ڪامريڊ چاچا مولا بخش
انقلابي جدوجهد جو اهڃاڻ
س ب کوسو
ڪامريڊ مولابخش، ڪنڌرا ۾ هڪ پورهيت جي گهر ۾ 1935ع ۾ جنم
ورتو. سندس جنم هڪ شعور جو جنم هيو. هڪ تحريڪ جو جنم هيو. هڪ کاهوڙيءَ جو جنم هيو.
لطيف سرڪار اهڙن ئي ماڻهن لاءِ چئي ٿو ٿو ته ”کرکڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن.“
چاچي مولا بخش جو جنم هڪ سچ جو جنم هيو. هن سماج جي اوچ نيچ
کان انڪار جو جنم هيو ۽ پوءِ سماج شاهدي ڏئي ٿو ته ڪامريڊ سموري حياتي ظلم جي خلاف
مٿين طبقي جي استحصال جي خلاف رياست جي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جاکوڙ ڪندي، مظلوم قومن، پورهيتن،
هارين ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ جنگ ڪندي 30 آگسٽ 2011ع تي ابدي ننڊ ۾ هليو ويو ۽
پويان ڇڏي ويو آهي. ڪامريڊن جو ڪاروان.
سالار جي موڪلاڻي کانپوءِ سندس ساٿي اڄ به انهيءَ واٽ تي
گامزن آهن. رهزنن، ضمير فروشن استحصالين خلاف جنگ ۾ مصروف آهن، سکر پريس ڪلب جو هي هال ساکي آهي، سندن جدوجهد جو هڪ
پورهيت گهر ۾ جنم وٺندڙ چاچا مولانا بخش کي پورهيتن جي اهنجن جي ڀلي ڀت ڄاڻ هُئي تڏهن
ئي سندن خوشحالي جا خواب کڻي جدوجهد واري ميدان ۾ ڪاهي پيو. ڪامريڊ هڪ نظرياتي ڪارڪن
ٿي اڀريو ۽ نظرياتي پختگي جي ڪري هو استحصال ڪندڙ طبقي خلاف سينو تاڻي بيٺو ۽ آخر تائين
آڻ نه مڃائين. پنهنجي سچائي ۽ پورهيتن جو سچو ساٿي هجڻ سبب ڪامريڊ کيس پنهنجو اڳواڻ
يعني يونين جو صدر منتخب ڪيو .
ڪامريڊ مولا بخش جي زندگي جدوجهد جي هڪ تاريخ آهي، آل پاڪستان
ٽريڊ يونين آرگنائيزيشن کان وٺي ملڪي ادارن کي خانگي حوالي ڪرڻ خلاف هلندڙ تحريڪ تائين،
هو هر جدوجهد ۾ شامل هيو. پنوعاقل ڇانوڻي خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ هُن پارٽيءَ جي نمائندگي
ڪئي ۽ ڀرپور حصو ورتو.
ڪامريڊ مولابخش رڳو مزدورن، هارين سان ٿيندڙ زيادتين تي دانهون نه ڪيون پر قلم جو پورهيو
ڪندڙ صحافين سان ٿيندڙ ڪلور ۽ زيادتين تي به خاموش نه رهيو. هن آمر ضيا جي دور حڪومت
۾ صحافت جي آزادي لاءِ صحافين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ جيل به
ويو. ڪامريڊ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽ پارٽي
۾ شامل ٿيو. روهڙي سيمنٽ ڪارخاني جي مزدور يونين سگهاري يونين هئي ۽ ڪارڪن هلندڙ تحريڪن
۾ جيل وڃڻ وارن ڪارڪنن جي پرگهور لهندا هئا.تحريڪ ۾ جيڪي به کاٻي ڌر جا سياسي ڪارڪن،
شاگرد يا هاري اڳواڻ گرفتار ٿي سکر جيل پهچن پيا تن جي سار سنڀال لهڻ سندن گهر ۾ سيڌو
سامان پهچائڻ روهڙي سيمنٽ ڪارخاني جي ڪامريڊن پنهنجو ذمو سمجھيو.
ڪامريڊ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي
سچائي نظرياتي ڪمٽمنٽ جي ڪري پارٽي جي مختلف
عهدن تي رهيو، ضلعي ڪاميٽي جي ميمبرشپ کان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تائين عهدا ماڻيا ۽ 2011ع تائين سيڪريٽري جنرل رهيو.
1991ع ۾ پرائيويئٽائيزيشن ڪاميٽي جڙڻ کانپوءِ مزدور فيڊريشن پاران قومي ادارن کي خانگي حوالي ڪرڻ خلاف تحريڪ شروع ٿي. ڪاميٽي
ٺاهڻ ۾ ڪامريڊ مولا بخش مُک ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي مزدور ساٿين سان پارٽي ڪارڪنن سان
گڏ مزاحمتي تحريڪ جاري رکي. انهيءَ ڊي نيشنلائيزيشن ڪاميٽي ۾ شامل گهڻن عهديدارن مراعتون
حاصل ڪري ادارا نيلام ڪرايا پر ڪامريڊ مزدورن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ستم تي ڪا به مفاهمت
نه ڪئي، ڪا مراعات نه ورتي سندس دامن تي ڪو داغ نه لڳو.
ماڻهو مڙئي ماڻهو،
پر ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا.
مونکي اُهي ماڻهو وڻيا،
جن داغ نه لاتو دامن تي.
ڪامريڊ مولا بخش بي داغ ڪميونسٽ اڳواڻ هيو. سندس دامن تي
مفاهمت، مصلحت جو ڪو داغ نه هيو. ڪامريڊ هميشه پنهنجي آدرشن کي اوليت ڏني، پنهنجي ڪميونسٽ نظريي کي سڀني مفادن کان مٿانهون
رکيو.
چاچا مولا بخش روهڙي کان اسلام آباد جا پيچرا لتاڙيا آهن،
هو اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو به ساٿي رهيو. سنڌي ٻولي، قومي لاءِ هلندڙ تحريڪن جو
حصو رهيو.
جيڪب آباد سنڌي ادبي سنگت پنهنجي وجود کان وٺي اڄ ڏينهن تائين
سنڌ جي مڙني شاخن کان پنهنجي ڪارڪردگي جي حوالي سان مٿ ڀري رهي آهي، سنگت جي پليٽ فارم
تان ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو سگهارو ڪردار شاعرن، اديبن ادا ڪيو آهي.
اُتي سياسي پليٽ فارم تان ڪامريڊ ساٿي مزدورن کي متحد ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهيا آهن. چاچو شاهه
محمد دُراني ۽ چاچا مولا بخش خاصخيلي جيڪب آباد ۾ ورڪرن سان گڏجاڻيون ڪيون، هارين جي
جلسن کي خطاب ڪيو. چاچا مولا بخش سان آخري گڏجاڻي جيڪب آباد پريس ڪلب ۾ ٿي، ڪامريڊ
اُتي هم خيال دوستن کي عالمي صورت حال سان گڏ ملڪي سياسي صورت حال جي متعلق ڄاڻ ڏني ۽ نوجوان دوستن کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني.
کيس ڀيٽا ڏيڻ جو واحد رستو سندس واٽ تي هلڻ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا