; سنڌي شخصيتون: قائداعظم رحه - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

30 August, 2015

قائداعظم رحه - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

قائداعظم رحه
هڪ تاريخ ساز شخصيت
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
قائداعظم ڏکڻ ايشيا جي ھڪ تاريخ ساز شخصيت ھئا، جنھن پنھنجي عزم، استقلال، يقين محڪم ۽ عمل پيھم سان آزاد وطن تخليق ڪيو. کين قانون جي بالادستي تي پختو ايمان ھو کين بلاشبه قدرن جو ترجمان چئي سگھجي ٿو.


انھيءَ حقيقت کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي ته قائداعظم رحه جي ذھن ۾ پاڪستان جو جيڪو تصور ھو، اھو اڄ جي پاڪستان کان يقينن مختلف ھو، دنيا ۾ جيترا به انقلاب آيا آھن يا جن عظيم رھنمائن آزاديءَ جي جنگ لڙي پنھنجا ملڪ آزاد ڪرايا آھن، انھن پنھنجي زندگي ۾ جيڪي سڌارا آڻڻ گھريا، اھي آندائون ۽ پنھنجي تخيل مطابق ملڪ جي تعمير نو ڪري سگھيا. جيڪڏھن انھن رھنمائن وانگر قائداعظم به قيام پاڪستان کانپوءِ چند سال زنده رھي ھا ته يقينن سندس ذھن ۾ جيڪو پاڪستان جي تعمير جو خاڪو ھو، پاڪستان جي تعمير انھن خطوط  تي ڪن ھا، پر ھن ملڪ جي ماڻھن جي بدقسمتي آھي جو قيام پاڪستان کان ھڪ سال پوءِ باني پاڪستان اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو ۽ سندس پاڪستان جي تعمير جو  خواب اڌورو رھجي ويو.
اڄ اسين مختصر طور قائد اعظم جي تصور ۾ پاڪستان جو جيڪو خاڪو ھو، ان جو تجزيو ڪنداسين ته جيئن قائد جي پاڪستان ۽ اڄوڪي پاڪستان ۾ فرق محسوس ڪري سگھون.
قائد اعظم پاڪستان کي ھڪ فلاحي رياست بنائڻ گھريو ٿي، ته جيئن سڀئي معاشرتي ناانصافيون ۽ عدم مساوات يڪسر ختم ڪري سگھجن. قائداعظم رحه پاڪستان ۾ ڦرلٽ کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ گھريو ٿي، تنھنڪري قائداعظم دولتمندن کي پنھنجو اندازِ فڪر تبديل ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ سرڪاري آفيسرن تي زور ڀريائين ته اھي اھڙي فضا پيدا ڪن جو ھر شخص سان انصاف ٿي سگھي ۽ ان کي پنھنجو حق ملي سگھي. ورھاڱي کان پوءِ، جھڙي طرح آفيسر شاھيءَ عوام جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو ھو ۽ ناجائز فائدا حاصل ڪرڻ، زندگيءَ جو مقصد بنائي ورتو ھو، قائداعظم انھيءَ ڳالھه جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ۽ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن کي تنبيھه ڪندي، قائد اعظم واضح لفظن ۾ چيو: ”پاڪستان ۾ ڪنھن به طبقي کي ڦرلٽ ۽ اجاره داري جي اجازت نه ڏني ويندي، پاڪستان ۾ رھندڙ ھر شخص کي ھڪ جھڙا موقعا فراھم ڪيا ويندا. پاڪستان اميرن، سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي ڦرلٽ لاءِ نه بڻايو ويو آھي، پاڪستان غريبن جي قرباني سان قائم ٿيو آھي ۽ غريبن جو ملڪ آھي ۽ غريبن کي حڪومت ڪرڻ جو حق آھي. پاڪستان ۾ ھر شخص جو معيار زندگي ايتري قدر بلند ڪيو ويندو، جو امير غريب جو فرق نه رھندو.  پاڪستان جو اقتصادي نظام، اسلام جي غير فاني اصولن جي روشنيءَ ۾ مرتب ڪيو ويندو.“
قائد اعظم نوڪر شاھيءَ کي من ماني ڪرڻ جي ھرگز اجازت نه ٿي ڏيڻ گھري. قائد اعظم واضح لفظن ۾ چيو ھو ته ”حاڪميت جي تڪبر جو زور ٽٽڻ گھرجي. ھاڻي توھان حاڪم ناھيو، ھاڻي توھان جو حڪمران طبقي سان تعلق ناھي. ھاڻي توھان ملازمن مان آھيو. بس ماڻھن کي اھو محسوس ڪرايو ته توھان انھن جا خدمتگار ۽ دوست آھيو.“ پاڻ وڌيڪ چيو ته: ”توھان کي ملازمن وانگر فرض بجا آڻڻ گھرجي. سياست توھان جو ڪم ناھي توھان جو ڪم خدمت آھي. جيڪا سياسي جماعت اڪثريت حاصل ڪندي اھا حڪومت قائم ڪندي ۽ توھان جو فرض آھي ته، توھان وقتي حڪومت جي خدمت ڪيو، سياستدانن جي حيثيت سان نه، خادمن جي حيثيت سان (مون کي احساس آھي ته، قديم روايتون، قديم ذھنيت، قديم نفسيات اسان جي جھولي ۾ پيون آھن ۽ انھن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ آسان ناھي. ھاڻي اھو توھان جو فرض آھي ته عوام جي سچن خادمن جي حيثيت سان ڪم ڪريو.“
قائداعظم پاڪستان ۾ معاشرتي براين جو خاتمو چاھيو ٿي، تنھنڪري پاڻ 11 آگسٽ 1947ع تي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”ھندستان ۾ ھن وقت جيڪا سڀ کان وڏي برائي ڦھليل آھي، اھا آھي رشوت خوري ۽ بدعنواني، اھا زھرِ قاتل آھي، انھيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ”دولت پاڪستان“ جي لُغت مان ان جو نالو غلط اکر جيان مٽجي وڃي... چور بازاري ٻي بيماري آھي، اھو سنگين ترين ڏوھن کان به وڏو ڏوھه آھي.“
قائداعظم قوم کي صاف لفظن ۾ خبردار ڪيو ته ”پاڪستان ۾ اھڙن ماڻھن کي ھرگز براداشت نه ڪيو ويندو، جيڪي پاڪستان جو تختو اونڌو ڪرڻ جا منصوبا بنائي رھيا آھن، چاھي مسلمان ئي ڇو نه ھجن، اسين ففٿ ڪالمسٽ باغين ۽ ڪميونسٽن کي ھرگز برداشت نه ڪنداسين. مون کي يقين آھي ته حڪومت اھڙن باغين کي سازشن جي خلاف سخت ترين قدم کڻڻ جي پوري طاقت رکي ٿي.“
قائداعظم، عام ماڻھن، خاص ڪري مزدور طبقي جو فلاح ۽ بھبود چاھيو ٿي. پاڻ وليڪا ٽيڪسٽائل مل جي افتتاح جي موقعي تي 6 سيپٽمبر1947ع تي چيو ته ”مون کي اميد آھي ته توھان پنھنجي ڪارخاني جو پلان تيار ڪرڻ وقت ڪاريگرن لاءِ مناسب رھائشي گھرن ۽ ٻين آسائشن جو خاص طور تي اھتمام ڪيو ھوندو، ڇاڪاڻ ته ڪابه صنعت، ان وقت تائين حقيقي ترقي نه ٿي ڪري سگھي، جيستائين ان جامزدور مطمئن نه ھجن.“
قائداعظم قانوندان جي حيثيت ۾ عدليه جي آزاديءَ جي اھميت کي ڄاڻندو ھو. تنھنڪري ھميشه قانون جو احترام ڪيائون ۽ آزاد ۽ بيداغ عدليه جا حامي رھيا. پنھنجي سياسي زندگيءَ جي اوائلي دور ۾، ليجسليٽو ڪائونسل ۾ روٽ ايڪٽ جي مخالفت ڪندي. 6 فيبريري 1919ع تي پاڻ واضح لفظن ۾ چيو ته ”آئون انھيءَ ڳالھه تي ڪامل يقين رکان ٿو، آءُ انھيءَ جي پرواھه نه ٿو ڪريان ته وقتي رولٽ ڪميٽيون ڪھڙا فيصلا ۽ سفارشون ڪن ٿيون، آءُ ته انھيءَ ڳالھه تي ڪامل يقين ٿو رکان ته ڪنھن به شخص جي آزادي مناسب عدالتي تحقيقات کانسواءِ ھڪ پل لاءِ به سلب نه ڪرڻ گھرجي. ھونئن ڪنھن به ملڪ ۾آزاد عدليه کانسواءِ انصاف قائم نه ٿو ٿي سگهي.“
قائداعظم پاڪستان ۾ جمھوري نظام چاھيندو ھو، پر اھڙي جمھوريت جنھن جو بنياد حضور اڪرم صه چوڏھن سئو سال اڳ رکيو ھو، پاڻ چاهيو هو ته پاڪستان جي حڪومت عمراني عدل تي قائم ٿئي. قائداعظم جي دلي خواھش ھئي ته پاڪستان صحيح معنيٰ ۾ اھڙي مملڪت بنجي وڃي، جو ٻيھر دنيا جي سامھون حضرت عمر فاروق جي دور جو عملي نقشو اچي وڃي. پاڻ چاھيو ٿي ته پاڪستان ۾ جمھوريت جو بنياد سچن اسلامي اصولن ۽ نظرين تي قائم ڪن، جھڙي طرح الله جو حڪم آھي. ”مملڪت جي معاملن ۽ مسئلن جي باري ۾ فيصلا باھمي مشورن ۽ بحث مباحثي سان ڪندا ڪريو.“
قائداعظم پاڪستان جي دستور جي باري ۾ ھڪ انٽرويو ۾ فيبروري1947ع ۾ چيو ته، ”پاڪستان جو دستور اڃا بنجڻو آھي ۽ اھو پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي بنائيندي، يقين سان چئي سگھان ٿو ته، اھو جمھوري نوعيت جو ھوندو ۽ اسلام جي بنيادي اصولن تي مشتمل ھوندو. اسلام ۽ ان جي نطرين مان ھر ھڪ سان رواداري جو درس ڏنو آھي. اسان انھن عظيم روايتن جا وارث ۽ امين آھيون ۽ پاڪستان جي آئينده دستور جي معمارن جي حيثيت سان، اسان پنھنجي ذميدارين ۽ فرضن کان بخوبي آگاھه آھيون.“
قائداعظم پاڪستان کي ھڪ عظيم اسلامي رياست بنائڻ گھريو ٿي، تڏھن ھن پاڻ کي اسلام جو خادم سمجھيو. 7 اپريل 1948ع تي گورنمينٽ ھائوس پشاور ۾ قبائلي جرڳي کي خطاب ڪندي قائداعظم رحه چيو ته ”مون جيڪو ڪجھه ڪيو آھي، اسلام جي خادم جي حيثيت سان ڪيو آھي ۽ جيترو ڪجھه منھنجي وس ۾ ھو، ان مطابق پنھنجي ملت جي خدمت لاءِ ڪم ڪيم، منھنجي مسلسل ڪوشش رھي آھي ته مسلمانن ۾ اتحاد پيدا ڪريان ۽ مون کي اميد آھي ته عظيم شاندار پاڪستان جي تعمير نو ۽ ترقي جو جيڪو عظيم ڪم اسان جي سامھون آھي، ان جي پيشِ نظر توھان محسوس ڪندا ته حصول پاڪستان، جيڪو اسان خدا جي فضل ۽ ڪرم سان ڪري چڪا آھيون، ھاڻي ڪيترو ئي اسان کي اتحاد ۽ استقامت جي ضرورت آھي.“
30 اپريل 1948ع تي پشاور ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”ھاڻي جڏھن پاڪستان قائم ٿي چڪو آھي، ان جي تعمير جو ڪم باقي آھي، جيڪو قيام پاڪستان کان به وڌيڪ اھم آھي، خدا جي مھرباني، توھان جي تعاون ۽ اسان جي صحيح قدمن سان مون کي اميد آھي ته اسان پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

مطلب ته قائداعظم جھڙي طرح پاڪستان جو معاشي، معاشرتي ۽ جمھوري نظام قائم ڪرڻ گھريو ٿي، جيڪڏھن اسان قائد جي وفات کانپوءِ پاڪستان جي تعمير انھيءَ طرح ڪريون ھا ته يقينن اڄوڪو پاڪستان مختلف ھجي ھا.

No comments:

راءِ ڏيندا