; سنڌي شخصيتون: عبدالله جروار - مٺل جسڪاڻي

06 August, 2015

عبدالله جروار - مٺل جسڪاڻي

عبدالله جروار
گهڻ گُڻو شخص سائين
مٺل جسڪاڻي
ماڻهو کي مٺڙو، محبتي، ملنسار، نيڪ نيت، پرخلوص، ڏاهو، سونهون ۽ سيکاريندڙ هجڻ گهرجي. ماڻهو کي شريف هجڻ گهرجي. هيڻن جو همراهه هجڻ گهرجي. ماڻهو لاءِ جيتريون به مثبت وصفون آهن، اهي سڀ هر هڪ ماڻهو ۾ هجڻ گهرجن.


هر ماڻهو ۾ هر گُڻ ڀلي نه به هجي، پر پوءِ به اوهان، اسان، پاڻ سڀني، گهڻا ماڻهو گُڻائتا، ڪي ٻُڌا ته ڪي ڏٺا هوندا. اهڙن ئي مثالي ماڻهن مان هڪ گهڻ گُڻو شخص مون کي سُجهي ٿو سائين عبدالله جروار.
سائين عبدالله جروار ٽنڊو الهه يار ضلعي جي ڳوٺ صاحب خان جروار جو رهواسي آهي. پاڻ هڪ مثالي استاد جو مثالي استاد فرزند آهي. پرائمري کان يونيورسٽي تائين تعليم پرائي، مختلف تربيتي ڪورس ڪري، استاد مقرر ٿيو. موجوده دور جي ڳڻتي جوڳي تعليمي ماحول ۾ به مثالي استاد طور ذميواريون نڀائي رهيو آهي.
سائين يارن جو يار آهي، مائٽن جو مائٽ آهي، استادن سان گڏ استاد آهي، شاگردن لاءِ مشعل راهه آهي. وٽانئس نه رڳو شاگرد، پر آس پاس وارا، توڙي ٻڌ سڌ جي ذريعن، خاص ڪري ماضي ۾ ريڊيو ۽ اڄ ڪلهه عالمي اوطاق (فيس بوڪ) وسيلي، سائين عبدالله جروار ڄڻ فاصلاتي تعليمي سرشتي جو حصو بڻجي، تمام گهڻن ماڻهن جي تربيت ڪندڙ آهي.
سائين عبدالله جروار سان منهنجو واسطو عالمي اوطاق تان شروع ٿيو، ان کان پوءِ ساڻس پهرين ملاقات سندس ئي ڳوٺ ۾، پوءِ ٽنڊو الهه يار لڳ لغاري ڳوٺ، ڪامارو شريف لڳ ڪالرو ڳوٺ، ٽنڊو الهه يار شهر ۾، مسو بوزدار ۾، سندس ڳوٺ جي ڀر ۾ سندن عزيزن جي ڳوٺ به ملاقات ضرور ٿي، پر ٻي ججهي سنگت ساڻ هجڻ جي ڪري، گهڻي تفصيلي ڪچهري اڃا به ڪٿي نه ٿي آهي، تنهن ڪري سائين متعلق سڀ ڪجهه اوهان سان ونڊڻ ممڪن نه آهي.
عالمي اوطاق تي اڄ ڪلهه ڇا ڇا نه پيو ٿئي! مثبت ۽ منفي، ٻئي عمل گڏ گڏ هلي رهيا آهن. جنهن ڪري اوطاق تي ڀيرو ڪندڙ هڪ ٻئي کي صابر يا چيڙاڪ طور به سڃاڻڻ لڳا آهن! سائين عبدالله جو عالمي اوطاق تي ڪو به عمل ڳجهو نه آهي. هن ڪڏهن به سستي شهرت لاءِ اهڙو ڪجهه به نه ڪيو آهي، جنهن ڪري سندس سڃاڻپ ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ٿئي.
سائين تمام سٺو پڙهندڙ ۽ پڙهائيندڙ آهي، جنهن جو اندازو پڻ عالمي اوطاق تي به ڪري سگهجي ٿو. پاڻ قديم ڏاهپ توڙي جديد علم ادب سان لڳاءُ رکندڙ ۽ جيڪو پڙهي، ڄاڻي، اهو ٻين تائين پهچائيندڙ پيارو شخص آهي.
02 آگسٽ سائين عبدالله جروار جو جنم ڏينهن آهي. سندس جنم ڏينهن جون مبارڪون ته ڏيڻيون ئي آهن، پر کين نيڪ تمنائون به آڇڻيون آهن. ان سان گڏ، سندس مثبت عمل، ڪردار جي روشني ۾ کيس ڀيٽا به ڏيڻي اٿم، پر ڇا ڪريان، مون سان لفظ ساٿ نه پيا ڏين ۽ اڃا آئون سائين بابت ايترو ڄاڻي به نه سگهيو آهيان، جيترو مثبت، محبتي، سونهون ۽ سيکاريندڙ آهي.
سائين لاءِ دعا ته جتي هجي، خوش هجي، صحتمند هجي، آمين.

(سندر سلسلو، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو ۴ آگسٽ ۲۰۱۵ع)

No comments:

راءِ ڏيندا