; سنڌي شخصيتون: ليکراج ڪشنچند عزيز - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

22 August, 2015

ليکراج ڪشنچند عزيز - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ليکراج ڪشنچند عزيز
ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي ۱۹ ڊسمبر ۱۸۹۷ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ڪشنچند نائون مل زميندار جو هيءُ پٽ، تعليم جي دوران ئي مجازي عشق جي چپيٽ ۾ اچي ويو. انهيءَ هوندي به تعليم حاصل ڪيائين. پر فارغ وقت ۾ سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو. سندس حساس طبع ۽ بي اختيار منظوم ڪلام چيو، جيڪو هُو هڪ ڪاپيءَ تي لکندو ويو ۽ ائين ڪجهه مشاعرن ۾ شرڪت بعد باقاعده شعر چيائين. سندس شعري مجموعو ”ڪليات عزيز“ ۾ غزل ۽ مثنويون آهي. ساڳيءَ ريت پاڻ هڪ بهترين نثر نويس پڻ هو. هن سٺا ناٽڪ لکيا ۽ خاص طور مضمونن جي مجموعي ”ادبي آئينو“ کيس تمام گهڻي شهرت ڏني، جنهن تي کيس انعام سان پڻ نوازيو ويو. ادبي آئينو نه فقط انهيءَ وقت ۽ موجوده وقت پڻ تمام ڪامياب مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن سنڌي ادب جي مضمون نويسيءَ جي هڪ وڏي خال کي ڀريو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ هند جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ پڻ شامل آهي. هيءُ ڪتاب ۱۹۴۱ع ۾ ڇپيو ۽ اڄ به سنڌي ادبي مضمون نويسيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.


”ادبي آئينو“ ليکراج ڪشنچند عزيز جي هڪ اهم ادبي ڪاوش آهي. هي مضمونن جو مجموعو، سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ بي اي ۽ ايم اي جي نصاب لاءِ منظور ٿيل آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ۱۹۴۱ع ۾ منظرعام تي آيو ۽ چوٿون ڇاپو ۱۹۸۶ع ۾ ڊاڪٽر غلام رسول سنڌي اديبن جي مجلس جي صدر جي حيثيت سان سٽي ڪاليج روڊ حيدرآباد تان ڇپرائي پڌرو ڪيو ۽ انهيءَ کانپوءِ پڻ ڪيترا ئي ڇاپا ڇپيا آهن. هن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ لکي ٿو ته؛ ”سنڌي ٻوليءَ جو قديم ادبي ذخيرو اوترو ئي اهميت وارو آهي، جيترو جديد ادبي سرمايو، قومن جي بقا و بهبود، ترقي ۽ ترويج جو، گهڻي ۾ گهڻو دارومدار ادبي سرمايي جي حفاظت ۽ سنڀال تي هوندو آهي.“
”ادبي آئينو“ جي باري ۾ ڪشنچند عزيز لکي ٿو ته؛ ”هن کان اڳ، ڪي مضمونن جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ اڳ ئي موجود آهن، جيڪي پنهنجيءَ معنيٰ ۾ ڪافي آهن، تنهن هوندي به سنڌي ساهتيه ۾ اعليٰ مضمونن جي گهڻي گنجائش آهي. هي ادبي آئينو، منهنجي ٿورن پريشان خيالن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ خيالي، بياني، مذاقي ۽ فيلسوفيانه مضمون درج ٿيل آهن.“
اوڻٽيهن مضمونن تي مشتمل، هن مختصر پر جامع مضمونن جي مجموعي ۾ اهم علمي، ادبي ۽ اخلاقي مضمون آهن، جن جي پڙهڻ سان بلند خيالي ۽ اعليٰ ذوق حاصل ٿئي ٿو. مضمونن جا موضوع مختلف آهن، ڪجهه موضوع عام رائج پڻ آهن جن کي پڻ مضمون نگار خصوصيت سان نڀايو آهي.

ادبي آئيني جو جائزو
”ادبي آئينو“ جو پهريون مضمون ”انسان“ جي عنوان سان انساني خوبين ۽ خامين جو پر تفصيل سان بيان ٿيل آهي. انساني خواهشن، نفساني سوچن، خودپسندي، لالچ ۽ حُوسن سان گڏ سندس ڏاهپ، سمجهه ۽ ادراڪ جي هر پهلوءَ کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي کيس پڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪئي ويئي آهي. جيڪڏهن اسين عمل ڪنداسين ته انسانيت جي معراج حاصل ڪنداسين. ”محبت“ جي مضمون ۾ ليکڪ محبت جي لطيف جذبي کي سهڻن مثالن ۽ موتين جهرن لفظن سان سجايو آهي. سندس نظر ۾ سسئي جي پنهون لاءِ محبت، سالڪ جي سلوڪ جي سفر لاءِ محبت، ماءُ جي اولاد لاءِ محبت اهم آهن.
”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ شاهه ڀٽائيءَ جي بيت جي سٽ تي آڌاريل آهي. اهڙا مضمون عمومن، نصابي ۽ درسي ضرورت پڻ رهيا آهن. شاهه ڀٽائي مٿئين فقري جي تمنا ڪيئن ڪئي؟ هن شعر جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ سڪ جي ڪيفيت کي سمجهڻ ضروري آهي. سدائين جي سڪ جي تمنا ئي سالڪ جي منزل آهي، کيس ميلاپ جي بجاءِ فراق جي لذت مقصود آهي. هي مضمون عام فهم، سهڻن ۽ سليس لفطن سان سينگاريل آهي. هن مضمون ۾ هن بيت سان منسوب مشهور روايت کي بيان نه ڪندي به مقصد کي واضح تمام اثرائتو ڪيو ويو آهي. ليکڪ لکي ٿو ”ڏورڻ ۽ نه لهڻ پسڻ جي پياس کي وڌائين ٿا ۽ روح ۾ هڪ اهڙي قسم جي طاقت پيدا ڪن ٿا. جا هر قسم جي ترڪ ماسوا ۽ قربانيءَ لاءِ تيار هجي.“ هيءُ بيت سالڪ جي سڪ ۽ سندس عزم و همت ۽ ارادي جي بلنديءَ جو مظهر آهي.
”اُميد“ مضمون انساني اُمنگن ۽ جذباتن جي عڪاسي آهي. اُميد کي انساني زندگيءَ جي بقا ۽ سهارو ڄاڻائيندي، اُميد جي جذبي کي مخاطب ڪري، ان کي بهترين انساني قوت سڏيو ويو آهي. سهڻن سنڌي شعرن سان سينگاريل ۽ بهترين مثالن سان سجايل هيءُ هڪ اثرائتو مضمون آهي. ”شعر ۽ شاعري“ جي عنوان جي حيثيت سان هن ۾ هيٺين اهم نڪتن کي کولي بيان ڪيو وڃي ها مثلن: شعر ڇا آهي؟ شعر ۽ نثر ۾ فرق، شاعريءَ جون ضروري، خوبيون، شاعر جي علم ۽ ڄاڻ جي وسعت، شاعريءَ جون منزلون، فصاحت، بلاغت، جوش، جدت وغيره وغيره کي جيڪڏهن مثالن سان سمجهائجي ها ته مضمون موضوع مطابق هجي ها. هڪ شاعر ۽ اديب جي حيثيت سان ليکڪ شاعر جي شاعراڻي ڏات کي تمام سٺو بيان ڪيو آهي.”گذريل زمانو“ جو عنوان انگريزيءَ جي مشهور ليکڪ ڪارلائيل جي مضمون “Past & Present” وانگر هڪ مختلف ۽ منفرد عنوان آهي. ماضيءَ جي ياد ڪڏهن ڪڏهن انسان لاءِ اڪسير جو ڪم ڏيندي آهي ته ڪڏهن زهر قاتل هڪ شاعر صحيح چيو آهي:
يادِ ماضي عذاب هي يا رب!
ڇهين لي تو مجهه سي حافظه ميرا!
ماضيءَ جا ڏک ساريندي انسان ذهني ڇڪتاڻ ۾ اچي ويندو آهي پر ان ۾ ننڍپڻ جون بي فڪريءَ جون يادون، گذريل زماني جو خوشگوار تاثر به کڻي اينديون آهن. انساني فطرت کي رت پاڪ جيڪا اهم خوبي ڏني آهي سا ويسر آهي. ليکڪ ويسر جي خيال کي ڄاڻائيندي لکي ٿو ته ”ويسر به خدا جي رحمتن مان هڪ وڏي رحمت آهي، جنهن جي برڪت سان اسين دلخراش حادثن کي سواري، فقط فرحت بخش ڳالهين کي ياد ڪري خوش پيا ٿيون.“
جيئن ”وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ٿيڻ“، ”تاريءَ تڳڻ“ وغيره ”لطيفي لات“ شاهه سائين تي لکيل مضمونن ۾ هڪ خاص مضمون شمار ٿئي ٿو. ليکڪ هن ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته ”شاهه ڀتائيءَ جي ڪلام کي صرف تصوف جي نگاهه سان نه ڏٺو وڃي، سندس پيغام ته بشريت، وطنيت، حريت ۽ قوميت جي جذبنس ان گڏ، آفاقيت جي اصولن جي آگاهي پڻ ڏئي ٿو. ”پوترتا“ موضوع مطابق انساني شخصيت جي نفساني پهلوئن کي ذڪر ڪري ٿو. هن مضمون کي ڏکين هندي لفظن سان سجائي اهو واضح ڪيو ويو آهي ته جسماني ۽ نفساني پوترتا ئي پاڪيزدگي آهي جنهن جي تلقين هر مذهب ۾ ڪئي وئي آهي.
”ايڪي جي افاديت ليکڪ هن ريت سمجهائي آهي؛ ”اتفاق“ کي مخاطب ڪندي لکي ٿو ته ”تون اهو آب حيات آهين جو مئل قومن کي نئين سر جياري، انهن کي ابدي زندگي ڏين ٿو.“ هن مضمون جي ٻولي انتهائي اثرائتي ۽ ادبي آهي. مضبوط مثال ڏيئي، اتفاق ۽ نااتفاقيءَ جي فرق کي سمجهائي انهن جا فائدا ۽  نقصان ڄاڻايا ويا آهن. ”سامي“ جا سلوڪ ۾ ڪشنچند عزيز ”ساميءَ جي سلوڪن“ کي شاعرانه نظريي مطابق پرکي هڪ شاعر جي حيثيت سان مٿن تبصرو ڪيو آهي. شاعري جي خوبين ۽ خامين کي بيان ڪندي جيڪڏهن ڪجهه سلوڪن کي، تشريح سان ۽ مثال طور پيش ڪن ها ته سندن نقطئه نظر وڌيڪ چٽو ۽ واضح سمجهه ۾ اچي ها.

پروفيسر ليکراج عزيز جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو ۱۹ تائين آهي جن ۾ ڪمار اجيت سنگهه (ناٽڪ)، غريبان مار (ناٽڪ)، ”مسٽر مجنون“ (ناٽڪ)، ”ڪليات عزيز“ (شعر)، شاعراڻي شمع (شعر)، ”پيغام عزيز“ (شعر)، ”سامي“ (تنقيدي مضمون)، ”للڪار“ (قومي گيت)، ”سوز و ساز“ (شاعري)، ”صراحي (غزلن جو ديوان) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. پاڻي ڪي سي ڪاليج جي پروفيسر هئڻ سان گڏ بمبئي يونيورسٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر به هو. سندس سنڌي ادب لاءِ خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن پروفيسر ليکراج عزيز  ۱۹ آگسٽ ۱۹۷۱ تي وفات ڪيائين.

No comments:

راءِ ڏيندا