل جي اڱڻ تي مور بڻجي نرت ڪندا ھئا. ھن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو ھو.انھن ڊرامن ۾ علي بابا جو ”دنگي منجھه دريا“ به ھو، جنھن ۾ لاشاري ۽ جيجي زرينه بلوچ انھيءَ معيار جي اداڪاري ڪئي ھئي، جھڙي نصيرالدين شاھه ۽ شبانه اعظمي، شيام بينيگل جي فلم ”پار“ ۾ پرفارمنس ڏني ھئي. نصير ۽ شبانه کي انھيءَ فلم تي نيشنل ايوارڊز مليا، پر نور محمد لاشاري ۽ زرينه بلوچ کي سموري سنڌ جي ماڻھن پنھنجي من ۾ فن جي سڳنڌ سمجھي سانڍي ڇڏيو.سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامي کي اڄ به اھا حيثيت نه ملي سگهي آھي، جنھن جو سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامو مستحق آھي، پر پوءِ به عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا مرحوم جھڙن ماڻھن جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو آھي جو سنڌي ڊرامو ۽ سنڌي موسيقي اڄ به قائم آھن.

نور محمد لاشاري عام زندگي ۾ استاد ھو، پر ھن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ سنڌ جي ھر گهر ۾ ٽي. وي ڊرامن ذريعي سنڌ جي ڏکويل ماڻھن جا ڏک، پنھنجي فن جي عروج سان ونڊيا. عبدالقادر جوڻيجي جي ”ديوارن“ لاشاري کي نيٽ ورڪ تي اھا حيثيت ڏني، جيڪا مغرب ۾ گريگري پيڪ، انٿوني ڪوئن، رابرٽ ڊي نائرو، سين ڪونري کي آھي. ھو مڪمل طرح سان ڪيمرا جو ماڻھو ھو. ڪيمرا آن ٿيندي ئي ھوآن ٿي ويندو ھو. ديوارين کان وٺي عبدالقادر جوڻيجي جي ئي ”بدلتي موسم“ تائين ھن فن جي عظمت جا سڀ جھنڊا جھولايا. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات ۱۹۹۱ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ يار محمد شاھه جي ڪرايل سنڌي فلمن جي ميڙي تي ٿي ھئي، جتي فن جي عظيم شخصيت ۽ ”پرديسي“ ۽ ”عمر مارئي“ فلمن جو ھيرو حسين علي شاھه فاضلاڻي پڻ آيل ھو. جنھن مھل فاضلاڻي اندر داخل ٿيو ته لاشاري يڪدم ادب ۾ اٿي بيٺو ۽ فاضلاڻي صاحب سان جھڪي نھايت پيار سان مليو. اتي محمود صديقي، منظور مراد، شاھه اسد، ايم .اي . راجا پڻ موجود ھئا. نور محمد لاشاري سان اتي پھريون دفعو مون ويڊيو تي انٽرويو ريڪارڊ ڪيو، جنھن ۾ ھن سنڌي فلمن جي بحران ۽ ٽي وي ڊرامي تي ڳالھايو.

نور محمد لاشاري کي صرف سندس لافاني فن جي ڪري ڊرامي ۾ رول ملندو ھو. عبدالقادر جوڻيجي ”راڻي جي ڪھاڻي“ جو رول خاص ڪري ھن لاءِ لکيو ھو ۽ بقول جوڻيجي صاحب جي ته ”لاشاري منھنجي توقع کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو.“ انھيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھن ٽنڊي آدم ۾ پھرين ملاقات ۾ مون کي چيو ھو ته ٻيلي شاھه صاحب، تون شو بزنس ۾ سنڌ جو پھريون ماڻھو آھين، انھيءَ جي پارت ھجنئي. اھو واحد موضوع آھي، جنھن کي خدا جو شڪر آھي ته ھاڻ مرج ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي.

انور مقصود جي گهر شبانه اعظمي جي مان ۾ ڊنر ڏني وئي ھئي. اتي انڊيا جي عظيم فنڪاره شبانه ڪچھري ۾ ٻڌايو ته ”ديوارين ۾ مون کي نور محمد لاشاري جي اداڪاري ڇرڪائي ڇڏيو، ھن جي اداڪاري ۾ غضب جي اصليت آھي.“ اھا ڳالھه ٻڌي الائجي ڇو منھنجيءَ دل ۾ نور محمد لاشاري لاءِ عقيدت بي اختيار وڌي وئي، ڇو ته اھا ڳالھه ھڪ اھڙي عورت چئي رھي ھئي، جيڪا پاڻ فن جي ديوي آھي. نور محمد لاشاري سان اڪثر پوءِ ڪراچي ٽي .ويءَ تي ملاقات ٿيندي رھندي ھئي. ھو پنھنجي غريباڻي اسڪوٽر تي ٽي . وي سينٽر ايندو ھو. ھڪ ڀيرو بيدل مسرور سان سيٽ تي ويس ته ”ناٽڪ رنگ“ جو ڊرامو رڪارڊ ڪيو پئي ويو. سيٽ تي نور محمد لاشاري ۽ روشن عطا ويٺا ھئا. لاشاري جي طبيعت صحيح نه ھئي. سين جي گهرج مطابق لاشاري کي پوري سيٽ جو چڪر ڪاٽي اچڻو ھو. بيدل مسرور پوري انھيءَ سين لاءِ پنج ڇھه ڀيرا لاشاري کان ري ٽيڪ ڪرايو. ھلندي ھلندي لاشاري پگهرجي ويو. آخري ڀيرو جڏھن بيدل او. ڪي چيو ته لاشاري بي اختيار چيو ته بيدل صاحب ڏس اڃا به شاٽ صحيح نه ھجي ته وري ڪريون. ان مھل گهڻو ھلڻ ڪري ھو سھڪي رھيو ھو، پرکيس اھو فڪر ھو ته شاٽ صحيح ٿئي. مون مرڪي چيو مانس ته ”لاشاري صاحب، ھڪ شاٽ پگهرائي ڇڏيو“ ته پاڻ چيائين ته ”سائين اسين ته معمول فنڪار آھيون، ھتي وڏن وڏن جو پگهر ڪونه بيھندو آھي.“ ھڪ دفعي سائره ڪاظمي سان ڪچھري ويٺي ڪيم ته لاشاري اندر داخل ٿيو. سائره احترام ۾ اٿي بيٺي پاڻ نھايت پيار سان سائره کي مٿي تي ھٿ رکي پڇيائين ”منھنجي امڙ، خوش تو ھو.“ نه صرف پر ڪراچي ٽي .وي جي پي. آر .او غزاله يا سمين لاشاري لاءِ چئي ٿي ته ھو اسان جو روحاني پيءُ ھو. ڪاريڊور ۾ ڪا به ڇوڪري ڏسندو ته لاشاري انھيءَ جي مٿي تي ھٿ رکي شفقت سان خير عافيت دريافت ڪندو. اھا ھن جي شخصي انفراديت ۽ ماڻھپو ھو، جنھن جي ڪري ھرننڍي وڏي وٽ ھن عزت ھئي. جيتوڻيڪ ڪراچي ٽي . وي تي به سنڌي فنڪارن لاءِ ڏکيا روَيا آھن پر نور محمد لاشاري، مدبر رضوي اسڪرپٽ ايڊيٽر کان وٺي فاطمه بجيا سان ڀاڪري پائي ملندو ھو. روبينه اشرف ھن جو ذڪر ڪندي روئي ٿي ۽ چوي ٿي ته لاشاري صاحب ائين قرب ڏيندو ھو، جو محسوس ٿئي ٿو ته ھن دور ۾ اھڙا قربائتا ماڻھو ٿورا ھوندا آھن. مشي خان مون کي ٻڌايو ته لاشاري ٽي . وي تي واحد اھڙو ماڻھو آھي، جنھن جي اکين ۾ ٻين لاءِ شفقت ۽ چپن تي دعائون ھونديون آھن. ھن جي وفات سان پي ٽي وي يتيم ٿي ويئي آھي. اسان وٽ فنڪار جي وفات کان پوءِ شايد اھڙائي مضمون لکڻ اسان جي عادت بڻجي وئي آھي، ڇو ته انھيءَ کان وڌيڪ اسان ۾ ايتري ته ساڃاھه رھي نه آھي جو ڪنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ھن کي رويي جي خوشبوءَ سان سرشار ۽ مسرور ڪريون. نور محمد لاشاري جھڙو رويو به ھر ڪنھن وٽ نه آھي، جو پريا ڏسندين ڀاڪر پائي چوندو ھو ته ”منھنجا سڄڻ، منھنجا ڍولڻ ، بابلا.“ اھڙا مٺا لفظ ٻڌڻ کان اھي سڀ ماڻھو مون سميت محروم رھجي ويا آھن ۽ فني تسڪين جي به اھا ڪنڊ خالي ٿي وئي آھي. جنھن ۾ لاشاري جي ڊرامن ڪري ٻھڪاءُ محسوس ٿيندو ھو. اسين فنڪارن ۾ خود ڪفيل آھيون پر نور محمد لاشاري جي جاءِ ھميشه خالي رھندي. ۳۰سالن کان وٺي فني سگهه جي علامت ھوندي به ھو بنگلي ۽ موٽرجو مالڪ نه بڻجي سگهيو. مغرب ۾ ھڪ فلم ۾ ڪم ڪري فنڪار ارب پتي ٿيو وڃن پر نورمحمد لاشاري کي ڪڏھن به پئسو حاصل ڪرڻ جو شوق نه رھيو. ھو انھيءَ ۾ ضرور خوش ٿيندو ھو. اسين ته سندس پرفارمنس تي ڀرپور تبصروڪيو وڃي. شايد ھرسٺي فنڪارلاءِ اھوئي بنياد ھوندو آھي. ھن وٽ ته ڪراچي ۾ جاءِ مسواڙ جي ھئي. غربت ھوندي به ھن جو شمار امير فنڪارن ۾ ٿيندو رھندو. اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن جا گهڻا ڊراما ٽي .وي تي يا ويڊيو تي محفوظ نه آھن. جڏھن ته انڊيا جي اداڪاري جي درسگاھن ۽ ادارن ۾ نور محمد لاشاري جا کوڙ اردو ۽ سنڌي ڊراما رکيل آھن، پار پاڻ وٽ صرف ڪجھه ڏينھن تائين فنڪار جي موت تي افسوس ڪيو وڃي ٿو. ممتاز .مرزا ويو، نور محمد لاشاري ويو، محمد يوسف ويو، سرمد سنڌي به ويو، سنڌ جي ثقافتي شوڪيس کي موت ھڻي خالي ڪري ڇڏيو آھي. پاڻ کي فني طور تي جرڪائڻ جي ايتري ساڃاھه ڪٿان ايندي جي اھڙا موتي وري پيدا ٿي سگهن. واقعي ٽي وي جو ڊرامو لاشاري جي وفات کان پوءِ يتيم ٿي ويو آھي.

بشُڪريه (فدا حُسين شاه) سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام.


 

نور محمد لاشاري

فن جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو

ابراهيم لاشاري

سونهاري سنڌ جيڪا املھ انسانن سان ڀري پئي آهي هن جنت نما ڌرتي جي ٽڪري تي ڪيترا ئي انسانن جنم وٺي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري وارو وڄائي وري اصلي زندگي ڏانهن روانا ٿي ويا، اهڙن اڻ وسرندڙ ڪردارن منهجان فن جي دنيا سان لاڳاپيل سنڌ جو ليجند اداڪار نور محمد لاشاري هڪ هو جيڪو ۲۱ سال اڳ پهرين فيبروري سال ۱۹۹۷ع هن ئي تاريخ تي پنهنجو فن ڪمال مان هٿ ڪڍي هميشه لاءِ راھ رباني ٿي ويو سندس نالو اڄ به فن جي دنيا ۾ چمڪندڙ ستاري جي حيثيت رکي ٿو.

نور محمد لاشاري سنڌ جو تمام وڏو فلم۽ ٽي وي جو هڪ چمڪندڙ ستارو (اداڪار) ٿي گذريو آهي نور محمد لاشاري پنهنجي زندگي جو سفر ڇنڇر ڏينهن ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۳۱ع سيوهڻ، ڀان سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ لالو لاشاري جي معزز ڳوٺاڻي محترم فيض محمد لاشاري جي گهران شروع ڪيو. هن ابتدائي تعليم بوبڪن جي اسڪول مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ هو سندس والد کي نانگ ڪکي وڌو جنهن سبب هن جو والد لاڏاڻو ڪري ويو، بس پوءِ نور محمد لاشاري پنهنجي پيءُ واري شفقت کان محرو رهيو، نور محمد لاشاري صاحب پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ پڻ هو کيس (ٻه وڏيون ڀيڻيون) به هيون، هن ننڍي هوندي همت نه هاري ۽ مسلسل محنت ڪندي هو، پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان سلهاڙجي پرائمري استاد بڻجي ويو، سندس امڙ جو تعلق گوادر جي بروهي قبيلي سان هو. امڙ جي دعائن سان هو، پنهنجي زندگي جي مقصدن ۾ هميشه ڪاميابي ماڻيندو رهيو، سال ۱۹۵۰ع ڌاري هن عظيم اداڪار پيار جي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. کيس ۴ پٽ ۽ ۵ ڻياڻين جي اولاد سان رب سائين نوازيو، جن جي تعليم ۽ تربيت به نهايت سهڻي نموني ڪندو رهيو نور محمد لاشاري کي به ڳائڻ سان تمام گهري دلچسپي هئي، ۱۹۶۰ع ڌاري هو ريڊيو پاڪستان ڪراچي سينٽر تي ڳائڻ جو آڊيشن ڏيڻ آيو، جتي کيس ناڪامي نصيب ٿي، ناڪامي بعد هن محنت ۽ حوصلو بلند رکندي هڪ وک ڪاميابي طرف وڌائي سندس محنت رنگ لاتو ڳائڻ واري شوق منجهان هٿ ڪڍي،

هن بعد ۾ هن صداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي سونهاري سنڌ جي هن ڀلوڙ اداڪار جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءَ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي اڳوڻي جنرل مينئجر عبد الڪريم بلوچ ذاتي ڪوشش وٺي نور محمد لاشاري کي پاڪستان ٽيليويزن تي معتارف ڪرايو هو. هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ناٽڪ سڀا (سنڌي) ڊرامن سان ڪئي، ان زماني ۾ رنگين ٽي وي پروگرام ڪو نه هلندا هئا ان ٽائيم بليڪ اينڊ وائيٽ ڊرامن جو دور هوندو هو. جن ۾ نور محمد لاشاري صاحب پنهنجا جوهر پيو ڏيکاريندو هو هن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو هو هن ان زماني منجھ ڪيترا ئي مشهور ڊراما ڪيا جن مان سندس سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار، ڊرامانگار مرحوم علي بابا جي ڊرامي (دنگي منجھ درياھ) به هو جنهن ۾ نور محمد لاشاري اعليٰ ۽ معياري اداڪاري ڪئي هئي. هن ڊرامي جرمني ملڪ جي شهر ميونخ فيسيٽيول ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو جيڪا سنڌي ڊرامي لاءِ اعزاز کان گهٽ ڳالھ ناهي. جنهن بعد نور محمد لاشاري فن ۾ ڏينهون ڏينهن جدت ۽ سگھ ايندي وئي هن ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ ڇرڪائيندڙ اداڪاري ڪئي پر هن ان زماني ۾سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ٽي وي جي ڊرامن وسيلي سنڌ جي ڏکويل مظلوم ماڻهن جو ڏکن جي پنهنجي فن سان انهن جي ترجماني ڪئي. قومي نيٽ ورڪ تي عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي (ديوارين) نور محمد لاشاري کي چوٽي جي شهرت عزت بخشي. جنهن ڪري نور محمد لاشاري جي شهرت آسمان سان پئي ڳالهيون ڪيون ۽ هي ڊرامو واقعي شهرت جو سبب بڻيو ان کان علاوه ڊرامن ۾ ( هٿين گل ميندي)راڻي جي ڪهاڻي ( بدلتي موسم) جنگل، خان صاحب، ڇوٽي سي دنيا، مارئي، کان علاوه ٽيليويزن جي (۴۰۰) کان مٿي سنڌي، اردو ڊرامن ۾ هن پنهنجي ڪمال جي اداڪاري ڪري فني جوهر ڏيکاريا. تنهن کانسواءِ نور محمد لاشاري صاحب (۲۵) فلمن جهڙوڪ فلم پرو، گهاتو گهر نه آيا، شهيد، منهنجو پيار پڪاري، رت ۽ اجرڪ، مٺڙا شال ملن فلمن منجھ پنهنجي فن جو مظاهرو اهڙي ته ڪمال سان ڪري ڏيکاريو، جو اهي ڏسندڙن جي ذهن تي هميشه ياد رهندا سندس مرتئي کان پوءِ هن جي فن ڪمال کي اڄ ڏينهن تائين ڪو به سنڌي اداڪار ڇُهي ناهي سگهيو، حقيقت پسند تي ٻڌل ڪردار ورلي ڪنهن ماڻهو کان وسرندا آهن.

نور محمد لاشاري کي جنهن به کيس هڪ دفعو اداڪاري ڪندي ڏٺو هوندو ته کيس ڪو به وساري نه سگهندو سندس ڪردار ۾ ڏکايل، غريب ماڻهن جي ڏکن سان ڀريل لفظن جي مالها هوندي هئي، جنهن ۾ سندن ترجماني نظر ايندي هئي ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ( اهو انسان ئي ڪونهي جنهن ۾ سر ۽ ثقافت جي خوشبو نه هجي)سو هن ديوتا اداڪار فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اهڙي خوشبوءَ هئي نور محمد لاشاري پنهنجي ڪردار سان دلي طور ساٿ نڀائيندو هو ڪيميرا آن ٿي ويندي هئي ته نور محمد به پاڻ ڪردار ۾ سمائجي ويندو هو سندس اداڪاري ۾ ادا ڪيل ڪردار ڪمال جي حقيَقت سان ڀريو پيو هوندو هو نور محمد لاشاري صاحب کي جيڪو به ڪردار ملندو ان کي لاجواب نموني سان نڀائيندو هو نور محمد لاشاري ۳۰ سالن جي هيڏي وڏي عرصي تائين ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيو پر ڪڏهن به هن پيسي گڏ ڪرڻ لاءَ نه سوچو ڪراچي جهڙي شهر ۾ به هو مسواڙ واري گهر جي ڇت هيٺان سک جو پئي ساھ کنيو ۽ ڪڏهن به اهو عار نه سمجهائين. هيڏي وڏي فني ديوتا هوندي به ڪڏهن وڏي گاڏي تي چڙهي اچي ڊرامي جو ڪردار ادا نه ڪيائين سواري جي سهولت لاءَ کيس هڪ موٽر سائيڪل هوندي هئي. جنهن تي چڙهي اچي پنهنجو فني ڪم مڪمل ڪري وري واپس هليو ويندو هو، هن لافاني اداڪار کي هيترن سالن گذرڻ باوجود سندس فن ۽ ڪردار کي عزت جي نگاھ سان ڏٺو ٿو و ڃي ۽ هميشه ياد ڪيو ويندو هن سنڌي ثقافت کي پنهنجي ڪردار ۽ ٻولن سان هميشه زندھ رکيو سندس مرتئي کان پوءِ سنڌي ڊرامو يتيم ٿيندي نظر اچي ٿو.

نور محمد لاشاري صاحب کي پاڪستان ٽيليويزن کان علاوه سماجي، ثقافتي سوين ايوارڊن ۽ انعامن سان پڻ نوازيو ويو، هن يگاني اداڪار کي حڪومت پاڪستان فني خدمت عيوض حسن ڪاڪردگي صدارتي ايوارڊ سال ۱۹۹۲ع ۾ پڻ ڏنو ويو. نور محمد لاشاري صاحب پاڻ ماڻهو مڻيادار سٻاجهڙو قربائتو انسان هوندو هو نور محمد لاشاري صاحب زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گهڻو عرصو بيماري جي حالت ۾ زندگي جا ڏينهن پئي گهاريا، سندس بيماري کيس وڌيڪ زندھ رهڻ نه ڇڏيو، آخر ڪاري ڪراچي جي لياقت نيشنل ميڊيڪل اسپتال ۾ پاڻ کي داخل ڪرايائين، جتي زندگي جا آخري ڏينهن گذاريندي سنڌ جو هي عظيم اداڪار سنڌي ڊرامي جا سڀ ٻول پنهنجي ڪمال جهڙي فن جا سڀ گر بند ڪري ۽ ثقافتي رنگن کي خير آباد چئي ۱ فيبروري ۱۹۹۷ع تي هجري سن موجب ۲۳رمضان المبارڪ ۱۴۱۷ ڇنڇر ڏينهن پنهنجي زندگي جي ۶۵ سال ۳ مهينا ۸ ڏينهن جو سفر پورو ڪري اسان کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو سندس وڇوڙي کي اڄ ۲۱ سالن جو عرصو گذري چڪو آهي پر هن يگاني اداڪار جي ڪيل ڪردار، فن کي اڄ به ڊرامي ۽ ڪهاڻي جي دنيا منجھ چمڪندڙ ستاري جيان ياد ڪيو پيو وڃي اڄ به سنڌي ناٽڪ (ڊرامي) جي ڳالھ ورجائبي ته نور محمد لاشاري جو نالو تاريخ جي ورقن منجھ هميشه سونهري اکرن جيان چمڪندي نظر ايندو سندس فن کي فني دنيا سان واسطو رکندڙ اڄ به ساراهين ٿا سندس هن وقت تائين ڪو به سنڌي ادڪار اها جاءِ ڀري ناهي سگيو، هن ڏاهي ليجند اداڪاري جي آخري آرام گاھ ڪراچي شهر جي منگهو پير قبرستان منجھ آهي، اڄ پهرين فيبروري ۲۰۱۸ تي سندس ۲۱ ورسي ملهائي ويندي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي منهنجي گذارش ته اهڙن عظيم ڪردار جي مالڪ جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائي وڃي.


 

چاچا نور محمد لاشاري

سندس وڇوڙي جو ڏينهن

خليل عارف سومرو

چاچا نورمحمد جي بابا سائين احمدخان مدهوش سان ڀائرن جهڙي دوستي هئي. چاچا بابا جو نائب ماستر به رهيو, ڪراچي وڃڻ کانپوء سندن ملاقات اڪثر پي ٽي وي تي ٿيندي هئي. منهنجي ڪچھري ٻه ٽي چڪر ساڻس ٿي۔

هي ليجنڊ فنڪار عام زندگي ۾ به سچو کرو ۽ هڪ خوددارانسان هيو۔ بابا سائين کي پاڻ سان گڏ رهائڻ لئه سندس بدلي ڪراچي ڪرايائين پر اسانکي مائٽن نه ڇڏيو.

چاچا نور محمد لاشاري سنڌ ڌرتيءَ جو ناميارو ڪلا ڌڻي رھيو آھي. جنھن اسٽيج، ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم ۾ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪندي سنڌ جي پرفارمنگ آرٽ جي دنيا وڏو نالو ڪمايو، ۱۹۹۲ع ۾ حڪومت پاڪستان پاران پرائيڊ آف پرفارمنس ماڻيندڙ نور محمد لاشاري ۲۴- آڪٽوبر ۱۹۳۱ع ڌاري قلندر جي نگريءَ سيوھڻ لڳ ڳوٺ ڪوٽ لالو لاشاريءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ديني تعليم سان گڏ پري پنڌ ڪري بوبڪ شھر مان تعليم حاصل ڪري درس ۽ تدريس سان وابسته ٿيو، سيوھڻ کانسواءِ گھڻو وقت ٺٽي ۾ پڻ پرائمري استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين، پنھنجي فني زندگيءَ جي ابتدا اسٽيج کان ڪندڙ نور محمد لاشاري کوڙ سارا سال ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان پڻ لاڳاپيل رھيو ۱۹۶۸ع ڌاري سنڌي فلم شھرو فيروز ۾ مختصر ڪردار ادا ڪري فلمي دنيا ۾ انٽري ڏنائين جنھن بعد پي ٽي وي تي ملازمت اختيار ڪيائين ته پي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پوءِ پي ٽي وي تي لڳ ڀڳ ٽي ڏھاڪا مسلسل سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ شاندار اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪندو رھيو، راڻيء جي ڪھاڻي، ديوارين، جنگل، ڇوٽي سي دنيا , چاند گرھن ۽ ٻيا کوڙ سارا ڊراما سندس شاندار ۽ جاندار اداڪاري جا جيئرا جاڳندا ثبوت آهن، نور محمد لاشاري لڳ ڀڳ ڏيڍ درجن کن سنڌي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو، جن ۾ گھاتو گھر نہ آيا، برسات جي رات، ڌرتي دل وارن جي، رت ۽ اجرڪ، منھنجو پيار پڪاري، سورمي سنڌ جي، حاضر سائين، سھڻا سائين، نادر گوھر، پرو، شھيد، جيئي لطيف، مھراڻ جا موتي، علي گوھر، مورک ۽ بيوس کانسواءِ ٻيون بہ ڪيتريون ئي فلمون شامل آھن .

چاچا نور محمد لاشاري سنڌ جو ھڪ ناميارو اداڪار ھو جنھن پنھنجي خداداد صلاحيتن جي آڌار تي پرفارمنگ آرٽ جي دنيا۾ وڏو نالو ۽ عزت ڪمائي، شخصي طور تي به نور محمد لاشاري ھڪ شفيق، محبت ڏيندڙ ۽ سٻاجهڙو انسان ھو منھنجي خوشقسمتي رھي جو ساڻس ٻہ ٽي ملاقاتون رھيون جن ۾ پاڻ اٿاھ پيار ۽ پنهنجائپ جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو، اڄ سڻڌ جي ھن ناليواري اداڪار جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، چاچا نور محمد لاشاري اڄ کان ۲۶- سال اڳ اڄوڪي تاريخ پھرين فيبروري ۱۹۹۷ع تي ۶۶- سالن جی عمر وفات ڪئي، سنڌ ڌرتيءَ جي ھن جينئيس آرٽسٽ جي وڇوڙي واري ڏينھن کيس يادڪندي نيڻ آلاٿي ويا۔

 

(خليل عارف سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا